سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :13

ملتان کان سواءِ اڳوڻي بهاولپور رياست به سنڌ جي حڪومت جو حصو رهي آهي(4). جڏهن سن (720هه) ۾ ملڪ غازي خان، سنڌ ۽ ملتان مان لشڪر گڏ ڪري، دهليءَ تي حملو ڪيو، تڏهن هن خسرو خان جي حڪومت جو خاتمو آندو، ۽ غياث الدين تغلق، شاهه جي لقب سان تخت تي ويٺو. ان وقت سومرن، هن جي غير حاضريءَ جو فائدو ورتو، ۽ آزاديءَ جو اعلان ڪيائون(5). پنجاب گزيٽيئر مطابق، سومري حاڪم همير جو تخت گاهه، ”پتڻ پور“ نالي شهر ۾ هو، جنهن جا ڦٽل دڙا ”پتڻ منارا“ جي نالي سان، صادق آباد ڪارداريءَ ۾ موجود آهن(6). هي دڙا رحيم يار خان کان پنج ميل اوڀر طرف هاڪڙا نديءَ جي ڪناري تي آهن.

محترم عبدالله ورياه لکي ٿو:

”ڏهين صدي عيسويءَ ۾ سومرن پتڻ کي نئين سر آباد ڪيو ۽ هڪ ڊگهو عرصو سندن گاديءَ جو هنڌ رهيو. سومرن جي بادشاهيءَ جو آخري حڪمران همير سومرو هو. هن جي حڪمراني برهمڻ آباد، اروڙ ۽ پتڻ تي به هئي، جنهن کان سمن، بادشاهي ڦري ۽ همير مارجي ويو. ان کان پوءِ جيڪي سومرا هتي رهندا هئا، اهي بلوچن جي قبيلي سان گڏجي ويا ۽ گورچاڻي سڏجڻ لڳا، جيڪي هينئر ديري غازي خان ضلعي جي هرند علائقي ۾ رهن ٿا“(1).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”پتڻ مناري جا کنڊر ضلعي بهاولپور ۾ آهن، ۽ اهو شهر جنهن ۾ شاهي منارو هو سو هاڪڙي درياءَ جو مکيه پتڻ هو. اهو شهر سومرن جي حڪومت ۾ هو، ۽ اُتي سومرن جي گهراڻي مان هڪ حڪمران مستقل طور رهندو هو“(2).

ارغونن جي زماني ۾، شاهه حسين ارغون، بابر جي وزير خليفي نظام الدين جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. بابر شاهه حسين کي ملتان تي  قبضي ڪرڻ جي دعوت ڏني. شاهه حسين پهرين اُچ تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ ملتان تي قبضو ڪري، خواجه شمس الدين کي پنهنجو نائب مقرر ڪري، ٺٽي موٽي آيو(3).

پنجاب گزيٽيئر جو مؤلف لکي ٿو ته سنڌ جا ڪلهوڙا (عباسي) ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويا. انهن مان جيڪي سنڌ جا حڪمران رهيا انهن پاڻ ڪلهوڙا سڏايو، ۽ اهي جيڪي دائود خان جو اولاد  هئا ۽ بهاولپور جي حڪومت جو پايو وڌو هئائون، تن پاڻ کي دائود پوٽا سڏايو.

دائود خان جا هڪ ٻئي پٺيان محمود خان، محمود خان اول، امير دائود خان دوم جاءِ نشين ٿيا. ڪلهوڙا ۽ دائود پوٽا دائود خان دوم جي زماني ۾ هڪ ٻئي کان هميشہ لاءِ الڳ ٿيا(1).

ميان نور محمد ڪلهوڙي شڪارپور مان صادق محمد خان کي هڪالي ڪڍيو ۽ هن جي پٺيان لشڪر موڪليائين. هو ديري غازي خان ضلعي ۾، بيت – ديبلي ڏانهن روانو ٿيو؛ اُتان پوءِ کيس اُچ جي بخاري ۽ گيلاني مخدومن دعوت ڏيئي گهرايو. هو بيت – ديبلي ڇڏي اُچ آيو(2).

1739ع ۾ نادر شاهه حملو ڪري سنڌ کي هيٺين سردارن ۾ ورهايو:

خدا يار خان عباسيءَ کي شاهه قلي خان جو لقب ڏيئي ٺٽو ۽ ٻيا محل ڏنائين.

امير صادق محمد خان کي شڪارپور پرڳڻو، لاڙڪاڻي، سيوستان، ڇتار، چودري ۽ دراوڙ جا علائقا ڏنائين، جيڪي هن وقت بهاولپور ۾ اچي وڃن ٿا. محبت خان کي بلوچستان سان لڳ، سنڌ جو الهنديون حصو ڏنائين(3).

نادر شاهه جي وڃڻ کان پوءِ خدا يار خان ڪلهوڙي شڪارپور تي ڏهين ربيع الاول 1159ع هه (1746ع) تي حملو ڪيو. هن معرڪي ۾ امير صادق خان مارجي ويو.

1761ع ميان غلام شاهه ڪلهوڙي بهاولپور تي حملو ڪيو ڇو ته اُتي جي نواب، ميان عطر خان (غلام شاهه جي ڀاءُ) کي پناهه ڏني هئي. غلام شاهه ڳڙهي اختيار خان تائين ڪاهي ويو، پر پوءِ واپس موٽي آيو(1).

1224هه (1809) ۾ فضل علي هالاڻي ۽ اسلام خان ڪيهراڻيءَ خيرپور جي مير سهراب خان کي ڀڙڪايو ته هو پنهنجا علائقا بهاولپور جي حاڪم کان واپس گهري. حيدرآباد جي مير غلام علي خان 1812ع ۾ نواب تي حملي ڪرڻ لاءِ خيرپور جي واليءَ کي فوج ڏني. هنن سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙه، جا پرڳڻا فتح ڪيا، اهڙيءَ طرح مير سهراب خان اوڀر طرف جيسلمير جي ريگستاني علائقي تائين ملڪ فتح ڪيو، پر پوءِ مير نصير خان ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو، جنهن موجب مير سهراب خان پنهنجو لشڪر واپس گهرايو، پر صاحبزاده رحيم يار خان يرغمال طور لشڪر سان گڏ موڪليو ويو(2).

1225هه (1810ع) ۾ مير سهراب خان بهاولپور جي سرحدن تي حملو ڪيو. 1226هه ۾ مير سهراب خان جي فوج ’صادق ورند بستي‘ (صادق آباد) جي ويجهو ’ڪوٽ ڀٽا‘ تي قبضو ڪيو. 1342ع ۾ سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙه جا پرڳڻا جيڪي 1808ع ۾ خيرپور جي حاڪم فتح ڪيا هئا، سي انگريزن ميرن کان فتح ڪيا ۽ سرچارلس نيپيئر اهي خطا بهاولپور جي نواب جي حوالي ڪيا(3).

ملتان جي هڪ عالم علامه عتيق فڪريءَ، ملتان شهر جي تاريخي احوال ۾ هڪ نئين بحث جو آغاز ڪيو آهي. هو لکي ٿو:

”اڪثر مورخن ۽ جاگرافيءَ جي ماهرن هن ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي ته سنڌ ۽ ملتان هڪ وسيع علائقي جو نالو آهي. اڄ جنهن شهر کي ملتان سڏيو وڃي ٿو ان جو قديم پراڻن ۾ نالو ”ڪيشپ پوري“ هو، جو غالباً ان زماني جي مشهور ”راجا هرڻيه ڪيشپو“(1) جي نالي سان سڃاتو ٿي ويو. ان کان پوءِ ”هرڻيه ڪيشپو“ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ، ان جو پٽ ڀڳت پرهلاد سلطنت جو مالڪ بڻيو، تڏهن هن شهر جو نالو ”هلادپوري“ رکيو ويو. ڪن مؤرخن هن جو قديم نالو ”ڀاڳ پور“ لکيو آهي. ان کان پوءِ هن کي ”سامب پوره“ پڻ سڏيو ويو. پراڻن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪرشن اوتار جي پٽ سامب، جو جام ونتيءَ جي بدن مان پيدا ٿيو هو، سو پنج هزار سال اڳ هت آيو هو، ۽ هن شهر جو بنياد رکيو هئائين، ليڪن اها راءِ درست نه آهي- ڇو ته هي شهر اڳ ۾ ئي آباد هو، پر سامب جي اچڻ ڪري هن جو نالو ”سامب پوره“ رکيو ويو. ان کان اڳ هن کي ”مترون“ چوندا هئا. هن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته هن شهر جو اصلي نالو ملتان يا ”مولسٿان نه هو“(2).

مولسٿان ڪنهن شهر جو نالو نه هو، بلڪ هڪ سر زمين جو نالو هو، جنهن جي حدن ۾ هڪ لک ڳوٺ شامل هئا، جنهن جون سرحدون هڪ طرف ڪشمور يعني مغربي ملتان ۽ ٻئي طرف اوڀر ۾ لاهور کان به اڳتي جالنڌر تائين ۽ ڏکڻ ۾ بيڪانير تائين هيون. ملتان کي اسماعيلي داعين جي اوائلي گنانن ۾ مولسٿان“ سڏيو ويو آهي.

هن سلسلي ۾ عتيق فڪري صاحب مولانا سليمان ندويءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:

”ملتان مان مراد هڪ شهر نه آهي، بلڪ سڄو صوبو آهي، جو ڪنهن زماني ۾ هڪ پوري رياست بلڪ سلطنت هو“(1).

پر سيد سليمان ندويءَ هن طرح لکيو آهي:

”عربن هن شهر (ملتان) تي پهرين صديءَ هجريءَ ۾ قبضو ڪيو. ان وقت کان وٺي محمود غزنويءَ جي زماني تائين هتي عربن جو قبضو هو. شروع ۾ سنڌ جي ٻين شهرن سان گڏ ملتان به دمشق جي اموي خاندان جي زير تسلط هو. ٽين صديءَ هجري ڌاري ملتان سنڌ کان الڳ، آزاد حڪومت جي حيثيت ۾ رهيو، ۽ هڪ مستقل حڪومت جي حيثيت ۾ خودمختيار رهيو.

هت ملتان مان مراد فقط شهر نه آهي پر پورو صوبو آهي جو ڪنهن زماني ۾ هڪ رياست بلڪ هڪ سلطنت هو. مصر جي وزير مهلبيءَ، چوٿين صديءَ هجريءَ ۾ لکيو آهي ته: اُن (ملتان) جون حدون وسيع هيون: اولهه ۾ مڪران، ڏکڻ ۾ منصوره (سنڌ) تائين هيون. اُن زماني ۾ هڪ لک ويهه هزار ڳوٺ هن سلطنت ۾ شامل هئا“(2).

سيد سليمان ندويءَ جي راءِ مان اهو ئي ثابت ٿو ٿئي، جيئن مٿي چچنامي جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي، ته ملتان فقط هڪ شهر نه، بلڪ هڪ صوبو هو، جو سنڌ ملڪ جو هڪ حصو هو، هن نتيجي کي سيد صاحب جي هن راءِ مان مدد ملي ٿي. سيد صاحب ابن خردازبہ (250هه/ 864ع) جي ڪتاب، ”المسالڪ و الممالڪ“ مان حوالو ڏيندي لکي ٿو:

”اهل عرب بلوچستان کان وٺي گجرات تائين سڄي ملڪ کي سنڌ سمجهندا هئا، چناچہ انهيءَ سنڌ ملڪ ۾ جيڪي شهر اچي ٿي ويا سي هي هئا: ڪيڪان، پنبہ، مڪران، ميد، قنڌار، خزدار، قندابيل، ارمابيل، ديبل، کنڀات، ساوندري، ملتان ۽ ڀڙوچ“(1).

هن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ”ملتان قديم سنڌ ملڪ جو هڪ صوبو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ملتان شهر هو. هن سلسلي ۾ مسعودي (303هه / 915ع) لکي ٿو:

”ملتان ۽ منصوره کان سواءِ سنڌ ۽ اُن جي آس پاس عربن جون ٻيون به ننڍيون رياستون هيون“(2).

ابن حوقل (331هه – 358هه/ 943ع – 968ع) جڏهن برصغير جي سفر تي آيو هو ۽ هن ملڪ جا نقشا تيار ڪيا هئائين، تڏهن هن سنڌ جو پڻ نقشو تيار ڪيو هو، جو غالباً سنڌ جو پهريون نقشو هو. هن گجرات کان وٺي سيستان تائين آبادين جا محل وقوع ڏنا آهن. هن ملتان کي سنڌ جو هڪ شهر ڏيکاريو آهي(3). اهڙيءَ طرح اصطخريءَ (340هه 951ع) پڻ ملتان کي سنڌ جو هڪ شهر بيان ڪيو آهي(4)ابن خردازبہ (211هه - 300هه / 826ع – 912ع) جنهن جو حوالو سيد سليمان ندويءَ ڏنو آهي، ان پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ ملتان کي سنڌ جو هڪ شهر لکيو آهي(5). ساڳيءَ طرح البيرونيءَ، ڪتاب الهند ۾، ملتان کي سنڌ ۾ شمار ڪيو آهي. البيروني جي بيان مان ائين ٿو ثبوت ملي ته ملتان وارو خطو پڻ سنڌ ۾ شامل هو(1).

دراصل سمجهڻ هيئن کپي ته جيئن راءِ گهراڻي جي زماني ۾ ملتان وارو خطو، سنڌ جو هڪ صوبو هو، تيئن عربي حڪومت جي زماني ۾ به انتظام جي آسانيءَ لاءِ سنڌ ملڪ کي ٻن آزاد رياستن ۾ ورهايو ويو هو، جن مان هڪ ملتان رياست هئي، جنهن جو تخت گاهه ملتان هو، ۽ ٻي منصوره رياست هئي، جنهن جو تخت گاهه منصوره هو، پر ٻنهي رياستن جي مرڪزي سرڪار هڪ ئي هئي. هن سلسلي ۾ مسعودي (وفات 346هه / 957ع) لکي ٿو:

ملتان جي سرحد جو حڪمران قبيلو قريش جي هڪ شاخ اسامه بن لوي بن غالب جي خاندان سان تعلق رکندو هو. منصوره جو حاڪم به قريش قبيلي جي هڪ شاخ هبار بن اسود جي نسل مان هو.

”منصوره ۽ ملتان ٻنهي علائقن جا حاڪم قديم زماني کان موروثي طور حاڪم هليا ايندا آهن“(2).

عتيق فڪري، جنهن اها دعوي ڪئي هئي ته مولسٿان جون سرحدون قديم سنڌ ملڪ واريون هيون، پنهنجي راءِ تي ٻيهر غور ڪري لکي ٿو:

”هن مختصر بيان مان ملتان جي باري ۾ هيءَ ڳالهه واضح ٿي ته هي نالو قديم زماني ۾ هڪ وسيع علائقي تي رکيل هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي باري ۾ به گهڻيون ئي ڳالهيون مشهور آهن، ليڪن تحقيقي طور تي جيڪو نالو هن ڏانهن منسوب ڪيل آهي ۽ تاريخن ۾ جيڪو ڪجهه بيان ٿيل آهي، ان جو خلاصو هي آهي ته قديم ويدڪ زماني ۾ هن کي سنڌ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته نديءَ کي سنڌو سڏيو ويندو هو. انهيءَ ڪري هن علائقي جو پڻ نالو سنڌ پئجي ويو، ۽ درياء سنڌ جي ٻيءَ ڀر جي ڏاکڻئين علائقي وارو ملڪ ۽ قدري مغربي علائقو سنڌ شمار ٿيندو هو، مگر هاڻ صورتحال ڪجهه ٻيءَ طرح آهي، ورنه ڪنهن زماني ۾ شڪارپور وغيره به ملتان ۾ شمار ٿيندا هئا، ۽ اڄ ڏينهن تائين بمبئيءَ ۾ شڪارپورين کي ملتاني چوندا آهن“(1)هن سڄي بحث مان نتيجو هي ٿو نڪري ته ملتان وارو علائقو سياسي طور راءِ گهراڻي جي حڪومت جي زماني کان وٺي ارغونن جي حڪومت ۾ 1528ع تائين، سنڌ جي حڪومت جي ماتحت رهيو آهي. انهيءَ ساري عرصي دوران پهرين اروڙ ۽ پوءِ عربن جي حڪومت ۾ ديبل، منصوره ۽ پوءِ ملتان گهڻو عرصو قديم سنڌ جي مرڪزي حڪومت جو تخت گاهه هو، پر ساڳئي وقت ملتان جو شهر ملتان صوبي جو مرڪزي شهر هو. هن بيان مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته نو سؤ سالن واري عرصي دوران قديم سنڌ ۾ ملتان جي حيثيت هڪ صوبي جي  هئي. ملتان، ديبل، بکر ۽ سيوهڻ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ واپاري شهر هئا. هنن شهرن ۾ وڏا وڏا ماهر، اديب، عالم، شاعر، فنڪار ۽ ڪاريگر رهندا هئا.

سياسي اثر ۽ سنڌ جي حاڪمن جي حڪومت سبب ڪيترائي سنڌي قبيلا لڏي هن طرف اچي آباد ٿيا. هن سلسلي ۾ پتڻ مناري جي آثارن تي تحقيق ڪندي محترم عبدالله ورياه کي ڪيترائي سنڌي قبيلا هن خطي ۾ آباد ٿيل نظر آيا ۽ مليا. ورياه صاحب لکي ٿو:

”بندور پتڻ کان ٽي ميل اولهه طرف آهي، جيڪو پتڻ جي بادشاهيءَ جو قيدخانو هو. ان جاءِ تي اڄ به هڪ بستي ’بندر‘ جي نالي سان سڏجي ٿي جنهن ۾ سماٽ قوم جي ورياه ذات جا ماڻهو رهن ٿا. بندور جي ڀرسان هڪ ٻي بستي ’ٽبي لاڙان‘ سڏجي ٿي، جنهن ۾ هڪ ذات ’لاڙ‘ نالي سڏجي ٿي، اهي ’ورياه‘ ۽ ’لاڙ‘ اصل سنڌ جي علائقي جا رهندڙ آهن ۽ اڄ تائين انهن کي ڄام جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو. انهن جو تعلق اڄ به سندن ٻين ذات وارن سان آهي، جيڪي سنڌ جي اندرون علائقن ۾ رهن ٿا. سندن ريتون رسمون ۽ رهڻي ڪهڻي اڄ به سنڌي انداز جي آهي، سندن ٻوليءَ ۽ لباس تي علائقي جو اثر ٿيو آهي. پوري بهاولپور رياست ۾ اهڙيون گهڻيون ذاتيون رهن ٿيون، جن جو اصل نسل سنڌ جو آهي. اڄ به سندن لباس ۾ سنڌي جهلڪ واضح طور نظر اچي ٿي.ا نهن ۾ اجرڪ جو استعمال عام آهي. سندن شاديءَ جي رسمن ۾ اڄ به سنڌي ڳيچ ڳايا ويندا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو هن خطي  تي قديم زماني کان سنڌ جو اقتدار رهيو، ۽ سنڌي قبيلا اتي آباد ٿيندا ويا، جن مان ڪي ذاتيون پنهنجو پاڻ برقرار رکيو اچن، ۽ ڪي اتي جي قبيلن ۾ ضم ٿي ويون، پر سندن پراڻيون ذاتيون ۽ نالا اڄ به قائم آهن“(1).

اُن زماني ۾ ملتان مان مراد ”سنڌ“، ۽ ملتانيءَ مان ’سنڌي! ورتي ويندي هئي، يعني ملتان يا ملتاني معنيٰ سنڌ يا سنڌي هو. ملتان يا ملتانيءَ مان اهو تصور ٿئي ورتو ويو، جيئن اڄ ورتو ويندو آهي. ان وقت شيخ الاسلام جو فرزند شيخ صدرالدين ’سنڌيءَ‘ جي لقب سان سڃاتو ويندو هو(1).

(ج) مذهبي ناتا: ملتان واري ايراضي، ملتان ۽ اچ سان سنڌ جا روحاني رشتا پڻ رهيا آهن. قديم زماني ۾ ملتان ۾ سورج ديوتا جو وڏو مندر هوندو هو، انهيءَ ڪري ملتان کي مول اسٿان يعني سورج ديوتا جي جاءِ يعني آسٿان چيو ويندو هو(2). هت برصغير جي ڌار ڌار حصن کان لکن جي تعداد ۾ جاٽي ايندا هئا.

هي شهر (ملتان)  قديم سنڌ جو علمي، ادبي، روحاني مرڪز ۽ خاص قسم جي مشرقي ۽ اسلامي ثقافت جو علمبردار رهيو آهي. عربن جي ابتدائي دؤر کان وٺي ارغونن جي دؤر يعني سورهينءَ صديءَ تائين قديم سنڌ ۾ ڪئين اوليا، عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. ناصر الدين قباچه جي حڪومت جي زماني (602هه / 1205ع – 625هه / 1227ع) ۾، ملتان اسلامي تبليغ، ۽ سنڌ ملڪ ۾ علم دينيات جو وڏو مرڪز هو(3).

سومرن جي راڄ ۾ (ناصر الدين قباچه جو زمانو)، ملتان ۾ شيخ الاسلام شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي سن 578هه (1182ع) ۾ ولادت ٿي. هن ئي دؤر ۾ اسماعيلي داعي پير شمس سبزواري ملتانيءَ (1065ع / 560هه – 1176ع / 675هه) ۾ اسماعيلي عقيدي جو قديم سنڌ (اُچ ۽ ملتان)، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پرچار ڪيو. پير شمس کان پوءِ پير نصيرالدين، پير شهاب الدين ۽ پير صدرالدين، ملتان، اُچ ۽ آسپاس واريءَ ايراضيءَ ۾ رهي، اسماعيلي عقيدي جي تبليغ ڪئي. هنن بزرگن جي پرچار جو دائرو سنڌ جي لاڙ واري حصي کان سواءِ، اوڀر ۾ ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ بيڪانير، جئپور وغيره تائين ڦهليل هو. پير صدرالدين پنهنجي هڪ ڪلام ۾ملتان کي مولسٿان سڏيو آهي.

اسماعيلي ۽ غوثي بزرگن جي فيض ۽ برڪت سان ملتان روحاني علم ۽ فيض جو مرڪز بنجي ويو. وقت جا حڪمران سندن عقيدتمند هئا. اميرن ۽ سردارن کان سواءِ سڄيءَ قديم سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ۽ عام ماڻهو به سندن پوئلڳ هئا. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ملتان سنڌ جو نه فقط سياسي مرڪز يا دارالحڪومت هو، پر هي شهر سنڌ جو روحاني مرڪز پڻ بنجي ويو. شيخ الاسلام غوث بهاءُ الحق جي حياتيءَ ۾ سندن حضور ۾، يا سندن وفات (661 هه/1262ع) کان پوءِ سندن عرس مبارڪ جي موقعي تي لکن جي تعداد ۾ سندن مريد، پوئلڳ ۽ خادم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي، ڪي اٺن تي ته ڪي پيرين پنڌ نعرا هڻندا، ضربون لڳائيندا، زيارت جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ ملتان پهچندا هئا. ست سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي گذرڻ جي باوجود اڄ به اهو دستور قائم آهي. اڄ به ملتان لکن جي تعداد ۾ سنڌين لاءِ روحاني فيض جو مرڪز آهي. اڄ به هر روز، هر هفتي، هر مهيني ۽ عرس جي موقعي تي هر سال زيارت ۽ فيض لاءِ سنڌ مان قافلن جا قافلا، ٻچن ٻآرن سميت ملتان ڏانهن ويندي ڏسبا آهن، ۽ غوث پاڪ جي درگاهه جي ديدار لاءِ يا سجاده نشين وٽ دعائن پنڻ لاءِ ويندا آهن. اهڙن سڀني پانڌيئڙن يا جاٽين کي سنڌ ۾ ’ملتاني فقير‘، يا ’ملتاني جاٽي‘ سڏيندا آهن.

اهو ئي سبب آهي جو ملتان شهر يا ان جي آس پاس واري ايراضيءَ ۾ سنڌي زبان جو اثر پراڻي زماني کان قائم رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي عرب سياح اصطخريءَ (951ع) ۾ لکيو آهي ته:

”ملتان هڪ وڏو شهر آهي. ملتان جا اڪٿر ماڻهو فارسي ۽ سنڌي ڳالهائين ٿا، ۽ انهن سان گڏ منصوره جي رهاڪن وانگر عربي پڻ ڳالهائيندا آهن.(1) .

هن شهر (ملتان) ۽ هن ايراضيءَ ۾ سنڌي زبان جي اثر جو هڪ وڌيڪ ثبوت هي به آهي ته غوث بهاءُ الحق بزرگ جي درگاهه جو سجاده نشين قبليٰ مخدوم سجاد حسين قريشي سنڌ کان آيل پنهنجن مريدن سان سنڌي زبان ۾ به ڳالهائيندا آهن.(2)

شيخ الاسلام جي درگاهه کان سواءِ اُچ ۽ بهاولپور ۾ پڻ ڪي درگاهون آهن، جتي سنڌ مان هر سال لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ويندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح ملتان، اُچ ۽ انهيءَ ايراضيءَ مان ڪي بزرگ لڏي سنڌ ۾ اچي رهيا.

هن بيان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ملتان سياسي طرح ته موجوده سنڌ صوبي کان هن وقت ٻاهر آهي، پر سماجي، ثقافتي ۽ روحاني رشتن جي ڪري ملتان ۽ سنڌ ۾ اڃا به ڳنڍيل آهن.

(د) علمي ۽ ادبي ناتا: سنڌ جي سرزمين هر دؤر ۾ علم ادب جي درس ۽ تدريس جو مرڪز رهي آهي. عرب سياحن جي سفرنامن مان واضح ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ عرب حڪومت جي ابتدائي دؤر ۾، يعني سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ واري زماني ۾ علم ادب جو چرچو هو. عرب سياحن سنڌ جي عالمن کي علم نجوم، علم منطق، علم رياضي، علم طب ۽ فلسفي جي علمن ۾ ماهر ڏٺو. هن سلسلي ۾ جاحظ (864ع)، يعقوي (900ع)، بشاري مقدسي (950ع)، قاضي صاعد اندلسي ۽ اصطخطريءَ جا بيان دليل طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

عربي دؤر حڪومت ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي عالم، فاضل، مؤرخ، محدث، اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا. غازي محمد بن قاسم جي فتح کان پوءِ ديبل جو شهر ٿوريءَ مدت اندر علمي ۽ ادبي مرڪز بنجي ويو. اهو اثر جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. ناصر الدين قباچه جي حڪومت وارو زمانو ادب نوازيءَ جو زمانو هو. نه فقط سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ علمي ۽ ادبي شوق وڌيو، پر بالائي سنڌ ۾ ديني تعليم جا مدرسا کليا، قرآن ۽ حديث جي تعليم جو پرچار ڪيو ويو.

ناصرالدين قباچه جي حڪومت جي زماني ۾ اسلام جي مبلغن، ٻڌمت جي پرچارين وانگر، سنڌ جي نو مسلم مريدن کي اسلام جا اصول سندن مقامي زبانن ۽ لهجن ۾ سمجهايا. انهيءَ ڏس ۾ اسماعيلي فرقي جي داعين وڏو ڪم ڪيو. انهن اسلام جا اصول منظوم ڪلام جي صورت ۾ بيان ڪيا. انهيءَ منظوم ڪلام کي هنن ”گنان“ سڏيو. پير شمس ملتاني پير شهاب الدين ۽ کانئن پوءِ پير صدرالدين، پير حسن ڪبير الدين، پير تاج الدين ۽ پير امام شاهه، ملتان، اُچ، سنڌ ۾ ڪوٽڙي الهه رکيو شاهه، شاهبندر، ٺٽي، جوڻ، فتح باغ، ڍنڍي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ بيڪانير، جوڌپور ۽ ٻين هنڌن جي نو مسلم مريدن لاءِ سرائڪي (ملتاني، اُچڪي ۽ بهاولپوري)، ڪڇي ۽ لاڙي لهجن توڙي گجراتي ۽ هندي زبانن ۾ ”گنان“ چيا، انهيءَ لاءِ ته جيئن هو پنهنجي نو مسلم مريدن کي سندن ٻولين ۾ اسلام جو مفهوم آسانيءَ سان سمجهائي سگهن. هنن نه فقط منظوم ڪلام جوڙيو، پر مقامي ٻولين ۾ مسجع ۽ مقفيٰ نثر جي ننڍن ننڍن جملن ۾ دعائون پڻ ترجمو ڪيائون، انهيءَ لاءِ ته سندن نو مسلم مريد اهي آسانيءَ سان ياد ڪري سگهن. انهن داعين پاڻ تي مقامي نالا رکيا ۽ مقامي ماڻهن جهڙو لباس پائڻ لڳا. انهيءَ ڪري هنن جي پهچ عوام تائين ٿي ويئي، ۽ کين تبليغ ڪرڻ ۾ گهڻي آساني ٿي ۽ هزارن جي تعداد ۾ بهاولپوري، ملتاني، اُچي، لاڙي، ڪڇي، گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي ماڻهو سندن پرچار هيٺ مسلمان ٿيا.

ناصر الدين قباچه جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ ۾ علم ادب جي ترقيءَ جو دؤر هو(1). هن جي 22 سالن جي حڪومت جي زماني ۾ اُچ، ملتان، بکر، سيوهڻ ۽ ديبل علم ادب جا مرڪز هئا. انهن شهرن ۾ مدرسا کليا. هن دؤر ۾ ترڪستان، عراق، خراسان، افغانستان ۽ ايران کان عالمن ۽ فاضلن جي اچڻ ڪري علم ادب جي محفل گرم رهي.

هي دؤر شيخ الاسلام شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جو دؤر هو. هن دؤر ۾ سنڌ جا محدث، فقيہ، عالم ۽ فاضل نه صرف برصغير ۾ مشهور هئا پر پوري اسلامي دنيا ۾ سندن شهرت هئي. انهيءَ ڪري انهن پري پري وارن مسلم ملڪن کان اچي سنڌ کي پنهنجي فيض سان نوازيو.

هن دؤر ۾ اُچ ۽ ملتان سنڌ جا تخت گاهه هئا. اهي ٻئي شهر (اُچ ۽ ملتان) توڙي بکر، سيوهڻ ۽ ديبل اسلامي علوم، فنون ۽ ادبيات جا گهوارا هئا. انهيءَ کان سواءِ سهروردي بزرگن جي فيض ڪري، انهن شهرن کي مرڪزي ۽ روحاني حيثيت پڻ ملي. ناصر الدين قباچه جو وزيراعظم عين الملڪ خود به هڪ وڏو عالم هو. هن جي ادب نوازيءَ جي ڪري اُچ ۽ ملتان ۾ علمي ادبي محفلن ۾ رونق وڌي. عين الملڪ، مولانا قطب الدين ڪاشانيءَ  لاءِ ملتان ۾ هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيو.

هن دؤر ۾ اُچ ۽ ملتان کان سواءِ بکر به هڪ وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز هو. اهڙيءَ طرح سيوهڻ ۾ علم ادب جو چرچو عام هو. هن دؤر ۾ سنڌ جون بهترين ۽ بنيادي تاريخون لکيون ويون. علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفيءَ عربي زبان ۾ ’منهاج المسالڪ‘ نالي سنڌ جي تاريخ سن 613هه / 1216ع ۾ لکي، سنڌ جي هيءَ پهرين بنيادي، سياسي ۽ اسلامي تاريخ آهي، جنهن کي فارسي زبان ۾ ترجمو ڪري، ان جو نالو ’چچنامو‘ رکيو ويو.

بهرحال هن بيان مان نتيجو هي ٿو نڪري ته اُچ ۽ ملتان سنڌ جي تختگاهه رهڻ ڪري، سنڌ ۾ علم ادب جا مرڪز هئا، جتي سنڌ جي ڌار ڌار حصن کان توڙي برصغير کان وڏا وڏا عالم ۽ فاضل لڏي اچي رهيا.

(هه) سرائڪي لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم: سرائڪي لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم جي باري ۾ عجيب و غريب رايا قائم ڪيا ويا آهن. هن زبان کي مختلف دؤرن ۾ خطي وار يا ايراضي جي نالي پٺيان ڌار ڌار نالا ڏنا ويا آهن. ملتان وارن هن زبان کي ملتاني ٻولي سڏيو آهي. بهاولپور وارا هن زبان کي بهاولپوري رياستي سڏيندا آهن، ته ميانواليءَ وارا هن کي ميانوالي ڪوٺيندا آهن. ظامي صاحب 1962ع ۾ هن زبان کي بهاولپوري- ملتاني گڏيل نالي سان متعارف ڪرايو. اهڙيءَ طرح هن وقت تائين هن زبان کي ڌار ڌار نالن سان سڃاتو ويو آهي. سيد نور علي ضامن حسيني پنهنجي ڪتاب ’معارف سرائڪيءَ ۾ هن سلسلي ۾ لکي ٿو:

هن ٻوليءَ جا مختلف نالا آهن. شمال مغربي سرحدي صوبي وارا هن کي ’هندڪو‘ چون ٿا. ملتان وارا هن کي ملتاني چوندا آهن. بهاولپور وارن هن جو نالو بهاولپوري رکيو آهي. ملتان ۽ بهاولپور وارا هن جا اصلي قديم تاريخي ۽ جاگرافيائي وارث هئا. بلوچستان ۾ هن ٻوليءَ کي جتڪي چوندا آهن، مگر سنڌ وارن هن کي صحيح نالو ڏنو، جو تاريخي، علائقائي وحدت جو عڪس به هو(1). فقط سنڌ ۾ ئي هن زبان کي سرائڪي زبان جي نالي سان سڏيو ويو، ۽ اڄ تائين ساڳئي نالي سان سڏيو ويندو آهي.

هن زبان جو سرائڪي زبان نالو سڀ کان پهرين سنڌ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ان کان پوءِ، بهاولپور، ملتان ۽ ديره جات ۾ هرڪو هن زبان کي مجموعي طور سرائڪي زبان سڏڻ لڳو، ۽ بهاولپور، ملتان ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ شهرن ۾ سرائڪي زبان جون انجمنون قائم ڪيون ويون ته جيئن هن زبان جي الڳ حيثيت مڃرائي سگهجي. هن دعوا جو وڏي ۾ وڏو دليل هي آهي ته ظامي صاحب جنهن، 1970ع ۾ ’سرائڪي زبان کا ارتقا‘ نالي ڪتاب لکيو هو، تنهن 1962ع ۾ ’بهاولپوري – ملتاني زبان و ادب‘ جي عنوان سان ڪتاب لکي هن زبان کي بهاولپوري – ملتاني زبان سڏيو آهي(2). هو لکي ٿو ته سنڌ ۾ بهاولپوري – ملتانيءَ کي ’سرائڪي‘ زبان چوندا آهن(3)

شروع ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته هن زبان جي بڻ بنياد جي باري ۾ ماهرن ڌار ڌار رايا ڏنا آهن. پنجابي زبان جا ماهر هن زبان کي پنجابي زبان جو لهجو يا شاخ ڪوٺين ٿا، سنڌ وارا هن زبان کي قديم سنڌ جي، اُترئين حصي جو لهجو (اتريون لهجو) يا شاخ قرار ڏين ٿا. ظامي صاحب جنهن، 1970ع ۾ هن زبان جي هڪ الڳ ۽ خودمختار زبان هجڻ جي دعوا ڪئي هئي، ۽ جنهن جي راءِ موجب پنجابي، ڪشميري، پشتو، گجراتي ۽ سنڌي وغيره هن زبان (ملتاني) جون شاخون يا لهجا آهن، تنهن 1962ع ۾ هن زبان کي بهاولپوري – ملتانيءَ جي نالي سان سڏيو هو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو:

”ملتانيءَ کي لساني قرابت ۽ اشتراڪ جي سبب ڪري سنڌي زبان سان گهرو تعلق آهي“(1).

ظامي صاحب اڳتي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽائن جي ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو:

”بهاولپوري – ملتانيءَ جو قديم زماني ۾ سنڌي زبان سان اصولي اشتراڪ ۽ تعلق رهيو آهي ۽ اهو تعلق ۽ اشتراڪ اڃا تائين قائم آهي. اهو پڻ ظاهر آهي ته بهاولپوري – ملتانيءَ جو جيڪو تعلق سنڌيءَ سان آهي اهو پنجابيءَ سان نه آهي“(2).

علامه عتيق فڪري لکي ٿو:

”هن زبان (ملتاني) کي پنجابيءَ جي شاخ قرار ڏيڻ ڪيتري قدر قابل تحسين آهي، جڏهن ته لفظ پنجاب ڪلهه جي پيداوار آهي، ۽ ملتان جو نالو، حدود اربع ۽ انهي حدود اربع ۾ اها ٻولي هزارين سال اڳ ڳالهائي ويندي هئي.“(3)

هن سلسلي ۾ منشي عبدالرحمان سرائڪي ۽ ملتانيءَ کي ٻه ڌار ڌار زبانون سمجهي ٿو، هو لکي ٿو:

”ملتاني ۽ سنڌي ٻئي هڪ ئي ملڪ جون ٻه زبانون آهن. جهڙيءَ طرح سنسڪرت برهمڻ جي زبان هئي ۽ پراڪرت عوام جي ٻولي هئي، اهڙيءَ طرح سرائڪي سنڌ جي سردارن جي زبان هئي. هيءَ زبان، سنڌي زبان جي هڪ خالص ترين شڪل هئي، ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. عوام جي زبان ملتاني هئي، جا سنڌ جي اردو ۽ معليٰ جي حيثيت رکندي هئي، ۽ اتر سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. هيءَ سرائڪي زبان کان بلڪل الڳ، پنهنجي ليکي هڪ مستقل زبان هئي.

110هه (728ع) ۾ جڏهن سنڌ، ملتان کان الڳ صوبو ٿيو، تڏهن ملتاني زبان به سرائڪيءَ کان الڳ ٿي، پنهنجي سر ترقي ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح ملتانيءَ کي سرائڪي کان الڳ ٿيندديي، تقريباً تيرهن سؤ سال گذري چڪا آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ ڪا به رشتيداري باقي نه رهي آهي“(1).

هو اڳتي هلي لکي ٿو:

”ملتاني زبان پنهنجي معمولي ردوبدل کان سواءِ پنهنجي ابتدائي زماني ۾ بحره عرب جي ساحل کان وٺي، راجپوتانا جي ريگستان جي آخري ڪناري تائين ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي. پاڪستان ۾ هيءَ زبان سڀ کان وڏي ايراضيءَ ۾ يعني هڪ لک چورس ميلن جي علائقي ۾ اٽڪل پنج لک ماڻهو ڳالهائين ٿا. هيءَ زبان ديري غازي خان، ميانوالي، جهنگ، ساهيوال، ملتان، بهاولپور، بهاول ننگر، احمد پور شرقيه، خيرپور ۽ بلوچستان ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

قديم تحريرن ۾ ملتانيءَ جو لفظ سڀ کان اول، زبان جي معنيٰ ۾، آئينه اڪبريءَ ۾ استعمال ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي زبان ملتاني ڄاڻائي ويئي آهي، ڇو ته قديم زماني ۾ پنجاب، ملتان جو هڪ حصو هو، ۽ جنهنجي زبان ملتاني زبان جي شاخ هئي“(1)

”جيستائين سنڌ جو تعلق آهي، خود اهل – سنڌ ملتاني زبان کي سرائڪي زبان سڏيندا آهن، جنهن جي معنيٰ سردارن جي زبان، يعني شاهي زبان، گويا ملتاني زبان سنڌ جي اردوءِ معليٰ آهي“(2).

منشي عبدالرحمان جي مٿي ڏنل طويل راءِ ۾ يڪسانيت گهٽ ۽ تضاد گهڻو آهي، نه فقط ايترو پر سرائڪي زبان جي ٻنهي ماهرن يعني منشي عبدالرحمان ۽ محمد بشير احمد ”ظامي“ بهاولپوري جي راءِ ۾ به اختلاف آهي. في الحال منشي صاحب جي راءِ مان ڪڍيل نتيجا نظر مان ڪڍڻ ضروري آهن. هن صاحب جي راءِ مان هي نتيجا ٿا نڪرن:

ملتاني ۽ سنڌي ٻئي هڪ ئي ملڪ جون ٻه زبانون آهن.

سرائڪي سنڌ جي سردارن جي زبان هئي. هيءَ، سنڌي زبان جي هڪ خالص ترين شڪل هئي، ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي، پر ملتاني اُن جي برعڪس عوام جي زبان هئي، جا اردوءِ معليٰ جي حيثيت رکندي هئي، ۽ جا اتر سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي.

ملتاني زبان سرائڪيءَ کان الڳ، يعني پنهنجي ليکي هڪ مستقبل زبان آهي.

جڏهن سنڌ، ملتان کان 110هه (728ع) ۾ الڳ صوبي جي صورت ورتي، تڏهن ملتاني زبان، سرائڪي زبان کان الڳ ٿي، پنهنجي سر ترقي ڪرڻ لڳي.

ملتاني زبان بحره عرب کان وٺي راجپوتانا جي ريگستان جي آخري ڪناري تائين ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي.

پنجاب جي زبان ملتاني آهي ڇو ته پنجاب، ملتان جي ماتحت رهيو آهي، انهيءَ ڪري پنجابي زبان ملتاني زبان جي شاخ آهي.

سنڌ جا ماڻهو ملتاني زبان کي سرائڪي زبان سڏين ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي سردارن ۽ حاڪمن جي زبان. انهيءَ ڪري لفظ سرائڪي، ملتاني زبان جو نعم البدل بنجي ويو.

هن زبان جي شروعات تڏهن کان ٿي جڏهن عرب مسلمان سنڌ مان لنگهندا، ملتان تائين پهتا، اُتان ئي هن زبان جو بنياد پيو.

منشي صاحب هڪ طرف ملتاني زبان کي عوام جي زبان ٿو ڪوٺي، ۽ اُن کي اردوءِ معليٰ ٿو سڏي، ته ٻئي طرف ان کي سردارن جي زبان ٿو مڃي ۽ مطلب اهو ئي ساڳيو يعني ’اردوءِ معليٰ‘ ٿو ڪڍي.ساڳئي وقت سرائڪيءَ کي به سردارن جي زبان ٿو سڏي. منشي صاحب ائين به ٿو لکي ته اُتر سنڌ ۾ ملتاني زبان ڳالهائي ويندي هئي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سنڌيءَ جي خالص ترين شڪل، سرائڪي ڳالهائي ويندي هئي، جنهن کي هو سردارن جي ٻولي ٿو چوي: گويا هو اهو قبول ٿو ڪري ته ملتاني ۽ سرائڪي هڪ ئي زبان هئي، جا سردارن جي زبان هئي، ۽ نه ڪه عام ماڻهن جي زبان. منشي صاحب اهو پڻ لکيو آهي ته جڏهن سنڌ جي حڪومت کي ورهائي ملتان ۽ سنڌ ٻه صوبا ٺاهيا ويا، تڏهن ملتاني زبان سرائڪي زبان کان الڳ ٿي، پنهنجي سر ترقي ڪرڻ لڳي، يعني ته ملتاني هڪ ڌار زبان هئي ۽ سرائڪي ٻي ڌار زبان هئي. هت منشي صاحب جي، سرائڪيءَ مان مراد اها زبان آهي جا ملتان صوبي جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي باقي حصي ۾ مروج هئي جيڪڏهن منشي صاحب جي اها راءِ درست ڪري وٺجي ته پوءِ ميانوالي، ديري والي، رياستي (بهالپوري) وغيره خطن جي ٻولين کي ڪهڙي ٻوليءَ سان ملائجي؟ بهرحال منشي صاهب جي اها دعوا ته: ”ملتاني زبان سڄيءَ سنڌ جي عوام جي ٻولي هئي ۽ سرائڪي ڏکڻ سنڌ جي سردارن جي زبان هئي“، تسليم نٿي ڪري سگهجي.

تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته آرين جي حڪومت جي زماني کان وٺي ويندي ناصر الدين قباچه جي زماني تائين، ۽ پوءِ ارغونن جي سنڌ تي راڄ واري عرصي ۾ يعني 1528ع تائين ملتان شهر توڙي آس پاس واري وڏي ايراضيءَ تي سنڌ جو سياسي، سماجي، تهذيبي، تمدني ۽ علمي غلبو رهيو آهي. ملتان جي پنهنجي انفرادي سياسي يا سماجي حيثيت ڪانه هئي، پر هن سڄي ايراضيءَ جو سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي مرڪز هو. اروڙ کان پوءِ منصوره کي اها سعادت ملي. ناصرالدين قباچه جي زماني ۾ سنڌ جو تخت گاهه اُچ رهيو، ۽ پوءِ ملتان تائين تخت گاهه رهيو. نيٺ سنڌ ملڪ کي ناصر الدين محمود ٻن صوبن ۾ ورهايو.

منشي صاحب جي هيءَ راءِ ته: ”بحره عرب تائين ملتاني زبان ڦهليل هئي“، به هڪ ظني راءِ آهي، ڇو ته سنڌ جي حڪومت ان زماني ۾ ديبل کان وٺي ڪشمير تائين، ۽ مڪران کان وٺي سورت بندر تائين ڦهليل هئي، ايڏيءَ عظيم ۽ وسيع حڪومت ۾ هڪ زبان، ۽ ان جي هڪ يعني ساڳئي لهجي جو استعمال ۾ هجڻ، لسانيات جي اصولن ۽ لسانيات جاگرافيءَ جي قانونن موجب قبول ڪري نٿو سگهجي، پر ايترو ضرور قبول ڪري سگهجي ٿو ته عظيم ۽ قديم سنڌ ۾ ڪا اهڙي زبان ضرور مروج هوندي، جنهنجو نالو هڪ ٿي سگهي ٿو، پر ملڪ جي جاگرافيائي حالتن ۽ طبعي بناوتن موجب ان زبان جا ڌار ڌار لهجا هوندا. جنهنجو اروڙ کان مٿي هڪ لهجو هوندو، ڪشمير ۾ ٻيو لهجو هوندو. اروڙ کان هيٺ ٽيون لهجو هوندو، اهڙيءَ طرح ڪڇ، لس ٻيلي، جهالاوان، کيتران ۽ ميانوالي وغيره ۾ ان جا ڌار ڌار لهجا هوندا، جن تي خطي وار الڳ الڳ نالا هوندا.

انهيءَ اصول موجب عظيم سنڌ جي زبان جو ڌار ڌار لهجن ۾ ورهائجي وڃڻ فطرتي طور، جاگرافيائي حالتن ۽ لسانيات جي اصولن موجب، هڪ لازمي امر هو، ۽ اهو به ناممڪن هو ته جيڪو لهجو ديبل جا ماڻهو ڳالهائيندا هوندا، اهوئي لهجو ملتان يا بهاولپور وارا ماڻهو پڻ ڳائيندا هوندا: انهيءَ ڪري بقول ڀيرو مل: ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“(1). واري اصول موجب ٻوليءَ جي لهجن، لهجن جي اندر محاورن، ۽ محاورن اندر روزمره جي لفظن، اُچارن، اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين وغيره ۾ هر خطي جي حالت پٽاندر ڦيرڦار هجڻ ضروري هو. لسانيات جا ماهر ۽ شاگردن ڄاڻن ٿا ته هڪ ئي شهر اندر هڪ پاڙي کان ٻئي پاڙي جي روزمره واريءَ ٻوليءَ ۾ به فرق هوندو آهي. نه فقط ايترو پر ٻن ڀائرن جي اُچار ۽ جهيل ۾ پڻ فرق هوندو آهي. اڃا به اڳتي هيءَ دعوا به ڪئي ويئي آهي ته ساڳيو ماڻهو، ساڳيو جملو ٻئي دفعي ڳالهائڻ يا اُچارڻ سان ساڳئي نموني ڳالهائي نه سگهندو آهي. انهيءَ اصول تحت قديم سنڌ ملڪ جي زبان جو، مختلف خطن ۾ ڌار ڌار نموني ڳالهائجڻ، خطي وار نالن موجب سڃاڻجڻ، ضروري هو. انهيءَ فرق کي Isoglossis لهجن، محاورن ۽ روزمره ۾ تقسيم ڪري اهي نالا ڏنا آهن.

سرائڪي لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ مٿي منشي عبدالرحمان صاحب جي ڪتاب مان حوالو ڏيئي بيان ڪيو ويو آهي ته هن جي راءِ موجب: ”سرائڪي سنڌ جي سردارن جي زبان هئي، ۽ جا ڏکڻ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي“(1). منشي صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”سنڌ جا ماڻهو ملتاني زبان کي سرائڪي زبان سڏيندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي سردارن جي زبان: گويا ملتاني زبان سنڌ جي اردوءِ معليٰ آهي“(2). منشي صاحب جي انهن ٻنهي راين ۾ اختلاف ظاهر آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.

ملتاني ٻوليءَ جي ٻئي ماهر ظامي صاحب سرائڪي لفظ جي 1962ع ۾ هڪڙي معنيٰ ڪڍي آهي ته 1970ع ۾ ٻي معنيٰ ڪڍي آهي. 1962ع ۾ سرائڪي لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي هو لکي ٿو:

”سنڌ ۾ بهاولپوري – ملتانيءَ کي سرائڪي چوندا آهن. سنڌي چوندا آهن ته سنڌ ۾ ست زبانون مروج آهن، ۽ سنڌي انهن ۾ اصل بنياد جي حيثيت ٿي رکي. هت هي معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌ ۾ بهاولپوري – ملتانيءَ کي سرائڪي ڇو ٿا ڪوٺين، ۽ سرائڪي جو مطلب ڇا آهي؟ ديسي ۽ پرديسي محققن هن سوال جو جواب ڏيڻ کان خاموشي اختيار ڪئي آهي. ليڪن معلوم ٿيو آهي ته بهاولپوري – ملتانيءَ جو اصل ۽ ابتدائي نالو سري رام پور رکيو ويو هو، انهي ڪري سري رامپور شهر جي زبان، سري رامپوريءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويئي. پر انهيءَ لفظ جي ڊيگهه کي روزمره واري زبان ۾ گهٽائي سري رامپوريءَ جي بدران پهرين سري ڪي ۽ پوءِ ’سرائڪي‘ چوڻ لڳا“(1).

ظامي صاحب 1970ع ۾ پنهنجي هن راءِ تي نظرثاني ڪري، پنهنجي ڪتاب ’سرائڪي زبان ڪا ارتقا‘ ۾ لکي ٿو:

”شري يا سري، سنسڪرت ۾ هنديءَ ۾ سردار، عالم، فاضل ۽ دانشمند وغيره جي معنيٰ ۾ مستعمل آهن. انهيءَ اعتبار کان هيءَ زبان ’سري‘ مان ’سري ڪي‘ ۽ پوءِ ’سرائڪي‘ بني. ملتان ۽ اتي جي اصلي باشندن کي، هند ۽ سنڌ جي سڀني ماڻهن تي اوليت حاصل هئي، انهيءَ ڪري ان جي زبان کي به سردارن ۽ دانشمندن جي زبان چوندا هئا، ۽ ڳالهائيندڙن جي خوبين سبب ’سرائڪي‘ مشهور ٿي(2).

ملتان ۽ اتي جي رهاڪن کي هند ۽ سنڌ جي سڀني ماڻهن تي اوليت ڪهڙي سبب حاصل هئي، ڪيئن حاصل هئي، انهيءَ دعوا جو طامي صاحب ڪوبه دليل ڪونه ڏنو آهي.

اڳ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جو تخت گاهه اروڙ هو ۽ نه ڪه ملتان. اروڙ ۾ وقت جو بادشاهه، اُنجا امير ۽ وزير رهندا هئا. ملتان سنڌ جي عظيم مملڪت جو هڪ صوبائي تخت گاهه هو، تنهنڪري اوليت صوبائي تخت گاهه کي مليل هوندي يا مرڪزي حڪومت جي تخت گاهه کي؟ اوليت اُن شهر کي مليل هوندي جتي بادشاهه رهندو هوندو، جتي ٻين ملڪن جا سفير، امير ۽ حاڪم وغيره ايندا ۽ رهندا هوندا. دراصل ملتان کي جيڪا حيثيت حاصل هئي، سا سنڌ جي هڪ صوبائي شهر جي هئي. ان وقت ملتان شهر کي سنڌ کان ڌار هجڻ جو اصل تصور ئي نٿي ڪيو ويو.

اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ملتان معنيٰ سنڌ ۽ ملتاني معنيٰ سنڌي، اهو ئي سبب آهي جو شيخ صدرالدين جهڙو بزرگ ۽ ولي الله پاڻ کي ’سنڌي‘ سڏائيندو هو.

علامه عتيق فڪري، سرائڪي نالي جي بڻ بنياد جي معنيٰ ۽ مفهوم جي سلسلي ۾ لکي ٿو:

”سرائڪي يعني ’سارايڪي‘ يعني هڪ حقيقت، گويا حقيقت جي بيان جي زبان، يا هڪ حقيقت يا وحدت علم ۽ عرفان جي زبان“(1).

فڪري صاحب ٻئي هنڌ لفظ اشتقاق جي باري ۾ بيان ٿو ڪري:

”سراڪنو نه فقط عربن کي سڏيو ويندو هو، پر هن نالي سان عام مسلمانن کي چيو ويندو هو. ابن بطوطه جي زماني ۾ ساڪنو يا ساراقينوس نالو مسلمانن ۽ عربن تي جاري هو. سنڌ وارن، مسلمانن سردارن کي انهيءَ نالي سان سڏيو. انهن جي گڏيل زبان کي ’سراڪنو‘، ’سراڪين‘ يا ’سراڪ‘ جي صورت ۾ ’يائي نسبتيءَ‘ سان ’سرائڪي‘ چيو هجي، سنڌي هن کي سرائين جي زبان چوندا آهن(2)“.

عبدالحميد راشد صاحب سرائڪيءَ کي سنڌ جي رئيسن ۽ نوابن جي ٻولي سڏڻ کي هڪ مفروضو ٿو ڪوٺي. هو لکي ٿو:

”هڪ مفروضو هي به آهي ته هيءَ زبان سنڌي اميرن جي محلات جي زبان هئي، ۽ امير ئي هيءَ زبان ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ڪري هن جو نالو سرائڪي پئجي ويو“(1).

هو اڳتي لکي ٿو:

”بهاولپور ۾ اڄ کان چند سال اڳ هن زبان کي رياستي يا بهاولپوري سڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح ملتان ۾ ملتاني ۽ ديره جات ۾ ديروي“(2).

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ ۾ رئيسن ۽ نوابن جو تصور مغليه دؤر کان پوءِ شروع ٿيو. ان کان اڳ سومرن ۽ سمن جون حڪومتون مقامي ماڻهن جون حڪومتون هيون(3). انهن مقامي حاڪمن جي ٻولي سنڌي هئي، جا سڄي ملڪ (راڄ) جي عام ٻولي هئي، جنهنجا ڌار ڌار لهجا ضرور هوندا هئا، پر رئيسن ۽ اميرن جي ٻولي ڌار ۽ رعيت يعني عام ماڻهن جي ٻولي ڌار هجڻ وارو تصور سنڌ ۾ مغلن جي نوابن جي اچڻ کان اڳ قائم نه هو. اهو تصور درباري ماڻهن ۽ برهمڻڪي ذهن رکندڙن جي ايجاد آهي، جن سنسڪرت کي اُتم ٿي سمجهيو، ۽ پراڪرت کي عام ماڻهن جي ٻولي ٿي سمجهيو. سنڌ ۾ مغلن جي اچڻ کان پوءِ فارسيءَ زور ورتو ۽ ’فارسي گهوڙي چاڙهه سين‘ وارو پهاڪو انهي دعوا جو دليل آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيئن سنسڪرت جو پاڙون عوام ۾ کپجي نه سگهيون. تيئن سوين سالن جي گذرڻ جي باوجود فارسي ٻولي دربار تائين محدود رهي ۽ عوامي زبان بنجي نه سگهي، جنهن ڪري سنڌي زبان جون پاڙون سدائين عوام جي سينن ۾ کتل رهيون.

منشي صاحب جي وصف ته: ”سنڌ جا ماڻهو ملتاني زبان کي سرائڪي زبان سڏين ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي ’سردارن جي زبان‘ ۽ ظامي صاحب جي مٿي ڏيل راين مان اهو واضح ٿئي ٿو ته هي ٻئي بزرگ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۽ ماحول کان گهٽ واقف آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا مؤرخ ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته سنڌ ۾ رهندڙ سرائي قوم جي ماڻهن جي سلسلي ۾ ٻه معنائون ملن ٿيون: هڪ معنيٰ موجب سرائي معنيٰ سنڌ جي اُترئين خطي جا ماڻهو(1)، ۽ ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪمن جو غير بلوچ سردار يا معتبر(2).

سنڌ ۾ ڪلهوڙا حاڪمن پنهنجن ڪن خادمن، حاضريءَ جي ڪن غير بلوچ معتبر ماڻهن کي، سندن نمڪ حلالي ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ جي ڪري جاگيرون ڏنيون ۽ کين سرائيءَ جو لقب پڻ ڏنو. جنهن جي معنيٰ آهي ”معتبر“(3).

سرائڪيءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ ۾ سنڌ جي طبعي جاگرافي ۽ طبعي ڀاڱا پڻ مدد ڪن ٿا. ماهر سنڌ جي طبعي ڀاڱن کي پنجن حصن ۾ ورهايو آهي:

(i) سرو يا اُڀو، (ii) وچولو، (iii) لاڙ، (iv) ريگستان، ۽ (v) ڪوهستان. اهي ته ٿيا هاڻوڪي سنڌ جا طبععي ڀاڱا، جن ۾ هڪ ڀاڱي کي ’سرو‘ چون ٿا. جاگرافيءَ جي لغت موجب ”سرو معنيٰ اُترين حد يا اترئين ڇيڙي وارو حصو، ۽ لاڙ معنيٰ هيٺيون حصو، جو سمنڊ سان ٿو ملي“(1). گريئرسن لکي ٿو:

”سرو معنيٰ اُتريون حصو، يعني سنڌونديءَ وارو اهو حصو جنهن ۾ مغربي پنجاب وارو لهندا زبان وارو حصو پڻ اچي وڃي ٿو“

ڀيرومل جو رايو آهي ته ”سرِ معنيٰ ’مٿو‘ ۽ ’سرو‘ معنيٰ مٿ يا مٿيون ڀاڱو. سنڌ جو اُتر وارو پاسو، سنڌ جو توڙي سنڌونديءَ جي وهڪ جو مٿيون ڀاڱو آهي. انهن ٻنهي سببن ڪري اهو ’سرو‘ سڏجي ٿو“(2).

سنڌي زبان جي لهجن تي پڻ جاگرافيائي حد بندين جي لحاظ کان نالا رکيل آهن، اُهو لهجو جيڪو اُتر سنڌ يعني سري واريءَ ايراضيءَ ۾ ڳالهائبو آهي، تنهن کي ’سرائڪي لهجو‘ سڏيو ويو، ۽ اهو لهجو جيڪو لاڙ ۾ مروج آهي، تنهن تي لاڙي کمجو نالو رکيو ويو. گريئرسن پڻ اها ئي معنيٰ ٿو ڪڍي ۽ لکي ٿو ”سرو، لفظ مان سرائڪي ٻولي نالو نڪتو، يعني اها ٻولي، جيڪا سري واريءَ ايراضيءَ ۾ ڳالهائبي آهي“(3)

گريئرسن سري لاءِ ٻيو لفظ ’اُڀو‘ ڪم آندو آهي. ’اُڀي‘ جي نسبت سان، هن خطي واري لهجي جو نالو ’اُڀيجي‘ (ٻولي) ڪم آندو اٿس، يعني اُها ٻولي جيڪا اُڀي واري خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي(4)

گريئرسن وڌيڪ لکي ٿو:

”سرائڪيءَ مان ٻه مفهوم نڪرن ٿا. هڪ اهو ته سرائڪي معنيٰ سري جي سنڌي ٻولي، ٻيو مفهوم ته سرائڪي معنيٰ اُتر سنڌ (هاڻوڪي سنڌ) يا سري ۾ مستعمل لهندا زبان(1)“.

”اُتر سنڌ ۾ سرائڪيءَ لاءِ اهي ٻئي معنائون ڪڍيون وينديون آهن(2). انهيءَ ڪري هو جڏهن سنڌ جي سرائڪيءَ جو ذڪر ٿو ڪري ته ان کي سرائڪي – سنڌي ٿو سڏي، ۽ جڏهن لهندا جو ذڪر ٿو ڪري ته اُن کي سرائڪي – لهندا ٿو سڏي“(3)

ڪاڪي ڀيرومل انهيءَ مونجهاري کي وڌيڪ آسان بنايو آهي. هو سنڌ جي موجوده اُترئين لهجي کي سريلي يا اُترادي سنڌي ٿو سڏي(4). انهيءَ ڪري، اُترادي سنڌي، ۽ سرائڪي ٻه ڌار ڌار لهجا سمجهڻ گهرجن.

هاڻ جيڪڏهن ظامي صاحب يا منشي صاحب جي راءِ وزندار سمجهي، سرائڪي معنيٰ سنڌ جي سردارن جي ٻولي تسليم ڪجي ته پوءِ لاڙي ٻوليءَ کي ڪهڙي درجي وارن جي ٻولي ڪوٺجي؟ لاڙيءَ مان ڪهڙي مراد وٺجي؟ تنهن ڪري جاگرافيائيءَ لغت موجب سري ۾ مروج لهجي يا ٻوليءَ کي سري واري ٻولي يا سريلي ٻولي يا سرائڪي ٻولي چوڻ گهرجي.

هن سلسلي ۾ گريئرسن بيان ڪيو آهي ته: ”اٽر سنڌ يا بالاءِ سنڌ جو مقامي نالو ’سرو‘ آهي. هن خطي ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، سا سنڌيءَ جو هڪ نمونو آهي، ۽ اُن زبان کي سرائڪي، يا سري واري، سڏيو ويندو آهي“(5).

ڀيرومل لکي ٿو:

”سرائڪي ٻولي معنيٰ سنڌ توڙي سنڌونديءَ جي سري يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي. سنڌ جو سرو  يا اُتر وارو ڀاڱو (جيڪب آباد طرف) ٻروچڪو ملڪ آهي، تنهن ڪري اها ٻروچڪي به سڏجي ٿي. سرائڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي ’اُڀي جي ٻولي‘، پنجاب جو ڏاکڻو ڀاڱو، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ جي اُتر واري ڀاڱي (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف) تائين اُڀو سڏجي ٿو. اُڀو معنيٰ مٿيون پاسو (درياءَ جي وهڪ جو)، ان جو ضد آهي ’لَمو‘، جنهن جي معنيٰ آهي ڏاکڻو يا هيٺيون ڀاڱو. اڀي جي ٻولي اُٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا آهن. اها اُڀي جي ٻولي سرائڪيءَ کان ڪجهه قدر ڦريل آهي“(1).

هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ’سنڌي اردو لغت‘ ۾ سرائڪي لفظ جي معنيٰ هن طرح ڏني آهي:

”سرائڪي معنيٰ سنڌ جي اترئين خطي يعني ’سري‘ جي زبان بهاولپور ۽ ديري غازي خان جي زبان، ملتاني، لهندا، هندڪو“(2)

سرائڪي زبان جو مبلغ سيد نور علي ضامن حسيني پنهنجي تازي تصنيف ’معارف سرائڪي‘ ۾ لکي ٿو:

”سرائڪي لفظ ’سرو‘ مان نڪتو آهي، يعني درياءَ سنڌ جي سري واري زبان، سرائڪي ۽ سنڌيءَ جو ماءُ – ڌيءَ وارو تعلق، هن ڳالهه مان ظاهر آهي. سنڌي زبان جي لفظ ’سرو‘ کي سرائڪيءَ ۾ ’سرا‘ چوندا آهن“(1).

مٿئين بحث کان پوءِ هي نتيجو ٿو نڪري ته سرائڪيءَ جي معنيٰ نوابن، سردارن يا رئيسن جي ٻولي نه، پر سنڌ جي اترئين حصي جي ٻولي آهي. قديم زماني ۾ سنڌ جو اتريون حصو، جنهن ۾ ملتاني صوبو اچي ٿي ويو، ان ايراضيءَ جي ماڻهن کي سرائي، ۽ انهن جي لهجي يا ٻوليءَ کي سنڌ ملڪ جي باقي هيٺئين حصي وارا ’سري جو لهجو‘ يا سرائين جي ٻولي يعني ’سرائڪي‘ چوندا هئا. ’ڪي‘ پڇاڙي سنڌي زبان جي وياڪرڻ ۾ اڄ به رائج آهي، جيئن: جتن جي ٻوليءَ کي ’جتڪي‘ چئبو آهي: اهڙيءَ طرح ’ميمڻڪي‘، ’خواجڪي‘، ’رهموڪي بازار‘، وغيره نالا اڄ به مروج آهن. انهيءَ لحاظ سان سرائڪي ٻولي سنڌ ملڪ جي زبان، سنڌيءَ جو هڪ اُتريون لهجو آهي.

هن ڏس ۾ محترم احسن واگها صاحب جي راءِ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ ضروري آهي. هو لکي ٿو:

“The Popular Supposition hat Siraiki is the name given by the Sindhis to the language of the people of `Sera` (North) is falsified by the fact that the term is not a Sindhi word gramatically. It  the term was invented in Sindhi, it would have been `Sirai` because in Sindhi, the `Ki` of Hindi converted into `Ji`.”(2)

مسٽر واگها اڳتي لکي ٿو:

“It is also possible that the term `Siraiki` belongs to Siraiki language is self. The Suffix `Ki` or `akki` is used in Siraiki to make the proper noun of a language with reference to its speakers, such as `Balochki` for the language of Balochies and `Pathanki` for the language of Pathans.”(1)

ايتري ساري بحث مباحثي کان پوءِ هيءَ دعوا ڪري سگهجي ٿي ته قديم سنڌ ۾ سرائڪي ٻوليءَ جي حيثيت ائين هئي جيئن لس ٻيلي ۾ لاسي ٻوليءَ جي، ڪڇ ۾ ڪڇيءَ جي، مڪران خطي ۾ جدگاليءَ جي، راڄڪوٽ، جهونا ڳڙهه، ڪتياڻا، ڌوراجي، ڀانٽوا، پوربندر، ماناوادر، مورويءَ ۾ ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙيءَ جي. البت جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته هر لهجي اندر ذيلي شاخون يعني محاورا (Idiolects) ٿيندا آهن، جن کي خطي وار ڌار ڌار نالن سان سڃاتو ويندو آهي. جيئن ته سنڌي زبان جي هاڻوڪي اترادي لهجي ۾ شڪارپوري محاورو يا شڪارپوري ٻولي، ميل وارو محاورو يا ميل واري ٻولي، تهڙيءَ طرح لاڙ ۾ ٺٽئي محاورو يا ٺٽئي ٻولي: مانڌر وارو محاورو يا مانڌر واري ٻولي: وارو مهاورو يا جاتيءَ جي ٻولي، ماڃر وارو محاورو يا مڃري ٻولي وغيره. ساڳيءَ طرح سرائڪي جو اهو محاورو جيڪو ملتان ۾ مروج هو. ان کي ملتاني سڏيو ويو جيڪو بهاولپور ۾ ڳالهايو ٿي ويو تنهن کي بهاولپوري يا رياستي ٻولي سڏيو ويو ۽ جيڪا ٻولي بلوچستان ۾ کيتران خطي ۾ ڳالهائي ٿي ويئي، تنهن کي ’کيترائي‘ ٻولي سڏيو ويو.


(4) Ibid, p.398.

(5) Ibid, p.406.

(6) Ibid,Op. Cit. p. 407.

(1) محترم عبدالله ورياه هي ڦٽل آثار 30 ڊسمبر 1979ع تي ڏٺا هئا. ڏسو: عبدالله ورياه: مقالو ”پتڻ منارو“، ششماهي سنڌي ادب، جلد 5، نمبر 1، ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1981ع، ص 139.

(2)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سومرن جو دؤر، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورش، 1980ع.

(3)  Extracts from thee  District & States Gazetteers of Punjab Op. Cit. p. 417.

(1) Ibid, p.424.

(2) Extracts from the  District & States Gazetteers of Punjab (Pakistan) Op. Cit. p. 425.

(3) Extracts from the  District & States Gazetteers of Punjab (Pakistan) Op. Cit. p. 426.

(1) Ibid, p.424

(2) Ibid, p.441

(3) Ibid, p.440

(1)  اسماعيلي داعين، هن شهر جو نالو هرڻاڪس ڄاڻايو آهي.

(2)  عبدالحميد عتيق فڪري: العتيق العتيق، بهاولپور، سرائڪي ادبي مجلس، 1971ع، ص 9.

(1)  عبدالحميد عتيق فڪري: ايضاً، ص 10.

(2)  سيد سليمان ندوي: عرب و هند کي تعلقات، ڪراچي، ڪريم سنز پبلشر، 1971ع، ص 304.

(1)  ايضاً، ص ص 24 ۽ 34.

(2)  سيد سليمان ندوي: عرب و هند کي تعلقات، حوالو ڏنو ويو آهي ص 39.

(3)  ايضاً، ص 39.

(4)  ايضاً، ص 38.

(5)  ابن خردازبہ: المسالڪ والممالڪ، اردو ترجمو، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، اعظم گڙهه، دارسلمصنفين، 1960ع، ص 16.

(1) Sachau., Alberuni’s India, Vol: I, pp 8-9.

(2)  مسعودي: مروج الذهب و معاون الجوهر، اردو رجمو، هندستان عربو کي نظر ۾ين، حوالو  ڏنو ويو آهي، ص 258.

(1)  عبدالحميد عتيق فڪري: العتيق العتيق، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 10.

(1)  عبدالله ورياه: مقالو ”پتڻ منارو“ ششماهي سنڌي ادب رسالو، جلد 5، نمبر 1 ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1981ع، ص 138.

(1)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 353.

(2)  محمد بشير احمد ظامي: عهدهائي قديم مين سرائکي زبان، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 25.

(3)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 337.

(1) اصطخطري: المسالک الممالک، ترجمو: هندستان عربون کي نظر ۾ مين، جلد اول، ص 375.

(2)  قبليٰ مخدوم صاحب جن وٽ سال 1975ع ۾ عرس مبارڪ جي موقعي تي سندن مهمان ٿي رهڻ جو مون کي شرف حاصل ٿيو. پاڻ قربائتا انسان آهن.

(1)  اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ، حصه اول، ص ص 347-346.

(1)  سيد نور علي ضامن حسيني: معارف سرائڪي، ص 39.

(2)  محمد بشير احمد ظامي: بهاولپوري – ملتاني زبان و ادب، حوالو ڏنو ويو آهي، 1962ع، ص ص 29-27.

(3)  ايضاً، ص 32.

(1)  حوالو پهريون ص 32.

(2)  حوالو پهريون ص 32.

(3)  عبدالحميد عتيق فڪري: العتيق العتيق، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 129.

(1)  منشي عبدالرحمان آئينه ملتان، ص 288.

(1)  منشي عبدالرحما: آئينه ملتان، ص 288.

(2)  ايضاً.

(1)  ڀيرو مل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 92.

(1)  منشي عبدالرحمان آئينه ملتان، ص 288.

(2)  ايضاً.

(1)  محمد بشير احمد ظامي: بهاولپوري – ملتاني، ص ص 33- 32.

(2)  ايضاً: سرائڪي زبان ڪا ارتقا، ص 45.

(1)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 103.

(2)  عبدالحميد عتيق فڪري: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 114

(1)  عبدالحميد راشد: مقالو ”سرائکي زبان ڪا ايک جائزه“، ماهنامه قومي زبان، انجمن ترقيءِ اردو، پاڪستان، مئي 1976ع ص 38.

(2)  ايضاً.

(3)  ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت (1521ع- 1555ع) جي زماني ۾ به اهڙوو راڄ ڪونه هو.

(1)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي – اردو لغت، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، ص 554.

(2)  ايضاً.

(3)  ايضاً، ص 554.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 121.

(2)  ڏسو حوالو پهريون، ص 96.

(3)  Ref: 2, Vol: VIII, p. 140.

(4)  Grierson, H., “Linguistic Survey of India”, Vol: VIII, pp. 9 & 140.

(1) Grierson, H., “Linguistic Survey of India”, Vol: VIII, pp. 9 & 140.

(2) Ibid,

(3) Ibid.

(4)  ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 96.

(5) Ref: 1.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 82.

(2)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر؛ سنڌي – اردو لغت، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، ص 554.

(1)  سيد نور علي ضامن حسيني: معارف سرائڪي، احمدپور شرقيه، مصطفيٰ شاهه اڪيڊمي، 1972ع، ص 40.

(2) Ahsan, Wagha, The Siraiki Language Its Growth and Development. M. Phil thesis, Sulintted at the Area Study Centre, (Central Asia), University of Peshawar, 1986, pp. 8-9.

(1) Ahsan, Wagha, op. Cit, pp. 8-9.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com