سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻولي

باب: --

صفحو :1

سنڌي ٻوليءَ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

پيش لفظ

ٻوليءَ جي سلسلي ۾ لکيل، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زرخيز ذهن مان سرجيل مقالن ۽ مضمونن جي هڪ ٻي سهيڙ سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت عنوان هيٺ ڪتابي روپ ۾، ڊاڪٽر محبت جي ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي نرواري پئي وڃي ته جيئن هِن عالم ماڻهوءَ جي، پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ علمي-تنقيدي پيشڪش مان لاڀ پِرائي سگھجي.

هن ڪتاب جو پهريون مقالو /هِڪ/: حقيقت ڇا آهي؟ هڪ انوکو مقالو آهي، جنهن ۾ هڪ لفظ جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. هيءُ مقالو به، دراصل، ڊاڪٽر محبت جي ان علمي راءِ جو تسلسل آهي ته جيڪو به لفظ سنڌي ٻوليءَ جو مفرد/بنيادي/پهريتو سمجھيو ۽ سمجھايو وڃي ٿو سو حقيقت ۾ مفرد لفظ ناهي: پيڙهائتو لفظ اڃا اڳڀرو آهي.

ڪتاب جو ٻيو تنقيدي مقالو/اڀياس جامع سنڌي لغات جو جائزو هڪ بهترين ۽ استدلالي لکت آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ساراهه جوڳي ذهني ۽ علمي جاکوڙ ڪري، جامع سنڌي لغات جي جامعيت کي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ هڪ نئين روپ ۾ اڳيان آندو. ڇا اها حيرت جوڳي ڳالهه ناهي ته ...لغات جي پهرين جلد ۾ ڏنل لفظن مان 1155 لفظَ ...لغات جي پنجن ئي جلدن ۾، معنى لاءِ لفظ طور موجود نه هجن!؟ پر جيڪڏهن اهڙي جاکوڙ ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجين جلدن ۾ به ڪئي وڃي ته اهو تعداد ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ اهم ۽ اچرج جوڳي ڳالهه هيءَ به آهي ته انهن 1155 لفظن مان الف، ب ۽ ٻ سان شروع ٿيندڙ 343 لفظ ۽ اصطلاح، وڏِي محنت ۽ مشقت سان سوڌيل ۽ سنواريل پهرين جلد ۾ موجود ناهن! هڪڙي ٻي جاکوڙ هيءَ به ڪري سگھجي پئي ته رهيل چئني جلدن ۾ ڏنل الف، ب ۽ ٻ سان شروع ٿيندڙ ڪهڙا لفظ ۽ اصطلاح پهرين جلد ۾ ناهن ڏنا ويا؟ ان ڪري حقيقي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جامع سنڌي لغات کي بلڪل نئين سر سنواري، جامع بڻايو وڃي.

ٽيون مضمون الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ پڻ مدلل ۽ تنقيدي مضمون آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ متوقع رومن لکيت ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي جواب طور، ڊاڪٽر محبت لکيو. جيئن ته رومن لکيت جو وڏو حمايتي حليم بروهي صاحب رهيو آهي ۽ هن صاحب هلڪي ٻوليءَ ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن مانائتين شخصيتن تي اگرا ڇوهه ڇنڊيا، تنهنڪري ڊاڪٽر محبت هن مضمون ۾ مخاطب به بروهي صاحب کي ڪيو. ڊاڪٽر محبت پنهنجي عالماڻي رويي موجب، ذاتي مؤقف کي واضح ڪري ٻڌايو، ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ موجوده عربي-سنڌي لکيت ئي بهتر آهي.

چوٿون ننڍو مضمون آهي ته چُڪ ننڍڙي پر... ان غلطيءَ جي نشاندهي ٿو ڪري ته اسان کي لفظن، خصوصن اسمن جي شعوري توڙي لاشعوري طور ٿيندڙ/ڪئي ويندڙ غلطين، غلط اچارن ۽ تحريرن ڏانهن جوڳو ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ درست اچارن ۽ لکتن لاءِ اثرائتيون ۽ عملي ڪوششون وٺڻ گھرجن ۽ لفظن جي بگاڙ ۽ تبديل کان بچڻ گھرجي.

ڪتاب ۾ ڏنل پنجون ۽ آخري مضمون ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب جي هڪ انگريزي مضمون جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو 1994ع ڌاري ڊاڪٽر محبت ڪيو، پر ٻگھيو صاحب، ڊاڪٽر محبت جي جوڙيل سنڌي اصطلاحن ۽ ترجمي سان متفق نه ٿي سگھيو جنهنڪري اهو مضمون اَڻ ڇپيل ئي رهجي ويو، پر پوءِ ڪجھ تبديلين ۽ واڌارن سان ٻگھئي صاحب شايد پاڻ اهو مضمون ترجمو ڪري، پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين (1998ع) ۾ شامل ڪيو. ان ريت جيڪا محنت ڊاڪٽر محبت ان مضمون تي ڪئي ۽ وقت سيڙايو، سو ڄڻ ته اجايو ويو. مون اهو مضمون صرف ڊاڪٽر محبت جي ڪيل ان محنت ۽ وقت-سجائيءَ خاطر موجوده ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته هيءُ مضمون مٿي ڄاڻايل ۽ ڇپيل مضمون کان مواد ۾ ڪجھ قدر مختلف پڻ آهي، جنهن جو اندازو، ٻنهي مضمونن کي ڀيٽي، ڪري سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر محبت جي تنقيدي مقالن جي نسبت سان، مان ماهوار ڪينجھر حيدرآباد جي ايڊيٽر ناز سنائي صاحب کي اپيل ٿو ڪيان، ته هو مهرباني ڪري، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي تنقيدي مضمون ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي مقالي جو لسانياتي اڀياس (ٽماهي مهراڻ جنوري-مارچ 1995ع) جي جواب ۾ لکيل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي تنقيدي-علمي مقالي اڀياس جو اڀياس جي نقل ڪاپي ئي سهي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر کي ڏئي ته جيئن اڪيڊمي ان کي ڇپرائڻ جو بندوبست ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي حلقن آڏو پيش ڪري ۽ ٻوليءَ جي بهتريءَ لاءِ ڪيل هڪ علمي ڪوشش ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي، پنهنجو فرض نڀائي سگھي.

اميد ٿو رکان ته هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي مقالن ۽ مضمونن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن، لغت ۽ لکيت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

مهرباني.

                                                  رياضت ٻرڙو

     2-اپريل 2003ع، قنبر

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

هڪ ڳالهه هيءَ به ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دؤر جو نئون زنده ادب نه هوندو ته اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي وينداسون: جيستائين ادب جي اوسر جو هيءَ سلسلو قائم رکنداسين تيستائين اسان جو ماضيءَ جو ادب به اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو ۽ پري ٿيندو ويندو تان جو اهو اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو ــــــــــ جيئن ڪنهن ٻيءَ ڌاريءَ قوم جو ادب، ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي، ۽ اسان جي رهڻي ڪهڻيءَ جو نمونو، اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر ۽ دٻاءَ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو: ۽ هن حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي غيرمعمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي غيرمعمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪه سواءِ خسيس کان خسيس محسوسات جي، ٻي ڪنهن شيءِ جي محسوس ڪرڻ جي طاقت به نيست ۽ نابود ٿي ويندي.

- ٽِي. ايس. ايليٽ

/هڪ/

حقيقت ڇا آهي؟

/هِڪۡ/ سنڌيءَ ٻوليءَ جو هڪ عام مروج ٻول آهي، جنهن جي اصل، معنى ۽ مفهوم بابت جامع سنڌي لغات (ج س ل) ٻڌائي ٿي ته:

     هِڪُ: صفت:  ]سن. ايڪ[ هڪ جو انگ = هڪڙو - ڳاڻيٽي جو عدد - ايڪو (اصل سنسڪرت ايڪن آهي. اي معنى اچڻ ۽ ڪن معنى وڃڻ. ايڪن معنى پاڻيهي اچي پاڻيهي وڃي يعني اڪيلو - ڇڙهو. اڪين جو اچار ڦيرائي ايڪ، هيڪ، هڪ ۽ هڪڙو ٺهي ٿو).

يعني

/اي/۽/ڪن/ جي ميلاپ وسيلي ٺهيل مرڪب ٻول (Compound Word) /ايڪن/ هڪ ڌاتو ٻول آهي، ان جي لفظي معنى اچڻ وڃڻ آهي ۽ ان جي حقيقي اچار کي گَهٽائي ۽ ڦيرائي /ايڪ، هيڪ، هڪ ۽ هڪڙو/ جهڙا ٻول ٺاهيا ويا آهن!

انهيءَ سلسي ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جن جي وضاحت ۽ ان تي تبصرو هيٺ ڏجي ٿو:

     سنسڪرت جو اثر سنڌيءَ تي ڪيئن پيو آهي، ان لاءِ خود ڀيرومل مهرچند ئي لکي ٿو ته، ڪيترا پنڊت ڌرمي ڳالهين بابت بحث مباحثو ڪندا ئي سنسڪرت ۾ آهن...

۽ اهڙو اثر سنڌيءَ جي ڪن نحوي صورتن تي به پيو آهي، جنهن جا ڪجهه مثال ڀيرومل پنهنجي ڪتابن وڏو سنڌي وياڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڏنا آهن، جي هن ريت آهن...

انگن ۾ پهريون آهي هڪ يا هڪڙو، جو اصل سنسڪرت لفظ ايڪن آهي (سنسڪرت ۾ اي معنى اچڻ ۽ ڪن معنى وڃڻ ــــــــــ ايڪن معنى جو پاڻهي اچي وڃي.)

هڪ لفظ جو اهو اشتقاق به ڏاڍو عجيب چئبو!

(ليلا رام ڏيونداس رچنداڻي، سنڌي ٻولي ]1989[ ص 38-39)

لفظ جو اهو اشتقاق عجيب ڀانئجي يا نه، سنڌيءَ جي ڪجھ عالمن ايڪن کي ئي هڪ جو ڌاتو، بنياد يا اصل سڏيو آهي.

مرزا قليچ بيگ جن هڪ جو ڌاتو ايڪ ٻڌائن ٿا:

     عددن جو اصل: سنڌي ڳاڻيٽي جا لفظ، يا عدد شماري توڙي قطاري، سڀ پراڪرت جي معرفت سنسڪرت مان ورتل آهن. هِڪ سنسڪرت ايڪ ۽ پراڪرت ايڪ مان نڪتل آهي. هندي به ايڪ آهي.

(سنڌي وياڪرڻ 4-ڀاڱا ]1992[ ص 244)

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جن پنهنجي ڪتاب دي گرامر آف سنڌي لينگئيج ]1872[ (ص 185) ۾ چيو آهي ته سمورا سنڌي انگ پراڪرت وسيلي سنسڪرت مان ڦيرايل/ورتل آهن ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جن اتان اهو ٽڪرو کڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد ]1974[ (ص 77) ۾ بنا ڪنهن تبصري جي آندو آهي.

يعني

ايڪ بنيادي لفظ آهي ۽ هڪ انهيءَ تان ٺهيو آهي، جڏهن ته ايڪ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. انهن صاحبن ايڪن لفظ جو ذڪر نه ڪيو آهي.

سراج صاحب جن سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي قديم ترين ۽ بنيادي ٻولين مان هڪ سمجھن ٿا ۽ پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان ڦٽي ۽ بگڙي نڪتل ٻولي نه ٿا سمجھن. اڃا به سنسڪرت جي ڪيترن ئي ٻولن کي سنڌي ٻوليءَ جي سرچشمي مان آيل سمجھن ٿا (اهو مڃيندي ته سنڌيءَ جا ڪيترائي ٻول سنسڪرت اصل مان آهن) سندن راءِ:

     سنڌيءَ جي قدامت جو هڪ وڏو ثبوت انگن مان به ملي ٿو. سنڌيءَ جي انگن مان  معلوم ٿئي ٿو ته هند-آريائي زبانن مان پراڻي ۾ پراڻي صورت سنڌي انگن جي آهي. سنڌي هڪ کي اسين ايڪو به چئون. ٻين ٻولين ۾ اهو ٻنهي صورتن ۾ موجود آهي. سنسڪرت اڪ ۽ ايڪ، هٽي ــــــــــ ايڪ ۽ هيڪ (اويستا ــــــــــ آيئوا، يوناني ـــــــــ ايئس، لئٽن ــــــــــ اونس، گاٿڪ ـــــــــــ اِنيس.) سنڌي هڪ جو مثال ان جي وقتي شمار جي صورت هيڪر، اويستا هيڪرت مان ملي ٿو.          (سنڌي ٻولي ]1964[ ص 61)

يعني

هڪ ۽ ايڪ (ايڪو) سنڌي ٻوليءَ جا ٻول آهن ۽ ائين ئي سنسڪرت ۾ اڪ ۽ ايڪ ۽ دنيا جي ڪجھ ٻولين ۾ لڳ ڀڳ اهڙو اچار رکندڙ ٻول موجود آهن. سندن راءِ مان پڌرو ٿئي ٿو ته هڪ ۽ ايڪ (ايڪو) کي سنڌي ٻوليءَ جو اصلوڪو ۽ بنيادي ٻول سمجھن ٿا پر جتي ڪنهن هڪ لفظ لاءِ ايڏو اختلاف راءِ موجود هجي اتي اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪجھ وڌيڪ مضبوط دليلن جي گھرج رهي ٿي.

چَيمبرس ڊڪشنري One (وَن = هڪ) لاءِ ٻڌائي ٿي ته اهو ٻول پراڻي انگريزي (Old English) ۾ an (اين = ]اي[ + ]ن[)، پراڻي نورِس ۾ einn (ائِن)، جرمن ۾ ein (اِين يا اِئن)، لاطيني ۾ unus (اُونَس) ۽ يوناني ۾ eine (اَئني يا اوئني) آهي. اڄوڪي انگريزي ۾ مروج a (اي) بابت وڌيڪ چوي ٿي ته اهو ٻول پراڻي انگريزي جي an جي ٽٽل صورت آهي جيڪو ڪنهن وينجن (Consonant) سان شروع ٿيندڙ ٻول جي آڏو اچي ٿو. (جملي ۾ هڪ جو مفهوم پيدا ڪري ٿو.)

سنڌي ٻوليءَ ۾ /هڪ، هيڪ، ايڪ ۽ اِڪ/ کي بنيادي ٻول طور شامل رکندڙ هيٺيان لفظ موجود آهن:

     هڪڙو: ذ. صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ هڪ - واحد - ڇڙو - اڪيلو - نجو - يڪو.

-   هِڪڙائي، هڪڙِي.

     هيڪُ ج هيڪا: ذ. صفت. هڪ - هڪڙو - هڪ ڄڻو - هڪ عدد - ڇڙو.

- هيڪا ڌئا، هيڪار، هيڪان، هيڪاڻي، هيڪاهه، هڪائي (هيڪايون)، هيڪر، هيڪڙ، هيڪڙانڊ، هيڪڙائي، هيڪڙو، هيڪلاڻ، هيڪلائي، هيڪلو (هيڪلا)، هيڪلي (هيڪليون)، هيڪو (هيڪا)، هيڪوٽو (هيڪوٽا)، هيڪونڊو (هيڪونڊا)، هيڪوڻ، هيڪوڻائي، هيڪوڻو، هيڪاري، هيڪاند، هيڪاندو (هيڪاندا).

     هيکل (ت): صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ اڪيلو - اڪيلي سر.

-   هيکلو (هيکلا).                         (ج س ل)

     هيڪاند: (سن. ايڪانۡت). گڏجڻ، ملاقات.

(تحقيق لغات سنڌي)

     ايڪانَت: (سن. ايڪانَت. ايڪ = هڪ+اَنَت = حد. 0 اَنت = ٻڌڻ)، اڪيلائي، نويڪلائي، گوشهء نشيني.

     ايڪتا: (سن. ايڪَتا. ايڪ = هڪ. 0 اِڻ =وڃڻ)، ايڪو، اتحاد، ٻَڌي.                              (سامي ڌاتو ڪوش)

     ايڪاسي: (گ. ايڪاسي. پرا. ايڪاسِ. سن. ايڪاشيت) اسي ۽ هڪ.

     ايڪانوي: (سن. ايڪانَــوَتِ) نوي ۽ هڪ.

     ايڪٽيهه: (پرا. ايڪَتِيس. سن. ايڪَتۡرِنشَتۡ) ٽيهه ۽ هڪ.

     ايڪونجاهه: (گ. ايڪاوَن. پرا. ايڪاوَنَ. سن. ايڪَپَنچاشَتۡ) پنجاهه ۽ هڪ.

     ايڪهتر: (گ. ايڪوتيرَ. سن. ايڪشَپۡتَ) ستر ۽ هڪ.

     ايڪهٺ: (گ. ايڪَسَٽَ. سن. ايڪَشَشت) سٺ ۽ هڪ.

     ايڪيتاليهه: (سن. ايڪَچِتوارِنشَت) چاليهه ۽ هڪ.

     ايڪيهه: (سن. ايڪَوِنشَت) ويهه ۽ هڪ.

(ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، تحقيق لغات سنڌي ]1980[)

     ايڪ: صفت. ]سن. ايڪ[ هڪ - واحد - هڪڙو.

-  ايڪادَسِي، ايڪادَشِي: ث. ]سن. ايڪادَشي[ سنڌي مهيني جي يارهين تِٿَ (جنهن تي هندو ورت رکندا آهن) - گيارس.

-   ايڪائي، ايڪڙ ٻيڪڙ، ايڪلائي (ايڪلايون)، ايڪلڌارو (ايڪلڌارا).

     ايڪلو ج ايڪلا: ذ. صفت. ]سن. ڪيوَلَ[ هڪ - اڪيلو - هيڪلو - تنها - ڇڙو. (ث) ايڪلي ج ايڪليون.

     ايڪو ج ايڪا: ذ. صفت. ]سن. ايڪ[ هڪ - هڪڙو (عدد) - هڪ درجي وارو انگ (1 کان 9 تائين). ايڪتا - اتحاد - ٻڌي. هڪ ڍڳي واري گاڏي - ڇڪڙو.

-   ايڪواڻِي (ايڪواڻيون)، ايڪوائي (ايڪوايون).

     ايڪوتَر ج ايڪوترو: صفت. ]سن. ايڪ + اُتَّر[ هڪ سيڪڙو - سَوَ تي هڪ (وياج).

     ايڪهڻو ج ايڪهڻا: ذ. ]سن. ايڪ + آهار[ ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو کاڌو...

     ايڪيتالُ: ذ. واپارين جي اصطلاح ۾ هڪ مڻ ۾ چاليهن سيرن بدران ايڪيتاليهن سيرن جي تور.           (ج س ل)

     اِڪِي: صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ اهو عدد جو ٻن سان نه ونڊجي سگھجي. ٻڌيءَ جو ضد.

     اِڪو ج اِڪا: ذ. صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ يَڪو - هڪڙو - هڪ عدد.                                       (ج س ل)

     اڪيلو: (سن. ايڪَ. هه. لا پڇاڙي)، نرالو، هڪ ڄڻو، ڇڙو.

(تحقيق لغات سنڌي)

مختلف ٻولن جي معنى ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي /يَڪو/ ٻول پڻ ڪم آيو آهي. بهتر آهي ته ان جي جاچ به ڪري وٺجي.

     يَڪۡ: ذ.صفت. ]ف[ هڪ - ايڪ - واحد - اڪيلو...

-  يڪتارو (يڪتارا)، يڪ تَهو، يڪ جاءِ، يڪدم، يڪ رنگو، يڪ زبان، يڪ مَنو، يڪتا.

     يَڪو ج يَڪا: ذ. صفت. ]ف[ واحد - هڪ.

     يَڪُو ج يَڪُو: ذ. صفت. هڪ اک وارو - ڪاڻو...

     يگان: ذ. ]ف. يَڪ+گان[ اڪيلو - واحد - هڪڙوئي.

-   يگانو (يگانا)، يگانگي (يگانگيون)            (ج س ل)

/هڪ، هيڪ، اڪ ۽ ايڪ/ سان گڏ، ليکڪ جي سڌ آهي ته /يَڪ/ کي به ذهن ۾ رکيو وڃي.

انهن، مٿي ڏنل سڀني ٻولن جي وچ ۾ معنوي ۽ اصطلاحي حوالي سان هڪ ساڳيائپ موجود آهي، اهي پاڻ ۾ هڪ گھاٽو ناتو رکن ٿا. اهي ڪنهن ساڳي ئي ڌاتو ٻول مان اڀرن ٿا/نڪتل آهن ۽ ان ڪري ئي اشتقاق ۾ هڪ جھڙي معنى ڏانهن اشارو ڪن ٿا. انهن جي وچ ۾ معنوي فرق ساڻن ڳنڍيل پڇاڙين (suffixes) جي ڪري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com