سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :10

سنڌي ۾ آنيرو (آني+ ايرو) يا آنيارو (آني+ آرو) پَلو ۽ آنورو (آنو+ اورو) ، جنهن کي خصيو يا فوطو به چيو ويندو آهي، عام مروج لفظ آهي.

Bacillus (بئسيلس= ) ۾ پڇاڙي ”us _“ آهي ۽ معنيٰ اٿس لٺ، ڏنڊيءَ يا ڏانڊيءَ جي شڪل جھڙو (Rod-shaped).

Globular ( گلوبيولر= گولير يعني گولو + اير) ۾ پڇاڙي”al“ آهي ۽ معنيٰ اٿس ”Globe- shaped“ يعني گولي وانگر يا گولي جي شڪل جھڙو.

Cuneiform (ڪُيوِنيفارم= ڇاپَر/ ڇاپرو/ ڇَپرول؟) ۾ پڇاڙي ”Form“ آهي، معنيٰ اٿس”wedge – shaped“ يعني ڇيڻيءَ/ ڇپر جي شڪل جھڙو.

Anthropoid (اينٿروپوئائڊ  =  مانسول يعني مانس+ اول) ۾ پڇاڙي ”old“ آهي پر معنيٰ اٿس”man-like“ يعني ماڻهو _ جيان. (ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ان پڇاڙي لاءِ ”وانگر“ لفظ ڪم آڻيندي ”بشر وانگر“متبادل ڏنو آهي. ”ڀل مانس“ معنيٰ ڀلو ۽ ”بن مانس“ معنيٰ جھنگلي ماڻهو. ” مانس“ معنيٰ ماڻهو).

Leguminous (ليگومِنَيسِ= ڦريئار) ۾ پڇاڙي”ous _“ آهي ۽ معنيٰ اٿس ”ڦريءَ“ يا ڦريءَ واري ”وڻوٽ“ (plant) جو (of) يا جيان (like). (وڻوٽ انگريزي لفظ پلانٽ جي بدران ڪم آندل آهي ”پلانٽ“ ڪيترين ئي معنائن ۾ ڪم اچي ٿو پر وڻوٽ رڳو وڻن ۽ وڻ جھڙن وجودن يعني ٻوٽن، ڀاڄين، گاهن وغيره _ اوڀڙ _ لاءِ گڏيل طرح ڪم آڻي سگھبو. Plant فعل به آهي ۽  ان لاءِ ”وڻوٽڻ“ يا ”پوکڻ“ لفظ ڪم آڻي سگھجي ٿو. ”ڦڻوٽ“ ۽ ”سروٽو“ لفظن کي ذهن ۾ رکي ”وڻوٽ“ جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجھي سگھبو.

Apical (ايپيڪل= چوٽار، چکار يعني چوٽ وارو يا چُک/ چنهب وارو يا چوٽ/ چنهب سان واسطيدار) ۾ پڇاڙي ”al _“ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي چوٽ/ چوٽيءَ يا چُک/ چنهب سان واسطيدار يا ان تي موجود (pertaining to or iocated at apex)

هيٺ مختلف پڇاڙين وارا ڪجھ ٻيا لفظ ڏجن ٿا:

Axial (ڪڇ يا سرائيءَ سان واسطيدار) ڪڇات/ ڪڇارَ، سرائِيڻو

Chordate (فائلم ڪارڊيٽ سان واسطيدار) ڏوريات

Ophthalmis (اک/ سان واسطيدار، اک جو، اک وارو) اکيت

Optic (نظر/ ڏسڻ سان واسطيدار) ڏٺار

Pelagic (ڪناري کان  پري کليل سمنڊ ۾ رهندڙ يا اتي رهندڙ سان واسطيدار)

Auditory (ٻُڌڻ سان واسطيدار، ٻڌڻ جو، ٻڌڻ وارو) ٻڌيت

Anterior (اڳ واري پاسي سان واسطيدار) اڳيت

Posterior ( پٺ واري پاسي سان واسطيدار) پٺيت

Lateral (پاسي سان واسطيدار) پاسيت

Medial ( وچ سان واسطيدار ) وچيت

Adipose (سڻڀ، چرٻيءَ سان واسطيدار، سڻڀ جو) ساڻڀ

Predaceous ( کاڌي خوراڪ لاءِ جانور جو شڪار يا شڪار ڪندڙ)

Oviparous ( آنا پيدا ڪندڙ) آنائِت

Allantois (هن لفظ جي پڇاڙي ” ois __“ اها ساڳي آهي جيڪا ”old“ آهي يعني ”eidos“ تان ورتل. ”Allas

معنيٰ ”ٿڙ“ ۽ ”eidos“ معنيٰ شڪل يا صورت) ٿراٽ

Diploid (Dipious معنيٰ ٻيڻو/ ٻٽو ۽ eidos _  معنيٰ جھڙو) ٻٽول

Aqueous (جنهن ۾ پاڻي هجي) پاڻيئاٺ

Aquatic (پاڻي سان واسطيدار يا پاڻي ۾ رهندڙ) پاڻيئر

Morphogy (Morphe معنيٰ شڪل/ فار/ روپ ۽ Logos يعني

                           ڳالهه ٻول يا تقرير) روپڄاڻ، روپڀياس.

Alveolar (ايلويول سان واسطيدار)

ايلويول= (1) هڪ ننڍي کاڻ / چُر (pit) يا گھچيِ (cavity ).

(2)  ٿڻائتن (mamallian) جي ڦڦڙ ۾ .... (air-sac)

(3) ڏند چُگھ (tooth socket) مَهار __ مَهاري (مهاروان؟)

(4) هڪ غدود جو ڇيهات (Terminal) رس ڏيندڙ حصو. Aveolus (ايلويول سان واسطيدار)

 

مٿي ڏنل سڀني لفظن تي ۽ انهن جي پڇاڙين تي ڌيان ڏيڻ سان هڪدم سمجھ ۾ اچي ويندو ته انهن جي معنيٰ يا انهن سان لاڳاپيل معنيٰ شعوري طرح، ڄاڻي ٻجھي مقرر ڪئي وئي آهي انهن جون پڇاڙيون ساڳيون هجڻ باوجود مختلف معنائون، ۽ مختلف هجڻ باوجود ساڳيون معنائون ڏين ٿيون. ان ڪري اهو قطعي لازمي ناهي ته، هڪ ته پڇاڙي بدران سڄو لفظ ڪم آڻيون ۽ ٻيو مقرر پڇاڙي لاءِ مقرر لفظ (يا پڇاڙي) ڪم آڻيون. ڊاڪٽر قاضي صاحب جن نه رڳو هڪ مقرر لفظ بدران مرڪب لفظ ڪم آندا آهن پر انهن کي قيد ڪرڻ يا پابند نقل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. البته ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جي پوئواري ڪندي اهو ڪري سگھجي ٿو ته ساڳي معنيٰ ڏيندڙ ”انگريزي“ پڇاڙين بدران سنڌي ۾ جيڪي پڇاڙيون ڪم آڻجن اهي هڪ يا ٻه يا ٽي ...... پر مقرر هجن.

 

11. سنڌي لفظن جون ڪجھ پڇاڙيون

ساڙيل __ ساڙيلو __ ساڙيلي          پاڻياٺ _ پاڻياٺو _ پاڻياٺي

پاڇيل _ پاڇيلو _ پاڇيلي              لوڻيٺ/ لوڻٺ __ لوڻاٺو __ لوڻاٺي

نخريل _ نخريلو _ نخريلي                  ڪلراٺ _ ڪلراٺو _ ڪلراٺي

ڊاڙيل _ ڊاڙيلو _ ڊاڙيلي _ــ               ڪانواٺ/ ڪانواٽ _ ڪانواٺو __

                                                    ڪانواٺي

گھوڙيل _ گھوڙيلو _ گھوڙيلي _                 پوراٺ _ پوراٺو _ پوراٺي

ڪاڇيل __ڪاڇيلو _ـ ڪاڇيلي __            ڪلهوڪو __ ڪلهوڪي __ٿاريل __ـ ٿاريلو __ـ ٿاريلي __ـ           ڪالهوڪو __ ڪالهوڪي

سُريل _ سُريلو سريلي                  اڄوڪو ___ اڄوڪي

ماٿيل __ـ ماٿيلو __ــ ماٿيلي __ــ              پروڪو ___ پروڪي

هٺيل __ هٺيلو __ هٺيلي __         هاڻوڪو _ هاڻوڪي _ــ

                                                    هيلوڪو _ هيلوڪي _ــ

ڪمائتو _ ڪمائتي _  (ڪمائت)                مٺيرڪو __ مٺيرڪي _ مٺيرڪ)

لاڀائتو _ لاڀائتي _ (لاڀائت )         پٺيرڪو _ پٺيرڪي (پٺيرڪ )

وزنائتو _  وزنائتي _ (وزنائت)         وٿيرڪو _ وٿيرڪي _ (وٿيرڪ )

ڊولائتو __ـ ڊولائتي __ـ (ڊولائت)      اميرڪو __ـ اميرڪي   (اميرڪ)

پيرائتو _ پيرائتي _  (پيرائت) سڌيرڪو __ سڌيرڪي __ (سڌيرڪ)

آسائتو _ آسائتي _ (آسائت)   ساجھرڪو _ ساجھرڪي _ (ساجھرڪ)     

ڀوائتو __ ڀوائتي __ (ڀوائت)    ڀنڀرڪو _ ڀنڀرڪي _ (ڀنڀرڪ)

                              ميِرڪو  __ـ ميِرڪي  __ـ (ميِرڪ)

اباڻو _ اباڻي   چُرڪڻو __ چرڪڻي   لوڻو __ لوڻي

ڏاڏاڻو _ ڏاڏاڻي   مرڪڻو __ـ مرڪڻي        الوڻو __ـ الوڻي

ناناڻو _ ناناڻي   ڀرڪڻو _ ڀرڪڻي        چُوڻو __ـ چُوڻي

ماماڻو __ ماماڻي  ڪرڪڻو __ ڪرڪڻي   ٿوڻو _ ٿوڻي

پيڪاڻو __ پيڪاڻي ترڪڻو _ ترڪڻي   ٿونو‎‎‎ _  ٿوني

ساهراڻو __ـ ساهراڻي  ٽَلِڪڻو __ ٽلڪڻي  (هِڪَ) مونو _ (هڪ)

موني

فقيراڻو _ فقيراڻي _ (فقيراڻ) ڀيلو __ـ ڀيلي  لوهر __ـ لوهار _ لوهارڪو __    لوهارڪي

ميراڻو _ ميراڻي (ميراڻ) پورو _ پوري نڀر‎ _  ڪنڀار _ ڪنڀارڪي

اميراڻو _ اميراڻي _ (اميراڻ) پُورو _ پُوري ميهر _ ميهار _ ميهارڪو_ــ   ميهارڪي

پيراڻو __  پيراڻي __ (پيراڻ)  ڪورو __ـ ڪوري __ـ اوٺي __ اوٺار __ اوٺارڪو      __ اوٺارڪي __

ڳنوار _ ڳنوارڪو _ ڳنوارڪي _  ريڍيو _ ريڍي ڏوٿي  مانڌاڻي

ريڍار _ ريڊارڪو _ ريڊارڪي _ ٻاڪرو__ ٻاڪري _ ٻوڌي ڳوٺاڻي

ٻڪرار _ ٻڪرارڪو _ ٻڪرارڪي _ ماهيو __ـ ماهي ڏوڌي   واياڻي

ڊکڻ _ ڊکاڻڪو __ــ  ڊکاڻڪي    ڳائو __ــ ڳائي   لوڀي   ماڇاڻي

حجم __ــ حجامڪو __ـ حجامڪي    اوٺو __ــ اوٺي    ٺوڳي   کٽياڻي

ڌوٻي ___ـ ڌوٻڪو ___ ڌوٻڪي.

 

جھانگي  ڏيوالو   جھڙالو  __ـ جھڙالي  __ـ (جھڙال)   ڪارو __ـ ڪارهه _ ڪاراڻ

مانجھي    شِوالو    پورالو __ــ پورالي _ (پورال)    ڳاڙهو _ ڳاڙهه __  ڳاڙهاڻ

وانجھي    مِيڄالو    پُورالو __ـ پورالي _ (پورال)    ميرو __ـ ميرهه __ ميراڻ

ڪانجھي    پَٽالو     نيرو __ نيرهه _ نيراڻ  سانجھي

ڪاٺوڙو __ــ ڪاٺوڙي __ ڪاٺوڙ     رانبوٽ __ـ  رانبوٽو ___ رانبوٽي

پيٽوڙو __ــ  پيٽوڙي __ــ  پيٽوڙ        اڦراٽ __  اڦراٽو __ اڦراٽي

ميٽوڙو ___ـ  ميٽوڙي ___ـ ميٽوڙ   ٽڪراٽ ___ ٽڪراٽو ___ ٽڪراٽي

واتوڙو __ـ  واتوڙي __  واتوڙو  ٺيڪراٽ __ــ ٺڪراٽو__ــ ٺڪراٽي __ـ

پاهوڙو __ـ پاهوڙي __ــ پاهوڙ     ٺيڪراٽ __ــ ٺڪراٽو__ــ ٺڪراٽي __ـ

(ڏينڀوڙو) __ــ ڏينڀوڙي __ـ (ڏينڀوڙ) سڙاٽ __ــ (لسڙاٽو __ـ لسڙاٽي __ـ )

ڪارَ سُرو ___  ڪار سري  __ـ  پٿريلو ___ـ  پٿريلي ___ پٿريل ___ـ  پٿرائون _ پٿرائين

اڇسرو __ــ  اڇسري __ــ  زهريلو __ــ زهريلي __ــ (زهريل)  ٺڪرائون __    

ٺڪرائين

ڳاڙهسرو __ــ ڳاڙهسري __ــ  ڦڙتيلو ___ـ ڦڙتيلي ___ـ (ڦڙتيل)    گولائون __ـ    گولائين

اڀسرو ___ــ اڀسري هٺيلو __ـ هٺيلي __ـ هٺيل   ميوائون ___ــ ميوائين

چوٽائون ___ چوٽائين

ڀلير___ ڀليرو ___ ڀليري   مڻڪو __ــ مڻڪي __ــ مڻڪائي  ڊهڪو 

ڇوڪراٽ

مٿير _ مٿيرو __ـ مٿري _  مٽڪو _ مٽڪي ڪٽڪو زوڪاٽ سٺير _ سٺيرو _ سٺيري    ڄٽڪو __ــ   ڄٽڪي __ــ ڄٽڪاڻي گھڪو  گِسڪاٽ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com