سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :4

انهيءَ کان پوءِ ميان صاحب ڪڇ جي راءِ کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ڇو جو هو سدائين سندن مخالفن ۽ باغين کي همٿائيندو ۽ پناهه ڏيندو رهندو هو. ميان غلام شاهه 1762ع (9 ربيع الثاني 1176هه) ۾ ڪڇ تي حملو ڪيو(1)، واٽ تي پراڻ جي ڇوڙ وٽ، ڪوري کاريءَ تي آباد مشهور واپاري بندر ”سنڌڙي بندر“ جو قلعو فتح ڪيائين(2). پوءِ سنڌڙي بندر کان اڳتي،، جاڙي جبل وٽ ڪڇ جي لشڪر کي شڪست ڏنائين. ميان جو لشڪر پوءِ جڏهن ڀڄ کان ٻارهن ميل اورتي هو، تڏهن ڪڇ جي راءِ کيس صلح جو پيغام موڪليو. انهيءَ صلح موجب ’بستا‘ ۽ ’لکپت‘ جا بندر ميان کي ڏيڻا ڪيائين، ۽ ميان صاحب کي پنهنجيءَ ڀيڻ جو سڱ پڻ آڇيائين(3). انهيءَ صلح کان پوءِ ميان صاحب 1764ع/2- رجب 1177هه ۾ شاهه ڳڙهه (شاهبندر جي ويجهو) واپس موٽيو. ميان صاحب جي موٽي اچڻ کان پوءِ، ڪڇ جو راءِ پنهنجي واعدي تان ڦري ويو، تنهن ڪري ميان صاحب مٿس وري حملو ڪيو. پهريون موروي جي قلعي تي حملو ڪيائين. جنهن ۾ بيشمار ڪڇي قتل ٿيا. جڏهن سنڌي فوج ڀڄ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هئي ته راءِ وري صلح جي درخواست ڪئي(1)، ۽ ميان صاحب کي پنهنجي سوٽ جي ڌيءَ جو سڱُ پڻ ڏيڻو ڪيائين. نيٺ صلح ٿيو. ميان صاحب هن شهزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ هن ڪڇي شهزاديءَ کي شاديءَ کان پوءِ ’سنڌ راڻي‘ جو لقب ڏنائين(2).

هن ساري بيان مان نتيجو هي ٿو نڪري ته ڪڇ وارو علائقو، راءِ گهراڻي جي حڪومت کان وٺي ڪلهوڙن جي حڪومت تائين، سنڌ جي ماتحت رهيو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، ٻوليءَ، اقتصادي ۽ ٻين حالتن جو ڪڇ تي سدائين غلبو رهيو آهي.

(ب) تجارتي ۽ واپاري ناتا:

سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ سمنڊ ۽ خشڪي رستي واپار جام هلندو هو. اهو واپار قديم زماني کان هلندڙ هو. طبعي بيهڪ جي ڪري سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڪيترائي مشهور بندر هوندا هئا. عربن جي آمد وقت ديبل مشهور بندر هو، ۽ واپاري منڊيءَ جي حيثيت رکندو هو. هتان عمان، چين، جاوا، سوماترا کان سواءِ ڪڇ، بمبئي ۽ مانڊوي بندرن سان واپار هلندو هو.

چوڏهين صدي عيسويءَ ۾، سومرن جي پوئين دؤر ۾، لاڙي بندر ۽ ٺٽو وڏا واپاري بندر هئا. انهن کان سواءِ فتح باغ، جوڻ ۽ رڙي پڻ وڏا واپاري مرڪز هئا، جتان ٻين خطن کان سواءِ ڪڇ سان پڻ واپار هلندو هو.

سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ غير ملڪي سياحن سنڌ جي ڀر وارن ملڪن سان واپار جو ذڪر ڪيو آهي. سترهين صدي ۾ لاڙي بندر ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ان وقت جي مغل گورنر اورنگزيب عالمگير (1648ع-1662ع) ڪڪرالا واري خطي ۾ ”اورنگا بندر“ نالي نئون بندر تعمير ڪرايو. هن بندر تان به گهڻو واپار هلندو هو. اليگزينڊر هئملٽن جي اچڻ وقت (1699ع) لاڙ ۾ ”اورنگا“ ۽ ’بستا‘ مکيه بندر هئا، جتان سمنڊ رستي واپار هلندو هو.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت واري زماني ۾ شاهبندر نالي نئون واپاري بندر تعمير ڪرايو، جتان ڪافي واپار هلندو هو. اهڙيءَ طرح هن جي دؤر ۾ درياءَ جي ريڻ شاخ تي فتح باغ، جوڻ ۽ رڙي مشهور واپاري بندر ۽ شهر هوندا هئا. ساڳيءَ طرح پراڻ تي ونگو پتڻ، باغ جو پتڻ (ٻنگار جو شهر)، رهمڪي بازار، ۽ ڪوري کاريءَ تي علي بندر ۽ سنڌڙي بندر هوندا هئا، جتان لکپت سان واپار هلندو هو.(1) اهڙيءَ طرح سير کاريءَ تي سنڊو بندر ۽ ٻيءَ ڀر طرف حجامڙي شاخ تي وڪر بندر هوندو هو، جتان گهڻو واپار هلندو هو(2). حجامڙي شاخ جي سڪي وڃڻ کان پوءِ، وڪر بندر ختم ٿي ويو، ۽ ڪيٽي بندر جو ڀاڳ وريو. هن بندر تان پڻ ڪافي واپار هلندو هو. هنن ٻنهي بندرن توڙي کارو ڇاڻ ۽ سوکي بندرن تان 1947ع تائين ڪڇ سان تمام گهڻو واپار هلندو هو. آزاديءَ واري سال تائين سنڌ جي سيٺين جا منيب، لکپت، مانڊوي ۽ پالنپور ۾ رهندا هئا(3).

سامونڊي ساحل کان پوءِ ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ خشڪيءَ رستي پڻ واپار هلندو هو. ٺٽي کان هڪ رستو براهه چاچڪان (بدين) ڪڇ ڏينهن ويندو هو. ٻيو رستو عمر ڪوٽ کان ننگر پارڪر ويندو هو. جتان ويراٿائون ۽ پالنپور کان احمد آباد، کنڀات، برهانپور ۽ سورت ڏانهن ويندو هو. پر ٺٽي ۽ چاچڪان وارو رستو انهيءَ ڪري اهم هو، جو ان جو مفاصلو گهٽ ۽ سفر سهنجو هوندو هو. انهيءَ رستي کان ئي ڄام صلاح الدين سمي، ڪڇي لشڪر اڻي. سنڌ تي قبضو ڪيو، ۽ ڄام فيروز جڏهن مرزا شاهه حسن تي ڪڇي لشڪر سان ڪاهي آيو هو، تڏهن انهيءَ رستي کان ئي آيو هو.

(ج) سماجي ناتا:

سياسي ۽ واپاري ناتن کان سواءِ سنڌ ۾ ڪڇ جي حاڪمن ۽ عام ماڻهن جا پاڻ ۾ سماجي ناتا پڻ هوندا هئا، انهن ۾ باهمي شاديون ۽ ميل جول، ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ اچ وڃ، مذهبي تبليغ، ميلا ملاکڙا، اوليائن جا ڏيهاڙا ۽ عرس مکيه هئا.

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪڇ جو راءِ خاندان، سنڌ جي جاڙي سمي جي اولاد مان هو، سنڌ تي جن سمن حاڪمن جي حڪومت هئي. اهي ۽ ڪڇ تي جن  سمن حاڪمن راڄ ٿي ڪيو، سي هڪڙي ڏاڏي جو اولاد هئا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته:

”وڏي ڄام لاکي (ڏسو شجرو) جي اولاد مان هوٿي ٿيو. ڄام هوٿيءَ جي پٽ ڄام راهوءَ جي اولاد مان ٻه ڄام لاکا ٿيا، جن تي پڳ هئي. ڄام لاکو پٽ گڙراهو(1) ۽ سندس پوٽو. ڄام ڳاهي جو پٽ ڄام. لاکو، جنهن جو پٽ ڄام جوڻو، جو ٺٽي جو پهريون سمو بادشاهه ٿيو“(2).

هن ڏس ۾ هسٽري آف ڪاٺياواڙ ۾ گجرات، سنڌ ۽ ڪڇ جي سمن جو جيڪو شجرو ڏنل آهي، سو ضميمي ”الف“ ۾، ۽ صفحي 45 ۽ 46 تي ڏنو  ويو آهي.

هن ڏس ۾ سيد حسام الدين شاهه راشدي جي مرتب ڪيل تحفةالڪرام مان نقل ڪيل سمن جو شجرو ضميمي ”ب“ صفحي 46 تي ڏنو ويو آهي.

سمن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي قومون سنڌ مان لڏي ڪڇ ۾ وڃي آباد ٿيون، ۽ ڪيترائي ڪڇ مان لڏي سنڌ ۾ اچي ويٺا. انهن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽيءَ سبب انهن جي اچ وڃ سدائين جاري هوندي هئي. ڪن قبيلن جا سردار سنڌ ۾ رهندا هئا ته راڄ جا ماڻهو ڪافي تعداد ۾ ڪڇ ۾ به رهندا هئا. اهڙيءَ طرح ڪن قبيلن جا سردار ڪڇ ۾ رهندا هئا ته سندن راڄ وارا سنڌ ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد هوندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ انهن قومن جي اچ وڃ دائما جاري هوندي هئي. انهن ۾ ٻارڻ. نهڙيا، منڌرا ۽ جت خاص قبيلا هئا، جن جو بيان اهميت کان خالي نه ٿيندو. انهن قبيلن جي زبان بنيادي طرح سنڌي هئي، انهيءَ ڪري به سنڌيءَ جو هڪ خاص لهجو گجراتي اثر قبول ڪندو، ڪڇي لهجي جي روپ ۾ وجود ۾ آيو، ۽ لس ٻيلي جي عوام وانگر ڪڇ جي عوام جي ٻولي سنڌي بنجي ويئي.

مٿي جن قبيلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي انهن جي اچ وڃ آزاديءَ کان پوءِ سرحد کليل هئڻ تائين جاري هوندي هئي. 1953ع تائين به جت، ٻارڻ ۽ منڌرا ڪڇ ۽ سنڌ ۾ ايندا ويندا رهندا هئا، ۽ هڪ ٻئي سان مائٽيون پڻ ڪندا هئا(1). ڪڇ ۽ سنڌ جي جتن جي سردار جو نالو غلام حسين هو(1)، جنهن کي ”ملڪ“ سڏيو ويندو آهي. ملڪ صاحب جاتيءَ کان 16 ميلن جي مفاصلي تي ”راڄ ملڪ“ ۾ رهندو هو. مارچ 1953ع ۾ ملڪ صاحب پنهنجي اليڪشن جي سلسلي ۾ پنهنجي قبيلي جي چڱن مڙسن، وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي هئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ ۽ ڪڇ مان جتن جي ڌار ڌار اوڙڪن جا جملي 4800 نمائندا اچي گڏ ٿيا. اهو تعداد اڃا به گهٽ هو ڇاڪاڻ ته سرحد تي ڪجهه سختي شروع ٿي چڪي هئي، انهيءَ ڪري ڪڇ جا سڀ نمائندا پهچي ڪونه سگهيا. انهيءَ هوندي به مذڪوره تعداد ۾ وڏو حصو ڪڇ کان آيو هو. ڪڇ مان ايڏي تعداد ۾ نمائندن جي شرڪت جو وڏو ڪارڻ هي به هو ته ڪڇ جي جت قبيلن اهو ثابت ڪرڻ ٿي ڇاهيو ته سياسي طور الڳ هجڻ جي باوجود هنن ملڪ غلام حسين کي پنهنجو سردار ۽ ملڪ تسليم ٿي ڪيو. سرحد جي بلڪل بند ٿيڻ کان پوءِ ظاهري طور هيءَ قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي آهي. هاڻ راڄ جي نظام خاطر ڪڇ ۾ پڻ سندن ڌار سردار آهي، پر سندن مرڪز پاڪستان ۾، ٺٽي ضلعي جي جاتي تعلقي ۾، ”راڄ ملڪ“ آهي، جتي سندن مرڪزي سردار رهندو آهي.

جت قوم ڪيترين ئي اوڙڪن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ اوڙڪ کي پنهنجو پنهنجو چڱو مڙس آهي، جنهن کي وڏيرو ڪوٺيندا آهن. انهن مان هڪ اوڙڪ لاکاڻي آهي. اهي مينهون ۽ ٻڪريون پاليندا آهن. هو ’لاکي‘ نالي پٺيان لاکاڻي سڏبا آهن. صدري ڳالهين مان ائين معلوم ٿيو آهي ته جتن جي جن پنجن سردارن سنڌ ۽ ڪڇ جي فتح ڪرڻ ۾ غازي محمد بن قاسم جي مدد ڪئي هئي ۽ ساٿ ڏنو هو، لاکو انهن مان هڪ هو. لاکاڻي جت، انهيءَ لاکي جو اولاد آهن، هن اوڙڪ وارا لاکاڻي، ڪڇ ۾ سراڙو نالي مڪان ۾ رهندا آهن. سندن ملڪ جو نالو نور محمد هو. ملڪ نور محمد ۽ سندس عزيزن کي ڪڇ ۾ جاگيرون مليل هونديون هيون. ملڪ نور محمد سرحد بند ٿيڻ کان اڳ ’ملڪ راڄ‘ ۾، ملڪ غلام حسين کي پنهنجي قبيلي جو سردار ۽ ملڪ مڃيندو هو. هن وقت هي قبيلو گهڻي ڀاڱي ڪڇ ۾ آباد آهي.

اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ ڪڇ ۾ جتن جي هڪ ٻي اوڙڪ ’بجار پوٽا‘ نالي رهندي آهي، اهي به پاڻ کي لاکي جو اولاد سمجهندا آهن. بجار پوٽن جو وڏيرو پاڻ کي بجار خان جي لقب سان سڏائيندو آهي. هن کي لکپت ۾ جاگيرون مليل هونديون هيون. لکپت کان سواءِ کارو ڇاڻ (سنڌ) ۾ پڻ هن جون زمينون هونديون هيون، پر سرحد بند ٿيڻ کان پوءِ، هن ڪڇ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ ڪري هو سنڌ ۾ رهندڙ اوڙڪ جي بيشمار ماڻهن کان الڳ ٿي ويو. هن جي علحدگيءَ جو داستان جتن وٽ مروج لوڪ گيتن ۽ ڪهاڻين ۾ ملي ٿو(1).

اهڙيءَ طرح هڪ اوڙڪ ”فقيراڻي“ سڏبي آهي. سانولو فقير نالي جت هنن جو وڏيرو هو. هن کي لکپت جي ويجهو جاگير مليل هئي. هي، پير گولاڙ وٽ رهندو هو، جتي سندس قبر آهي. اتي 1964ع ڌاري سندس پڙ پوٽو رهندو هو. ان جو نالو علي محمد هو. هن کي فقيراڻي اوڙڪ جو وڏيرو سمجهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ سندس پاران سندس خليفو فقيراڻين جي نگراني ڪندو آهي.

اهڙيءَ طرح ڪڇ جي اقتصادي حالت جو مدار سدائين سنڌ تي رهيو آهي.

ڪڇي ماڻهو ڏکين سکين ڏينهن ۽ ڏڪار سڪار جي حالت ۾ سدائين سنڌ ۾ ڪمائڻ لاءِ لڏي ايندا هئا(1). برسات کان پوءِ ڪي ڪڇي مالوند ماڻهو پنهنجا ڌڻ ڪاهي، گاهه پٺي جي سانگي سنڌ ۾ ايندا هئا. انهيءَ ڪري به قومن ۽ قبيلن جي اچ وڃ ٿيندي رهندي هئي. ٽالپرن جي حڪومت جي زماني ۾، مير غلام علي خان ٽالپر جي راڄ ۾، (1813ع – 1218هه) ۾، ڪڇ ۾ سخت ڏڪار پوڻ سبب هزارن جي تعداد ۾ ڪڇي ماڻهو سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ روزگار لاءِ لڏي آيا هئا. مير غلام علي خان انهن بي گهر ڪڇين ۾ انن جا انبار خيرات ڪيا، ۽ پنهنجي خزاني مان رقمون ڏيئي، اهي ٻار خريد ڪري ڪڇ جي ”راءِ ڀاڙا“ ڏانهن موڪليا، جيڪي ڪڇي ماڻهن ڏڪار واريءَ حالت سبب، سنڌ ۾ وڪيا هئا(2).

انهن ذاتين کان سواءِ سنڌ ۾ مرزا شاهه حسن جي راڄ واري زماني ۾ فتح باغ ۽ جوڻ ۾ صاحب سومرو زور هوندو هو. صاحب سومري ان وقت اسماعيلي خواجن پٺيان وٺ – پڪڙ لائي ڏني هئي. انهيءَ ڪري هزارن جي تعداد ۾ اسماعيلي خواجا، پير دادوءَ سان گڏ فتح باغ، جوڻ، بدين، رڙي، علي بندر، راهمڪي بازار، وانگي پتڻ، باغ جي پتڻ، ملان ڪاتيار ۽ ڍنڍيءَ مان قافلن جي صورت ۾ لڏي، ڪڇ ۾ لکپت، مانڊوي ۽ ٻين شهرن ۽ واپاري بندرن ۾ وڃي آباد ٿيا(3).

اهڙيءَ طرح برهمڻن جي ’راجگوڙ‘ قوم، اصل ٺٽي کان لڏي ڪڇ ۾ وڃي ويٺي. اهي جاڙيجن جا درٻاري برهمڻ ٿي رهيا(1). ساڳيءَ طرح سنڌ جا ڪيترائي سارسوت برهمڻ ڪڇ ۾ وسي ويا. ڪمي ڪاسبي، هندو توڙي مسلمان، وقت بوقت سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ کان وڃي ڪڇ ۾ آباد ٿيا. جاڙيجن جي راڄ ۾ سونارا سنڌ مان گهرايا ويا هئا(2). هتي جا واڻيا توڙي گجرات کان آيل واپاري گهر ۾ توڙي ٻاهر گجراتي ٻولي ڳالهائين. ڪڇي انهن جي مادري ٻولي ڪانهي، پر ڪڇ ۾ رهڻ ڪري گجراتي گاڏر ڪڇي به ڄاڻن. سنڌ ۽ ملتان کان پڻ ڪيترائي ماڻهو هت لڏي آيا.(3) ٺٽي مان پڻ ڪيترائي ڀاٽيا ۽ لوهاڻا هن طرف لڏي ويا. ٺٽي جا ميمڻ پڻ هن طرف لڏي ويا هئا.

(ii) باهمي شاديون:

ماڻهن جي لڏپلاڻ کان سواءِ ڪيترن ئي ڪڇين ۽ سنڌ جي سمن سردارن هڪ ٻئي سان مائٽيون پڻ ڪيون. شجري ۾ بيان ڪيل آهي ته سمن جي ڄام لاکيار سنڌ جي هڪ سوڍيءَ سان شادي ڪئي هئي. ساموئيءَ جي حاڪم ڪڇ جي چاوڙا قوم مان شادي ڪئي(4). اهڙيءَ طرح ٻين قومن ۽ قبيلن، منڌرن، نهڙين ۽ ٻارڙن جون هڪٻئي سان سڱابنديون ٿيل هيون. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ جي راءِ جي سوٽ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. جنهن کي پيار وچان ”سنڌ راڻي“ جو خطاب به ڏنو هئائين.

(د) مذهبي تبليغ ۽ ميل جول:

سومرن ۽ سمن جي حڪومت جي زماني ۾ اسلام جي جدا جدا فرقن جا داعي سنڌ ۽ ڪڇ ۾ ڪاهي پيا هئا. انهن ۾ غوثي بزرگ ۽ اسماعيلي فرقي جا داعي پيش پيش هئا. اسماعيلي مبلغن جي ڪڇ ۾ ’ڪڙهيو‘ نالي ڳوٺ مرڪز بنجي ويو، جتان اسماعيلي پير ۽ درويش سنڌ ۾ ايندا هئا. انهن سيدن کي سنڌ ۾ ”ڪڙيوال سيد“ ڪوٺيو ويندو. ٽنڊي محمد خان ۾ جيڪي شمسي اسماعيلي سيد رهن ٿا، اهي شمسي ڪڙيوال سيد آهن، ۽ انهيءَ خاندان مان آهن. اهڙيءَ طرح رڙيءَ جي ڦٽل شهر ۾ سيد نور شاهه ڪڙيوال جي مزار آهي، سو پڻ انهيءَ خاندان مان آهي. هن جي مزار جو ذڪر ڪاڪي ڀيرومل پڻ ڪيو آهي.

اٽڪل 500 سال اڳ ڪڇ ۽ سنڌ جو پاڻ ۾ سياسي ۽ واپاري گهاٽ ناتو هو. هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ چڱي اچ وڃ هئي. ڪڇ ۾ پڻ اسلام جو زور هو. ان وقت ڪڇ جو اٽڪل اڌ تعداد مسلمان ٿي چڪو هو. هن وقت به ڪڇ ۾ 25 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا.(1)

خليفو نبي بخش پير صاحب پاڳاري جي روحاني فيض جي تبليغ خاطر سنڌ کان ٻاهر ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف ويو ۽ پنهنجي تبليغ جي دائري کي وسيع ڪيائين.

خليفي صاحب جي تبليغ هيٺ هزارين ماڻهو حر جماعت جي ذمري ۾ داخل ٿيا. ڪڇ ۾ ”ٻنيءَ“ واري پرڳڻي ۾ گام مستوا ۽ ٻين ڳوٺن جا رهاڪو مريد ٿيا، جيڪي سرحد کليل رهڻ تائين درگاهه شريف سان پابند رهيا. (2)

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون درگاهون پڻ آهن جتي آزاديءَ کان اڳ هزارن جي تعداد ۾ ڪڇي مريد، هندو توڙي مسلمان ڏيهاڙن ۽ عرسن جي موقعي تي اچي حاضري ڀريندا هئا. انهن ۾ بدين ۾ شاهه قادريءَ جي درگاهه، ٽنڊي باگي طرف شاهه طريل جي درگاهه، ڪڙهيي گهنور ۾ خليفي محمود نظاماڻيءَ جي درگاهه، ٺٽي کان 12 ميل پري پير پٺي ۽ جميعل شاهه گرناريءَ جي درگاهه، جاتيءَ ۾ مغل ڀينءَ جي درگاهه، شاهه لطيف ۽ شاهه ڪريم جون درگاهون، شاهه بندر ۾ شاهه يقيق جي درگاهه ۽ چوهڙ جماليءَ کان اڳتي شاهبندر – چوهڙ روڊ تي ابن شاهه جي درگاهه، سيراڻين کان اڳتي، ساحلي خطي ۾ احمد راڄي جي درگاهه، ساري سنگهار جون دونهيون، اهڙي خاص ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا هئا، جتي هر سال هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ڪڇ کان اچي حاضري ڀريندا هئا.

ساڳيءَ طرح ڪڇ ۾ پڻ ڪيتريون ئي درگاهون، تيرٿ ۽ تڪيا هوندا هئا، جتي هر سال هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جا ماڻهو، هندو توڙي مسلمان ڪڇ ويندا هئا. انهن مان لکپت جي الهندئين طرف ڪوري کاريءَ جي اڀرندي طرف نارائڻسر ۽ ڪوٽيسر ۾ وڏا مندر هوندا هئا، جتي شاهه ڀٽائي پڻ ويو هو. اهڙو ثبوت شاهه صاحب جي ڪلام ۾ موجود آهي.

انهن کان سواءِ نريي ۾ حاجي امير پير جي درگاهه، ڳوٺ ولسري لڳ لانگاه پير جي درگاهه، بدين جي آمهون سامهون سنڌ ۽ ڪڇ جي رڻ جي ڪنڌيءَ تي حاجي پير جي درگاهه، حاجي پير جي درگاهه کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف ڪرول پير جي درگاهه، جنگلاسر، ماتا جو مڙهه، ڀئونتر جک، سيکراڙ پير، ڀڙ وارو پير، نارائڻ سر کان الهندي، ڪوريءَ لڳ سانولي فقير جت، مبين تماچيءَ، پير غوث محمد جون درگاهون، آستان ۽ تيرٿ آهن، جتي ميلا ۽ ملاکڙا پڻ لڳندا هئا، جت هر سال هزارن جي تعداد ۾ سنڌي وڃي گڏ ٿيندا هئا(1)

3- ڪڇي لهجو ۽ علم ادب:

مٿي سنڌ ۽ ڪڇ جي سياسي، سماجي، واپاري ۽ مذهبي ناتن جي بيان کان پوءِ ڏسڻ گهرجي ته لسانيات جي ماهرن ڪڇي ٻوليءَ لاءِ ڪهڙو رايو ڏنو آهي(2).

سر گريئرسن ڪڇي ٻوليءَ کي سنڌي زبان جو لهجو قرار ڏنو آهي(3). هن جي راءِ موجب ڪڇي لهجي ۾ وچولي ۽ لاڙي لهجي جا ڪيترائي عنصر ملن ٿا(4). ڊاڪٽر سورلي پڻ 1931ع واريءَ آدمشماريءَ جي رپورٽ ۾ ڪڇي ٻوليءَ کي سنڌي زبان جو هڪ لهجو ڄاڻايو آهي(5). هن ڏس ۾ ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:

”ڪڇ ملڪ اپٻيٽ آهي، ٽن پاسن کان سمنڊ جون ڇوليون ڇلڪا ڏيئي ان جا پٽ پئيون پسائين. تنهن ڪري اهو ’ڪڇ ‘ يعني سمنڊ جي ڪناري وارو ملڪ سڏجي ٿو، اتي جيڪا سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، سا ڪڇڪي سڏجي ٿي“(6).

جيتوڻيڪ ڪڇ رياست هن وقت هندستان جي صوبي گجرات جو هڪ ضلعو آهي، پر لساني حد بنديءَ واريون ليڪون (Isoglossis) سياسي حدون لتاڙي، سنڌي زبان جي لساني جاگرافيءَ واري سرحد ۾ ڪڇي ٻوليءَ کي پڻ شامل ڪري ويون آهن. ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچند لکي ٿو(1):

”ڪڇ جو دؤرو ڪندي عام ماڻهن مان معلوم ٿيو ته هو پنهنجي ٻوليءَ کي گجراتيءَ بجاءِ سنڌيءَ جي ويجهو سمجهن ٿا(2). ڪن ٻڌايو ته ڪڇي ٻولي سنڌي ۽ پنجابيءَ جي ملاوٽ مان ٺهيل آهي“(3).

”ڪڇي ته سنڌي ٻوليءَ جو ئي هڪ قسم آهي. ڪڇي ۽ سنڌيءَ ۾ فرق رڳو اهو آهي ته ڪڇيءَ ۾ گهڻا گجراتي لفظ اچي ويا آهن“(4).

ڊاڪٽر خوبچنداڻي ڀارت ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي مختلف نمونن جي سرشتي جو اڀياس ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ کوجنا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪڇ جو دؤرو ڪيو هو. هن اتي جي ڪمين ڪاسبين، واپارين، ڪڇ جي مهاراءِ جي درٻاري عملي، سرڪاري عملدارن ۽ ڪن ڪڇي ودوانن سان پڻ ملاقاتون ڪيون، ۽ انهن وٽان ڪڇي ٻوليءَ، ساهت، سڀيتا، اتهاس وغيره بابت ڪافي معلومات حاصل ڪيائين. انهيءَ معلومات جي آڌار تي هن هڪ ليک لکيو هو، جو روزانو هندواسي، ماهه ڊسمبر 1962ع جي ويهين تاريخ واري پرچي ۾ ڇپيل آهي(5).

مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته سياسي، سماجي، مذهبي تجارتي ۽ واپاري ناتن ۽ رشتن جي ڪري ڪڇ واري ايراضي سنڌ جو هڪ حصو آهي. انهن سببن ۽ ناتن توڙي اقتصادي مسئلن جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو: خواجا، ميمڻ، لوهاڻا، ڀاٽيا ۽ سونارا وغيره ٺٽي، شاهبندر، سيوهڻ، جوڻ، رڙي، بدين، علي بندر، ونگي پتڻ ۽ ٻين شهرن مان لڏي ڪڇ ۽ گجرات جي بندرن تي وڃي آباد ٿيا، جتي سوين سال گذرڻ جي باوجود، هو پنهنجي مادري زبان قائم رکندا آيا آهن، ۽ گهرن ۾ توڙي ٻاهر واپاري ڏي- وٺ ۾ پنهنجي مادري زبان استعمال ڪندا آيا آهن. اڄ به ڪڇ جا خواجا، ميمڻ، لوهاڻا، جاڙيجا ۽ ٻيون ذاتيون، وڻج- واپار ۽ گهرو استعمال ۾ ڪڇي ٻولي ڪتب آڻيندا آهن. خواجن، لوهاڻن ۽ ميمڻن وغيره جي ٻوليءَ جو روپ، توڙي رسمون ۽ رواج هڪ جهڙا آهن. انهن کي ڪڇ ۽ سنڌ سان لهه وچڙ بابت ڪجهه وڌيڪ چٽي ڄاڻ آهي. انهن قومن جي ڳالهائڻ ۽ کاڌي پيتي وغيره ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. لوهاڻن ۽ ميمڻن جو درياه پير“ ۾ گهڻو وشواس آهي. ميمڻ اڄ تائين ڄمڻ ۽ شادي وغيره ۾ سنڌ جون هندڪيون (پراڻيون سنڌي) رسمون نباهيندا آهن.

ڪڇ جا ميمڻ اڄ ڏينهن تائين قرآن شريف جي درس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، سنڌي زبان ۾ لکيل ڪي مذهبي ڪتاب جهڙو ’سنڌي نورنامو‘ ۽ ’بهشتي زيور‘ وغيره پڙهندا آهن(1). اڄ ڏينهن تائين سندن سنڌي جي تعليم جاري آهي. هرڪو ميمڻ ٻار سرڪاري تعليم وٺڻ لاءِ اسڪول وڃي يا نه، پر ڳوٺ جي ملان وٽ عربي ۽ سنڌي لپيون پڙهڻ جي تعليم ضرور وٺندو آهي ته جيئن هو اهي مذهبي ڪتاب صحيح اچارن سان پڙهي سگهي(2). انهن سنڌي ڪتابن جو سنڌي ادب ۾ ’ابوالحسن جي سنڌيءَ‘ جي نالي سان ذڪر ملي ٿو. اهي ڪتاب اڳ بمبئي ۽ گجرات ۾ شايع ٿيندا رهيا، ۽ گهڻو ڪري هر ڪنهن ڪڇي توڙي ڪاٺياواڙي ميمڻ جي گهر ۾ ملندا(1).


(1)  ايضاً

(2)  ايضاً

(3)  ايضاً

(1)  تحفة الڪرام، ص 280.

(2)  ايضاً، ۽ پڻ ڏسو: غلام رسول مهر: تاريخ ڪلهوڙا (اردو)، جلد دوم، ص ص 632 ۽ 633.

(1) Raverty, H.G., Mehran of Sindh, Calcutta. 1892, pp 654-66.

(2) Smyth, J.W.Gazetteer of the Province of Sind, Vol. B. Karachi, 1919 p. 91,

(3)  نائون مل: يادگيريون، مترجم حنيف صديقي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ. 1968ع. ص ص 81 ۽ 82.

(1)  تاريخ ڪاٺياواڙ موجب ڄام لاکو، ڄام گڙراهو جو پٽ نه هو، پر دراصل لاکو گڙرا هڪ ئي شخص جو هڪ نالو هو. جو لاکير جو پٽ هو. ڄام لاکو گڙرا 1520ع ڌاري ٿي گذريو آهي. هن کي اٺ پٽ هئا. ڏسو:

Captain Wilberforce, H. Bell, The History of Kathiawar,London, William Heinmann, 1916.

(2)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکو ڦلاني، حيدرآباد، سنڌ مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، 1958ع، ص25.

(1) Dr. Sigrid Westphal Hellusch and Dr. Heniz WestphalE The Jats of Pakistan, Berlin, Duneker as Humboet 1964, p.26.

(1)  ملڪ غلام حسين اپريل 1982ع ۾ وفات ڪري ويو.

(1)  انهن مان ڪي لوڪ گيت تاريخ 13-5-1982ع تي ڪيٽي بندر ۾ هڪ ڪچهريءَ ۾ رڪاڊ ڪيا ويا. هن ڪچهريءَ جو بندوبست محترم ’عبدالقادر منگي‘، اسسٽنٽ ڪمشنر گهارو ۽ مشتاق باگاڻيءَ ڪيو هو. ڪيٽي بندر ۾ ميزبانيءَ جا فرائض محترم عزيزالعزيز ميمڻ بجا آندا.

(1)  نائون مل: يادگيريون، مترجم محمد حنيف صديقي. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1968ع، ص 78.

(2) Aitken, E.H., Gazetteer of the Provinde of Sindh, Karachi, American Mission Press, 1907, p. 188.

۽ پڻ ڏسو نائون مل: يادگيريون. حوالو ڏسو 1، ص 71.

(3)  زباني احوال مرحوم همير لاکا کان 1957ع ۾ مليو هو.

(1)  لڇمڻ خوبچنداڻي: مقالو: ،ڪڇ جون جاتيون ۽ ٻوليون: هند واسي، 20 ڊسمبر، 1962ع ص 5 ۽ ص 6

(2)  لڇمڻ خوبچنداڻي: مقالو: ”ڪڇ جون جاتيون ۽ ٻوليون: هند واسي، 20 ڊسمبر، 1962ع ص 5 ۽ 6

(3)  ايضاً

(4) John Wilson, History of the Suppression of Infanticites in Western India, Bombay, 1855, pp. 167-168.

(1)  لڇمڻ خوبچنداڻي: حوالو ڏنو ويو آهي. ص ص 5-6

(2)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: خليفي صاحب جو رسالو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع ص 18.

(1)  محمد سومار شيخ: مقالو: ”ڪڇي ۽ سنڌي ٻولي“، ماهوار نئين زندگي، جنوري 1961ع، ص 7.

(2) Grierson, H., Linguistic Survey of India, Vol: VIII, 1919, p. 184.

(3) Ibid.

(4) Cencus report, 1931,p.330.

(5)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 151.

(6)  ڀيرومل: حوالو ڏنو ويو آهي.

(1)  لڇمڻ خوبچنداڻي: مقالو، ”ڪڇ جون جاتيون ۽ ٻوليون“، هندواسي، 20 ڊسمبر 1962ع، ص 5-6.

(2)  ايضاً

(3)  ايضاً

(4)  ايضاً

(5)  ايضاً

(1)  لڇمڻ خوبچنداڻي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 5-4.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ پڻ هن ڏس ۾ ڪڇ جي ٻني ايراضيءَ ۾ سالن جا سال رهي وڏي تحقيق ڪئي آهي. ڏسو: پرسو گدواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي ياترا.

(2)  لڇمڻ خوبچنداڻي: حوالو ڏنو آهي، ص ص 5-6.

(1)  ايضاً

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com