سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب:اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

باب: --

صفحو :10

 

آوازن ۽ ٻولن جي تبديل:

اهو بيان شڪ جوڳو آهي ته هر اهو ٻول جنهن ۾ ]ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ[ شامل هجن اهو لازمي طرح سنڌي ٻول هوندو. ٻوليون ٻين کان ورتل ٻولن ۾ پنهنجيءَ طبيعت ۽ اچار-سهنج جي لحاظ کان تبديلي آڻينديون آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ به يقيناً ايئن ڪيو آهي، پر ان جو قطعي اهو مطلب ناهي ته ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ سنڌيءَ کان ڪو هڪ ٻول به نه ورتو آهي يا ان جي ٻول کي پنهنجيءَ طبيعت ۽ اچار-سهنج جي لحاظ کان تبديلي نه آندي آهي. جيئن سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪي عربي آواز اچاري نه ٿا سگهن، تيئن عربي ڳالهائيندڙ به سنڌي جا ]ٻ، ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڄ، جھ، ڃ، چ، ڇ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ڦ، ک، گ، ڳ، گھ، ڱ ۽ ڻ[ اچاري نه سگهندا ۽ اهڙو ڪو به ٻول جنهن ۾ انهن مان ڪو هڪ به آواز موجود هوندو يقيناً عربي ٻولي ايئن بگاڙي ڇڏيندي جيئن اسان ان جي ]ث ۽ ص، ذ، ض ۽ ظ ۽ ط، ع ۽ غ[ سان ڪيو آهي.

ساڳيءَ طرح، جنهن ٻوليءَ ۾ مثال طور ]ڄ[ ۽ ]ڻ[ نه هوندا ۽ اهڙو ڪو ٻول سنڌيءَ کان وٺندي جنهن ۾ اهي آواز موجود هوندا ته انهن کي واريسر ]ج[ ۽ ]ن[ ڪري ڇڏيندي. مثال طور، ليکڪ جي نظر ۾ هڪ ٻول آهي /ڄَڻ/ (ڄڻڻ).

جيڪو ]ڄ[ ۽ ]ڻ[ نه ٿو اچاري سگهي، اهو چوندو /جَن/ (جَنَن، جننا). رومن الفابيٽ ۾ ان کي لکبو /gen/ (Genan) يا /jen/ (Jenan). ]نوٽ: اها ڳالهه ياد رکي وڃي ته رومن الفابيٽ ۾ وائل (Vowel) اکر يعني حرف علت ڪل پنج آهن: a، e، i، o ۽ u. ڪڏهن ڪڏهن w ۽ y کان به حرف علت جو ڪم ورتو ويندو آهي، پر انگريزيءَ ۾ يَڪسُرا وائل آواز (Monopthong vowel sounds) ٻارنهن چيا وڃن ٿا. (باربر ]1982[ 7-5)

تنهنڪري ڪو هڪ وائل اکر ٻن، ٽن، چئن يا پنجن قسمن جي وائل آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو، جيئن شَل/Shall، بال/Ball، بيئر/Bare، بيس/Base ۽ بلئڪ (بلَيڪ)/Black ٻولن ۾ ’a‘ وسيلي ظاهر ڪيل آواز.[

’ڄڻ/جن/gen‘ پاڙ ٻول، ڌاتو، اصل يا مول رکندڙ سوين ٻول سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن، جيئن: ڄڻڻ، ڄڻيو، ڄڻيندو، ڄڻيل، ڄڻيندڙ، ڄڻائڻ، ڄڻايو، ڄڻائيندو، ڄڻايل، ڄڻائيندڙ، اڻڄَڻ، ڏُڄڻ، سَڄڻ وغيره. /gen/ ڪيترن ئي جديد علمي اصطلاحن ۾ موجود آهي، جيئن جيني/gene، جينيولاجي/ genelogy، جينيٽڪس/genetics، آڪسيجن/oxygen، هائڊروجن/hydrogen وغيره.

ڪي ماڻهو چون ٿا ته، /ڄڻ/ نه پر سنسڪرت /جَن/ (يا جنم) ڌاتو ۽ اصلي ٻول آهي ۽ سنڌيءَ ان کي بگاڙي /ڄڻ/ ڪيو آهي. ليکڪ اهو سوچڻ ۾ حق بجانب آهي ته سنڌي ٻولي جڏهن /جُنِ، جناب، جناخ، جنازو، جنب، جنم، جِنب، جنباهه، جنبش، جُنبڻ، جَنبي، جنتر، جنتري، جَنبر، جِند، جَنڊ، جنڊِ، جنرل، جِنس، جنسار، جَنگ، جُنگهه، جنگڻ، جَنگو، جنگير، جَنهر/ وغيره جهڙا سوين ٻول ۽ انهن مان ٺهيل اصطلاح ڳالهائي/اچاري ٿي ته ڇو /جن/ (يا جنم) کي /ڄڻ/ (يا ڄڻڻ) ڪندي؟

ليکڪ جڏهن جامع سنڌي لغات جي سڀ کان وڌيڪ سوڌيل، سنواريل ۽ سوجهيل جلد-1 ۾ ]ٻ[ سان شروع ٿيندڙ ٻولن تي نظر وجھي ٿو تڏهن اهو ڏسي حيران ٿئي ٿو ته لڳ ڀڳ 2160 (ٻه هزار هڪ سؤ سٺ) ٻولن ۽ اصطلاحن جي ڊگھيءَ لڙهه ۾ رڳو ٻه ٻول ’ٻاوڙي‘ ۽ ’ٻيدِي‘ ئي اهڙا آهن، جن جو ڌاتو واريسر عربيءَ جو ’بِئَر‘ ۽ ’بيداءَ‘ ڄاڻايو ويو آهي، توڙي جو اهو به لکيو ويو آهي ته ٻاوڙِي/ٻائر نالي هڪ ٻير جهڙو وڻ ۽ ’ٻائري‘ نالي تعلقي هالا ۾ هڪ ديهه به موجود آهي، ’ٻائِڙُ‘ معنى هرلي يا نار جي ڍينگي جون ڪاٺيون... ۽ ’ٻائڙ ٻوڙ‘ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آهن.

انهيءَ ]ٻ[ ٻول مالها ۾ سوين اهڙا ٻول ڄاڻايل آهن، جن جو ڌاتو سنسڪرت، پراڪرت، هندي، فارسي، انگريزي، ترڪي وغيره مان چيو ويو آهي، ايتري قدر جو ’ٻنگاري‘ ٻول ۾ آئرش ڌاتو ’بن‘ = ٽامو به نه وساريو ويو آهي. ڇا اها عجيب ڳالهه ناهي ته جنهن سنڌي ٻوليءَ بابت چيو/ڄاڻايو ويو آهي ته ان ڪيترين ئي ٻولين جي سوين ٻولن جو پهريون آواز بگاڙي ]ٻ[ ڪري ڇڏيو آهي، ان ٻوليءَ عربيءَ جو گذريل ٻارنهن سؤ ورهن ۾ ڪو هڪ به اهڙو ٻول نه بگاڙيو آهي جيڪو ]ب[، ]و[، ]پ[ وغيره سان شروع ٿئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڦري ]ٻ[ ٿيو هجي! انهيءَ مثال کي سامهون رکندي ليکڪ شڪ ٿو رکي ته اهي سوين ٻول جن جو پهريون آواز چيو ٿو وڃي ته سنڌيءَ بگاڙي ]ٻ[ ڪيو آهي، متان ايئن نه هجي.

]ڏ[ سان شروع ٿيندڙ، ٻولن جي مالها ۾ (جامع سنڌي لغات، جلد-3) لڳ ڀڳ ٻه هزار ٻول ۽ اصطلاح ڏنا ويا آهن ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته سنسڪرت، پراڪرت، هندي، فارسي وغيره جي ڪيترن ئي مختلف ٻولن جا ابتدئي آواز بگاڙي ]ڏ[ ڪيو ويو آهي. جن آوازن کي چيو ويو آهي ته سنڌيءَ بگاڙيو آهي، انهن ۾ نمايان ’دُر‘، ’دَر‘ ۽ ’دِر‘ پڻ شامل آهن، پر ليکڪ اتي به اهو ڏسي حيران ٿي ويو آهي ته نيٺ ڇو سنڌي ٻوليءَ عربيءَ جو هڪ به اهڙو ٻول نه بگاڙيو آهي، جنهن جا ابتدائي اچار ’دُر‘، ’دَر‘ يا ’دِر‘ هجن. رڳو ٽي ٻول ڏول (ع. دلو)، ڏيرو (ع. دائره) ۽ ڏيلو (ع. دائره) ڏنا ويا آهن، جن ۾ ظاهر ٿو ٿئي ته ’دلو‘ کي ’ڏول‘ ۽ ’دائره‘ کي ’ڏيلو‘ ۾ بدلايو ويو آهي. انهيءَ حالت کي ڏسندي ليکڪ هتي به شڪ ٿو ڪري ته ]ٻ[ جيان ]ڏ[ سان شروع ٿيندڙ آواز به متان سنڌي ٻوليءَ نه بدلايا هجن.

ٻئي پاسي، هر اها ٻولي جنهن ۾ ]ٻ[ ۽ ]ڏ[ موجود ناهن ۽ ڪنهن به طرح سنڌيءَ کان جيڪڏهن اهڙا ٻول وٺي ٿي جن ۾ اهي آواز به شامل هجن، تڏهن شڪ کان آجو ٿي، پڪ سان اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته ٻي ٻولي انهن ٻولن جي ]ٻ[ کي ]ب[، ]پ[، ]ڀ[، ]و[ وغيره ۽ ]ڏ[ کي ]ڊ[، ]ڌ[، ’ڊر‘، ’در‘ وغيره ۾ بدلائي ڇڏيندي.

]نوٽ: ليکڪ ]ڄ[ ۽ ]ڳ[ شامل رکندڙ ٻولن جا جائزا اڃا نه وٺي سگهيو آهي، انهن بابت ڪنهن ٻئي واري ڳالهه ٻول ڪبي.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com