سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :6

ساڳيءَ طرح، ”__ يات“ (علم، ڄاڻ) تي به ڌيان ڏيڻ جي گھرج محسوس ٿي. انگريزيءَ ۾ علم، ڄاڻ، هنر، پرک، پروڙ، گم، گيان، وديا، وڄا وغيره جھڙن لفظن جي اظهار لاءِ ڪيتريون ئي پڇاڙيون (Suffixes) يعني اکــرُ يا اک_رَ، آوازُ يا آوازَ، پد يا پدون) گھربل لفظ جي پويان ڳنڍي مرتب ۽ ڪن حالتن ۾ مرڪب لفظ ٺاهيو ويندو آهي. مثال طور، اڪائوسٽڪس (Acoustics) سائبرنيٽڪس (Cybernetics)، مئٿميٽڪس (Mathematics) ۽ ارد ميٽڪس (ارٿميٽڪس Arithmetics) جھڙن مرتب لفظن ۾ پڇاڙي واري ” _ ايس“ (s _)، ڊپلوميسي (Diplomacy)، فارميسي (Pharmacy)، ايناٽومي (Anatomy) ۽ باٽني (Botany) ۾ پڇاڙي واري ”ــ واءِ“، آرڪيالاجي (Archaeology) پئٿالاجي، (Pathology)، ايسٽرالاجي (Astrology)، اينٽامولاجي (Antamology)، ۽ ”سنڌالاجي“  (Sindhology) ۾ پڇاڙي واري ”_ لاجي“ (logy_)، اسٽرانامي (Astronomy) ۽ ايگرونامي (Agronomy) ۾ پڇاڙي واري”_ نامي“ (nomy_)، جاگرافي (Geography) ۽ ”ٽائپو گرافي“ (Typography) ۾پڇاڙي واري ” _ گرافي” (graphy_) يا اڃا به رڳو ”واءِ” (y_) وغيره. اهڙيءَ طرح ڪيترائي اهڙا به آهن جيڪي پهريائين ته ڪنهن ٻي معنيٰ ۾ ڪم آيا پر پوءِ هڪ علم (ڄاڻ) جي حيثيت وٺي بيٺا، جيئن فلوريڪلچر (Floriculture)، نيويگيشن (Navigation)، اريگيشن (Irrigation)، آرڪيٽيڪچر  (Architecture) وغيره.

اردو وارن کي  ساڳيو انگريزي لفظ جاري رکڻ يا وري ”يات“ پڇاڙي ملائي ڪم ٽپائڻ جي مجبوري آهي  ڇو ته اردو جي پيڙهه هنديءَ جي جنهن اپ _ ٻولي (اپڀاشا، لهجي مهاوري Dialeet) ۾ آهي ان کان اردو جي لسانياتدانن کي ظاهري مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري نفرت آهي تنهنڪري اهي ”وگيان“ جھڙن لفظن کي پڇاڙيءَ طور ڳنڍي هلائڻ ناپسند ڪن ٿا ۽ ان ڪري پاڻ کي ”عالم“ بنائڻ لاءِ عربيءَ  ۽ فارسيءَ ڏي تڪن ٿا. ياد رکڻ گھرجي ته اردوءَ وچ  _ ايشيا جي ان بظاهر مذهب پسند لشڪر ۾ جنم ورتو جيڪو هندستان ۾ حڪومت قائم ڪري رهي پيو هو.

پر سنڌيءَ سان اهڙو ڪو به مسئلو ناهي. سنڌي ڪنهن به قسم جي مذهبي/ ڌرمي ڪٽرپڻي کي روحاني گھراين سان ناپسند  ڪن ٿا ۽ جوهر ۾ انسان دوست آهن. سنڌين جو ڀاڳ چئجي جو کين اهڙي ٻولي ملي آهي جيڪا ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي ذهنن ۾ پاڙون رکي ٿي ۽ ڌاڍي جٽادار، ”چيڙهالي“، لچڪدار ۽ ”هوڏي“ آهي جو صدين تائين ڌارين ٻولين جي سرڪاري حڪمرانيءَ باوجود ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ حاڪمن پاران انتهائي وير ۽ بي ڌيانيءَ باوجود نه رڳو پنهنجو وجود بچائيندي آئي آهي پر پاڻ کي سکيو، ستابو، سهڻو، مڻيادار ۽ ملهائتو به رکندي آئي آهي. سنڌ جي ويجھڙ ماضيءَ واري صورتحال جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌي جي ڪجھ شهرن ۾ دهشتگرديءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ جي لاڳيتو اسرجندڙ، پکڙجندڙ، ڦلارجندڙ ۽ سگھارجندڙ وجود کي جاهل نموني ڌُڪي/ ڦٽي سگھجي.

ڄاڻ، ٻوُجھ، پُرجھ، ڪُل، سُڌ، سمڪ، سماءُ، ڏس، پرو، پرک، سرت، ساڃاهه، ڏيٺ، ٻُڌي، گم، گيان، وڄا، وديا، هوش، فهم، علم، ذهن، فن، ڄاڻپ، ڪم، ڪاريگري، چترائي، مهارت، گُن، ڳُڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي لفظ آهن جيڪي انگريزي ۾ ”علم“ لاءِ ذڪر ڪيل پڇاڙين جي متبادل طور آڻي/ لکي/ ڳالهائي  سگھجن ٿا.

ساڳيءَ طرح ”__ دان” ۽ ”__ داني“ تي به سوچڻ جي گھرج آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ عام واهپي ۾ آهن جن تي ٿورو به ڌيان ڏبو ته اسان تي سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ جوهر کلي پوندا، جيئن ڄاڻو، ڄاڻڪ، سڄاڻُ، سڄاڻو، سڄاڻڪ، سياڻو، پارک، پارکو، سڌير، چيتر، ماهر، ڳڻوان وغيره.

اهڙيءَ طرح مرڪب ۽ مرتب لفظن جو، انگريزي جيان، اسان کي هڪ اهڙو ذخيرو ملي پوندو جنهن سان اسين شعوري طرح ۽ سنڌيءَ جي وياڪرڻي اصولن موجب، علمي ۽ لساني دنيا جي هڪ وڏيءَ کوٽ کي نه رڳو ڀري سگھنداسون پر آئينده لاءِ به نقاليءَ جو عذاب ۽ ٻوليءَ سان ”کيشٽ“ کان بچڻ جا نوان رستا مهيا ڪري وٺنداسون.

اهي ۽ اهڙيون ڳالهيون ذهن ۾ رکي هيٺ ڪجھ لفظن جا مَٽ  ڏجن ٿا انهيءَ وينتيءَ سان ته انهن تي گھربل ڌيان ڏنو ويندو.

هن مضمون ۾ سهوليت لاءِ ڪي نشانيون مقرر ڪيل آهن جن کي ذهن ۾ رکيو وڃي:

__ــ پنهنجي پاران:

+ انگلش _ سنڌي ڊڪشنري، اي. ٽي. شاهاڻي.

• آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرس ڊڪشنري آف ڪرنٽ انگلش، اي، ايس. هارنباءَ.

 # فيروز اللغات اردو جديد           مطبوعه: فيروز سنز لاهور.

0 يادگار ڊڪشنري            سيد علي ڏنو شاهه

* (اهو نالو، عنوان جنهن جو ذڪر ٿي رهيو آهي.)

$ جامع لغات سنڌي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ.

= (ڪجھ پنهنجي ۽ ڪجھ ٻين جي پاران).

1 _ گاجڄاڻ، گاجڀياس ACOUSTICS

   آواز جي  يا آواز بابت سُڄاڻَ (سائنس).

_ــ  گاجڄاڻڪ: * جو ڄاڻيندڙ، ماهر.

__ گاجڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ گاجڀياسي: * جو/ جي (گاجڄاڻو/ گاجڄاڻي) (Acoustic

$ گاج = برساتي ڪڪرن جو آواز __ گوڙ __ـ ڪڙڪاءُ _ گجڪار _ ڪڙڪو _ گرج _ گرجنا __ـ ڌڌڪر _ ڌڌڪر _ گجگار ___ ....... وڏو گوڙ __ هُل _ شور ___ هَنبسَ __ـ غلغلو ___ رڙماٽ ................)

 

2 __ــ سوڀياڄاڻ AESTHETICS

+   علم خوبصورتي، رسَ گيان، جماليات.

•   فلسفي جي شاخ جيڪا ] لڇڻائپ (morality) ۽ ڪارج (utility) جي ڀيٽ ۾[ سونهن جي اصولن ۽ قانونن کي چٽو ڪري ٿي.

___ سوڀيا ڄاڻڪ: * کي سمجھندڙ، ڄاڻندڙ (Aesthete) } • جيڪو، يا جنهن کي دعوا هجي ته، جيڪو ڪجھ سهڻو آهي، خاص طرح فن (art) ۾، ان لاءِ کيس پيار آهي.{

__ــ سوڀيائي: * جو/جي (Aesthetic, aestheti)

(0 جمالياتي).

($ سوڀيا= سونهن ___ سهڻائي ___ حسن ___ خوبصورتي ___ حسن وجمال ___ زينت. ملوڪت ___ چڱائي ___ مڻيان ___ ديد ___ ڏيک  ويک ___ صفائي ___ وڻڻ ___ سينگار ___ زيب ___ ٺاهه ٺوهه ___ رونق ___ ٺَٺُ ___ ڍانڍس ___ آراستگي ___ آرائش ___ نزاڪت ___ بيهڪ ___ ٺاهه ___ اُهاءُ ___ تجلو ___ جلوو ___ جھلڪو ___ روشنائي ___ ڌُڄا ___ براج ___ تيج ___ ڪرانتي ___ ڀڙڪي ___ پرتاب ___ ڌما ___ ڀڀڪو ___ تجمل. عزت ___ آبرو ___ حَرمت __ـ مان ___ شان ___ آب).

 

3 ___ اڏامڄاڻ، اڏامڀياس AERONAUTICS

0 هوابازي جو علم.

• اڏامڻ بابت سڄاڻَ (سائنس) ۽ عمل.

_ــ اڏامڄاڻڪ: * جو ڄاڻيندڙ، ماهر

_ـ اڏامڀياسي:* جو/ جي (اڏمڄاڻو/ اڏامڄاڻي).

($  اڏام = اڏامڻ جي حالت __ـ اُڏائي _ پرواز.)

 

4 _ لڱڄاڻ، لِڱڀياس ANATOMY

علم تشريح بدن، انگ وديا.

0  انساني بدن جي بناوٽ جو علم، ماڻهوءَ جي عضون جي جوڙجڪ.

• جيئرن جي جسم جي بناوت بابت سائنس، ان (جسم) کي حصن ۾ ورهائي اڀياس ڪرڻ.

_ـ لڱڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر (Anatomist) × × [1]

__ لڱڀياسي: * جو پڙهندڙ، سکندڙ (Anatomist) × ×

_ــ لڱڀياسي: * جو/ جي (لڱڄاڻو/ لڱڄاڻي ) (Anatomical)

 ($ لڱ = عضوو _ انگ _ بدن _ جسم __ بازو _ بدن جو ڀاڱو.)

 

5 __ــ مانسڄاڻ (مانسڀياس) ANTHROPLOGY

0  بشريات، انسانيات، علم الانسان.

• ماڻهوءَ بابت سائنس، خاص طرح انسانذات جي ابتدا، اوسر (واڌ)، رواجن ۽ ويساهن (اعتقادن) بابت.

 __ـ مانسڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر (0 علم الانسان جو ماهر).

__ـ مانسڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ــ مانسڀياسي: * جو/ جي (مانسڄاڻو/ مانسڄاڻي) (0 بشرياتي، انساني).

($ مانس = ماس _ گوشت __ ماهه __ لحم. $ مانسي = ماڻهوءَ جو _ انساني) (_ هتي”مانسي“ جي معنيٰ ڏسي”مانس“، منش تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.)

 

6 _ (ڀَــنَڄاڻ) ڀَنَڀياس ARCHAEOLOGY

 +  پراچين وستو وديا.

0   آثار قديمه جو علم، کنڊرن يا ڦٽل نشانن جو مطالعو.

قديم شين جو اڀياس، خاص طرح تاريخ کان اڳ واري دور جون بچيل شيون، مثال طور مقبرا، پورجي ويل  شهر وغيره.

_ــ ڀنڄاڻڪ: * جو ڄاڻيندڙ، ماهر (Archaeologist)

_ـ ڀنڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ (Archaeologist)

__ـ ڀنڀياسي: * جو/ جي.    

($ ڀَنَ = اڳاٽي ڦٽل شهر جا نشان __ـ پراڻا آثار _ قديمه آثار. ڀڳل جايون __ـ کنڊر).

7 _ انگڀياس، انگڄاڻ ARITHMETIC

+ انگي حساب، علم _ هندسه.

0  حساب، حسابن جو علم.

•  انگن بابت سُڄاڻَ، انگن سان کيڏڻ (Working)

__ــ انگڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر (Arithmetician)

__ـ انگڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ (Arithmetican)

___ انگڀياسي: *  جو/ جي (انگڄاڻو/ انگڄاڻي) (Arithmetical)

($ انگي حساب = حسابن جو ڪتاب __ـ Arthimetic)

 

8 _ نکٽڀياس، نکٽڄاڻ ASTROLOGY

+   جوتش،  نجوم .

نجوم يا جوتش جو علم.

تارن جي حالت (بيهڪ، جاءِ Position) جي اڀياس ڪرڻ جو فن خاص طرح اهو ڀروسو رکندي ته اهي انساني معاملن تي اثر انداز ٿين ٿا.

___ نکٽڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ــ نکٽڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

___ نکٽڀياسي: * جو/ جي (نکٽڄاڻو/ نکٽڄاڻي).

($ نِکَٽُ= آسماني تارن جو هڪ ميڙ __ـ ڪَتيون __ــ برج ___ نکشتر __ راس ___ تارو. آگم _ جھڙ ___ رؤ. برجن جو اثر __ــ وسوسو ........)

 

9 __ــ تارا ڀياس، تارا ڄاڻ ASTRONOMY

 + علم هيئت، تارن جو علم.

فلڪيات، علم  هيئت، تارن جو علم.

سج، چنڊ، تارن ۽ گرهن بابت سائنس.

_ــ   تارا ڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

_ــ   تارا ڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

_ــ   تاراڀياسي:  * جو/ جي (تارا  ڄاڻو/ تارا ڄاڻي).

 

 

10 __ جيوڙڀياس، جيوڙڄاڻ BACTERIOLOGY

+    جيوڙن جو علم.

0 جراثيمن يا جيوڙن جو مطالعو.

• ننڍڙن ۽ سادڙن (SIMPLE، گھڻي ڀاڱي حيڪ گھرڙيا) ساهوارن جي سائنس ۽ اڀياس.

__ــ جيوڙڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ــ جيوڙ ڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ــ جيوڙڀياسي: * جو/جي (جيوڙڄاڻو/جيوڙڄاڻي)

($ جيوڙو= ننڍو ساهوارو __ـ جيت _ جيوُ _ جرثومه __ـ ڪيئون __ ڪيِڙو)

 

11 __ــ لکيسُڌ BIBLIOGRAPHY

+   ڪتابن جي ياداشت

0  ڪتب نامون، ڪتابياب

 •  1 _ هڪ ليکڪ جي، يا هڪ موضوع بابت ڪتابن يا لکڻين جي وچور.

2 __ ڪتابن جي مالڪيءَ (authorship)، ڇاپن وغيره جو اڀياس.

__ـ  ليکسڌير: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

___  ليکسڌي: * جو/ جي.

 

12 جيوڀياس، جيو ڄاڻ (جيوتڀياس، جيوتڄاڻ!؟) BIOLOGY (جياِڀياس، جياڄاڻ!؟)

+ علم حيات، جيو وديا.

0 حياتيات جو علم.

• جيئرن (ساهوارن، جاندارن __ وڻن ۽ جانورن) بابت سائنس.

__ـ جيوڄاڻڪ (جيا ڄاڻڪ، جيو تڄاڻڪ): * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ جيو ڀياسڪ (جيو ڀياسڪ، جيوتڀاسڪ): *  جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ جيوڀياسي (جياڀياسي، جيوتڀياسي): * جو /جي (جيوڄاڻو/جيو ڄاڻي).

     $) جِيوُ= ساهه __ــ روح _ جيءُ __ آتما __ زندگي. ساهوارو _ جانور _ حيوان. هر هڪ ساهوارو).

 

13 __ــ جياسُڌ، جياليک BIOGRAPHY

+  جيون چرتر، جنم ساکي، سوانح عمري.

0 آتم ڪٿا، سوانح حيات.

• 1 _ فرد جي حياتيءَ بابت ذڪر (يا ان جي حياتيءَ جي تاريخ) جيڪا ٻي (ڪنهن) ليکڪ لکي هجي.

2 __ ادب جي هڪ شاخ جيڪا فردن جي حياتين (جي ذڪر) سان واسطو رکي ٿي.

___ جياليکڪ/ جياسڌير: * جو لکندڙ/ ڄاڻندڙ

__ جياليکي/ جياسُڌي: * جو/جي.

14 __ اوڀڙڄاڻ، اوڀڙڀياسي BOTANY

+  نباتي علم، علم نباتات، ونسپتي وگيان.

ٻوٽن جو علم، علم نباتات.

• وڻن جي بناوت سائنس.

__ اوڀڙ ڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ اوڀڙڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ اوڀڙڀياسي: * جو/جي (اوڀڙڄاڻو/ اوڀڙڄاڻي).

$) اوڀڙ= ٻوٽن جي پيدا ٿيڻ يا وڌڻ جي حالت. ونسپتي ___ اوسَرِ ”وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀري ڪا نه ڪا“ (شاهه)

$) اوڀڙُ= ٻوٽن وغيره جو ڦوٽهڙو. گاهه، ٻوٽو. وڻ ٽڻ ”امت جي آخوند، اوڀڙ سڀ اڀاريا“ (ڏتو)

 

15 ___ ڏوهڄاڻ، ڏوهڀياس CRIMINOLOGY

+ علم گناهه.

ڏوهن جو اڀياس.

___ ڏوهڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

ڏوهڀياسڪ: *جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ ڏوهڀياسي: * جو/جي (ڏوهڄاڻو/  ڏوهڄاڻي).

_ ڏوهاري: ڏوهه ڪندڙ.

_ ڏوهي: ڏوهه جو/جي.

$) ڏوهه= گناهه __ـ پاپ __ــ تقصير __ــ اپراڌ _ قصور _ جرم _ دوش _ الزام. خطا __ ڀل _ چوڪَ _ غلطي _ عيب __ سقم .....)

 

 

16 ڏندڄاڻ، ڏندڀياس DENTISTRY

= طب جي شاخ جيڪا ڏندن جي بناوت، اوسر، صحت، ڀرائي، صفائي، نيڪالي وغيره بابت ڄاڻ مهيا ڪري.

__ ڏند ڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ ڏند ڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

ڏند ڀياسي: * جو/جي (ڏندڄاڻو/ڏند ڄاڻي)

 

17 __ کَلڀياس، کَلڄاڻ (چَمڀياس، چَمڄاڻ) DERMETOLOGY

کَل ۽ ان جي بيمارين وغيره جي طبي ڄاڻ. 

__ کلڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

___ کلڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

$) کل= بدن جو مٿيون پوش __ چمڙي __ چم ___ ڇوڙو _____ ڇوڙي ___ پوست ___ کوپو ___ اڌوڙ __ ڇوڏو ___ ڇِلُ ..........)

= طب جي شاخ جيڪا کل (چم) جي بناوت، بيمارين، علاج وغيره بابت ڄاڻ مهيا ڪري ٿي.

 

18 __ ٻولسُڌ  DICTIONARY

+  لغت، ڪوشن، فرهنگ.

0 لغت.

ٻوليءَ جي لفظن ۽ انهن جي معنيٰ/ تشريح جو ڪتاب.

 

19 __ جيتڀياس، جيتڄاڻ ENTOMOLOGY

 + جيت جنتر وديا.

•  جيتن جو اڀياس.

__ جيتڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ــ جيتڀاسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

_ــ جيتڀياسي: * جو/جي (جيتڄاڻو/ جيتڄاڻي).

$) جيت = تمام ننڍڙو ساهوارو __ ڪيڙو ___ مڪوڙو ___ جِئَڏ)

 

20 ___ لڇڻڀياس، لڇڻڄاڻ ETHISC

 +اخلاقي علم، نيت شاستر، نيتي.

0 اخلاقيات

لڇڻن جي سائنس

__ لڇڻڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ لڇڻڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ لڇڻڀياسي: * جو/ جي (لڇڻڄاڻو/ لڇڻڄاڻي)

 

21 _ نسلڀساس، نسلڄاڻ ETHNOLOGY

+    قومن جو علم

0   نسليات جو علم   

•   انسانذات جي نسلن بابت سائنس.

__ـ  نسلڄاڻڪ: *  جو ڄاڻندڙ/ ماهر.

نسلڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ــ نسلڀياسي: * جو/جي (نسلڄاڻو/ نسلڄاڻي)

 

 

22 ____  نسلسُڌ، وَنسڌُ (ونس= اولاد + سڌ) ETHNOGRAPHY

) ڄَڻَسڌ)

$) ونساوَلي = شجرو، نسب نامو ___ سلسلو ___ــ حسب نسب)

• انسانذات جي نسلن جي سائنسي تشريح

__ـ نسلڌير (ڄَڻسڌير، ونسڌُير): * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

___ـ  نسلسڌي: * جو/جي (ڄَڻَسڌي، ونسُڌي)

 

 

23 __ـ ٻولڄاڻ، ٻولڀياس (واڪيڄاڻ، واڪيڀياس) ETYMOLOGY

+  صِرفه، بنياد، اشتقاق، ڌاتو.

لفظن جي اشتقاق جو علم.

• لفظن جي بڻ ۽ تاريخ بابت سائنس، لفظن جي بڻ ۽ تاريخ جو بيان.

__ــ ٻولڄاڻڪ (واڪيڄاڻڪ): * جو ڄاڻندڙ، ماهر.

__ـ ٻولڀياسڪ (واڪيڀياسڪ) : * جو پڙهندڙ، سکندڙ.

__ـ ٻولڀياسي: * جو/جي (ٻولڄاڻو/ ٻولڄاڻي، واڪيڄاڻو/ واڪيڄاڻي، واڪيڀياسي).

$) ٻولُ= سخن .ــ گفتو ..... قول __ـ عهد ..... ننڍڙي ٻار جو مٺڙو ڳالهاءُ ...)

$) واڪُ  =لفظ، جملو، شبد، ٻولي، چوڻي __ــ وچن __ــ ڪالم ....... چوڻ __ــ ٻولڻ. پهاڪو ........)

 

24 ___ـ ڀَلوَنسڄاڻ EUGENICS

+   اولاد سڌار علم

• انساني جيڻائتو (genetic نسلي) مواد (ذخيرو stock) وڌائڻ جي مقصد سان تندرست ٻچاٽ (off spring) جي پيدائش بابت سائنس.

__ ڀَلونسڄاڻڪ: * جو ڄاڻيندڙ، ماهر.

__ــ ڀَلونسڄاڻي: * جو/ جي (ڀلونسڄاڻو)

 

25 __ـ جيِڻڀياس، جِيڻڄاڻ GENETICS

•  نسلي ورثي سان واسطو رکندڙ سائنس (جيوڀياس جي شاخ) ته ڪيئن وڏن جي شڪل شبيهه ٻچاٽن ۾ منتقل ٿئي ٿي.

__ــ جيڻڄاڻڪ: *  جو ڄاڻيندڙ، ماهر

جيڻڀياسڪ: * جو سکندڙ، پڙهندڙ

___ جيڻڀياسي: *  جو/ جي (جيڻڄاڻو/ جيڻڄاڻي)

(جيڻ GENE=   جيو گھرڙي ۾ ”ڪروموسوم“ جو اهو ايڪو جيڪو نسلي ورثي کي ڪنٽرول ڪري ٿو)

 

 

26 __ــ ڌڻيمت (ڌڻيءَ مت، ڌڻي __ــ مت) THEISM

+ ايشور واد، هڪڙي خدا ۾يقين

•  ڪانئات جي خالق ۽ حاڪم الهامي (پُرجھيل، کليل، ظاهر ظهور، ((revealed خدا جي وجود ۾ ويساهه (ڀروسو، ايمان، اعتقاد).

= هڪ ڌرمي/مذهبي فلسفو جيڪو مَٿ __ـ فطري (supernatural) هستيءَ طور خدا جي ذاتي (شخصي personal)) وجود جي ڄاڻ ڏي ٿو. اها هستي فطري طرح سبب (rerson) ۽ حڪم (سڌ َwill) جو اختيار (وس) رکي ٿي ۽ ماڻهن جي حياتين (زندگين) سان گڏ سمورن مادي ۽ روحاني عملن (processes) تي ڳجھي (غيبي) نموني اثر وجھي ٿي. * موجب دنيا ۾ جيڪو ڪجھ ٿئي پيو اهو الوهي اڳ __ــ ڳڻ ( providence) جي ڪري ٿئي پيو جنهن تي، چيو پيو وڃي ته، قدرت جي قاعدن جو دارومدار آهي.

  __ــ ڌڻياڪ  (ڌڻيءَ مت تي ڀروسو رکڻ وارو) Theist

(+ آستڪ، هڪڙي خدا ۾ يقينو رکندڙ، ايشور وادي)

_ــ ڌڻيو (ڌڻي مت جو) Theistie ڌڻيائي (ڌڻيءَ مت وارو/ بابت) Theisisal

 

27 ___ مٿ __ـ فطري (مٿفطريک) (فطرت کان مٿاهون) SUPERNATURAL

+ اُتِي سڀاويڪ، خدائي، عجيب، ڪرامتي (اَتيِسڀَاويڪ = غير معمولي)

0 مافوق الفطرت، عام انسانن جي سطح کان مٿي

• روحاني (spiritual)، اهو جنهن کي فزڪس جي قانونن وسيلي قابو (control) ڪري ۽ سمجھائي نه سگھجي.

 

28 ___  ڌڻيڄاڻ/ ڌڻيڀياس (ڌڻيءَ ڄاڻ، ڄاڻ، ڌڻيءَ + اڀياس) THEOLOGY

+ ايشور وديا، علم خدائي، برهم گيان

0 دينيات جو علم، علم الڪلام

• 1 __ خدا جي فطرت جو ۽ مذهبي/ ڌرمي ويساهن (اعتقادن) جو رسمي اڀياس . 2 ڌڻيءَ ڄاڻو  سرشتو يا ان جي سمجھاڻي

#  (علم الحقيقت کي THEOLOGY ڄاڻايو اٿس)

__ـ ڌڻيڄاڻڪ (ڌڻيئڄاڻڪ): * ماهر يا ان جو سکندڙ/ پڙهندڙ Theologician

__ــ ڌڻيڄاڻو (ڌڻيئڄاڻو): * ڌڻيءَ ڄاڻ جو Theological

          __ـ  (ڌيڻيئڄاڻ طور) Theologically

  

29 __ـ ڌڻيسگھ (ڌڻيءَ سگھ، ڌڻي __ــ سگھ، ڌڻيسگھ)    THEOCRACY

+ ڌڻيءَ جي حڪومت، خدائي راڄ

0 ديني حڪومت، ملائن جي  حڪومت، ملائيت

• حڪمرانيءَ جي (اهڙي) سرشتي (وارو ڏيهه) جنهن ۾ رياستن جي قانونن بابت سمجھيو (ڀروسو ڪيو) ويندو آهي ته اهي خدا جا قانون آهن. (ان ڪري) پادرين (مُلن، پنڊتن، ٻاون) پاران يا انهن جي طبقي جي حڪومت.

_ــ ڌڻيسگھي: * جو/جي Theocratic

__ـ ڌڻيسَگهه بدران ڌڻياراڄ يا ڌرمراڄ ۽ ڌڻيسگھار بدران ڌڻياراڄڪ يا ڌرمراڄڪ به ٿي سگھي ٿو)

 

 

30  __ــ  ڌڻيسَماءُ (ڌڻيءَ سماءَ، ڌڻي ___ سماءُ، ڌڻيئسماءُ) THEOSOPHY

+  برهم وديا،  علم الاهي، خدائي ڳالهين جو علم

0  فلسفيانه دين ڪجھ ضرور هوندو آهي (؟)

#  اهو عقيدو يا اصول ته هر ماڻهو سڌو سنئون خدا جي معرفت ۽ وجدان ماڻي سگھي ٿو.

• فلسفي جي ڪيترن ئي سرشتن مان ڪو به هڪ  جيڪو روحاني وجد (موج) ۽ مراقبي (Contemplation)  وسيلي خدا جي سڌي ڄاڻ جو مقصد رکي.

___ـ ڌڻيسمائڪ: * ۾ ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ يا پسند ڪندڙ Theosophist

__ــ ڌڻيسماري: * جو/ جي Theosophical

 

31 ڌڻيئاچاري (ڌڻيءَ آچار، ڌڻيءَ نياءُ، ڌڻيئا چارپ) THEODICY

= فلسفيانه _ ڌرمي/ مذهبي گرنٿن/ ڪتابن کي مقرر (طي) ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ هڪ اصطلاح، اهي ڪتاب جيڪي دنيا ۾ هڪ قادر مطلق، چڱي (سٺي)، خالق ۾ ويساهه، هڪ پاسي، ۽ بڇڙائيءَ (evil) ۽ ناچاريءَ (انياءُ بي انصافي) جو وجود، ٻي پاسي، جي وچ ۾ چٽِي ۽ ناٺاهي جھيڙي کي صحيح (سچو) ثابت ڪري سگھن. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ فلسفيانه ادب جي هڪ پاڻڀري شاخ ٿي وئي.

_ـ ڌڻيئاچارڪ: * ۾ ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ يا پسند ڪندڙ.

(ڌڻيئاچاري بدران ڌرماچاري ۽ ڌڻيئاچارڪ بدران ڌرماچارڪ به ٿي سگھي ٿو)

 

32 __ـ الهڄاڻ THEOGONY

=  الَهن (ديوتائين gods) جي بڻ  بابت ڌرمي ڏند ڪٿائن جو سر شتو، الهن جيڻِڄاڻ (Geneology) يا ابتدا بابت علم، يورپي ادب ۾ قديم يوناني ڏند ڪٿائن جو پهريون ڄاتل شاعراڻو مجموعو هيسياڊ (800 ق م) جو ٿيِئگوني هو. ٿيِئگوني فيوئر باخ جي 1857ع ۾ ڇپايل هڪ ليکت جو عُنوان آهي.

33__ـ  اڌڻيمت ATHEISM

+ نساتڪمت، ناستڪي

0 اهو ويساهه ته (ڪو به) خدا موجود ناهي.

= مٿفطري هستيءَ يا هستين ۾ ويساهه کي رد ڪندڙ سوچن (نظرين) جو سرشتو. * ڌرم، پنٿ، مذهب جعي وسيلن (بڻ، ذريعن) ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ۽ ان جي نيسر (نسرڻ) جا ڪارڻ ٻڌائي ٿو. ڪائنات بابت سائنسي اڀياس جي نڪتهءِ نگاهه کان ڌرمي متن (نيمن، عقيدن) تي تنقيد ڪري ٿو، ڌرم  جي سماجي ڪردار کي کولي ٿو ڏيکاري ٿو ته مذهبي ساڙن (تعصبن، تنگ نظري) پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ۽ ان تي ڪيئن ضابطو رکي سگھجي ٿو. جيئن جيئن سائنسي ڄاڻ وڌي تيئن * به اسرندو ۽ وڌندو ويو. * جو فلسفيانه بنياد ماديت (مادو+ مت = Materialism) آهي. * جي نظرين هڪ سرشتي جو روپ غلاميءَ واري راڄ ۾ ورتو ۽ ان جي ڌرمن خلاف جدوجھد طبقاتي هَلاچَلي سان گھاٽيءَ طرح ڳنڍيل آهي. ٿيلس، اناگزيمينس، هيراڪليتس، ڊيموڪريتس (دمقراط)، ايپيڪيورس، زينوفينس ۽ ٻين جي لکيتن ۾ * جا ڳچ جزا موجود آهن، انهن هر لقاءَ جي تشريح لاءِ قدرتي ڪارڻ پئي ڳوليا. سندن پهچ کهري هئي. وچين (وچاڙMedieval) دور، ۾، جڏهن چرچ ۽ ڌرم ڇانيل هئا تڏهن * تمام ٿوري ترقي ڪئي. سرمائڪي* ڌرمي حڪمراني هيڻي ڪرائڻ ۾ ڳڻڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو. سرمايڪ CAPITALIST) اڌڻيڪن (اڌڻيمت کي پسند ڪندڙ) پاران چرچ جي موٽار (Reactionary) فطرت جي کول (اوگھڙ) جاگيرپ خلاف جدوجھد ڪئي ۽ ان جي تباهيءَ کي سولو ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سرمايڪ* بهرحال پنهنجي مواد ۾ گھَٽيل ۽گھُٽيل، ڪردار ۾ راهه روشن ڪندڙ ۽ هڪ ننڍي دائري ۾ اثر رکندڙ هو. * پنهنجي ٺاهوڪي (رچيل) صورت مارڪسمت ___ ليننمت ۾ ورتي. مارڪسي * طبقاتي حد بندين کان آزاد ۽ ڪردار ۾ ڪلي _ ڪوڏيو آهي.

__ اڌڻيئڪ (اڌڻياڪ) (اڌڻيمت تي ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ، پسند ڪندڙ Atheist (+ ناستڪ، مشرڪ، منڪر، دهريو)

_ــ اڌڻيو (اڌڻيمت جو) Atheistic

__ـ اڌڻيائي (اڌڻيمت وارو/ بابت) (Atheistical)

 

34 __ـ يڪڌڻيمت (يڪڌڻيئپ، يڪڌڻيائپ) MONOTHEISM

 + هڪ ايشور کي مڃڻ جو عقيدو

0  هڪ خدا ۾ عقيدو، وحدانيت

•  متو (اصول، سکيا، تعليم) ته رڳو هڪ خدا موجود آهي (گھڻڌڻيمت جي ابتر) ڏسو: گھڻڌڻيمت).


[1]    انگريزي ۾ علم (سائنس، فن وغيره) جي ڄاڻو يا ماهر ۽ ان ئي علم جي سکندڙ، پڙهندڙ يا شاگرد لاءِ ساڳيو ئي لفظ ڪم اچي ٿو. علمي گھرج آهي ته انهن جي لاءِ ڌار ڌار ۽ مناسب معنيٰ ڏيندڙ لفظ ڪم آندو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com