سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :10

ملاحن جا گيت

 

ھڪ ٻيڙيءَ تي بار کڻڻ يا زور لڳائڻ لاءِ ترنم سان جيڪي گيت چوندا ھئا، تن جو ھڪ نمونو ڏجي ٿو. ھي گيت معلوم ٿئي ٿو تھ سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جو آھي:

ھا، ھا، .......... ھئيسا

سا، سا ......... ھئيسا

مانجھا ......... ھئيسا

سنڌو .......... ھئيسا

ماتا .......... ھئيسا

جندا .......... ھئيسا

پيرا .......... ھئيسا

تيز ٽون:

دريا ڏنا......... ھئيسا، ھئيسا

بلوان بنا....... ھئيسا، ھئيسا

درياه ڪنا..... ھئيسا ھئيسا

درياھھ داڙو....... ھئيسا ھئيسا

ٻيڙا لاڙو.... ھئيسا، ھئيسا

ڇمر ڇوڏا..... ھئيسا، ھئيسا

لھرا لوڏا..... ھئيسا، ھئيسا

شو شناجي.... ھئيسا، ھئيسا

وشنو وانجھي.. ھئيسا ھئيسا

پار لگاوي، ..... ھئيسا ھئيسا

ڪرشن آوي..... ھئيسا، ھئيسا.

ڪوبھ بار، آڏ يا شيکلو (کوھو) مٿي کڻڻ وقت ھڪ مھاڻو ترنم سان مٿي ڄاڻايل گيت جا لفظ چوندو ويندو ھو ۽ ٻيا گڏجي يڪساھيءَ ”ھئيسا، ھئيسا“ چوندا ۽ گڏوگڏ زور لائيندا ويندا ھيا، جنھنڪري ڳرو بار کڄي پوندو ھو.

ھي اھي گيت آھن، جن کي ملاح ھلندڙ ٻيڙيءَ دوران يا ڪناري تي زور لائڻ وقت چوندا ھئا. ان کان اڳي رڳو درياھھ شاھھ کي ’وينتيون‘ ڪندا ھئا.

ٻيڙي ڌڪڻ کان اڳ ڪي منتر بھ پڙھيا ويندا ھئا، جيڪي ٻيڙي ٻني لڳڻ لاءِ ھڪ دعا جي برابر ھوندا ھئا.

مسلمانن جي دؤر جا گيت:

ھيلي يالا (لله)، ...... ھيسا!

يا لا (لله) موليٰ.... ھيسا!

مولا سائين..... ھيسا!

پار پڄائين..... ھيسا!

ترھو تارين..... ھيسا!

سير اڪارين.... ھيسا!

لله واھي..... ھيسا!

ترھا الاھي..... ھيسا!

الھٰي ھنجھو...... ھيسا!

جوان جھجھو..... ھيسا!

مھر مدينا..... ھيسا!

ساھيو سينا...... ھيسا!

حجنا حاجي...... ھيسا!

مڪي ۾ شادي...... ھيسا!

مڪا منارا...... ھيسا!

درياھھ ڪنارا....... ھيسا!

درياھھ داڙو........ ھيسا!

لشڪر واڙو....... ھيسا!

لشڪر غورابُ....... ھيسا!

شيشن شرابُ....... ھيسا!

شيشن ماھي....... ھيسا!

سڀ سڻائي...... ھيسا!

اڃا ٻيا بھ ڪي لفظ (گيت جا) ملاح بار کڻڻ وقت، گڏجي زور لڳائڻ ۽ جوانن کي ھمت ڏيارڻ لاءِ ترنم ۾ چوندا ھئا. ان عمل کي ’جاب‘ يا ’جباب‘ چوندا ھئا. ھڪ ملاح ترنم سان چوندو ھو: ’ھيلي ..... يالا‘ تھ زور لڳائڻ وارا ’ھيسا‘ لفظ چئي گڏيل زور لڳائيندا ھئا. اھو نمونو ھڪ ٿي زور لڳائڻ لاءِ ھئو. آڏ گھيرڻ کان پوءِ ان کڻڻ وقت زور لائڻو ھوندو ھو تھ ٻيا بھ ڪي گيت چوندا ھئا، جن مان لوڪ گيت، ’مانجھيئڙو‘، بھ ھڪ ھو، جنھن جا آلاپ ڪجھھ ھن ريت ھئا:

مانجھي او!

مانجھي او، ڪنارو دور!....

مانجھي او....! – ٻيڙيءَ پور، ڪريون ڪور......

مون کي پراڻي دؤر جو ڪو ملاح ملي نھ سگھيو، جنھن کان مڪمل گيت پڇي نوٽ ڪريان ھا، اڀريي خان ملاح بھ چند بند ٻڌايا، جيڪي ھتي ڏنا اٿم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org