سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :7

ٻيڙين سان واسطو رکندڙ ڪي لفظ

 

·        مجي: مجي پاڇيلي بندول جي ھيٺان ڪڇي ۾ ٻڌل ھوندي آھي. ان کي تڏي مٿان چوڌاري بوران ڪپڙو چڙھيل ھوندو آھي. اھا مجي ليٽرين يا ڪاڪوس جو ڪم ڏيندي آھي.

·        گھري: ٻيڙين لاءِ ٿلھا رسا کپندا آھن، جيڪي ٽن ٽنگن کان ستن ٽنگن تائين ٿيندا آھن. ڪاٺ جي پٽيءَ کي زمين ۾ کوڙي جيترن تندن جو رسو ٺاھڻو ھوندو، اوترا تندا ان ڦرھي جي ٽنگن مان لنگھائي، ھڪ ھڪ تندي کي ھڪ ھڪ ھمراھھ پڪ يعني وٽ ڏيندو ويندو آھي، جنھن کي گھري چوندا آھن، گھريءَ جي اڳيان ھڪ رسي وٽڻ جو ماھر ويھندو آھي. اھو وٽ ڏيندو رسي کي اڳتي ڇڪ ڏيندو ويندو آھي تھ رسو تيار ٿي ويندو آھي. ٿلھيون ڇپريون، پڳھھ، رس، تاليا، پوٺي، ڇڪون، سقلا، مونڍا، ڏانڊاڙ يا ٻيا رسا گھريءَ ۾ تيار ڪندا آھن. رسو تيار ٿي نڪرندو، تھ ڄڻ مشين تيار ڪيو آھي.

·        مورائو: ٻيڙي ٺھرائڻ يا ٻيڙيءَ جي ’سنوارت‘ يا مرمت ڪرڻ وقت، درياھھ جي ڪپ تي ملاح گھر ٺاھيندا آھن، جنھن گھر کي مھراڻي مھاڻا، ’مورائو‘ چوندا آھن. اھو ٻيڙيائتن جو سڪيءَ تي گھر ھوندو آھي، ٻيڙيءَ ٺھڻ لاءِ سال کن جو عرصو بھ لڳي ويندو آھي ۽ ملاح انھيءَ مورائي ۾ رھندا آھن. موراوا اڪثر اڻ وس ٺھرائيندا آھن، جن ۾ سڙھھ ۽ رسا پسڻ کان حفاظت ۾ رکندا آھن. ملاحن جا گھر پنھنجن ڳوٺن ۾ ھوندا آھن، فقط ٻيڙين ٺھڻ وقت موراوا ٺاھيندا آھن.

·        داسا: داسو، ڌڪ کي چئبو آھي. ملاح چوندا آھن تھ ڪناري سان ٻيڙي اچي داسو ھنيو آھي ۽ ڦرھي کي ڦيٽ يا چپيٽ آئي آھي.

·        گل ميخون: ھي ميخون ويڻي ۾ لڳل ھونديون آھن. سونھن پيدا ڪرڻ لاءِ ڪامن کي بھ گل ميخون لڳائبيون آھن.

·        ٻيٽ: درياھھ جون ڌارون سڪي ٻيٽ ٺاھينديون آھن.

·        ٻِھ درياھي: درياھھ ڪٿي ٻن ڀاڱن ۾ ورھائجي ويندو آھي تھ ملاح چوندا آھن تھ ٻِھ درياھي ٿي آھي. ٻن درياھن وچ ۾ جيڪو ٻيٽ ھوندو آھي، ان کي ’ٻنڊو‘ چوندا آھن. ٻنڊي ۾ چند سالن کان پوءِ ٻيلو ٿي ويندو آھي ۽ گاھھ جا ويءَ پيدا ٿيندا آھن.

·        ٻيٽاري: ننڍڙي ٻيٽ کي ٻيٽاري چوندا آھن. ٻيٽارين ۽ ٻيٽن تي لئيءَ جا چھا جام ٿيندا آھن، جيڪي وڌي لڪڙ جو روپ اختيار ڪندا آھن. ڪھل يا ڪچي جا ماڻھو، جيڪي کارا ٺاھيندا آھن، سي ٻيٽن يا ٻيٽارين تان لڪڙ وڍيندا آھن ۽ ان مان کارا ٺاھيندا آھن.

·        ٻيلاٽيون: جن ٻيٽارين تي وڻ پيدا ٿيندا آھن، تن کي ٻيلاٽيون چوندا آھن. اھي وڻ گھاٽ ڪري ڄمندا آھن، جي وڌي ٻيلا ٿيندا آھن.

·        درياھھ جي سم: درياھھ جو پاڻي جڏھن لھي ويندو آھي تھ پوءِ اتاھن ڪپرن مان پاڻي درياھھ ڏي وھندو آھي، ان کي درياھي سم چوندا آھن.

·        درياھھ جي گجِ: سمنڊ جيان آرھڙ جي مند ۾ درياھھ گجي ڪندو آھي، جنھن کي درياھھ جي گج يا ڦيڻ چوندا آھن.

·        ٽاڪرو: ڪا ٻيڙي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ پيھجي ويندي آھي، يعني ٻڏي ويندي آھي تھ پوءِ ٻھ ٻيڙيون ھڪ ٻڏل ٻيڙيءَ جي ھڪ پاسي ٻي ٻئي پاسي بيھاري، ٻنھي ٻيڙن جي ڪڇي تي ھڪ مضبوط شيکلو يا کوھو رکندا آھن. ان ۾ رسا اھڙيءَ طرح ٻڌندا آھن، جو ڪپين تي شيکلو گول ڦرندو آھي، ٻڏل ٻيڙيءَ کي ٿلھي تار ٻڌي، اھا شيکلي ۾ ٻڌندا آھن، شيکلو جيئن ڦرندو آھي، تار ان تي ويڙھبي ويندي آھي ۽ ٻڏل ٻيڙي مٿي کڄندي آھي. پاڇيلي پاسو کڻي وري آڳيلو پاسو کڻندا آھن. انھيءَ عمل کي ’ٽاڪرو‘ چوندا آھن. ٽاڪري سان درياھھ ۾ ڪريل ٽرڪون بھ ڪڍي سگھبيون آھن. ٽاڪرو ڄڻ تھ وڏي ڪرين جو ڪم ڏيندو ھو.

·        بندر: درياھھ جي ڪناري تي جتان ٻيڙيون مال کڻي وڃن يا ٻاھران کڻي شھر جي تڙ تي اچي لاھين، ان ھنڌ کي بندر چوندا آھن.

·        تڙ: بندر تي تڙ ٿيندا آھن، جتي ٻيڙيون مال لاھينديون ۽ کڻنديون آھن. ھڪ بندر تي مال لاھڻ ۽ چاڙھڻ لاءِ ٻھ ٽي تڙ ھوندا آھن. جيئن لطيف سائينءَ چيو آھي:

سڙھھ ٿي سبيائون، بندر جي تڙن تي،

ٿابت ٿيو تھ بندر ٻي ڳالھھ آھي ۽ تڙ ٻي ڳالھھ آھي.

·        اڀڪپري: اتاھان ڪپر، جن تان گھيڙ کان سواءِ لھي نھ سگھجي يعني اڀا ڪپر.

·        ميل: ڪناري سان ٻيڙي جڏھن لڳي يا گڏجي بيھندي آھي تھ ملاح چوندا آھن تھ ٻيڙي ميل ڪري بيٺي آھي. اھڙيءَ جاءِ کي ستڙ بھ چئبو آھي يعني سٺو تڙ.

·        ٻيڙيءَ جو ڳارو: ٻيڙي جڏھن اوڀاري ھلندي آھي تھ ڪناري سان ھلندي، پاڻي ڪناري سان ٻڌندي آھي. ڪا ننڍي ٻيڙي ان ڳاري ۾ ايندي آھي تھ نڪري نھ سگھندي آھي. ٻيڙي ھلندي جيڪو پاڻي ٻڌندي آھي، ان کي ڳارو چوندا آھن. تيز ھلندڙ ٻيڙي ڳارو ڪندي آھي يعني پاڻيءَ کي کنيو ھلندي آھي. ڪناري ۽ ٻيڙيءَ جي وچ تي جيڪو پاڻي ھوندو آھي، ٻيڙي ان کي کنيو ھلندي آھي. ٻاھرئين ڪڇي سان بھ سڌي ۽ کري واءَ ۾ ٻيڙي ڳارو ڪندي آھي. ڪنھن ننڍي شيءِ يا ننڍي ٻيڙيءَ کي وڏي تيز ھلندڙ ٻيڙي، ڳاري ۾ ڇڪي ويندي آھي.

·        پينتل: جتي اڀڪپري نھ ھوندي تھ ملاح چوندا آھن تھ درياھھ جو ڪنارو پينتل وارو آھي.

·        ٻانڊي ٻيٽ: درياھھ جڏھن ٻيٽ ڇڏيندو آھي تھ ڪن ٻيٽن تي ڪانھن ۽ ڪن تي وڻ ڦٽي پوندا آھن، ڪن ٻيٽن تي ڪا شيءِ نھ ڦٽندي آھي، رڳو واري ئي واري ھوندي آھي، تھ اھڙي ٻيٽ کي ’ٻانڊي ٻيٽ‘ چوندا آھن.

·        ٻانڊ: پاڻيءَ ۾ پيل ساڻي ڪاٺيءَ کي ٻانڊ چوندا آھن. ٻانڊ اڪثر سڪل ٿين ۽ ٻرڻ جي ڪم جا ھوندا آھن، ٻانڊن مان ڪجھھ بھ ٺاھي نھ سگھبو آھي، جيئن ٻئي ڪاٺ مان کٽون، ھندورا، فرنيچر وغيره ٺاھيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ٻانڊ جي ڪاٺي ساڻي ۽ سڙيل ھوندي آھي.

·        ميخمار: ھڪ ٿلھي ڪاٺيءَ جو ھڪ گول ٽڪرو، جنھن ۾ ڳن پيل ھوندو آھي، ان کي ملاح ’ميخمار‘ چوندا آھن، ھن سان ٻيڙي ٻڌڻ لاءِ زمين ۾ ڪلا ٺوڪبا آھن.

·        آڏ گھيرڻ: ملاح آڏ کي طوفان يا کري واءَ ۾ ھيٺ ڪرڻ جي عمل کي آڏ گھيرڻ چوندا آھن.

·        آڏ کڻڻ: لٿل آڏ کي ڇڪ سان ڇڪي مٿي کڻبو آھي، جنھن عمل کي آڏ کڻڻ چوندا آھن. شيکلو بھ گھيربو يا مٿي کڻبو آھي. گھيرڻ مان مراد آھي تھ آڏ يا شيکلو کولي نھ رکبو آھي. سلي ۾ ڇڪ جي ڇوڙڻ يا ڇڪڻ سان آڏ ھيٺ مٿي بيٺي ھوندي آھي. ڪڏھن آڏ يا آلات جو ڪو گوش ڀڄي پوندو آھي، تڏھن بھ آڏ کي گھيري، اتي ئي ٺاھي ڇڏيندا آھن، پر آڏ سلي مان ڇوڙيندا نھ آھن.

شيکلي جي اڳيان مھري جي وچئين ڪولابي ۾ شيکلي گھيرڻ لاءِ چوٽ ھڻندا آھن، جنھن کي شيکلي جي مور ۾ ٻڌندا آھن. ان کي چوٽ متيلو بھ چوندا آھن. چوٽ خاص ڪري شيکلي گھيرڻ جي ڪم ايندي آھي يا ڪڏھن واءُ تکو ھوندو آھي (جنھن کي ملاح کرو واءُ چوندا آھن) تھ ان ۾ بھ چوٽ مھري جي ڪولابي ۾ ھڻبي آھي تھ جيئن متان مٿان ’ڇاٻاھي‘ ٽٽي پوي. ھلندي ٻيڙيءَ جو گوش ڀڄي پوندو آھي تھ بھ سڙھھ ٻڌي آڏ گھيري، گوش ٺاھي وري ٻيڙي ھلائيندا آھن.

·        ميڙ: ٻيڙيءَ جا ڪڇا جتي ملائبا آھن، ان جي ٻاھرئين پاسي کي ميڙ سڏيندا آھن. ٻيڙين جو ميڙ ڪناري سان زور سان لڳڻ ڪري ڌڪجي پوندو آھي.

دريا کي ور وڪڙ ھوندا آھن، ان ڪري ڪو ور ڏکڻ تي سڌو ھلي وري اوڀر ڏي ٿي ويندو آھي، جنھن ڪري ٻيڙيءَ جي منجھھ ورائڻي پوندي آھي يا منجھھ ھڻڻي پوندي آھي. واءُ گھڻو لھندو آھي تھ دامڻ ڍرو ڪبو آھي. ڪنھن مھل دامڻ ساھبو آھي. ھڪ جوان ويڻي جي ڦتيءَ واريءَ منيءَ ۾ دامڻ جو ور وجھندو آھي. ٻيڙيءَ تي زور پوندو آھي تھ ھمراھھ جيڪو دامڻ جو مور جھليو ويٺو ھوندو آھي، ان کي چوندا آھن: دامڻ ھريا ڪر، معنيٰ دامڻ ڦٽي ڪر يا دامڻ ڇڏ. دامڻ ڇڏڻ سان زور گھٽبو آھي ۽ ٻيڙيءَ جي ڳليءَ تان پاڻي چڙھڻ بند ٿيندو آھي. ڪڏھن لھواري ٻيڙيءَ کي منجھھ ھڻندا آھن، معنيٰ آلات يا آڏ شيکلي جي پويان ڦري ايندو آھي، سڙھھ اتمڻيءَ جي روپ ۾ ھوندو آھي. ان حالت ۾ کري واءَ ۾ ملاح وڏي سچيتائي ڪندا آھن. درياھھ جي ڪيترين جاين تي ملاح منجھھ ھڻندا آھن، پر کري يا تيز واءُ ۾ منجھھ ھڻڻ خطري کان خالي نھ ھوندو آھي. ڪيتريون ٻيڙيون منجھھ ۾ مارجي پونديون آھن. سنڌو درياھھ جي ساري لب درياھيءَ تي ڪوٽڙيءَ جي اڳيان خانپور واري ”منجھھ“ خطرناڪ ھئي. جڏھن ڏکڻ جو تيز واءُ سانداڻو لڳندو ھو ۽ ان ۾ ٻيڙيائتن کي ڪوٽڙي بندر تي رسڻو ھوندو ھو تھ پوءِ توڪل ڪري منجھھ ھڻندا ھئا ۽ وڏيءَ خبرداريءَ سان وڃي ستڙ ٿيندا ھئا. حقيقت ۾ منجھھ ملاحن لاءِ منجھھ جو روپ آھي. واءُ جڏھن اتمڻي ابتي سڙھھ ۾ پوندو آھي تھ ٻيڙيءَ جو ٻاھريون ڪڇو پاتاريءَ جي ڪويسي ٻوڙي، ويندو آھي. سڄاڻ ملاح ان وقت سڙھھ مان واءُ ڪڍي ڇڏيندا آھن، پر تڙ تڪڙ ۾ وري واءُ ڏيندا آھن تھ جيئن ٻيڙي جھلي بھ نھ. ’ڪوٽڙيءَ جي پل‘ ٺھڻ کان پوءِ خانپور واري منجھھ ملاحن جي لاءِ وڏو امتحان ۽ وڏي آزمائش ھوندي ھئي. لھواريون ٻيڙيون سکر کان کاري ڇاڻ تائين وينديون ھيون ۽ اوڀاريون کاري ڇاڻ يا گھوڙاٻاريءَ کان سکر تائين يا اڃا بھ مٿي ھلنديون ھيون.

·        ٻيڙيءَ جو اوڀارو ڌڪجڻ: تڙ تان اوڀاري ھلڻ لاءِ جڏھن ٻيڙي ھلندي آھي تھ پھرين ڪرس پٽبو آھي. اگر ناتاريون چئن پيل ھونديون آھن تھ اھي کڻي ٻيڙيءَ تي رکبيون آھن. آڳيلي- پاڇيلي گھوٽائو پڳھھ ڇوڙبا آھن ۽ ونجھھ سان ٻيڙيءَ کي ڪناري کان پري ڪبو آھي. تڙ کان پري ٿيڻ وقت ساڪا پٽبا آھن.

·        کنڀو: وڏين ٻيڙين کي ڇاٻاھيءَ واري اڏيءَ جي اڳيان ڳليءَ واري تاڙي جي ڀرسان ٻھ کنڀا ھڪ، ھڪ ڳليءَ جي پاسي ۽ ٻيو ٻي ڳليءَ جي پاسي لڳل ٿيندو آھي، جنھن ۾ ملاح ضرورت وقت چپو ٻڌي ھلائيندا آھن.

·        چپو: ھڪ ڊگھي ڪاٺ جي گول ولي ۾ پويان اڌ منو فوٽ پٽي، چار فوٽ يا ان کان وڌيڪ لڳائيندا آھن. پٽيءَ وارو پاسو درياھھ ۾ لاھيندا آھن. مٿئين حصي کي ٻھ ٽي جوان زور سان ھلائيندا آھن تھ ٻيڙي اڳتي وڌندي آھي. اھو ڪم گھڻو ڪري ٻيڙيءَ جھلڻ ۾ ڪندا آھن تھ ٻيڙي جھوليءَ پاسي ويندي، تھ نقصان ڪندي. ڪڏھن ڪڏھن ڪن جي ڇڪ مان ٻيڙيءَ کي ڪڍڻ لاءِ چپو ڪم آڻبو آھي تھ جيئن ڪن يا آجھار ۾ اچي ٻيڙي ٻڏي نھ پوي.

·        داٻار: آڳيلي تخت جي وچ ۾ گولائيءَ ۾ ٽنگ نڪتل ھوندو آھي، جنھن ۾ داٻر يا داٻار وڌو ويندو آھي.

·        چئن: ٻيڙيءَ ۾ ھر وقت لوھھ جو وڏو زنجير موجود ھوندو آھي. چئن جو اھو ڪم آھي تھ جڏھن واءُ نھ ھوندو آھي ۽ درياھھ جي ڇڪ ٻئي طرف ڇڪيندي آھي تھ چئن وھڪري جي ٻئي پاسي درياھھ ۾ اڇلبي آھي، چئن کي رسو يا مضبوط ڇيڙي ٻڌبي آھي. مناڙي ۾ ڇيڙيءَ جو ور ھڻندا آھن يا دالان جي منيءَ ۾ ڇيڙيءَ جو ور ٻڌندا آھن. پوءِ ٻيڙي چئن جي جھل تي اڳتي وڌي ويندي آھي. چئن ڄڻ اٺ جي مھار وانگر ٻيڙيءَ لاءِ ڪم ڪندي آھي. ملاح پاڻيءَ جي ڇڪ کي اڳ ۾ محسوس ڪري پنھنجون حڪمت عمليون استعمال ڪندا آھن. جيڪڏھن ٻيڙي اوجھڙ نھ ويندي آھي تھ ڄاڻو ملاح سدائين ستڙ پھچندا آھن ۽ اوتڙ اولبائي نھ آھن.

·        ستڙ: اھو تڙ، جتي ڪا پائيندڙ نھ ھجي ۽ ڪناري سان ٻيڙي گڏجي ميل ڪري بيھي تھ ان کي ستڙ چئبو آھي.

·        ڏتڙ: اھو تڙ، جتي ٻيڙيءَ کي بيھارڻ يا بندر رسڻ لاءِ ڏکيائي ھوندي آھي. ٻيڙين کي بيھارڻ لاءِ تڙ جي سکيائي ضروري آھي، نھ تھ، نھ ٻيڙي سکي بيھندي، نھ ملاح سک سمجھندا. ٻيڙيءَ لاءِ سٺو تڙ، ماڻھوءَ جي سٺي بستري جھڙو ھوندو آھي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org