سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :7

 هڪ خدا جي پوڄا (مڃتا، عبادت، بندگي). آڳاٽي زماني ۾، جڏهن اڃا راڄ (سماج) جي جوڙجڪ ۽ اوسر ٿي رهي هئي، بيوس، هيڻو، ۽ اڻڄاڻ ماڻهو ڪيترن ئي قسمن جي ڀوتن، الهڙن ۽ ديون (۽ ڀوتڻين، الهڙين ۽ ديوين) جي هڪ (وهمي) وجود کي مڃڻ لڳو جيڪي لڳ ڀڳ هر هڪ وَٿ، گڻ ۽ لقاءُ لاءِ هڪ الڳ وجود رکندڙ سمجھيا ويندا هئا. اها سمجھ هوري هوري وڌي گھڻن الهن (ديوتائن gods) جي وجود تي ايمان آڻڻ لڳي جن مان هر هڪ جو هڪ ٺوس وجود، نالو ۽ پنٿ (cult) هو. پورهيي جو راڄوڻي (سماجي) ورهاست ____ـ هڪ ٽولي جي حاڪمي ۽ گھڻن ماڻهن جي محڪومي هوري هوري الهن (ديوتائن) جي هڪ رياست جي شڪل وٺي ويئي. راڄ جي واڌ ۽ پکيڙ، غلامَ _ رکندڙ سرشتي جي ڄمت، يڪراجائي (يڪشاهي، هڪ بادشاهه يا شهنشاهه  جي حڪمراني) سلطنت ڏانهن وٺي ويئي. ان ڪري هڪ ڏاڍي وڏي ديوتا (يا ديوتائن جي ديوتا، جيئن يونان ۾ زيوس ديوتا) جو تصور پاڙون پڪڙڻ لڳو ۽ هوري هوري الهه گھر (پئنٿيئن) مان هڪ، سڀ شي تي وس رکندڙ (ڪُلوَس يا سرو شڪيتوان) وڏو _ ديوتا اڪيلو ٿي نروار جي آيو. گھڻڌيمت جا نشان اڄ به * ۾ پويل ملن ٿا جنهن جو هڪ مثال اڄوڪو عيسامت آهي.

__ــ يڪڌڻيئڪ (يڪڌڻياڪ): * کي مڃيندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ  Monotheists

__ـ يڪڌڻيو (يڪڌڻيائي): * جو Monotheistc  

 

35 ترڌڻيمت (ترڌڻيئپ، ترڌڻيائپ) PANTHEISM

+  سرو ايشور واد، ويدانت مت، متو جنهن ۾ سڀ کي خدا  ڄاڻجي.

0 همه اوست جو نظريو، هر شي ۾ الله جي موجود هجڻ جو نظريو.

 • اعتقاد ته خدا هر شيءِ ۾ موجود آهي ۽ هر شيءِ خدا آهي. سڀني الهنِ ۾ ايمان ۽ انهن جي پوڄا.

= هڪ فلسفيانه تعليم جنهن موجب خدا هڪ اذات (غير شخصي Impersonal) مول (اصول، متو، سڀاءُ) آهي جيڪو قدرت کان ٻاهر (پَري) ناهي پر ان سان ساکيات (هوبهو، ساڳيوئي) آهي. * خدا کي مٿفطري جزي طور رد ڪندي قدرت ۾ حل ڪري (ملائي، جزب ڪري) ڇڏي ٿو. اهو اصطلاح ٽولئنڊ سڃاڻايو جڏهن ته اڳوڻي* ۾ چڱيءَ حد تائين قدرت بابت ماديئڪ (مادو+ وارو، مادي مت کي مڃيندڙ واريون) سوچون سمايل هيون (مثال طور برونو ۽ خاص ڪري اسپائينوزا) پر هاڻي اهو (*) خدا ۾ دنيا جي وجود واري خيالڪ (خيال+ وارو خيالمت کي مڃيندڙ) نظريي ۾ بدلايو ويو آهي ۽ هڪ اهڙو جتن آهي جنهن ۾ سائنس کي ڌرم سان ٺاهه ڪرايو (پرچايو، هيرايو) پيو وڃي.

__ــ ترڻياڪ: (* کي مڃندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ) pantheist

_ــ ترڌڻيو: (*جو/جي)                         pantheistic
36
گھڻڌڻيمت  (گھڻڌڻيمت، گھڻڌيائپ                POLYTHEISM      +  گھڻن ديوتائن جي پوڄا، انيڪ ديومت

0 شرڪ، هڪ کان وڌيڪ خدائن ۾ عقيدو

•  هڪ کان وڌيڪ الهن (ديوين، ديوتائن) ۾ ويساهه يا انهن جي پوڄا.

= آڳاٽي زماني ۾، جڏهن راڄوڻي ناتن جي جوڙجڪ ۽ اوسر اڃا ٿي رهي هئي، ماڻهو ڪيترن ئي قسمن جي ڀوتن __ـ پريتن، ديون __ ديوين، خيالي وجودن کي مڃڻ لڳا جو کين اهو صحيح نموني سمجھ ۾ ئي نه پئي آيو ته، مثال طور : هوا ڇو پئي گھُلي (ڪڏهن ماٺي، ڪڏهن هوري، ڪڏهن تيز ته ڪڏهن مورڳو پاڙون __ـ اکيڙيندڙ)، پاڻي ڇو پئي وهيو (ڪڏهن تراکڙو، ڪڏهن تار، ڪڏهن ٻنا ٻوڙ ته ڪڏهن مورڳو ٻوڏ)، وڻ ۽ ٻيا ”ساهوارا“ ڇو پئي ڄاوا، نپنا ۽ وڌيا ويجھيا ۽ مئا ۽ مرڻ کان پوءِ سندن ڇا پئي ٿيو، خواب ڇا هئا ۽ انهن ۾ ڪيترن ئي نمونن/ روپن جا وجود (۽ خاص ڪري مري  ويل وجود) ڇو پئي ڏيکاريا، ڏينهن ۽ رات ڇو پئي ٿيا. سج، چنڊ، تارا ڇا هئا ۽ ڏينهن جو ڪاڏي پئي ويا وغيره. ماڻهو کي حقيقت ته سمجھ ۾ نه آئي پر پنهنجيءَ محدود ڄاڻ جي بنياد تي هن اها تاويل گھڙي ته ڪي اهڙيون نظر نه ايندڙ ”هستيون“ ۽ ”قوتون“ هيون جن اهو ۽ اهڙو  سڀ ڪجھ پئي ڪيو. انهن هستين/ قوتن کي جيڪو به نالو ڏنو ويو هجي پر ڀوت، ديو، ديوتا ۽ وڏا ديوتا انهن جو ئي اسم عام آهن. اها ”سمجھ“ هوري هوري وڌي، سڌري ۽ پڪي ٿي، انهيءَ وچ ۾ جن لقائن، شين ۽ وهمن جو سبب سمجھ ۾ آيو انهن بابت ديوين/ ديوتائن جو تصور ختم ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن لاءِ ڪارڻ مڃيل هستي جي وهم کان جند ڇٽي ۽ اڃا به  جيڪو ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو تنهنجو ڪارڻ ڪو نه ڪو منٿطري وجود __ــ ديو، ديوي، ديوتا __ـ سمجھيو ويو جنهن جو هڪ ٺوس وجود مڃيو پئي ويو. ان کي هڪ خاص نالو ڏنو ويو ۽ اهو ڪو هڪ (يا ڪجھ خاص ڪم ڪندڙ سمجھيو ٿي ويو ۽ ان ئي حوالي سان سندس مڃتا، پوڄا ڪئي ويندي هئي، ديو ديويءَ جي ان صورت سڌري ديوتا (الهه، الاهه، عام خدا) جي حيثيت ورتي.

___ـ گھڻڌڻياڪ: * کي مڃيندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ

___ گھڻڌيو: * جو/جي  POLYTHEISTIC

 

37 ديوَمت (ديوائپ) FETISHIM

+ جڙ پوڄا

•  خاص ڪري پاگن (غير ڪرسچن/ عيسائي، ڪافر، بت پرست، عيسائين پاران عيسامت کانسواءِ باقي لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن لاءِ ڪم ايندڙ لفظ) ماڻهن پاران مختلف وَٿن ( شين، لقائن، تصورن) جي پوڄا ڇو ته اهي انهن وٿن ۾ روح (آتما SPIRIT) موجود هجڻ جي پتَ رکن ٿا.

= قدرت جي وٿن ۽ لقائن جي پوڄا. جھونڙي راڄ ۾ ڌرم جي هڪ اڳوڻي (قديم) صورت. 1760ع ۾ فرانس جي هڪ تاريخ _ ڄاڻو ۽ ٻوليءَ  __ــ ڄاڻڪ ٻيهر * جي سڃاڻپ ڪرائي. مادي جي شين جو جوهر نه سمجھندي ڪيترن ئي ماڻهن انهن ۾  مٿفطري خاصيتن جي موجودگي محسوس ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ويساهه رکڻ لڳا ته اهي وٿون (انهن کي جوڙيندڙ، هلائندڙ ديو _ ديويون) سندن سَڌن کي سُکيو (مطمئن) ڪن ٿيون. * اوتارمت (TOEMISM) ۽ سرکِ (جادو، طلسم Magic) سان ڳنڍيل آهي. * ڪيترن ئي سرتن مذهبن ۾ به موجود آهي (جيئن مورتين يا بتن ۽ صليب جي پوڄا وغير).

___ـ ديوڪَ: * ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃندڙ

___ـ ديويائي: * جو/ جي.

 

38 ___ــ اوتار مت (اوتارپ) TOTEMISM

+  ڪا به قدرتي شيءِ (ڍڳو وغيره) جنهن کي ڪنهن ديوتا جي موُرتي ڄاڻي ان جي عزت ڪجي.

0 (ٽوٽيم Totem = خانداني نشان)

 • (ٽوٽيم= (خاص طرح اتر __ـ اميريڪي انڊين ۾) ڪنهن به قدرتي وٿ (شي) خاص ڪري جانور کي پنهنجي خانداني ٽولي جي نشان طور مقرر ڪرڻ نه جيئن پاڻ ۾ واسطو رهي).

= جھوني نياتي (پنچايتي) راڄ وارن ڌرمن ۾ هڪ ڌرم. هڪ اصطلاح جي حيثت ۾ پهريون ڀيرو * 18 __ صدي جي پڄاڻيءَ ڌاري جا هن لانگ ڪم آندو.

* جو مکيه ويساهه گڏيل بڻ ۾، رتيري مائٽيءَ (blood relationship) ۽ جانور، وڻ، وٿ يا لقاءُ جي مخصوص قسم سان ماڻهن جي ٽولي جي سنگت (ٻڌيءَ، مائٽي) ۾ آهي. * جي اوسر قَديم معيشت (ميوا ميڙڻ، شڪار ڪرڻ وغيره) ۽ سڱابندي  سان گڏ ٻين سماجي ناتن بابت ڄاڻ جي کوٽ ۾ ملي ٿي. اوتار جو ابتدائي تصور جانورن __ـ وڏڙو، ان جي شبيهه (portayal) يا نشان، ۽ ماڻهن جو هڪ ٽولو پڻ آهي. اوتار ماڻهن جو سگھارو محافظ، کين کاڄ رَسائي ٿو. * آسٽريليا، اتر ۽ ڏکڻ آميريڪا، ملائيشيا، پولينيشيا ۽ آفريڪا جي پراچين (اصلي، قديم) قبيلن ۾ ڏاڍو پکڙيل آهي. * جو پاڇولو اسريل مذهبن ۾ (خدا کي پيءُ سڏڻ/ سمجھڻ، ”لارڊ“ سڏڻ وغيره) ۽ لوڪ ڪهاڻي (folk lore) ۾ محفوظ آهي (جيئن ماڻهن ۽ جانورن جي وچ ۾ ڀتارڪيِ (مڙس واري Marital) ۽ رتيري سڱاوتي بابت ڳالهيون).

اوتارڪ: * ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ

__ اوتارڪي: * جو/جي

39 __ـ الهراڄپ، الهراڄمت (خدا شاهيمت،، خدا شاهپ)  CHILIASM

= ڌرتيءَ تي ”خدا جي بادشاهيءَ“ بابت مذهبي متو، جيڪا (بادشاهي) دنيا جي انت کان هڪ هزار ورهيه اڳ تائين هلندي رهندي. * يهودمت ۽ ابتدائي عيسامت ۾ سڀاويڪ (سمايل، لڪل، پويل) هئي جنهن ۾ اها مسيحا __ ڇوٽڪارو ڏيندڙ __ جي وري اچڻ واري سوچ جي صورت ۾ موجود هئي. * وارين سوچن غلامن ۽ غريبن کي ڪشش ڪئي. رومي سلطلنت جو سرڪاري مذهب ٿيڻ کان پوءِ، عيسامت ڌرتيءَ تي شين جي ترتيب (بناوت) ۾ ڪنهن به تبديلي اچڻ کان هٿ کڻي ڇڏيو، ٻي دنيا ۾ انعام، (ڦل، اجر، ثواب) جي سوچ کي زور وٺرايو ۽ * کي هڪ ڪوڙي تعليم سڏي رد ڪيو. وچاڙ دور ۾ * ڪيترن ئي پاکنڊي (الادين، اڌرم) تعليمن ۽ (جن ۾ جاگيردارڪي ڦرلٽ خلاف هارين ۽ شهري غريبن وسيلي سماجي احتجاج جو مذهبي ڍڪ ٿي ڏيکاريو) سڌاريو ويو. اڄڪلهه * ڪن ڌرمي فِرقن جي موٽار (reactionary) سوچن جو حصو آهي.

 __ـ الهراڄڪَ: * ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ

__ـ الهراڄي: جو/جي

 

40 __ الهمت، الهپ DEISM

+ ڊيئست (Deist) جيڪو ڌڻيءَ جي هستي مڃي پر الهام نه مڃي، صوفي.

• خدا يا خدانما (الاهي، ايشور Divine) هستيءَ جي وجود ۾ ويساهه رکندڙ پر ڪنهن به ڌرمي مَتي (نيم، اصول، سڌانت) يا الهام کي نه مڃيندڙ.

= دنيا جي هڪ اذات اتم ڪارڻِ جي حيثيت ۾ خدا جي وجود ۾ ويساهه. الهي ( deistic) نڪتهءِ نگاهه موجب دنيا خلقجڻ کان پوءِ خود پنهنجن قانونن جي عمل (operation) سان ٻڌل هئي.* پهريائين انگلينڊ ۾ ظاهر ٿيو. هربرٽ آف چيربريَ (1583 __ 1648ع) * جو خالق هو.  جتي جاگيري ڌرمي تصور ڇانيل هئا اتي *  گھڻي قدر اڌٻڻمت جو ڳجھو (سونسائي، وهمي Superstious) ڊولَ ۽ ڌرم جون پاڙون پٽڻ لاءِ ماديئڪن جو سهنجو (ڪارائتو) اوزار (device) هو. روُسو ۽ والٽيئر فرانس ۾، لاڪ، نيوٽن، ٽولئنڊ ۽ اينٿوني ايشلي ڪوُپر شافٽسبري انگلئنڊ ۾ ۽ راش چيف، آءِ. پنن، آءِ. يرتوف ۽ ٻيا روس ۾ * جا سمجھائيندڙ هئا. هن وقت * ڌرم کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

 

41. آلهه جوڙَ (الهه ٽُ_وڙَ ؟) GOD-BUILDING

= روس ۾ هڪ مذهبي _ فلسفيانه لاڙو، 07 _ 1905ع واري انقلاب جي هار کان پوءِ اڀريو. ان جي اڳواڻن ۾ ليوناچار ڪسڪي، وي. بزاروف ۽ يُشڪيوچ هئا جن سان گورڪي به ڪجھ عرصو گڏ رهيو. * جو مقصد سائنسي راڄمت (سوشلزم) کي مذهب سان ٻڌي ڪرائڻ ۽ اهڙيءَ طرح سڏيو ___ـ ويندڙ اڌڻيمت يعني خدا کان سواءِ مذهب پيدا ڪرڻ هو.

42 __ــ خدا ___ کوج GOD- SEEKING

= روس ۾ هڪ مذهبي __ــ فلسفيانه لاڙو جنهن اها ڪوشش ڪئي ته ماڻهن ۾ مذهب جي پختائي پيدا ڪئي وڃي يا انهن تي مذهب جي هلنديءَ کي سگھارو ڪيو وڃي. 1920ع جي ابتدا ۾ هي لاڙو پيدا ٿيو ۽ چڱو وڌيو خاص طور تي سرمايڪ دانشورن ۾ جن چيو پئي ته حياتيءَ جو مقصد خدا جي کوج (ڳولا، ڦولا) ڪرڻ آهي، تاريخ جو مقصد اهو آهي ته ماڻهپي ۾ خدا کي سهي ڪيو (مڃيو، ڳوليو) وڃي ۽ هڪ الوهي ماڻهپو تخليق ڪرڻ يعني مذهبي اصولن تي پيڙهه رکندڙ سماجي تنظيم جوڙڻ. ماڻهو اهو مقصد يعني خدا جي بادشاهي رڳو پيار، نوِڙت (نئڙت، نمرتا) ۽ صبر وسيلي ئي ماڻي سگھي ٿو.

 

43 __ـ رَشيِگم، رشيسُڌ HAGIOLOGY

 ينٽس (Saints) جي حياتين ۽ روايتن (Iegends) بابت ادب.

(• Saint (سينٽ) رشي= 1 _ پاڪ ماڻهو 2_ــ  ماڻهو جيڪو مرڻ کان پوءِ. جنت جي سڳورن (نوازيل) ماڻهن ۾ شامل هجي. 3 _ اهو فرد جنهن کي چرچ (ڪليسا)  ڌرتيءَ تي مقدس رهڻي جي ڪري جنت ۾ جاءِ ۽ ڌرتي تي مانُ ماڻيو هجي.) ($ رشي= ويدن جا شُبد ڳائيندڙ= سنت، تپسيا ڪندڙ)

 

44 __ــ تَنتڄاڻ، تنتڀياس NEUROLOGY

0   تنتي سرشتي جو علم.

• تنتن سان واسطيدار طبي سائنس جي شاخ

__ـ تنتڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر

__ـ تنتڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ

_ــ تنتڀياسي: * جو/جي (تنتڄاڻو/ تنتڄاڻي)

_ـ تنتي: تنت جو/جي

($ تنت= تند، وار نلي)

( Nerve (نَروِ)= تنت: ڌاڳو يا ڌاڳن جو مُچو (ڳٺڙي) جيڪو دماغ ۽ جسم جي سمورن حصن جي وچ ۾ احساس ۽ اثر نِئي وڃي. + نَس، تنتوُ)

45 __ــ فضاڄاڻ، فضاڀياس (موسڀياس، موسڄاڻ) METEOROLOGY

+ علم آبهوا

0 موسميات: موسمياتي اڳڪٿي جو فن.

• موسم جي سائنس، ڌرتيءَ جي فضا (وايومنڊل) ۽ ان جي تبديلين جو اڀياس.

__ـ فضا ڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر (موسمڄاڻڪ)

__ فضا ڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ (موسمڀياسڪ)

__ـ فضا ڀياسي: * جو/جي (فضا ڄاڻو/ ڄاڻي، موسمڀياسي، موسمڄاڻو/ موسمڄاڻي)

_ـ فضائي: فضا جو

__ موسمي: موسم جو

($ فضا= ڪشادي جاءِ _ ميدان، چوگرد جون حالتون _ وارتا ورڻ _ ويومنڊل (ماحول، هوا _ واءُ وايو)

($ موسم = مند، رت __ فصل __ـ تُڙ ويل _ وقت __ـ مهل، ايام، زمانو سمو _ موقعو ....) 

 

46 ___ گَرڀڄاڻ OBSTETRICS

+ دائڪو علم، گرڀ بابت

• ٻار جي ڄم، ان کان اڳ ۽ پوِ (نتيجن) سان واسطيدار ميڊيسن ۽ سرجري جي شاخ.

_ــ گرڀڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر

_ـ گرڀڄاڻو/ گرڀڄاڻي: * جو/جي

 

47 _ پکيڀياس، پکيڄاڻ (پکي ___ـ ڄاڻ پکيءَ ڄاڻ) ORTHODONTICS

+ علم پرند، علم طيور، پکين جو علم

•  پکين بابت سائنسي اڀياس.

_ــ پکيڄاڻڪ (پکيءَ ڄاڻڪ): * جو ڄاڻندڙ، ماهر

__ــ پکيڀياسڪ (پکيئڀياسڪ): * جو پڙهندڙ، سکندڙ

__ پکيڀياسي (پکيئڀياسي): * جو/جي

 

48 __ــ هَڏ ڄاڻ، هڏ ڀياس ORTHOPAEDICS

   هڏي جي خرابي (deformity) ۽ مرضن جي علاج سان واسطيدار سرجري جي شاخ.

__ــ هڏ ڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر

__ـ هڏڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ

هڏ ڀياسي: * جو/جي (هڏ ڄاڻو/هڏڄاڻي)

 

49 ___ روڳڄاڻ، روڳڀياس  PATHOLOGY

+  علم طب، مرض جو علم

0 بيمارين جي سبب جو علم، مرضن جو علم.

• مرضن بابت سائنس.

__ روڳڄاڻڪ: * جو ڄاڻندڙ، ماهر

_ــ روڳڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ

___ روڳڀياسي: * جو/جي (روڳڄاڻو/روڳڄاڻي)

($ روڳ= گندگي _ پُون __ پس، سڙيل رت ___ـ رتُ پوُن __ ڦٽ مان وهندڙ گند. بيماري __ــ مرض ڏوار __ـ اگھائي __ ناچڱائي ___ ڏوجُ __ـ ڏجھندو __ــ لڱائي _ ڪمهرائي ___ـ آزار __ــ بي مزائي ___ رنجوي __ ناچاقي __ــ پيڙا _ تڪليف ......)

 

50 ___ راڄڀياس، راڄاڻ (راڄ + ڄاڻ) SOCIOLOGY

+   سماج شاستر، علم معاشرت، پنگتي و گيان.

معاشيات، عمرانيات

•  قدرت ۽ سماجي (راڄوڻي) سڌاري ۽ سماجي ورتائن بابت سائنس

__ــ راڄاڻڪ (راڄڀياڪ): * جو پڙهندڙ، ماهر

___ راڄڀياسڪ: * جو پڙهندڙ، سکندڙ

__ راڄڀياسي: * جو/جي

($ راڄ = رعيت __ـ رعايا ___ عام ماڻهو __ــ پوڄا. قوم. آبادي بادشاهي. صاحبي __ــ حڪومت. مُلڪ ___ علائقو)

 

(ماهوار ”سائنس“ ڊسمبر 1993ع تان ورتل)

ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي صاحب جن جي مضمون

 

سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاح سازي

جو مختصر جائزو

مانوارا ايڊيٽر ”سائنس“

سنڌ سائنس سوسائٽي

علامه آءِ. آءِ. قاضي ڪئمپس

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو __ــ 76080

 

”سائنس“ جو نئون پرچو اڳين  کان وڌيڪ نواڻ رکندڙ، سهڻو   ۽ لاڀائتو ٺاهي ڇپرايو اٿوَ، ان لاءِ وڌايون پيش ڪجن ٿيون. اميد ته اهڙي ئي جوان جذبي ۽ سوُنهنديءَ سمجھ سان ”سائنس“ جي سنڌي علمي سنسار کي سجايو ڪندا ۽ سينگاريندا رهندا.

ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي صاحب جن جو مضمون سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاح سازي ڏاڍي پياري سوُکڙي آهي. ان بابت ٻه اکر چوڻ گھران ٿو پر اڳ ۾ ڊاڪٽر قاضي صاحب جن کي ڊاڪٽر آف سائنس آنرز ڪازا جي اعزازي ڊگري ملڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ئي نه پر ان جي جياپي ۽ بقا لاءِ به سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحن جي جوڙجڪ بيحد اهم آهي، اڃا به صاف چئجي ته، بنيادي حيثيت رکي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ڏاڍي سٺي نموني چٽي وضاحت ڪئي آهي تنهنڪري وڌيڪ ڪجھ چوڻ ورجاءِ برابر ٿيندو. سنڌي ٻولي ٻين ادبي شعبن ۾ ته هڪ مناسب لفظي اصطلاحي ذخيرو رکي ٿي پر سائنسي ۽ فني اصطلاحن جي گھاڙ ۽ انهن کي پنهنجو ڪري مروج ڪرڻ ۽ واپرائڻ جي سلسلي ۾ ان ڄڻڪ اڃا بانبڙا پائي سگھڻ جي سگھ به مس مس پيدا ڪئي آهي.

ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جا رايا ڏاڍا وزنائتا آهن، پاڻ سٺي سوچ ۽ محبتي محنت ڪري ڪجھ بهترين ۽ متبادل لفظ مثالن سان پيش ڪيا اٿئون جن جي بنيادي تصور سان اتفاق ڪرڻو ئي پوي ٿو.

سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحن جي ايڏي ته کوٽ آهي جو اوهين ڪو هڪ به سائنسي ۽ فني مضمون ”انگريزي“ لفظ ڪم آڻڻ کان سواءِ، سنڌي ۾ بيان نه ٿا ڪري سگھو. اسان جا اڪثر سائنسي مضمون ”اڌ سنڌي ۽ اڌ انگريزي“ هوندا آهن. سنڌي ۾ ڪا هڪ به اهڙي  ”سنڌي کان سنڌي“ يا ”انگريزي کان سنڌي“ ڊڪشنري موجود ناهي جيڪا رڳو 25 سيڪڙو کن سائنسي ۽ فني اصطلاح، انهن جي معنيٰ ۽ سمجھاڻي يا متبادل لفظ مهيا ڪندي هجي.

سائنسي ۽ فني اصطلاحن جي اها کوٽ ئي آهي جو سنڌي ۾ هن مهل تائين ڪو هڪ به اعليٰ تعليمي نصاب  نه جڙي سگھيو آهي. وڌيڪ صاف ڪري ٺڪي ٺوڪي ڳالهه ڪجي ته ڪنهن هڪ به سائنسي موضوع تي ڪو هڪ سٺو ۽ جامع ڪتاب موجود ناهي. البت، ٻه چار ڪي اهڙا ڪتاب ضرور موجود آهن جن ۾ سائنسي مواد کي سٺي نموني سمجھائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪيل آهي.

سنڌ ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحن جي کوٽ جو مون کي خاص احساس تڏهن ٿيو جڏهن مون انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. منهنجي سَڌ آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين جيان هر موضوع تي ڌار ڌار ۽ سٺيون انسائيڪلوپيڊيائون موجود هجن پر گھٽ ۾ گھٽ هڪ، ٻيو نه ته به  انسائيڪلوپيڊيا بِرٽئنِيڪا جي جوڙ جي هجي ۽ ان جيان نه رڳو ميڪروپيڊيا ۽ مائڪرو پيڊيا صورتن ۾ هجي پر دستاويزي علمي حيثيت به رکندڙ هجي. ان موضوع تي گذريل ٻن ورهن کان ڪم ڪندي مون ڄاڻي ورتو آهي ته انسائيڪلوپيڊيا، جيڪڏهن، سنڌيءَ ۾ ئي ٺاهڻي آهي (اڌ سنڌي ۽ اڌ انگريزي ۾ نه) ته پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هڪ لک کن نوان سائنسي ۽ فني اصطلاح جوڙڻ جي گھرج پوندي. انهن اصطلاحن لاءِ مناسب ۽ ٺهڪندڙ متبادل لفظ ڳولڻ جي نيت ڪري مون سنڌي ٻولي جي ٻن وڏي ۾ وڏن ذخيرن شاهه جو رسالو ۽ جامع سنڌي لغات کي ابتدا کان انتها تائين هڪ ڀيرو وري به پڙهي ڏٺو.

جامع سنڌي لغات پڙهندي لاڳيتو خوشي ۽ رنج جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ گذارڻو پيو. خوشي اها ته سنڌي ۾ ايڏو املهه اصطلاحي خزانو موجود آهي جو اسان جو ڪيتريون ئي علمي گھرجون پوريون ڪري سگھي ٿو ۽ رنج ان ڪري جو ان ۾ مون جھڙي گھٽڄاڻڪ ۽ پاٺڪ کي به هزارين لفظن جي کوٽ نظر آئي. پنهنجو فرض سمجھندي جامع سنڌي لغات جو جائزو، پهرين جلد جي حوالي سان، پهرين پڙهڻي لکي ”جاڳو“ جي حوالي ڪيم. هن وقت تائين ٽين پتي ”يارهن“ قسطن ۾ ڇاپي وئي آهي (حالتن مان لڳي ٿو ته باقي مضمون  گم ڪيو ويندو). } نوٽ: اهو مقالو پوءِ ماهوار ”ڪينجھر“  ۾ ڊسمبر 1994ع ۾ ڇپيو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com