سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :4

سنڌو درياھھ جي ٻيڙين جا قسم

 

سنڌو درياھھ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ٻيڙيون وھنديون رھيون آھن. ماضيءَ ۾ سمورو درياھھ ٻيڙين سان ڀريو پيو ھوندو ھو. ھاڻي سنڌو سڪندو پيو وڃي تھ لطيف سائينءَ جو ھيءُ بيت ياد اچي ٿو:

نھ سي تڙ ھوڙاڪ، نھ وايون وڻجارن جون،

سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ.

ھاڻي اھي ٻيڙين جا نمونا ختم ٿي ويا آھن. پتڻن تي جيڪي ٻيڙيون ھونديون ھيون، اھي بھ ڌاڙيلن جي ڪاررواين جي ڪري حڪومت بند ڪرائي ڇڏيون آھن. بھرحال، سنڌي زبان جي انھن عجيب لفظن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ھتي ٻيڙين جا نالا ڏنا وڃن ٿا:

ڪونتل ’بتيلو (بنا پاتاري)، پاتاريءَ سان ڪؤنتل، پاتاريءَ سان بتيلو، جھمٽي، دنگي، ڪٽارو، ڊونڊي، ھڙيو يا ھڙھيو، ڪؤنٽيو، گاليو، مڪڙي، تراز، ناؤ، وانءِ، ڇوڏو، نيه.

·        ڪؤنتل: ڪؤنتل ٻيڙي، سنڌي ٻيڙين ۾ سھڻي ٻيڙي آھي. ڪؤنتل جا مھرا سوڙھا ۽ پلاند ڊگھا ٿيندا آھن. چيو وڃي ٿو تھ ڪؤنتل مھراڻ مھاڻي جي ٺھيل ٻيڙيءَ جي نموني تي ٺھندي آئي آھي. ١٩ صديءَ جي شروعات جي وڏي ٺھيل ٻيڙي (ڇو تھ ان کان اڳ ۾ وڏيون ٻيڙيون عام موجود ھيون)، جيڪا ھڪ سؤ خرار (ٽي ھزار مڻ) پڪي ان جو بار کڻندي ھئي، ان جو نالو ’محفل‘ ھو. محفل ٻيڙي مانجھندن جي ھڪ ھندو سيٺ جي ٺھرايل ھئي، جيڪا ١٩٤٠ع تائين درياھھ تي وھندي ھئي. آخر ۾ اھا ٻيڙي پندرھن سورھن سال ’رڪڻ تڙ‘ جي ملاح ’گل‘ وٽ موجود ھئي. ان محفل ٻيڙيءَ تي ويھھ جوان ڪم ڪندا ھئا.

·        گرڙ بتيلو: ھي بتيلو سکر جي ھڪ ملاح ارڙھينءَ صديءَ جي آخر ۾ ٺھرايو ھو، جيڪو محفل ٻيڙيءَ کان بھ گھڻو بار کڻندو ھو.

اڻويھين صديءَ ۾ ٻي ٻيڙي، جيڪا ڪراچي حيدريءَ ۾ ٺھي ھئي، اھا پھرين سنڌي ٻيڙي ھئي، جيڪا سامونڊي تڙ تي ٺھي ھئي، جنھنڪري ان جو نالو ’ڪراچي‘ رکيو ويو ھو، اھا ٻيڙي سيتا ڳوٺ جو ناکئو محمد ھاشم سيتائي ۽ سندس ڀائر ھلائيندا ھئا.

·        بتيلو (بنا پاتاري): ڪؤنتل ۽ بتيلي ۾ فرق ھيءُ ٿيندو آھي تھ ڪؤنتل جا پلاند ڊگھا ۽ مھرا سوڙھا ٿيندا آھن. بتيلو پلاند يعني ڊيگھھ ۾ سوڙھو ٿيندو آھي ۽ ان جا مھرا ڪؤنتل کان ويڪرا ٿيندا آھن. باقي جمڙدو ۽ ڳڙھھ ڳلي ساڳي ڪؤنتل جھڙي ھوندي اٿس. پاتاريءَ واري ڪؤنتل ۽ پاتاريءَ واري بتيلي کي وڌيڪ رڳو پاتاري، جمڙدو ۽ ڳڙھھ ھوندا آھن. بنا پاتاريءَ واري ٻيڙيءَ کي جمڙدو، ڳڙھھ جي مٿان لڳندو آھي، باقي ٻيا سامان ساڳيا ٿيندا آھن. ڪؤنتل يا بنا پاتاري بتيلي ۾ر ڳو پاتاريءَ وارو حصو نھ ھوندو آھي.

·        جھمٽي: جھمٽي بھ ڪونتل ٻيڙيءَ کي چئبو آھي، جيڪا نئين تيار ٿي درياھھ ۾ لھندي آھي. اوائلي زماني جي ڏندڪٿائي روايت موجب نئين ٻيڙيءَ کي تيتر نھ وھائيندا ھئا، جيتر ديوتا ان ٻيڙيءَ تي سير نھ ڪندا ھئا؛ ان ڪري، ٻيڙيءَ کي ٻنھي مھرن تي موڙ سجائيندا ھئا: مرولون، بانبٽا ۽ بانبٽيون لڳائيندا ھئا، جشن ملھائيندا ھئا ۽ شو مھراج کي راضي رکڻ لاءِ ٻل چاڙھيندا ھئا. واسو ٿيڻ کان پوءِ جھمٽي درياھھ شاھھ تي ھلندي ھئي. مسلمان ملاح بھ جھمٽيءَ کي سينگاري، پھرين پنھنجي مرشد کي ٻيڙيءَ تي چاڙھي سير ڪرائيندا ھئا. اھڙي جشن ۾ عورتون ھڪ لوڪ گيت، سھرن وانگر چونديون ھيون:

حضرت پير چڙھھ جھمٽيءَ تي،

پير رکندو آ مرشد تون!

جھمٽي، ٻيڙيءَ جو ڪو خاص قسم ناھي، پر نڪور ٻيڙي جڏھن درياھھ ۾ لھندي آھي ۽ ان کي سينگاربو آھي تھ ان ٻيڙيءَ کي ’جھمٽي‘ چوندا آھن.

·        دنگي: دنگيءَ کي ’ڪنڊي واري ٻيڙي‘ بھ چوندا آھن، دنگي درياھھ ۾ بھ وھندي آھي ۽ سمنڊ ۾ بھ وھندي آھي. واڻ/ واھڻ ٻيڙا پڻ دنگيءَ جي نموني ٺھيل ھوندا آھن.

·        واڻ يا واھڻ: ھي ٻيڙا وڏا ٺھيل ھوندا ھئا، جن کي غورابُ بھ چوندا ھئا. اھي سنڌو درياھھ جي بندرن تي ٺھندا ھئا ۽ انھن جون مرامتون بھ ملاح پنھنجن پنھنجن تڙن تي ڪرائيندا ھئا. اھي ٻاھران واپار ڪري سنڌ ۾ آڻيندا ھئا ۽ سنڌ مان سامان کڻي ٻاھرين ملڪن ڏانھن ويندا ھئا.

·        ڪٽار: ڪٽار ٻيڙي پڻ دنگيءَ جھڙي ئي ٿيندي آھي، پر ان جو تر سڌو ھوندو آھي. ڪٽار کي ڪنڊي وارو تر نھ ٿيندو آھي. ڪٽار بار کڻڻ يا پتڻ جو ڪم ڏيندي آھي. ڪٽار کي ننڍي ٻيڙي ھئڻ ڪري بتيلو بھ چوندا آھن. ھن جو مھرو سوڙھو ٿيندو آھي. ھن ۾ ھڪ ٿلھي ڦرھي اڳيان لڳل ھوندي آھي، جيڪا سونڍ جو ڪم ڏيندي آھي. وڏين ڪٽارن کي لڪ مٿان چئن منين تي دالان بيھاريندا آھن. ڪٽار ڪاھڻ ۾ آسان ۽ ھلڪي ھوندي آھي، ڪٽار ٻيڙي، ڪشميري ٻيڙين سان پڻ نسبت رکي ٿي. ياد رکڻ گھرجي تھ دنگيءَ کي ڪٽار نٿو سڏي سگھجي.

·        ڊونڊي: ڊونڊيءَ جو نمونو ڪؤنتل جھڙو ھوندو آھي. ڪؤنتل چئن پنجن سون مڻن کان ٽن ھزار مڻن تائين يا ان کان بھ وڌيڪ بار کڻندڙ ٻيڙي ھوندي آھي، جڏھن تھ ڊونڊيون اڪثر مڇي مارڻ جي ڪم اينديون آھن. ڊونڊي ٻيڙيءَ جو سڙھھ مستطيل جھڙو ھوندو آھي. ڪن واھن تي ڊونڊيون پتڻ جو ڪم بھ ڏينديون آھن. ڊونڊيءَ کي ڳن جو ’سکان‘ ٿيندو آھي ۽ ڳن جي زور تي ڊونڊي اور پار آڻي سگھبي آھي. ڳن موڙي ڊونڊيءَ کي ھلائبو آھي.

·        ھڙھيو: ھي ڪٽار کان ننڍو ٿيندو آھي ۽ مڇيءَ مارڻ جي ڪم ۾ ايندو آھي. سڙھھ واري ھڙھيي کي ويڻو ٿيندو آھي، ان کان سواءِ ڳن بھ ٻڌل ھوندو اٿس. اڳئين زماني ۾ ننڍا ھڙھيا وڏين ٻيڙين تي رکيل ھوندا ھئا ۽ ضرورت وقت پاڻيءَ ۾ لاٿا ويندا ھئا. وڏي ٻيڙي درياھھ ۾ بيھندي ھئي تھ ھڙھيا پاڻيءَ ۾ لاھي، ملاح ۽ پاتڻي انھن ۾ چڙھي ڪناري تي پھچندا ھئا. ڪنارن وٽ جيڪڏھن پاڻي تانگھو ھوندو ھو ۽ وڏي ٻيڙي ڪناري کان پري ٿي بيھندي ھئي تھ پوءِ ھڙھيي تي ملاح چڙھي ڪناري پھچندا ھئا.

·        ڪؤنٽيو: ننڍڙن بتيلن کي ’ڪؤنٽيو‘ چوندا آھن. ڪؤنٽيا، تر جو سڌريل نمونو آھن. ڪونٽيا ھلڪا ٿيندا آھن ۽ انھن کي ڪم لاھڻ کانپوءِ ٻھ ماڻھو مٿي سڪيءَ تي کڻي رکندا آھن. ڪؤنٽيا مڇي مارڻ جي ڪم بھ ايندا آھن. تھ پتڻن تي ھڪ ٻن ماڻھن کي تڪڙي پھچائڻ لاءِ بھ استعمال ڪيا ويندا آھن. ڪؤنٽئي جي جوڙجڪ ڪٽار جھڙي ھوندي آھي.

·        گاليو: گاليو بھ ھڙھئي جھڙو ٿيندو آھي. گاليو خاص ماڻھن جي سير لاءِ ڄڻ تھ ھڪ ننڍو ھڙھيو ھوندو آھي، جنھن ۾ بئنچون ٺھيل ھونديون آھن، جن تي بخمل جون گديون بھ رکيل ھونديون آھن. ملاح اھي گاليا سير تفريح لاءِ خاص تيار ڪري بيھاريندا آھن، جن ۾ سير تفريح جا شوقين ماڻھو چڙھي درياھھ جو چڪر لڳائي وٺندا آھن.

·        نيه: لطيف سائينءَ نيه لفظ ٻيڙيءَ لاءِ ڪم آندو آھي. ’نيه‘ کوڙيل ڪاٺيءَ يا منيءَ کي بھ چئبو آھي، پر ھتي مطلب ٿيو پڳھھ لڳل ٻيڙي.

مان پڇنئي سپرين، چيتاريج چت،

دائما دربيءَ ۾، پسين ولاتن وت،

نيه ڏيکاري نت، ملاح گڏ معلم سين.

·        مڪڙي: ھر نموني جي ٻيڙيءَ کي ’مڪڙي‘ چيو ويندو آھي. سنڌ جي مشھور شاعر، خليفي گل محمد ’گل‘ پنھنجي شعر ۾ مڪڙي لفظ ھيٺينءَ ريت ڪم آندو آھي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ مڪڙي، ٻيڙيءَ جو ئي ٻيو نالو آھي:

ڇوڙ مڪڙي، بيھھ م، وٺ رس، جوان رڙھھ،

ھير جي ساڄي لڳئي، کڻ جلد سڙھھ.

                لطيف سائينءَ پڻ چيو آھي تھ:

تن تنيندو آءُ، مک ڏيھاڙي مڪڙي!

·        تراز يا ترازو: ھيءَ دنگي نما ٻيڙي ٿيندي آھي. اڳئين زماني ۾ سمنڊ ۾ وھندڙ واھڻ يا واڻ، جيڪي جوڙجڪ ۾ دنگيءَ جھڙا ھوندا ھئا، پر سندن نمونو انھن کان ٿورو مٽيل ھوندو ھو، ان قسم جي ٻيڙيءَ کي ’تراز‘ چوندا ھئا. تراز ڪنارو ڏئي وھندا ھئا. واھڻ کان ھلڪا ھوندا ھئا، ۽ واءَ جي ڌپي تي بھ ھلندا ھئا. لطيف سائينءَ پڻ ’ترازو‘ يا ’تراز‘ کي ڳايو آھي.

دنگي ھن درياھھ مان، ھلائي ھاڪاري،

’ترازو‘ تاري، ستڙ سڀيئي ڪري.

·        نائو/ناؤ: سنڌونديءَ جي ڊيلٽا وٽ درياھھ چرا چرا ٿي ويندو آھي. انھن چرن يا پاڻيءَ جي ڀاڱن کي ملاح ’نائو‘ چوندا آھن. خود سمنڊ پڻ ڪنارن ۾ اندر نھر وانگر لنگھي ويندو آھي، تھ ان کي بھ نائو چوندا آھن. ’نائن‘ ۾ ھڪ مخصوص قسم جون ٻيڙيون وھنديون ھيون، جن کي ’نائو‘ چوندا ھئا. ’نائو‘ سامونڊي مڇي مارڻ جو ڪم ڏيندي ھئي. ھندي ۽ بنگاليءَ ۾ پڻ لفظ ’ناؤ‘ ٻيڙيءَ لاءِ ڪم ايندو آھي.

·        وانءِ: وانءِ ھڪ ٻيڙيءَ جو قسم آھي. قديم زماني جا ملاح بندرن تي ھن ٻيڙيءَ کان اوطاق جو ڪم وٺندا ھئا. جيڪي سامونڊي يا درياھي ملاح پيرسن ٿي ويندا ھئا، سي پنھنجن بندرن تي ھڪ ڪؤنتل ٻيڙي، خاص پنھنجي وندر لاءِ بيھاريندا ھئا، جنھن ۾ محفلون ڪرائيندا ھئا. ڪيترن ڳوٺن کي ان حوالي سان ’وانءِ‘ بھ سڏيو ويندو آھي، جيئن: چنن جي وانءِ، سومرن جي وانءِ وغيره.

·        ڇوڏو: ملاح اڪثر انڪساريءَ مان چوندا آھن تھ ”ادا مڙيئي ’ڇوڏڙي‘ تي پيا روزگار ڪريون“. ڇوڏو، ٻيڙيءَ کي سڏيندا آھن. ملاح ان ڳالھھ کي تڪبر سمجھندا آھن، جو چئجي تھ ”ادا! ’ڪؤنتل‘ جا ملاح آھيون“. ائين چوڻ سان پاڻ کي مٿڀرو سمجھڻ جو احساس پيدا ٿو ٿئي، ان ڪري ملاح نماڻائيءَ مان چوندا آھن: ”ڇوڏي تي پيا ھلون.“ اھو لفظ محاوري طور استعمال ٿيندو آھي، باقي ڇوڏو ٻيڙيءَ جو ڪو خاص قسم نھ آھي.

 

پنجاب جي ٻيڙين جا قسم:

                ھيٺ انھن ٻيڙين جا نالا ڏجن ٿا، جيڪي سنڌو درياھھ جي سنڌ وارن بندرن تي وھنديون ھيون:

                (١) زئونرڪ، (٢) بگوچڻ، (٣) نامڪڙي، (٤) ڊونڊو

·        زئونرڪ: ھي ٻيڙيون پنجابي ’ڦمڻا‘ مھاڻا ھلائيندا ھئا، جيڪي اڪثر سنڌ جي بندرن تان مال کڻندا ۽ لاھيندا ھئا. زئونرڪ جا مھرا وڍيل ھوندا آھن. زؤنرڪ کي بھ اڏو ٿيندو آھي، جنھن تي کوھو بيھاربو آھي. ھن کي بھ ساڳيا لاڄو، تاليا، پوٺي ۽ رسا ٿيندا آھن. زئونرڪ پنجاب جي مھاڻن لاءِ ڪؤنتل جي برابر آھي. زئونرڪ تي پاتاري يا واڙا ڪونھ ٿين. ڪھل يا ڪيل قبيلي جا ماڻھو پنجاب جي ٻيڙين جا ملاح آھن. ڪھلن يا ڪيلن جو بنيادي علائقو ٿل ڪئنال ۽ سنڌو درياھھ جي وچ وارو پاسو آھي. اھو علائقو ضلعي ميانواليءَ ۾ آھي. ڪھل اٿڻي ويھڻيءَ ۾ اوائلي دؤر جي ماڻھن وانگر لڳندا آھن. اھي ڪميون، سيسر، ٻلھڻيون ۽ لڌڙا کائيندا آھن. چوندا آھن:

’جا پلجي پاڻيءَ ۾، سا مڇي ڪني ڪوھھ‘.

ڪي ڪھل پوئين دور ۾ مسلمان ٿيا، جن کي ’ديندار‘ چوندا آھن. ڪھل درياھھ جي ٻيٽ تان سنھي لڪڙ وڍي کارا ٺاھيندا ھئا. ھاڻي ڪي ٿورا بچيل ڪھل ۽ ديندار کارا ٺاھيندا آھن ۽ کارن جو ٽرڪون ڀرائي، سنڌ جي جدا جدا شھرن ڏانھن موڪليندا آھن. سنڌو درياھھ ۾ سيسر پاڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو جانور ٿيندو آھي. ڪھل سيسر ماري، ان جي کل ۽ وھھ مان سٺا پئسا ڪمائيندا ھئا، ان ڪري ھڪڙا ڪھل خاص ٻلھڻ ۽ سيسر جي شڪار جي پويان ھوندا ھئا. اھي کاري کان ٻلھڻن ۽ سيسرن جي پويان لڳندا ھئا تھ سکر تائين انھن کي نھ ڇڏيندا ھئا ۽ کين ضرور ڦاسائي وٺندا ھئا. ھن وقت سنڌو درياھھ ۾ سيسر جو بنياد خير ڪو ھجي، البت ٻلھڻ اڃا درياھھ جي ڪن آجھارن ۾ موجود آھي، جنھن جو نسل ذري گھٽ ختم ٿيڻ تي آھي. ٻلھڻ کير ڏيندڙ مڇي آھي ۽ کيس عورت جھڙا ٻِنڊ سان بُبا يا ڇاتيون ٿينديون آھن. جيڪڏھن ڪو ھڪ ڪھل ڪا ٻلھڻ ڦاسائيندو ھو تھ ٻيا ڪھل نھ کائيندا ھئا، پر ٻھ چار ڄڻا گڏجي ڦاسائيندا ھئا تھ پوءِ کائيندا ھئا. ھاڻي سنڌ ۾ رھندڙ ڪھل گھڻي ڀاڱي ديندار ٿي ويا آھن، ان ڪري ٻلھڻ کي حرام سمجھي نھ کائيندا آھن.

                ڦمڻا ملاح ملتان يا اصل پراڻيءَ سنڌ جا ھئا، ان ڪري اھي سنڌ ۾ ٻيڙيون وھائيندا ھئا. اھي اوائلي دؤر ۾ زؤنر ڪون ۽ بگو چڻيون ھلائيندا ھئا ۽ پوءِ سنڌي ٻيڙيون ڪؤنتلون ۽ ڪٽارون بھ ھلائيندا ھئا. ڦمڻا پاڻ سان جوان سنڌي ملاح بھ کڻندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ اھي درياھھ جا ڄاڻو ۽ اورچ ھوندا ھئا.

·        بگوچڻ: ھيءَ ٻيڙي زئونرڪ کان وڏي ٿيندي آھي ۽ درياھھ جي سڀني ٻيڙين کان مضبوط ٿيندي آھي. بگوچڻ تي بھ واڙو چڙھيل نھ ھوندو آھي. ھن جو آڳيلي پاڇيلي تخت ٿورو کڻائون ٿيندو آھي. مھنال گولائيءَ ۾ ھوندا اٿس، جن تي آئينا ۽ گل چٽ ھوندا آھن. ھي ٻيڙيون بھ مال، ڪاٺ ۽ اگر کڻنديون ھيون. ھن وقت نھ وھنديون آھن، ڇاڪاڻ تھ سنڌوءَ ۾ پاڻي بنھھ گھڻو گھٽجي ويو آھي. وڏيون بگوچڻيون بار گھڻو کڻنديون ھيون. ھڪڙي بگوچڻ چار ھزار مڻ بار کڻندي ھئي، جيڪا سکر جي ھڪ ھندو واپاريءَ ٺھرائي، ھڪ پنجابيءَ ملاح کي ڏني ھئي. اھا محفل ٻيڙيءَ جي دؤر کان پنجاھھ سال اڳ ٺھرائي وئي ھئي.

·        نامڪڙي: نامڪڙي، زئونرڪ جي نموني ٺھيل ننڍي ٻيڙي ھئي، جيڪا سنڌو درياھھ تي وھندي ھئي، ھيءَ ٻيڙي تمام تکي ھلندي ھئي. سيسرن جي پويان اھڙي قسم جون ٻيڙيون لڳائيندا ھئا، ۽ کين جلد وڃي پڪڙيندا ھئا. ڪن جو چوڻ آھي تھ ’نامڪڙي‘ ڪشميري ٻيڙين جو ھڪ قسم آھي.

·        ڊونڊو: ڪھل قبيلي جا ماڻھو کارن جي واپار لاءِ ھڪ ھلڪو، بار کڻڻ جھڙو ۽ بيتلي جھڙو چؤڳٺيو ٻيڙو ٺاھيندا ھئا، جنھن تي وڍيل لڪڙ مان کارا ٺاھيا ويندا ھئا، ۽ ھن ئي ٻيڙيءَ تي کارا کڻي وڏن وڏن بندرن تي کپائيندا ھئا. ھي ملاح ڊونڊي تي درياھھ جي گھنڊن ۾ ڪڇون، ڪم، ڄرڪا، گندڻ، ٻٽا ۽ مڪر ماريندا ھئا. ڊونڊا، ڍنڍن ۾ بھ بيھاريا ويندا ھئا. ھنن ڊونڊن ۾ حلال جانورن جا ھڏا ڀرائي، ملتان پھچايا ويندا ھئا. ڪھل سنڌ ۾ ھڏن جو واپار ڪندا ھئا ۽ پنھنجي ٻيڙين ۾ ھڏا کڻي ويندا ھئا.

 

سامونڊي ٻيڙيون

اھي سامونڊي ٻيڙيون، جيڪي سنڌوءَ جي بندرن تي ٺھنديون ھيون، تن ۾ غوراب، واھڻ يا واڻ، ٻيڙا، دنگيون ۽ موجوده لانچون اچي وڃن ٿيون.

قديم اوائلي وڏا ٻيڙا، جن کي وڏن سڙھن سان گڏ ڇڄھريون ۽ ست سکان ھوندا ھئا، تن جو لطيف سائين ھڪ بيت ۾ اجھو ھيئن ٿو ذڪر ڪري:

سوداگر سمونڊ جا، لاڄو لال وٽيجِ،

اڇا اولا عاج جا، چڱا چٽائيجِ،

سڙھھ سبي سقلات جا، کوھا خوب کڻيجِ،

ست سکان سر ڪري، ڇھھ ڇڄھريون اڏيجِ،

ٻارھن، تيرھن، چوڏھن، پندرھن، سترھن سينگاريج،

ساڍي سٺ سيد چئي، پوري پڄائيج،

لڙ ۾ ڪين لڏيج تھ ستڙ سامونڊي ٿئين.

(شاھھ)

ھن بيت ۾ باطني طرح يا ڪن شارحن جي مفھوم موجب ڀلي نماز ۽ وضوءَ جي فرضن ۽ سنتن ڏانھن اشارو ھجي، پر ھتي لطيف سائينءَ ظاھري طرح مشاھدي واريءَ معنيٰ سان ھن بيت کي بيان ڪيو آھي.

جنھن غوراب کي ست سکان ھوندا ھئا، ان کي وچ ۾ وڏو سکان ھوندو ھو. ٽي سکان ھڪ پاسي ۽ ٽي سکان وچئين سکان جي ٻئي پاسي ھوندا ھئا. اھي ٽي سکان جيڪي ھڪ پاسي ۽ ٽي ٻئي پاسي ھوندا ھئا، سي پاڻيءَ کان مٿي بيٺل ھوندا ھئا ۽ سونھن (guides) جو ڪم ڏيندا ھئا، جن جو ڪنٽرول ھڪ مٺئي ۾ ھوندو ھو. ڇھھ ڇڄھريون، وڏن سڙھن کان گھٽ ننڍا مستطيل نموني جا سڙھھ بھ ھوندا ھئا، جيڪي بھ ٻيڙن ۾ ھوندا ھئا، جي گھڻي يا تيز واءَ ۾ مٿي کڻندا ھئا. ٻارنھن، تيرھن، چوڏھن، پندرھن، سورھن ۽ سترھن وغيره سڙھن جي پاٽن ڏانھن اشارو آھي.

·        واھڻ يا واڻ: ھنن جي جوڙجڪ دنگيءَ جھڙي ٿيندي آھي ۽ فرق صرف ننڍ وڏائيءَ جو آھي.

·        دنگي: دنگيءَ جو ذڪر مٿي اچي ويو آھي.

·        ٻيڙا: وڏن غورابن کي ٻيڙا چوندا ھئا، جيڪي واپار لاءِ ٻاھرين ملڪن ڏانھن ويندا ھئا ۽ واھوندن ۾ وري ايندا ھئا.

·        لانچ: موجوده لانچ سمنڊ جي ڪنارن سان پري پري نڪري ويندي آھي. ھن ۾ ٻھ انجڻيون (مشينون) لڳل ھونديون آھن، جن ذريعي رڇ وغيره پاڻيءَ مان ڇڪي ڪڍبا آھن. ھن دؤر ۾ لانچون سموري حيدري بندر (ڪراچي) جي سونھن آھن. سمنڊ ۽ درياھھ ۾ مڇي مارڻ لاءِ لانچون نھايت سھوليت واريون آھن، جن ۾ مھاڻا برف بھ کڻي ويندا آھن. اھي مڇي مارڻ لاءِ لانچون سمنڊ تي ڪڍي ويندا آھن، ۽ اٺن ڏھن ڏينھن کان پوءِ موٽندا آھن، تھ بھ مڇي سٺي پئي ھوندي آھي. برف کان اڳ ۾ مڇيون لوڻبيون ھيون، جيڪي وڏيءَ محنت کان پوءِ ڀاڄيءَ جي ڪم اينديون ھيون. ھاڻي نئين دؤر ۾ ’سرد خانن‘ ڪم آسان ڪري وڌو آھي، جيڪي لانچن تي اڄ بھ سنڌ جا ملاح ڪم آڻيندا رھن ٿا. ھينئر درياھھ ۾ پاڻي گھٽ آھي، ان ڪري وڏيون ٻيڙيون ھلن ڪونھ. جتي جتي پتڻ آھن، اتي يا لانچون ھلن يا ٻيڙين تي مشينون رکي انھن کي لانچن وانگر ھلايو ويندو آھي، سنڌ جي تاريخي ڍنڍ ڪينجھر ۾ بھ لانچون، مسافرن جي سير تفريح لاءِ ھلنديون آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org