سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب:اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

باب: --

صفحو :12

 

تنقيد جو ’معيار‘:

·      بلوچ }ڊاڪٽر نبي بخش خان{ صاحب جو ته فقط نظريو غلط هو پر سندس محنت ۽ ڏنل حوالا نهايت قيمتي ۽ وزندار هئا. برعڪس، هن ڪتاب }سنڌي ٻولي، سراج{ جو نظريو کڻي ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي پر ٻيو سڀ ڪجھ ايترو ڪمزور آهي جو ڄاڻو ماڻهوءَ جو پڙهندي لطف گھٽجيو وڃي. (سمراٽ ]1995[ 22)

-       حوالا نهايت قيمتي ۽ وزندار ـــــــــ نظريو غلط!

-       ٻيو سڀ ڪجھ ڪمزور ۽ ٻُسو ـــــــــ نظريو هڪ حد تائين درست!

اهو منطق جنهن کي سمجھ ۾ اچي، مهرباني ڪري، ليکڪ کي سمجھائي.

جن ماڻهن وسهيو پئي ته سج هڪ ديوتا آهي، ڇا ٿا سمجھو، انهن پنهنجي ان ’نظريي‘ جي وضاحت ۾ جيڪي ’دليل‘ ڏنا هوندا سي ڪي گھٽ ’قيمتي‘ ۽ ’وزندار‘ هوندا؟ ڌرتيءَ تي جيوت ۽ ان جي بقا جو دارومدار سج سان لاڳاپيل آهي، ان کان سواءِ اوندهه ۽ سيءُ ئي ڌرتيءَ جي ’نصيب‘ ۾ لکجي ويندا... ۽ جن سمجھيو پئي ته ڌرتي گول ناهي، ڇا ٿا سمجھو، انهن وٽ پنهنجي ’نظريي‘ جي وضاحت لاءِ ڪي ’وزني‘ ۽ ’قيمتي‘ ’دليل‘ ڪو نه هئا؟

۽ جن چيو پئي ته سج ڪو ديوتا ناهي، ’باهه جو گولو‘ آهي يا ڌرتي هڪ گولو آهي ۽ پنهنجيءَ سَرائي (axis، محوَر) ۾ سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي، انهن جا دليل هالو چالو سمجھ موجب ڇا (ٻُسا ۽ ڪمزور ته ڇڏيو) واجب القتل نه هئا؟

·      ڀلا ههڙي نازڪ، عالماڻي ۽ بلڪل خشڪ موضوع لاءِ خسيس پنج سال به ڪو عرصو آهي؟ ...دوست }سراج{ فقط پنج سال ڪجھ ڪتاب پڙهي ههڙي عالماڻي مضمون تي جيڪي لکندو ان کي ڪهڙو وزن ٿي سگھندو؟ (سمراٽ ]1995[)

’ڀلا ههڙي، نازڪ، عالماڻي ۽ بلڪل خشڪ موضوع‘ لاءِ گھڻا سال ۽ گھڻا ڪتاب پڙهجن جو ان ۾ ’وزن‘ پيدا ٿي سگھي؟

ضروري ناهي ته هڪ موضوع ڪنهن هڪ لاءِ ’بلڪل خشڪ‘ هجي ته ڪنهن ٻئي لاءِ به صورتحال ايئن ئي رهي، باقي جيستائين تعلق آهي موضوع جو، ته تحقيق جي دنيا ۾ هر موضوع نازڪ ۽ عالماڻو ٿئي ٿو. ليکڪ نه ٿو ڄاڻي ته ’وزندار‘ لکڻيءَ لاءِ گھڻا سال ۽ ڪيترا ڪتاب پڙهڻ جو شرط رکيل آهي، پر اهو ڄاڻي ٿو ته ڪي ماڻهو 28-ورهين جي عمر ۾ ئي پِي ايڇ ڊي (Ph.D) ڪري وٺن ٿا ۽ ڪي آهن جو ستر ورهين ۾ به جھڙوڪر ٻار؛ ڪن ماڻهن پنهنجين سڄين ڄمارن ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو پر ڪي آهن جن 25-ورهين ۾ ئي دنيا کي وائڙو ڪري ڇڏيو. ليکڪ نه ٿو سمجھي ته ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءَ جو تعلق ورهين ۽ پوٿين جي ڳڻپ سان آهي.

·      مان اٽڪل 25 سالن کان دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪندو پئي رهيو آهيان جو منهنجو ذوق آهي ۽ گذريل پنجن سالن کان ’موهن جو دڙو‘ جي لپيءَ لاءِ ذخيرو گڏ ڪري رهيو آهيان ته به گھربل ميزان ٽنگ کنيو بيٺو آهي. (سمراٽ ]1995[ 22)

خبر ناهي ته هيءَ ڳالهه چئي سمراٽ صاحب جن ڇا ٻڌائڻ گھرن ٿا. تحقيق جي دنيا ۾ ڪنهن هڪ موضوع کي صاف ٿيڻ لاءِ صديون گھربل هونديون آهن، توڙي جو ان موضوع تي ويچار ڪندي ڪن پنهنجون ڄمارون گذاري ڇڏيون هجن. اڄ جنهن ڦيٿي يا باهه کي ٺاهي يا ٻاري سگھڻ جو ڪم هڪ ٻار به ڪري سگھي ٿو، اهو ڪم عمل ۾ اچڻ لاءِ انسان ٿيندڙ ساهواري کي لڳ ڀڳ ڇهه لک ورهه لڳي ويا. وڻ جو ميوو پچڻ کان پوءِ ڇڻندو ئي رهندو آهي پر نيوٽن کي اتان چرپر جي هڪ قانون کي کوجڻ جي ڪنجي ملي وئي. آرڪمڊيز چيو هو ته هڪ ڊگھي لٺ ۽ بيهڻ جي جاءِ ڏيو ته ڌرتي کڻي ڏيکاريانوَ!

ڪنهن هڪ موضوع جي صفائي ڪنهن ٻئي موضوع جي مونجھاري کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ڪالهه ماڻهوءَ لاءِ چنڊ جي تمنا ڪرڻ هڪ خواب هو، اڄ مريخ کان اڳتي اڏامڻ جون سوچون پيو ڪري. ياد رکڻ گھرجي ته هر موضوع جون ڪي اڳ-گھرجون (Pre-requists) هونديون آهن. هوائي جهاز جو ٺهڻ گذريل صديءَ ۽ ڪمپيوٽر جو ٺهڻ هن صديءَ ۾ ئي ممڪن هو، اهو ڪم غارن ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ آڳاٽو انسان نه پئي ڪري سگھيو. اڄ سڄيءَ دنيا ۾ لکين سائنسدان/سڄاڻڪ موجود آهن پر ڪهڙو راز ڪير ۽ ڪڏهن سَليندو، ڪو به نه ٿو ڄاڻي. ڊاڪٽر آسڪوپرپولا ۽ سندس ساٿي، ڊاڪٽر نوروزوف ۽ سندس ساٿي وغيره، ليکڪ جي ڄاڻ موجب، گذريل ٽيهه کن ورهين کان سنڌو لکيت کي پڙهڻ ۽ پرجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ مامرو حل نه ٿو ٿئي.

سنڌ صدين دَوران ڪانفرنس (1997ع) ۾ آسڪوپرپولا جن به پنهنجو هڪ عالمانه ۽ تحقيقي موضوع ”رِيسينٽ ڊيولپمينٽس اِن دي اسٽڊي آف انڊس اسڪرپٽ“ پڙهيو هو جنهن ۾ ٻڌايائون ته ”... پر ايئن ٿو ڀانئجي ته سنڌو لکيت، جيستائين حقيقي تصويري خاڪن جو تعلق آهي، گھڻي ڀاڱي خودمختار تخليق آهي.“ اها ئي ڳالهه سراج صاحب جن 1964ع ۾ ڪئي هئي، جنهن تي تنقيد ڪندي سمراٽ صاحب جن کي اهو مضمون لکڻو پيو آهي جنهن بابت هن وقت ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهيون.

پنجويهه ورهين جي پورهيي ۽ ڪمپيوٽر جي مدد سان ڪن عالمن سنڌو مُهرن تي گھڻي کان گھڻي نظر ايندڙ نشان کي ’مڇي‘، دراوڙي ۾ ’مِن‘ (min) پڙهيو آهي ۽ ان کي هڪ وک اڳتي قرار ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ليکڪ حيران آهي ته ان ساڳي ئي نشان کي سراج صاحب جن، 1964ع ۾، جڏهن ’مڇي‘ پڙهيو ۽ ’م+حرف علت‘ جو نمائندو سڏيو ته ڇو اها ڳالهه ساراهڻ بدران کين تنقيد جو نه، ٽوڪ جو نشانو بنايو ويو؟

سمراٽ صاحب جن وٽ پنجن سالن کان پوءِ به گھربل ميزان ٽنگ کنيو بيٺو آهي ته انهيءَ تي اسان جو وس ناهي.

·      مون محض هڪ طالبعلم جي حيثيت ۾، ٻولين ــــــــ ۽ خاص ڪري ڪُهنين ۽ قديم ٻولين جو مطالعو پئي ڪيو آهي، ۽ ٻين مطالعن کان هيءُ اڀياس وڌيڪ دل لڀائيندڙ محسوس ڪيو اٿم. (سراج ]1964[ 120)

هڪ عالم لاءِ جيڪو موضوع ’بلڪل خشڪ‘ آهي، اهو ٻئي لاءِ ’دل لڀائيندڙ‘!

ليکڪ کي ڏک اهو به آهي ته جنهن لاءِ جيڪو موضوع ’دل لڀائيندڙ‘ هو، اهو ان موضوع کي ڄڻڪ ڇڏي چڪو آهي نه ته گذريل ٽيهن ورهين ۾ ضرور ڪي چُڪيون چَکائي ها!

·      سو دوست! هي قيمتي ۽ عالماڻو ڪم فقط بزرگن ۽ عالمن لاءِ ڇڏي ڏيو. ڇوڪراڻو ڪم ڪونهي جو نوجوان ايئن نباهي ويندو. (سمراٽ ]1995[ 26، ڪالم-3)

ڳالهائڻ جو اهو انداز ممڪن آهي ته ڪن ’عالمن‘ کي ڏاڍو وڻي، ليکڪ رڳو اهو عرض ٿو ڪري ته، وڏڙا آهيو ته وڏڙن واري نظر رکي پنهنجين ئي راهُن جي پانڌيئڙن کي ايئن نه ڌڪاريو، توهان جو اهو عمل توهان تي سونهي نه ٿو. توهان ته نوجوانن کي سڏ ڏيو ته تحقيق ۽ تدبر جي هن راهه تي به اچو ته جيئن توهان کان پوءِ اهي گس گم نه ٿي وڃن.

سراج صاحب جن هن راهه تي رمڻ کان جيڪا پهلوتهي اختيار ڪئي آهي، ڇا ان ۾ سمراٽ صاحب جن جي ان تنقيد جو به ڪو حصو آهي!؟

·      هت آئون کليل لفظن ۾ اعتراف ڪرڻ گھران ٿو ته موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي حل ڪرڻ متعلق مون کي ڪا خوشفهمي نه آهي... منهنجي هن ڪتاب کي به هڪ ڪوشش سمجھڻ گھرجي. عين ممڪن آهي ته منهنجي ڪوشش به قطعي غلط هجي. ان حالت ۾ اميد ته پڙهندڙ ۽ عالم ان کي هڪ طالبعلم جي ڪوشش ۽ پيار جو پورهيو سمجھي معاف ڪندا. (سراج ]1964[ پيش لفظ)

ليکڪ جي سَڌ آهي ته، ۽ ان ڪري سراج صاحب جن کي هڪ گذارش ڪجي ٿي ته جيڪڏهن پنهنجي نڪتهءِ نظر کي درست سمجھو ٿا ۽ ان مان مطمئن آهيو، ۽ جي نه آهيو ته به، سنڌي ٻولي ڪتاب لکي ٽيهه ورهه گذري چڪا آهن ۽ تحقيق جي دنيا اڃا گھڻو اڳتي وڌي وئي آهي، ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي نڪتهءِ نظر کي نئون، تازو ۽ توانو ڪريو، جيڪو ۽ جيترو حصو نامناسب يا غلط هجي، ان کي عالمانه فراخدليءَ سان قبول ڪندي، ڪوري ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪو ۽ جيترو درست هجي ان کي وڌائي ويجھائي مواڙ ڪريو ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت ٿيندڙ تحقيق اڃا ڪجھ اڳتي وڌي سگھن ۽ اسان جھڙا انهن راهن جا پانڌيئڙا ۽ موکيءَ جي انهن مَٽن جا هيراڪ پنهنجو پاڻ کي ذهني طرح متارو ڪري سگھن.

.....

ليکَلکا

-       آغا خالد سليم: سنڌ ۾ موسيقي، (اردو)، اداره ثقافت پاڪستان اسلام آباد. 1984ع.

-       الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد. 1974ع.

-       الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو. 1987ع.

-       باربر، سي. ايل.: دي اسٽوري آف لئنگئيج، (انگريزي)، پان بُڪس لميٽيڊ ڪاواءِ پليس، لنڊن. 1982ع.

-       بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو. 1990ع.

-       بورڊِي، جاهن جي.: اين اينقئائري اِنٽو دي گلاٽو-ڪرانالاجي آف سنڌي فونولاجي (مضمون)، (سنڌ ٿِرو سينچرِيز نالي جوڙيل ڪتاب)، آڪسفورڊ پريس. 1981ع.

-       ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1978ع.

-       ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. 1972ع.

-       ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: وڏو سنڌي وياڪرڻ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو. 1985ع.

-       ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. 1992ع.

-       پرپولا آسڪو، ڊاڪٽر: ريسينٽ ڊولپمينٽس ان دي اسٽڊي آف انڊس اسڪرپٽ (مضمون)، (سنڌ ٿِرو سينچرِيز نالي جوڙيل ڪتاب)، آڪسفورڊ پريس. 1981ع.

-       پنهور، ايم. ايڇ.: سنڌ جون ٻوليون (مضمون)، سنڌي ترجمو: محبت ٻرڙو، ڪينجھر ماهوار حيدرآباد. اپريل 1995ع.

-       رچنداڻي، ليلا رام ڏيونداس: سنڌي ٻولي، احمد آباد، ڀارت. 1989ع

-       سراج: سنڌي ٻولي، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد. 1964ع.

-       سمراٽ، گنگارام: سنڌي ٻولي (مضمون)، سنڌ سجاڳ ماهوار ڪراچي. آگسٽ 1995ع.

-       سمون، صالح محمد يار محمد: سنڌي ٻولي ۽ ان جا ڌار ڌار لهجا (مضمون)، نئين زندگي ماهوار حيدرآباد. اپريل-مئي 1977ع.

-       قريشي، پروفيسر مظهر علي: موهن جي دڙي جا آباد ڪندڙ انسان (مضمون)، نئين زندگي ماهوار حيدرآباد. جون 1995ع.

-       پٺاڻ، ممتاز، ڊاڪٽر: سنڌي پراڻي شاعري تي هڪ نظر (مضمون)، نئين زندگي ماهوار حيدرآباد. اپريل 1971ع.

-       جامع سنڌي لغات (5-جلد).

-       چئمبرس ڊڪشنري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com