سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 2

صفحو :3

باب ٻيو

زبانن جا خاندان

 

مغربي محققن ميريو پي (Mario pei) ۽ ٻين دنيا جي مختلف خطن جي زبانن جا خاندان خطي وار يا خصوصيت وار متعين ڪيا آھن. ڊاڪٽر ميريو پي پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب word’s chief languages ۾ لکي ٿو تھ، ”جيڪو ماڻھو انگريزي، فرينچ، جرمني، اسپئنش، پورچوگيزي، اطالوي، روسي ۽ جپانيءَ جو ٿورو گھڻو عملي تجربو رکي ٿو، سو سڄي دنيا گھمي سگھي ٿو. عربي ۽ چيني بھ ڄاڻي تھ وڌيڪ بھتر آھي(١).

جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان محققن طرفان ھن موضوع تي گھڻو بحث ٿيو آھي ۽ تقسيم در تقسيم سبب ٻولين جي ڪٽنبن ۽ ذيلي شاخن ۾ تبديلي بھ آئي آھي، پر ميريو پي جي ڪيل تقسيم موجب دنيا ۾ ٻولين جا اٺ وڏا خاندان آھن. اھي آھن: آريائي، سامي، چينائي، منگوليائي، ملائي، دراوڙي، بانتوي ۽ اصلي آمريڪائي.

آريائي زبانن جا وري ٽي ڪٽنب آھن: يورپي، ايراني ۽ ھندي. ايئن يورپي زبانن جون وري ڇھھ شاخون آھن: روماني، جرماني، سيلٽائي، بالتائي، سلواني ۽ الباني.

روماني ڪٽنب ۾ فرينچ، اسپئنش، پورچوگيزي، اطالوي ۽ روماني زبانون شامل آھن. جرماني گروھھ ۾ انگريزي، ڊچ، جرمن، سوئيڊش ۽ ڊئنش سميت ڪي ٻيون پاڙيسري زبانون شامل آھن. سيلٽائي (celtic) خاندان ۾ اسڪاٽش، آئرش ۽ ويلش وغيره شامل آھن. بالتائي (Baltic) ڪٽنب ۾ لٿوئني ۽ ليٽش ٻوليون داخل آھن(٢).

سلوائي گروپ ۾ روسي، پولش، سلاوڪ ۽ بلگيريائي زبانون اچي وڃن ٿيون. اھڙيءَ طرح الباني گروپ ۾ الباني ۽ ٻيون ڀرپاسي جون زبانون شامل آھن.

ايراني خاندان ۾ فارسي، بلوچي، ڪردي ۽ پشتو اچي وڃن ٿيون. ھندي خاندان ۾ بنگالي، آسامي، ھندي، اردو، مرھٽي، گجراتي ۽ سنھالي/ سنگھالي زبانون اچي وڃن ٿيون(٣). پروفيسر جتوئي، سنڌيءَ جي باري ۾ لکي ٿو تھ: ”سنڌي، پنجابي، ملتاني ۽ ڪشميري زبانون وري انھيءَ آريائي زبان مان نڪتل ڏسجن ٿيون، جا ايراني ۽ ھندي خاندانن جي وچ واري ڪڙي ھئي. اسين ان کي سنڌو خاندان سڏي سگھون ٿا. يورپ جي گھومو قوم جپسين جي ٻولي بھ ڦريل سنڌي آھي(٤).“ جپسين کي جرمنيءَ ۾ سنڌي سڏجي ٿو.

سامي زبانن جي گروه ۾ عربي، عبراني، سرياني، آرميني ۽ حبشي زبانون شامل آھن. چينائي زبانن ۾ چيني، ٿٻيٽي، برمي، ٿائي ۽ ٻيون زبانون شامل آھن. منگوليائي گروپ ۾ منگولين، ترڪي، توراني، منچوريائي ۽ ڪوريائي شامل آھن. ملايائي خاندان ۾ ملايائي، جاوائي، ڀاشا (انڊونيشيا) ۽ ڪي آسٽريليا جون زبانون اچي وڃن ٿيون. دراوڙي خاندان ۾ تامل، تيليگو، ڪنڙ، بروھڪي ۽ ملايالم شامل آھن. بانتوي خاندان ۾ سواھلي، بانتو ۽ ٻيون آفريڪي زبانون شامل آھن. آمريڪائي گروھھ ۾ آمريڪا جي اصل رھاڪن ريڊ انڊين ۽ ٻين جون زبانون شامل آھن. ايئن دنيا ۾ ڪي غيرمشھور زبانون بھ ڪنھن نھ ڪنھن گروپ سان شامل ۽ ٺھڪندڙ ھونديون(٥).

ھي زبانن جا وڏا خاندان آھن، جن جو مطالعو ضروري آھي. انسان کي تھ موت جو ذائقو چکڻو ئي آھي، پر ڪي زبانون رابطي ۾ نھ رھڻ ۽ ٻين زبانن مان لفظ نھ کڻڻ جي ڪري مري وڃن ٿيون. مغرب ۾ لئٽن ۽ مشرق ۾ سنسڪرت انھن زبانن مان آھن، جي ڪتابن ۽ مندرن ۾ محدود ٿي رھجي ويون ۽ عام خلق جون زبانون نھ رھيون. لئٽن جا ڪافي لفظ يورپي زبانن ۾ شامل ٿي ويا ۽ سنسڪرت بھ وڏن پنڊتن، ودوانن ۽ محققن تائين محدود ٿي ويئي. آل انڊيا ريڊيو تان سنسڪرت ۾ نيوز بليٽن نشر ٿئي ٿي. ان کي بھ ڪي سمجھو سمجھن. ڪي زبانون، ڳالھائيندڙن جي کوٽ سبب بھ آھستي آھستي مري ويون. انھن ۾ ريڊ انڊين جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون.

زبانن جي خاندانن جو مطالعو لسانيات جي شاگردن لاءِ انھيءَ ڪري بھ اھم آھي تھ ھو مختلف گروپن جي زبانن ۾ ھڪ جھڙايون يا نرالايون/ آراڌايون ڀيٽي سگھن ۽ خصوصيتن جو اڀياس ڪري نتيجا ڪڍي سگھن. ھن لاءِ مختلف زبانن جي حقيقي ڄاڻ بھ ضروري آھي، يعني متعلقھ زبانون ڳالھائڻ، لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ اچن.

حوالا:

(1) Mario A. Pei, world’s chief languages, George Allen & Linwin London, 1954, p.15.

٢- علي نواز جتوئي، ص ص ١٨٦- ١٨٧.

٣- ايضا، ص ١٨٧.

٤- ايضا، ص ١٨٧.

٥- زبانن جي گروپن جو وچور ميريو پي ۽ جتوئي صاحب جي ڪتابن جي مدد سان تيار ڪيو ويو آھي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com