سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :3

ٻيڙين کان اڳ ۾ ترڻ جا سنڊ

 

اوائلي دؤر ۾ جڏھن انسان درياھھ جي ڪنارن تي اچي آباد ٿيا ۽ درياھھ جون مڇيون ماري کائڻ لڳا، تڏھن کين درياھھ ۾ ترڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ضرورت ايجاد جي ماءُ آھي. ۽ ھنن درياھھ ۾ ترڻ لاءِ پھريائين ڪکن جا ترھا ٺاھيا. سنڌو درياھھ جي ڪنارن سان ڪانھن ۽ سر ھئا، جيڪي وڍي ۽ سڪائي، انھن جا ترھا ٺاھيا ويا، جن تي ھڪ، ٻھ. يا وڌيڪ ماڻھو درياھھ ۾ تري سگھندا ھئا. اڳتي ھلي ترھي کي وڏو ڪري، سرن يا ڪانھن جي ڇپري ٺاھي، ان کان ’سڙھھ‘ جو ڪم ورتائين.

·        بُنڊ: ٻيڙين جي رواج کان اڳ ۾ ڪاٺ جا سڪا بنڊ درياھھ ۾ لاھي، انھن تي ماڻھو ترندا ھئا. اڄوڪي دؤر ۾ بھ درياھھ جي ڪپ وارا ماڻھو بُنڊن تي تري پار ويندا آھن.

·        تر/تريون: ماڻھن ۾ وڌيڪ سوچ اچڻ کان پوءِ وڏن ٿلھن ٿڙن کي ڳولي، انھن جي وچ مان بوکر ڪڍي، ٻيڙيءَ جيان ٺاھيائون، جن تي ٻھ ٽي ماڻھو آسانيءَ سان تري سگھندا ھئا. لوھھ واري زماني ۾ وڏي ڪاٺ کي وچ تي خانو ٺاھي، ان جو اڳيون ۽ پويون حصو، ڪھاڙيءَ سان تري ٺاھي، تريون بنائي، ٻيڙيءَ وانگر ھلائيندا ھئا. اھو ڄڻ تھ ٻيڙيءَ جو بنيادي تصور ھو.

·        ماٽي (ٺڪر جي)، مٽ، دلو: ٺڪر جي ماٽي، مٽ دلو پڻ ترڻ جي ڪم ايندا آھن.

·        ٽلو: پنج ست يا وڌيڪ ڪاٺ جا بنڊ ھڪ ٻئي سان ڪانھن جي وٽيل نوڙين سان ٻڌي ٽلو ٺاھيندا آھن، جنھن تي ڪافي ماڻھو ويھندا آھن. ٽلي کي لئيءَ جي لڪڙي سان، (جنھن کي پنڃر چئجي ٿو)، ھلائيندا آھن. ماني وغيره بھ ان تي ڪئي ويندي آھي.

·        تنبو: ڪدوءَ جا تنبا بھ ترڻ جي ڪم ايندا آھن. ماڻھو تکي ترڻ لاءِ تنبي کي سٽ جي ڌاڳن سان ’اٽھھ‘ وجھي چيلھھ ۾ ٻڌي ترندا آھن.

·        سيڻھھ يا سيڻاھھ: سيڻھھ يا سيڻاھھ ٻڪريءَ جي کل مان ٺھندي آھي. سيڻھھ کي پوين ٽنگن ۾ اٽھھ پيل ھوندا آھن، جن ۾ ’سيڻاھيو‘ ٻئي ٽنگون لنگھائي، سيڻھھ کي ڦوڪيندو آھي. سيڻھھ کي ڦوڪڻ کان پوءِ ھو سيڻھھ کي ارھھ ۾ آڻي، سيڻھھ جي ھوا واري نڙي ڏندن جي وچ ۾ ڏيندو آھي ۽ زبان جي چوٽيءَ سان ھوا بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ ھوا گھٽجڻ تي ان کي ٻيھر ڦوڪي بھ سگھندو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org