سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب:اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

باب: --

صفحو :4

 

زمان مستقبل

(1) فعل لازميءَ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهايو وڃي ٿو:

ز

 

   هيڪل/نَر

  هيڪل/نار

1. ضمير متڪلم

2. ضمير حاضر

3. ضمير غائب

 * مان/آءٌ لکندس.

 * تون لکندين.

 * هي/هو/اِهو/اُهو لکندو.

* مان/آءٌ لکنديس.

* تون لکندينءَ.

* هيءَ/هوءَ/اِها/اُها لکندي.

 

 

 

 

   گهڻ/نَر

  گهڻ/نار

4. ضمير متڪلم

 

5. ضمير حاضر

6. ضمير غائب

* اسان/اسين لکنداسي/  

   لکنداسون/لکنداسين.

* توهان/توهين لکندؤ.

* هي/هو/اِهي/اُهي لکندا.

* اسان/اسين لکنديونسي/...

 

* توهان/توهين لکنديون.

*هي/هو/اِهي/اُهي لکنديون.

(2) مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾ ’لکندس‘، ’لکنديس‘، ’لکندين‘، ’لکندينءَ‘، ’لکنداسي‘، ’لکنديونسي‘ ۽ ’لکندؤ‘ فعلي صورتون پاڻ سان ضميري پڇاڙي ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي گهٽ-وڌ ٿي پئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي. ان جي ڇنڊڇاڻ ڪجهه دير پوءِ ڪنداسي. پر ڀاڳ ڀلا آهن ’هي لکندو‘، ’هيءَ لکندي‘، ’هي لکندا‘ ۽ ’هي لکنديون‘ جا، جو اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا. حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي ’توهين لکنديون‘ جو، اها ڀل چڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي، ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ضمير پڇاڙيءَ واري صورت به.

(3) قاعدي موجب زمان مستقبل ۾ فعل جي صورت هن طرح آهي/هئڻ گهرجي:

س

* حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي حذب/حذف ٿي وڃي ٿو.

1- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب، هيڪل/نر:

    * لکندو، پڙهندو، گهمندو، سمهندو، ڏسندو، ويهندو، بيهندو...

2- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب، هيڪل/نار:

    * لکندي، پڙهندي، گهمندي، سمهندي، ڏسندي، ويهندي، بيهندي...

3- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب، گهڻ/نر:

    * لکندا، پڙهندا، گهمندا، سمهندا، ڏسندا، ويهندا، بيهندا...

4- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب، گهڻ/نار:

    * لکنديون، پڙهنديون، گهمنديون، سمهنديون، ڏسنديون، ويهنديون، بيهنديون...

(4) ’مستقبل‘ لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ ’آئندو‘ آهي، جنهن کي ’آئيندو‘ به چوندا ۽ لکندا آهيون. آئندو/آئيندو شايد ’آءِ (آهه)+اِند/اِندو/ايندو‘ جو ميلاپ آهي. ’آهه‘ ’هجڻ‘ موجود هجڻ ۽ (زمان) حال جي نشاندهي ڪري ٿي ۽ ’-اِند‘ يا ’اِندو‘ ’ايندڙ‘ جي ڄاڻ ڏي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت جو اَکري نشان ’-اِند‘ يا ’- اِندو‘ آهي، جيڪو فعل جي امر سان ملي، فعل جي آئندي (مستقبل) واري شڪل ٺاهي ٿو: ان جي پرک هيٺينءَ طرح ڪري سگهجي ٿي:

(ڏسو-5)

(5) فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول سان نه، ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي (ڦيرو کائي) ٿو: (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو وجهي.)

 

1. فاعل هيڪل ۽ نر آهي ته:

ضمير متڪلم    * مان خطُ/چٺي لکندو.    * مان خطَ/چٺيون لکندو.

ضمير حاضر       * تون خطُ/چٺي لکندو.   * تون خطَ/چٺيون لکندو.

ضمير غائب       * هي/هو خطُ/چٺي لکندو.  * هي/هو خطَ/چٺيون لکندو.

+ فاعل هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اندو‘ ڳنڍجي ٿو: لکندو، پڙهندو، ڏسندو.

 

2. فاعل گهڻ ۽ نر آهي ته:

ضمير متڪلم    * اسان خطُ/چٺي لکندا.   * اسان خطَ/چٺيون لکندا.

ضمير حاضر       * توهان خطُ/چٺي لکندا.  * توهان خطَ/چٺيون لکندا.

ضمير غائب       * هي/هو خطُ/چٺي لکندا. * هي/هو خطَ/چٺيون لکندا.

+ فاعل گهڻ نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اندا‘ ڳنڍجي ٿو: لکندا، پڙهندا، ڏسندا.

 

3. فاعل هيڪل ۽ نار آهي ته:

ضمير متڪلم * مان خطُ/چٺي لکندي. * مان خطَ/چٺيون لکندي.

ضمير حاضر * تون خطُ/چٺي لکندي.    * تون خطَ/چٺيون لکندي.

ضمير غائب *هيءَ/هوءَ خطُ/چٺي لکندي. *هيءَ/هوءَ خطَ/چٺيون لکندي.

+ فاعل هيڪل، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اندي‘ ڳنڍجي ٿو: لکندي، پڙهندي، ڏسندي.

 

4. فاعل گهڻ ۽ نار آهي ته:

ضمير متڪلم * اسان خطُ/چٺي لکنديون. *اسان خطَ/چٺيون لکنديون.

ضمير حاضر   * توهان خطُ/چٺي لکنديون. *توهان خطَ/چٺيون لکنديون.

ضمير غائب * هي/هو خطُ/چٺي لکنديون. * هي/هو خطَ/چٺيون لکنديون.

+ فاعل گهڻ، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’- انديون‘ ڳنڍجي ٿو: لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.

ڇا، مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻول ۽ ان ڪري فعلي بناوت، تبديليءَ ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نه ٿي اچي. پوءِ مروج فعلي ڦيري (زمان مستقبل) ۾ ’لکندس‘، ’لکنديَس‘ وغيره ڪٿان آڻي ٽُنبيو ۽ ٻوليءَ ۽ وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي؟

 

هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ’هئڻ‘ يا ’هجڻ‘ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ’مستقبل‘ ئي آهي.

1- هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:

ش

هيڪل/نَر

  هيڪل/نار

ضمير متڪلم

ضمير حاضر

ضمير غائب

 1. مان (سچار) هوندُس.

 3. تون (سچار) هوندين.

 5. هي/هو سچار هوندو.

2. مان (سچار) هوندَسِ (هونديسِ).

4.تون (سچار) هوندينءَ.

6. هيءَ/هوءَ (سچار) هوندي.

 

 

گهڻ/نَر

   گهڻ/نار

ضمير متڪلم

ضمير حاضر

ضمير غائب

7. اسان (سچار) هونداسي.

9. توهان (سچار) هوندؤ.

11. هي (سچار) هوندا.

8. اسان (سچار) هونديونسي.

10. توهان (سچار) هونديون.

12. هي/هو (سچار) هونديون.

 

مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي گهڻ (5، 6، 11، 12) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. اهي ۽ ضمير حاضر، گهڻ نار (10) سان گڏ ڏنل فعل جي صورت اها ئي بيهندي، باقي سمورن ضميرن سان فعل جي جيڪا صورت ڳنڍي وئي آهي، ان سان  ڪا نه ڪا ضميري پڇاڙي به ڳنڍيل آهي ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار سان ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ ۽ ’-اَس‘ (اِيَس) ڳنڍيل آهي، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ’-اُس‘ ۽ نار جي حالت ۾ ’-اَس‘ (اِيَس) ڪم اينديون آهن، ۽ ان جي لاءِ ڪو به علمي سبب يا دليل موجود ناهي. باقي ضمير متڪلم حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي پاڻ جنهن فاعل جي نشاندهي ڪن ٿيون، اهو ضمير حاضر ئي آهي.

زمان مستقبل ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:

1- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)      * هوندو.

2- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)     * هوندي.

3- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)        * هوندا.

4- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)       * هونديون.

ان ڪري، زمان مستقبل ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جو ڦيرو هيئن هئڻ گهرجي:

* مان هوندو      * مان هوندي     * اسان هوندا     * اسان هونديون

* تون هوندو     * تون هوندي    * توهان هوندا    * توهان هونديون

* هي هوندو      * هيءَ هوندي    * اهي هوندا      * اهي هونديون

’ضميري پڇاڙي‘ ڳنڍجڻ کان پوءِ اهو ڦيرو هيئن ٿيندو:

* هوندُم         * هوندَم         * هونداسي       * هونديونسي

* هوندين         * هوندينءَ        * هوندؤ          * هونديون (؟)•

* هوندو (؟)      * هوندي (؟)     * هوندا (؟)       * هونديون (؟)

۽

’ڪَرڻ‘ واري فعل جو ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:

* مان لکندو      * مان لکندي     * اسان لکندا     * اسان لکنديون

* تون لکندو     * تون لکندي    * توهان لکندا    * توهان لکنديون

* هي لکندو      * هيءَ لکندي    * اهي لکندا      * اهي لکنديون

ضميري پڇاڙيءَ سان گڏ هي ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:

* لکندُم (مان لکندو).    * لکندَم (مان لکندي).

* لکنداسي (اسان لکندا). * لکنديونسي (اسان لکنديون).

* لکندين (تون لکندو).    * لکندينءَ (تون لکندي).

* لکندؤ (توهان لکندا).   * لکنديون (توهان لکنديون) (؟)

* لکندو (هو لکندو) (؟)   * لکندي (هوءَ لکندي) (؟)

* لکندا (اهي لکندا).      * لکنديون (اهي لکنديون) (؟)

(• نوٽ: جن لفظن جي پويان ننڍي ڏنگيءَ ۾ سوال جي نشاني ڏنل آهي، اهي ڌيان لهڻن ٿيون. منهنجو خيال اهو آهي ته انهن لفظن ۾ ضميري پڇاڙي اهڙيءَ طرح شامل ٿي سمائجي وئي آهي، جو فعلي صيغو ساڳي ئي صورت وٺي بيٺو آهي.)

 

هاڻي اچو ته زمان مستقبل مطلق کي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان پڙهون: (هيٺ ڏنل ڦيري ۾ اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، ان سان فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. فعلي صيغو فاعل سان لاڳاپيل آهي.)

ض

ضميري پڇاڙي-1: ضمير متڪلم، هيڪل، نر ــــــــ فاعل ’مان/آنءُ‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ ڪم اچي ٿي.

          * چٺو/چٺا لکندُم (مان چٺو/چٺا لکندو).

          * چٺي/چٺيون لکندُم (مان چٺي/چٺيون لکندو).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهندو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُم‘ ملائجي ٿو: لکندُم، پڙهندُم، ڏسندُم.

 

ضميري پڇاڙِي-2: ضمير متڪلم، هيڪل، نار ــــــــ فاعل ’مان/آنءُ‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اَم‘ ڪم اچي ٿي:

          * چٺو/چٺا لکندَم (مان چٺو/چٺا لکندي).

          * چٺي/چٺيون لکندَم (مان چٺي/چٺيون لکندي).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو آخري ’-اِي ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُم‘ رکجي ٿو: لکندَم، پڙهندَم، ڏسندَم.

 

ضميري پڇاڙي-3: ضمير متڪلم، گهڻ، نر ـــــــــ فاعل ’اسان/اسين‘ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور ’- اُسي/- اسون/- اسين‘ ئي ڪم اچي ٿي. (هتي رڳو هڪ نشاني ڪم آڻجي ٿي):

          * چٺو/چٺا لکنداسي (اسان چٺو/چٺا لکندا).

          * چٺي/چٺيون لکنداسي (اسان چٺي/چٺيون لکندا).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ’-اسي‘ ملائي رکجي ٿو: لکنداسي/لکنداسين/لکنداسون، پڙهنداسي/پڙهنداسين/ پڙهنداسون.

 

ضميري پڇاڙي-4: ضمير متڪلم، گهڻ، نار ـــــــــ فاعل ’اسان/اسين‘ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور ’-اَسي/-اَسون/-اسين‘ ئي ڪم اچي ٿي:

          * چٺو/چٺا لکنديونسي (اسان چٺو/چٺا لکنديون).

          * چٺي/چٺيون لکنديونسي (اسان چٺي/چٺيون لکنديون).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سان ’-اسي‘ ملائي رکجي ٿو: لکنديونسي/لکنديونسين، پڙهنديونسي/پڙهنديونسين.

 

ضميري پڇاڙي-5: ضمير حاضر، هيڪل، نر ـــــــــ فاعل ’تون‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اين‘ ڪم اچي ٿي:

          * چٺو/چٺا لکندين (تون چٺو/چٺا لکندو).

          * چٺي/چٺيون لکندين (تون چٺي/چٺيون لکندو).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهندو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اين‘ رکجي ٿو: لکندين، پڙهندين، ڏسندين.

 

ضميري پڇاڙي-6: ضمير حاضر، هيڪل، نار ــــــــ فاعل ’تون‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اينءَ‘ ڪم اچي ٿي:

          * چٺو/چٺا لکندينءَ (تون چٺو/چٺا لکندي).

          * چٺي/چٺيون لکندينءَ (تون چٺي/چٺيون لکندي).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو آخري ’-اِي ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اينءَ‘ رکجي ٿو: لکندينءَ، پڙهندينءَ، ڏسندينءَ.

 

ضميري پڇاڙي-7: ضمير حاضر، گهڻ، نر ــــــــ فاعل ’توهان/توهين‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اَو‘ ڪم اچي ٿي:

          * چٺو/چٺا لکندؤ (توهان چٺو/چٺا لکندا).

          * چٺي/چٺيون لکندؤ (توهان چٺي/چٺيون لکندا).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ’-اَو‘ ملائجي ٿو: لکندؤ، پڙهندؤ، ڏسندؤ.

 

ضميري پڇاڙي-8: ضمير حاضر، گهڻ، نار ــــــــ فاعل ’توهان/توهين‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اِيون‘ ڪم اچي ٿي:

          * چٺو/چٺا لکنديون (توهان چٺو/چٺا لکنديون).

          * چٺي/چٺيون لکنديون (توهان چٺي/چٺيون لکنديون).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سان ’-اِيون‘ ملائجي ٿو يا ايئن چئجي ته ’يِيون‘ ڪيرائي ’اِيون‘ ملائجي ٿو: لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.

 

ضميري پڇاڙي-9: ضمير غائب، هيڪل، نر ــــــــ فاعل ’هي/هو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون:

(1) زمان مستقبل ۾ هن صورت لاءِ ڪا به ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گڻن کان پري آهي.

(2) ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي بيهي ٿي (جيئن ضمير حاضر، گهڻ، نار جي سلسلي ۾ ٿيو هو). مون کي اها ئي ڳالهه درست ڀاسي ٿي، پر ان کي ڪو سَنڌِيءَ جو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال جي ’هئڻ‘ ۽ ’ڪرڻ‘ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان ڄاتو هو ته ’هي/هو/هيءَ/هوءَ‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ’- اي‘ آهي. ڀاسي ايئن ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جذب ٿي وئي آهي (يا ايئن به ٿي سگهي ٿو ته زمان حال ۽ ضمير غائب گهڻ لاءِ ڪم آيل ضميري پڇاڙي ’-او‘ ڪنهن سبب يا غلطيءَ جي ڪري هتي ڪم آندي وئي هجي ۽ هتي اها ئي ملي، سولائيءَ سان جذب ٿي سگهي ٿي.)

(3) ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ آهي ـــــــــ لکندُس، پڙهندُس ـــــــــ پر اها صورت حقيقت ۾ ٻٽيءَ ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي: ’لکندس‘ معنى ’هُو هن کي لکندو‘، ’پڙهندس‘ معنى ’هُو هن کي پڙهندو‘، ’ڏسندس‘ معنى ’هُو هن کي ڏسندو‘، ’ويهندس‘ معنى ’هُو هن وٽ ويهندو‘. تنهنڪري ضمير غائب، هيڪل، نر لاءِ اها ئي ڳالهه درست بيهي ٿي، جيڪا 2- هيٺ ڪيل آهي ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ’-اُس‘ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته ’هن‘، ’هن وٽ‘ ۽ ’هن کي‘ مطلب ظاهر ڪري ٿي.

 

ضميري پڇاڙي-10: ضمير غائب، هيڪل، نار ـــــــــ فاعل ’هيءَ/هوءَ‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاريءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي-9 هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ’- اَس‘ هجي.

 

ضميري پڇاڙي-11: ضمير غائب، گهڻ، نر ــــــــ فاعل ’هي/هُو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي-9 ۽ ضميري پڇاڙي-10 هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ’- اَن‘ هجي.

 

ضميري پڇاڙي-12: ضمير غائب، گهڻ، نار ــــــــ فاعل ’هي/هُو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به ساڳيون ضميري پڇاڙي-11 واريون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.

ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏي ٿي ته:

1- ”مان لکندُس“ جي حقيقي معنى ”مان هي هن ڏانهن لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندُم“ يا ”مان/آءٌ لکندو“ ٿيندو.

2- ”مان/آءٌ لکندَس“ جي حقيقي معنى ”مان هي هن ڏانهن لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندَم“ يا ”مان/آءٌ لکندي“ ٿيندو.

3- ”مان لکنديَس“ جي حقيقي معنى به اها ساڳي ئي 2- نمبر واري آهي ۽ صحيح صورت به اها.

4- ”اسان/اسين لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين“ جي حقيقي معنى ”اسان اسان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکنداسي/لکنداسون/ لکنداسين“ يا ”اسان لکندا“ (اسين لکندا) ٿيندو.

5- ”اسان لکنديونسين“ جي حقيقي معنى ”اسان اسان لکنديون“ آهي. صحيح جملو ”لکنديُونسين/لکنديونسي/لکنديونسون“ يا ”اسان لکنديون“ ٿيندو.

6- ”تون لکندين“ جي حقيقي معنى ”تون تون لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندين“ يا ”تون لکندو“ ٿيندو.

7- ”تون لکندينءَ“ جي حقيقي معنى ”تون تون لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندينءَ“ يا ”تون لکندي“ ٿيندو.

8- ”توهان لکندؤ“ جي حقيقي معنى ”توهان توهان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکندؤ“ يا ”توهان لکندا“ ٿيندو.

باقي ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين جي سلسلي ۾ اميد آهي ته ڪو نه ڪو، خاص طرح سَنڌيءَ جو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو.

هيٺ ڏنل ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا.

زمان مستقبل ۾ ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان ٻه ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون ۽ عام جام اچن ٿيون، انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو:

ط

   هيڪل/نر                                                  هيڪل/نار

* لکندومانءِ = لک+اندو+مان+ءِ=مان تو ڏانهن لکندو         لکنديمانءِ

* لکندومانوَ = لک+اندو+مان+وَ=مان توهان ڏانهن لکندو      لکنديمانوَ

* لکندومانسِ = لک+اندو+مان+اس= مان هن ڏانهن لکندو   لکنديمانسِ

* لکندومانِ = لک+اندو+مان+انِ   = مان هنن ڏانهن لکندو    لکنديمانِ

 

* لکنديم = لک+اند+اين+ام=تون مون ڏانهن لکندو          لکندينئَمِ

*   ؟                                = (تون اسان ڏانهن لکندو)     ؟

* لکندينسِ =لک+اند+اين+اس=تون هن ڏانهن لکندو                  لکندينئَسِ

* لکنديننِ=لک+اند+اين+ان        = تون هنن ڏانهن لکندو   لکندينئَنِ

 

* لکندومِ=لک+اند+او+ام    = هو مون ڏانهن لکندو                  لکندينئمِ

*   ؟                               = (هو اسان ڏانهن لکندو)       ؟

* لکندُءِ = لک+اند+او+ءِ           = هو تو ڏانهن لکندو         لکندَءِ

* لکندُوَ = لک+اند+او+وَ           = هو توهان ڏانهن لکندو     لکندَوَ

* لکندُسِ = لک+اند+او+اس       = هو هن ڏانهن لکندو        لکندَسِ

* لکندُنِ = لک+اند+او+انِ         = هو هنن ڏانهن لکندو       لکندَنِ

 

    گهڻ/نر                                                     گهڻ/نار

* لکنداسونءِ = لک+اندا+اسون+ءِ= اسان تو ڏانهن لکندا    لکنديُونسونءِ

* لکنداسونوَ = لک+اندا+اسون+وَ= اسان توهان ڏانهن لکندا  لکنديونسيوَ

* لکنداسونسِ=لک+اندا+اسون+اسِ=اسان هن ڏانهن لکندا  لکنديوسونسِ

* لکنداسُونِ=لک+اندا+اسون+ان =اسان هنن ڏانهن لکندا     لکنديوسُونِ

 

* لکندؤم = لک+اندا+اَو+ام=توهان مون ڏانهن لکندا                 لکنديئوم

*   ؟                         = (توهان اسان ڏانهن لکندا)          ؟

* لکندؤس = لک+اندا+اَو+اس= توهان هن ڏانهن لکندا      لکنديوئوس

* لکندؤنِ = لک+اندا+اَو+انِ = توهان هنن ڏانهن لکندا       لکنديوئون

 

* لکندام = لک+اندا+اَو+ام =اهي مون ڏانهن لکندا       لکنديونئم(؟)

*   ؟                         = (اهي اسان ڏانهن لکندا)             ؟

* لکندءِ  = لک+اندا+اَءِ      = اهي تو ڏانهن لکندا            لکنديونءِ

* لکندوَ  = لک+اندا+آ+وَ    = اهي توهان ڏانهن لکندا        لکنديونئوَ

* لکندس = لک+اندا+آ+اس  =اهي هن ڏانهن لکندا           لکندَس

(لکنديونئس)

* لکندنِ  = لک+اندا+آ+ان   =اهي هنن ڏانهن لکندا           لکندنِ

(لکنديُونئن)

ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

1- ڪجهه لفظن جي اچار ۾ شد جهڙي ڪيفيت نظر اچي ٿي.

2- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سَنڌيءَ جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.

3- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن.

4- چٽيءَ طرح پڌرو ٿي اچي ٿو ته ’-اس‘ ضميري پڇاڙي ’هِن/هُن/هي/هو‘ جي بدران ۽ ’-اَن‘ ضميري پڇاڙي ’هِنن/هُنن‘ جـي بـدران، ’-ام‘ ضـمـيـري پـڇـاڙي ’مـان/مون/آنءُ‘ جي بدران ۽ ’-اسي/-اسين/-اسون‘ ضميري پڇاڙي ’اسان/اسين‘ جي بدران ڪم اچي ٿي.

 

هاڻي اچو ته ٻين ڪجهه زمانن تي سندن ڦيري ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان مختصر نظر وجهون:

 

(1) زمان حال مدامي

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو             صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت

   * آءٌ لکندو آهيان.                         * لکندو آهيان.

   * آءٌ لکندي آهيان.                        * لکندي آهيان.

   * اسين لکندا آهيون.                      * لکندا آهيون.

   * اسين لکنديون آهيون.                            * لکنديون آهيون.

   * تون لکندو آهين.                        * لکندو آهين.

   * توهان لکندا آهيو.                       * لکندا آهيو.

   * تون لکندي آهين.                       * لکندي آهين.

   * توهان لکنديون آهيو.                    * لکنديون آهيو.

   * هي لکندو آهي.                         * لکندو آهي.

   * هيءَ لکندي آهي.                       * لکندي آهي.

   * اهي لکندا آهن.                         * لکندا آهن.

   * اهي لکنديون آهن.                      * لکنديون آهن.

 

(2) زمان حال متشڪي

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو          صحيح صورت    ضميري پڇاڙيءَ سميت

* آءٌ لکندو هوندس.           * آءٌ لکندو هوندو.     * لکندو هوندُم.

* آءٌ لکندي هونديس.         * آءٌ لکندي هوندي.   * لکندو هوندَم.

* اسين لکندا هونداسين.     * اسين لکندا هوندا.   * لکندا هونداسين.

*اسين لکنديون هونديونسين.*اسين لکنديون هونديون.*لکنديون هونديونسين.

* تون لکندو هوندين.         * تون لکندو هوندو.    * لکندو هوندين.

* تون لکندي هوندينءَ.       * تون لکندي هوندي.  * لکندي هوندينءَ.

* توهان لکندا هوندا.         * توهان لکندا هوندا.   * لکندا هوندؤ.

* توهين لکنديون هونديون. * توهين لکنديون هونديون. * لکنديون هوندؤ.

* هي لکندو هوندو.          * هي لکندو هوندو.       * لکندو هوندو.

* هيءَ لکندي هوندي.       * هيءَ لکندي هوندي.   * لکندي هوندي.

* اهي لکندا هوندا.        * اهي لکندا هوندا.       * لکندا هوندا.

* اهي لکنديون هونديون.  *اهي لکنديون هونديون.  *لکنديون هونديون.

 

(3) زمان حال استمراري

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو             صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت

 * آءٌ لکان پيو.                     * لکان پيو.

 * آءٌ لکان پئي.                     * لکان پئي.

 * اسين لکون پيا.                  * لکون پيا.

 * اسين لکون پيون.                * لکون پيون.

 * تون لکين پيو.                   * لکين پيو.

 * تون لکين پئي.                  * لکين پئي.

 * توهان لکو پيا.                   * لکو پيا.

 * توهان لکو پيون.                 * لکو پيون.

 * هي لکي پيو.                    * لکي پيو.

 * هيءَ لکي پئي.                   * لکي پئي.

 * هي لکن پيا.                     * لکن پيا.

 * هي لکن پيون.                   * لکن پيون.

 

(4) زمان مستقبل استمراري

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو          صحيح صورت    ضميري پڇاڙيءَ سميت

* مان لکندس پيو.           * مان لکندو پيو.      * لکندُم پيو.

* مان لکنديس پئي.         * مان لکندي پئي.    * لکندَم پئي.

* اسان لکنداسون پيا.        * اسان لکندا پيا.      * لکنداسي پيا.

* اسان لکنديونسين پيون.  *اسان لکنديون پيون.  *لکنديونسين پيون.

* تون لکندين پيو.           * تون لکندو پيو.       * لکندين پيو.

* تون لکندينءَ پئي.         * تون لکندي پئي.     * لکندينءَ پئي.

* توهان لکندا پيا.           * توهان لکندا پيا.      * لکندؤ پيا.

* توهان لکنديون پيون.      * توهان لکنديون پيون. * لکندؤ پيون.

* هي لکندو پيو.             * هي لکندو پيو.        * لکندو پيو.

* هيءَ لکندي پئي.         * هيءَ لکندي پئي.     * لکندي پئي.

* هي لکندا پيا.             * هي لکندا پيا.         * لکندا پيا.

* هي لکنديون پيون.        * هي لکنديون پيون.    * لکنديون پيون.

 

(5) زمان ماضي استمراري

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو        صحيح صورت      ضميري پڇاڙيءَ سميت

* مون لکيو ٿي (نر)

جيئن ته فعل سڌو سنئون

مفعول سان لاڳاپيل آهي،

ان ڪري فاعل ضمير

ڪهڙو به، صحيح ڦيرو

هيئن ٿيندو:

فاعل ضمير متڪلم، هيڪل

* مون لکيو ٿي (نار)

(چٺو) لکيم پئي.

* اسان لکيو ٿي (نر)

(چٺا) لکيم پئي.

* اسان لکيو ٿي (نار)

(چٺي) لکيم پئي.

* تو لکيو ٿي (نر)

... (چٺو) لکيو پئي.

(چٺيون) لکيم پئي.

* تو لکيو ٿي (نار)

... (چٺا) لکيا پئي.

* فاعل ضمير متڪلم، گهڻ

* توهان لکيو ٿي (نر)

... (چٺي) لکي پئي.

(چٺو) لکيوسون پئي.

* توهان لکيو ٿي (نار)

...(چٺيون) لکيون پئي.

(چٺا) لکيوسون پئي.

* هن لکيو ٿي (نر)

* هن لکيو ٿي (نار)

* هنن لکيو ٿي (نر)

* هنن لکيو ٿي (نار)

(...) جي جاءِ تي

ڪهڙو به ضمير رکبو، ڦيري جي صورت

اها ئي بيهندي.

(چٺي) لکيوسون پئي.

(چٺيون) لکيوسون پئي.

فاعل ضمير حاضر، هيڪل

(چٺو) لکيُئه پئي.

(چٺا) لکيَئه پئي.

(چٺي) لکيئه پئي.

(چٺيون) لکيئه پئي.

فاعل ضمير حاضر، گهڻ

(چٺو) لکيُوَ پئي.

(چٺا) لکيَوَ پئي.

(چٺي) لکيَوَ پئي.

(چٺيون) لکيَوَ پئي.

* فاعل ضمير غائب، هيڪل

(چٺو) لکيائين پئي.

(چٺا) لکيائين پئي.

(چٺي) لکيائين پئي.

(چٺيون) لکيائين پئي.

* فاعل ضمير غائب، هيڪل

(چٺو) لکيائون پئي.

(چٺا) لکيائون پئي.

(چٺي) لکيائون پئي.

(چٺيون) لکيائون پئي.

 

(مٿي ڏنل ڦيرو رڳو هڪ هڪ حالت ۾ صحيح آهي يعني تڏهن جڏهن مفعول نر ۽ هيڪل هجي.)

 

 

 

(*) (هتي فعل جو اهو صيغو آندل آهي، جنهن جو سڌو واسطو فاعل سان آهي، نه ڪي مفعول سان.)

 

(6) زمان ماضي قريب

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو         صحيح صورت     ضميري پڇاڙيءَ سميت

* مون لکيو آهي (نر)

+ فاعل ضمير ڪهڙو

به هجي، جيئن ته فعل

جون صورتون مفعول

سان لاڳاپيل آهن، ان

ڪري صحيح ڦيرو

هيئن ٿيندو:

فاعل ضمير متڪلم، هيڪل

 

* مون لکيو آهي (نار)

* اسان لکيو آهي (نر)

* اسان لکيو آهي (نار)

* تو لکيو آهي (نر)

* تو لکيو آهي (نار)

* توهان لکيو آهي (نر)

* توهان لکيو آهي (نار)

* هن لکيو آهي (نر)

* هن لکيو آهي (نار)

* هنن لکيو آهي (نر)

* هنن لکيو آهي (نار)

 

(ڦيرو پڙهائڻ جو

مٿي ڏنل طريقو رڳو

هڪ حالت ۾ صحيح

آهي يعني تڏهن

جڏهن مفعول نر ۽

هيڪل هجي.)

(چٺو) لکيو اٿم.

 

(چٺا) لکيا اٿم.

(چٺي) لکي اٿم.

(چٺيون) لکيون اٿم.

فاعل ضمير متڪلم، گهڻ

(چٺو) لکيو اٿئون.

(چٺا) لکيا اٿئون.

(چٺي) لکي اٿئون.

(چٺيون) لکيون اٿئون.

فاعل ضمير حاضر، هيڪل

(چٺو) لکيو اٿئه.

(چٺا) لکيا اٿئه.

(چٺي) لکي اٿئه.

(چٺيون) لکيون اٿئه.

فاعل ضمير حاضر، گهڻ

(چٺو) لکيو اٿوَ.

(چٺا) لکيا اٿوَ.

(چٺي) لکي اٿوَ.

(چٺيون) لکيون اٿوَ.

* فاعل ضمير غائب، هيڪل

(چٺو) لکيو اٿائين.•

(چٺا) لکيا اٿائين.

(چٺي) لکي اٿائين.

(چٺيون) لکيون اٿائين.

 •’اَٿئِن‘ به اچاريو ويندو آهي.

* فاعل ضمير غائب، گهڻ

(چٺو) لکيو اٿن/اٿائون.••

(چٺا) لکيا اٿن/اٿائون.

(چٺي) لکي اٿن/اٿائون.

(چٺيون) لکيون اٿن/اٿائون.

••’اَٿئين‘ به اچاريو ويندو آهي.

 

... (چٺو) لکيو آهي.

... (چٺا) لکيا آهن.

... (چٺي) لکي آهي.

...(چٺيون) لکيون آهن.

نوٽ: (...) جي جاءِ

تي ڪهڙو به ضمير

رکبو، ڦيري جي

صورت اها ئي

بيهندي.

 

 

 

 

 

 

 

(7) زمان ماضي بعيد

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو        صحيح صورت      ضميري پڇاڙيءَ سميت

* مون لکيو هو (نر)

+ جيئن ته فعل سڌو

سنئون مفعول سان

لاڳاپيل آهن، ان ڪري

فاعل ضمير ڪهڙو به

هجي، صحيح ڦيرو

هيئن ٿيندو:

فاعل ضمير متڪلم، هيڪل

 

* مون لکيو هو (نار)

(چٺو) لکيو هُئُم/هُيُم.

 

* اسان لکيو هو (نر)

(چٺا) لکيا هُئُم/هُيم.

 

* اسان لکيو هو (نار)

(چٺي) لکي هُئَم/هُيَم.

 

* تو لکيو هو (نر)

(چٺيون) لکيون هُئَم/هُيَم.

 

* تو لکيو هو (نار)

فاعل ضمير متڪلم، گهڻ

 

* توهان لکيو هو (نر)

... (چٺو) لکيو هو.

(چٺو) لکيو هئوسون/هيوسون.

 

* توهان لکيو هو (نار)

... (چٺا) لکيا هئا.

(چٺا) لکيا هئاسون.

 

* هن لکيو هو (نر)

... (چٺي) لکي هئي.

(چٺي) لکي هئيسون.

 

* هن لکيو هو (نار)

... (چٺيون) لکيون هيون.

(چٺيون) لکيون هيونسون.

 

* هنن لکيو هو (نر)

 

(...) جي جاءِ تي

ڪهڙو به ضمير رکبو،

ڦيري جي صورت اها

ئي بيهندي.

فاعل ضمير حاضر، هيڪل

 

* هنن لکيو هو (نار)

 

(نوٽ: مٿي ڏنل ڦيرو

رڳو هڪ حالت ۾

صحيح آهي يعني

تڏهن جڏهن مفعول نر

۽ هيڪل هجي.)

(چٺو) لکيو هُيُئِه.

 

(چٺا) لکيا هُيَئِه.

(چٺي) لکي هُيَئِه.

(چٺيون) لکيون هُيَئِه.

فاعل ضمير حاضر، گهڻ

(چٺو) لکيو هُيُوَ.

(چٺا) لکيا هُيَوَ.

(چٺي) لکي هُيَوَ.

(چٺيون) لکيون هُيَوَ.

فاعل ضمير غائب، هيڪل

(چٺو) لکيو هئائين.•

(چٺا) لکيا هئائين.

(چٺي) لکي هئائين.

(چٺيون) لکيون هئائين.

 •’هُئئن‘ به اچاربو آهي.

فاعل ضمير غائب، گهڻ

(چٺو) لکيو هُيَن/هئائون.••

(چٺا) لکيا هُيَن /هئائون.

(چٺي) لکي هُيَن /هئائون.

(چٺيون) لکيون هُيَن /هئائون.

••’هُئَئن‘ به اچاربو آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com