سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 13

صفحو :17

 

باب تيرهون

پاڙ/ڌاتو/مصدر

 

سنڌي وياڪرڻ جي ڄاڻن سنڌي ٻوليءَ جي ’اچڻ‘، ’وڃڻ‘، ’ويهڻ‘، ’بيهڻ‘، ’اٿڻ‘، ’گھمڻ‘ جھڙين صورتن کي مصدر سڏيو آهي. پر مصدر بابت جيئن جيئن سوچ ۽ تحقيق وڌي آهي تيئن تيئن ڪي نيون ڳالهيون به سامُهن اچڻ لڳيون تنهنڪري ئي الانا صاحب جن چيو ته ”سڀ کان پهرين ’سنڌي مصدر‘ جي وصف جو مطالعو ڪرڻ گھرجي.“ (الانا ]1987[ 37)

مصدر معنى اهو ٻول (لفظ) جنهن مان ٻيا ٻولَ صادر ٿين ٿا يا ڦٽن ٿا؛ مطلب ته مصدر معنى ’ڌاتو‘ يا ’بنياد‘. عربي ۽ فارسي جا ٻول اهڙن ٻولن مان ڦٽي نڪرن ٿا جن جا سنڌي ۾ هم معنى ٻول ’لکڻ‘، ’پڙهڻ‘ وغيره ٿين ٿا، ان ڪري ڪيترن ئي سنڌي عالمن سنڌي ٻولن جو حقيقي ڌاتو يا مصدر ڳولڻ بدران عربي ۽ فارسي صرف و نحو جي نقل ۾ ’لکڻ‘ ۽ ’پڙهڻ‘ جھڙن ٻولن کي مصدر قرار ڏئي ڇڏيو. حقيقت کي جڏهن ووڙيو ويو تڏهن پڌرو ٿي آيو ته سنڌي ٻولي ۾ اهڙي قسم جا ٻولَ بنياد، مصدر يا ڌاتو ٿي ئي نه پئي سگھيا.

·     ’لکڻ‘ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’-اَڻ‘ جو اچار آهي. ’کائڻ‘ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’-اِڻ‘ جو اچار آهي. }سنڌي ۾ عام طرح سڏئي ويندڙ{ مصدر جي پڇاڙيءَ مان ’-اَڻ‘ يا ’-اِڻ‘ جو اچار ڪڍي ڇڏبو ته باقي جيڪو بچندو سو ٿيندو ڌاتو يا بنياد. (قليچ ]1992[ 35)

·     حقيقت ۾ جنهن صورت (form) کي سنڌي وياڪرڻ ۾ مصدر نالو ڏنو ويو آهي، سا صورت سِنڌي زبان جي ’وياڪرڻي اصولن‘ موجب مصدر نه آهي، ڇاڪاڻ ته مصدر معنى آهي ’ڌاتو‘ يا ’بنياد‘؛ يعني اها صورت جنهن مان ٻيا لفظ صادر ٿين ٿا يا ڦٽن ٿا. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ’هلڻ‘ ۽ ’لکڻ‘ توڙي اهڙيون ٻيون سڀيئي صورتون سنڌي زبان جي صرفي اصولن موجب ’ڌاتو‘ يا ’بنياد‘ نه آهن، ڇو ته سنڌي زبان جو ڪو به لفظ /’هلڻ‘ ۽ ’لکڻ‘/ وغيره جھڙين صورتن مان صادر نه ٿو ٿئي يا ڦٽي نه ٿو نڪري، پر /هَلۡ/ ۽ /لِکۡ/ ۽ اهڙيون ٻيون صورتون ئي ڌاتو يا بنيادي صورتون آهن، جن جي پويان /-اَڻ + -اِڻ/ پڇاڙيون ملائي ’هلڻ‘، ’لکڻ‘ ۽ ’ڊاهڻ‘ وغيره صورتون ٺاهيون ويئيون آهن؛ تنهنڪري اهڙيون سڀيئي صورتون هلڻ، لکڻ، پڙهڻ، ڊاهڻ وغيره ڌاتو يا بنياد طور ڪم نه ٿيون اچن، پر اهي ته پاڻ به ڪنهن ڌاتوءَ يا بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن، يعني ته اهي خود صادر ٿيل، ٺهيل يا ڦٽي نڪتل صورتون، ڪردنت يا مشتق آهن.

هن سلسلي ۾ هڪ غور طلب ۽ اهم نڪتو هي به آهي ته سنڌ جي وياڪرڻين شايد ايئن سمجھيو آهي ته مصدر يا ڌاتو فقط فعل جا ئي ٿيندا آهن. پر حقيقت ۾ ڌاتو فعل جا به ٿين ٿا، ته وري ڪي اسم به ڌاتو بنجي ڪردنتن جي بناوٽ ۾ ڪم ايندا آهن. اهڙيءَ طرح صفت به ڌاتوءَ طور ڪم ايندا آهن. اسم مان صفت ٺهن ٿا، ۽ صفتن مان اسم ٺهن ٿا. انهيءَ ڪري لسانيات جي ماهرن جو رايو آهي ته هر اها صورت جنهن مان ٻيون صورتون ڦٽي نڪرن، تنهن کي، ڦٽي نڪتل صورت جو ڌاتو يا بنياد چئبو. (الانا ]1987[ 38-39)

اسان جڏهن ’ڳوپ‘ ۽ ’ڳتيل‘ ٻولن ۾ سڏئي ويل ”مفرد“ ٻول جو ڇيد ڪيو هو تڏهن هيءَ وضاحت به اسان جي اکين آڏو هئي، ظاهر آهي ته ڦٽي نڪتل صورت کي ’آجي صورت‘، ’سادو ٻول‘، ’ابتدائي ٻول‘ يا ’مفرد لفظ‘ چئي نه ٿو سگھجي.

ڌاتو/مصدر بابت الانا صاحب جن جي ڏنل وصف سان ليکڪ سَو سيڪڙو اتفاق رکي ٿو، پر الانا صاحب جن ڌاتو ٻولن جا جيڪي مثال ڏنا آهن انهن مان ڪجھ سان ليکڪ کي اختلاف آهي، جنهن جي وضاحت ايندڙ صفحن ۾ ڪئي ويندي.

”هر اها صورت جنهن مان ٻيون صورتون ڦٽي نڪرن، تنهن کي، ڦٽي نڪتل صورت جو ڌاتو يا بنياد چئبو“، پر اها صورت ڪهڙي آهي جنهن مان ڪا صورت ڦٽي نڪتي ۽ ڦٽي نڪتل صورت ڪهڙي آهي، انهيءَ موضوع تي الانا صاحب جن جي راءِ سان اختلاف رکندڙ راءِ جتوئي صاحب جن پيش ڪن ٿا:

·     /سڏائڻ/ پيچيدو {complex} لفظ آهي جنهن جو بنياد /سَڏۡڻ/ آهي ۽ /آءِ/ اندريون جوڙ {affix} آهي. اهڙيءَ طرح سان /سڏارائڻ/ به پيچيدو لفظ آهي جنهن جو بنياد وري /سڏائڻ/ آهي ۽ /را/ ان جو اندريون جوڙ آهي. هن مثال مان معلوم ٿيندو ته بنياد ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙا اهي، جي خود ٻئي بنياد مان ڦُٽي نڪرن ٿا، اهڙن بنيادن کي ٿــڙ (Stem) سڏبو آهي. ٻيا اهي بنياد، جي اصلي ۽ ابتدائي هوندا آهن جن مان ٻيا بنياد ڦٽي نڪرندا آهن، اهڙن بنيادن کي ’پاڙ‘ يا جڙ (Root) سڏبو آهي. گويا ٿڙ جي بنياد کي پاڙ سڏبو آهي. /سڏارائڻ/ جو ٿــڙ-بنياد /سڏائڻ/ آهي جنهن جو پاڙ-بنياد /سڏڻ/ آهي. (جتوئي ]1983[ 116-117)

جتوئي صاحب جن /سڏڻ/ کي پاڙ-بنياد سمجھن ٿا جڏهن ته الانا صاحب جن جي ڏنل وصف پٽاندر هن مثال ۾ پاڙ-ٻول ٿيندو /سَڏۡ/.

/سڏڻ/ اصلي ٻول آهي ۽ /سَــڏۡ/ ان مان ڦٽي نڪتل صورت، يا /سَــڏۡ/ اصلي ٻول آهي، /سڏڻ/ ان مان ڦٽي نڪتل صورت؟ جيستائين اها ڳالهه طيءِ نه ٿي ٿئي تيستائين ڌاتو بابت مونجھاري جو شڪار رهڻو پوندو. انهيءَ ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ۽ نبيري لاءِ اسان کي هڪ ڀيرو وري جتوئي صاحب جن جي ٻيءَ هڪ ڳالهه تي سوچڻو پوندو.

·     گَھٽائڻ {subtraction} واري طريقي موجب، بنيادي لفظن مان صرفيي {morpheme} يا پد {syllable} ڪڍي ڇڏڻ سان جيڪو لفظ نڪرندو آهي سو اشتقاقي هوندو آهي، جيئن ته /مارڻ/ مان /مارَ/، /تورڻ/ مان /تورَ/، /ڄاڻڻ/ مان /ڄاڻَ/، /ڊڪڻ/ مان /ڊڪَ/، /سارڻ/ مان /سارَ/، /ڇَٽَڻ/ مان /ڇَٽ/. اتي اعتراض آڻي سگھجي ٿو ته ڦُٽل صورت ننڍي آهي تنهنڪري ڇو نه ان کي بنيادي صورت ڪري وٺجي ۽ }اهو چئجي ته{ اُن مان وڏي صورت ڦُٽي نڪتي آهي يعني /مارَ/ مان /مارڻ/، /تورَ/ مان /تورڻ/ ۽ /ڄاڻَ/ مان /ڄاڻڻ/. اهو خيال غلط آهي ڇو ته /مارَ/، /تورَ/ ۽ /ڄاڻَ/ گرامر موجب انهيءَ اسم ذات جا مثال آهن جيڪي مصدري اسمن مان نڪرندا آهن. ان جا ڪيترائي نمونا آهن؛ مثلاً

(الف)  هلڻ مان هلڻي پڙهڻ مان پڙهڻي

لکڻ مان لکڻي        چوڻ مان چوڻي

(ب)    ساڙڻ مان ساڙو        ڪاڙهڻ مان ڪاڙهو

نبيرڻ مان نبيرو        ڌڌڪڻ مان ڌڌڪو

(ٻ)    اڻڻ مان اُڻت           ڳڻڻ مان ڳڻت

وڻڻ مان وڻت  هلڻ مان هلت

وڙهڻ مان وڙهت

(پ)    پڙهائڻ مان پڙهائي   لکائڻ مان لکائي

کوٽائڻ مان کوٽائي

(ڀ)    کڻائڻ مان کڻائي     ڇڏائڻ مان ڇڏائي

وٽائڻ مان وٽائي

اهي مٿيان مثال سڀ اسم ذات جا آهن جيڪي اسم مصدر مان نڪتل آهن. (جتوئي ]1983[ 119-120)

مثال چڱا چوکا گڏ ٿي ويا آهن پر اسان کي هر هڪ ٻول جاچي ڏسڻو پوندو ته سندس ڌاتو، پوءِ ڀلي ان کي پاڙ-ڌاتو چيو وڃي، ڪهڙو آهي. پر اهو جاچڻ کان اڳ مسٽر گريئرسن جي راءِ جيڪا هن اسم مصدر (infinitive) ۾ پاڙ ٻول (root word) بابت بيان ڪئي آهي:

·     هو }سر گريئرسن{ ڌاتو کي Root }پاڙ{ ٿو ڪوٺي. هن پنهنجي مذڪوره ڪتاب }لِنگئسٽڪ سروي آف انڊيا{ ۾ Root }پاڙ{ ۽ Infini-tive }اسم مصدر{ کي ٻه ڌار ڌار صورتون ڪري بيان ڪيو آهي. هو Infini-tive }اسم مصدر{ لاءِ لکي ٿو:

“Infinitive is formed by adding /اَڻ/ to Root, as in /هَلَڻُ/ to go”

(الانا ]1987[ 40)

}اسم مصدر پاڙ (ٻول) سان /-اڻ/ ملائڻ وسيلي ٺهندو آهي، جيئن /هلڻ/ (جنهن ۾ /هَــلۡ/ سان /-اڻ/ ملائي اسم مصدر /هلڻ/ ٺاهيو ويو آهي){ يعني پاڙ ٻول ٿيو /هَــل/.

الانا صاحب جن ان ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جن جي راين کي نظر ۾ رکندي ۽ اڳوڻن راين جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، تفصيلي بحث کان پوءِ (]1987[ 36-41) چون ٿا:

·     هن سلسلي ۾ هڪ اهم نڪتو هي به آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر متعدي فعلن جا ڌاتو، لازمي فعلن جي ڌاتن مان ڦٽي نڪرن ٿا. مثال طور:

لازمي فعل جا ڌاتو

متعدي فعل جا ڌاتو

متعدي بالواسطه

سَــڙۡ-

ساڙۡ-

ساڙا-

مَــــرۡ-

مارۡ-

مارا-

ٺَـــرۡ-

ٺارۡ-

ٺارا-

ٽَــــرۡ-

ٽارۡ-

ٽارا-

ڦِــسۡ-

ڦيهۡه-

ڦيها

ٻَـــــرۡ-

ٻارۡ-

ٻارا-

ٺَــهۡه-

ٺاههۡ-

سِــــرۡ-

سيرۡ-

سيرا-

ڦَـــٽۡ-

ڦاڙۡ-

ڦاڙا-

ٽُــٽۡ-

ٽوڙۡ-

ٽوڙا-

ٻُـــڏۡ-

ٻوڏۡ-

ٻوڙا-

وسامۡ-

وسا-

(الانا ]1987[ 42-43)

ڄاڻايل مثالن ۾، فعلن جي حد تائين چئي سگھجي ٿو ته الانا صاحب جن ڌاتو اسم مصدر (يا حاصل مصدر) کي نه ٿا سمجھن پر سندن نظر ۾ جيڪا پاڙ (root) آهي، ان کي سمجھن ٿا.

جتوئي صاحب جن ’پاڙ-بنياد‘ ۽ ’ٿــڙ-بنياد‘ جو ذڪر ڪيو آهي، سنڌي جي ڪيترن ئي ٻولن کي جڏهن اهڙيءَ درجيبنديءَ ۾ آڻبو ته پوءِ اسان کي سڄو وڻ خلقڻو پئجي ويندو. جيئن الانا صاحب جن چون ٿا ته

-                         ’سڙڻ‘ جو ڌاتو /سَڙۡ/ آهي، اهو سڏبو ’پاڙ ڌاتو‘.

-                         ’ساڙڻ‘ جو ڌاتو /ساڙۡ/ آهي، اهو سڏبو ’ٿڙ ڌاتو‘، ڇو ته /ساڙۡ/ جو پاڙ ڌاتو /سَڙۡ/ آهي.

-                         ’ساڙائڻ‘ جو ڌاتو /ساڙاء/ آهي، جنهن کي الانا صاحب جن /ساڙا-/ سڏيو آهي، ان کي سڏبو ’ڏار ڌاتو‘، ڇو ته ان جو ٿڙ ڌاتو /ساڙۡ/ ۽ پاڙ ڌاتو /سَـڙۡ/ آهي.

-                         ’ساڙارائڻ‘ جو ڌاتو /ساڙاراء/ آهي، جنهن کي الانا صاحب جن /ساڙارا-/ لکيو آهي، ان کي سڏبو ’ٽاري ڌاتو‘، ڇو ته...

-                         ’ساڙارارائڻ‘ جو ڌاتو /ساڙاراراء/ آهي، جنهن کي الانا صاحب جن /ساڙارارا-/ لکيو آهي، ان کي چئبو ’پن ڌاتو‘، ڇو ته...

-                         ’سَڙڻِي‘ جو ڌاتو آهي /سڙڻ/ جنهن کي اصولي طرح ’ٿــڙ ڌاتو‘ سڏڻ گھرجي پر جيئن ته /ساڙۡ/ کي ’ٿڙ ڌاتو‘ سڏبو اٿئون ان ڪري هي ٿيندو ’گل ڌاتو‘. اهڙا ڪي ٻيا مثال آهن: هلڻي، ويهڻي، ڪرڻي، اٿڻي وغيره.

-                         ’ساڙڻي‘ جو ڌاتو آهي /ساڙڻ/ جنهن کي اصولي طرح ’ڏار ڌاتو‘ سڏڻ گھرجي پر جيئن ته /ساڙاء/ کي ’ڏار ڏاتو‘ سڏيو اٿئون ان ڪري هي ٿيندو ’پنکڙي ڌاتو‘.

اهڙيءَ طرح ’ساڙائڻي‘ ۽ ’ساڙارائڻي‘ لاءِ ’ميوو ڌاتو‘ ۽ ’ٻج ڌاتو‘ به ٺهي پوندا پر ’ساڙارارائڻي‘ لاءِ ليکڪ کي مونجھارو آهي!

/ساڙارا-/ ۽ /ساڙارارا-/ ٻول الانا صاحب جن جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (]1974[ 88) تان کنيا ويا آهن.

ليکڪ جو هڪ مضمون ”جامع سنڌي لغات جو جائزو، پهرين جلد جي حوالي سان پهرِين پڙهڻي1“ پنهنجي مڪمل صورت ۾ ”ڪينجھر“ (ڊسمبر 1994ع) ۾ ڇپيو آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 328 (ٽي سَو اٺاويهه) اهڙن ٻولن جي نشاندهي ڪيل آهي جن جو، هر باندي صورت ڌار ڪرڻ کان پوءِ، آخري، ننڍي ۾ ننڍو معنادار جزو /لِکۡ/ بيهي ٿو.

هن سڄي قصي کڻڻ جو مقصد اهو آهي ته ڌاتو ٻول جي سلسلي ۾ اسان کي پنهنجو ڌيان ان سرچشمي تي سيڙائڻو پوندو جيڪو باقي سمورن واسطيدار ڪردنت ٻولن جي ٺهڻ جو ڪارڻ آهي.

پاڙ جيئن ته اهو حصو آهي جنهن تي ڪنهن به شيءِ، واقعي، لقاءَ وغيره جو باقي سمورو ڍانچو اڏيل ٿئي ٿو ان ڪري پاڙ ٻول يا پاڙ لفظ اهو ٻول آهي جيڪو پاڻ سان واسطيدار سڀني ٻولن جي پاڙ ۾ موجود رهي ٿو.

·     پاڙ (Root): اهو بنيادي عنصر جنهن مان }باقي سمورا واسطيدار{ ٻول نڪتل آهن. (چيمبر'س ڊڪشنري)

·     پاڙ: (هن کي بنيادي صورت/Basic form به چيو ويندو آهي) ٻول جي اها صورت جنهن تي ان ٻول جون باقي سموريون صورتون، چيو ٿو وڃي ته، بيٺل آهن. (آڪسفورڊ ڊڪشنري)

پاڙ ٻول ننڍي ۾ ننڍي معنادار آجي صورت آهي. اهو پاڻ ڪنهن ٻئي ٻول مان ڦٽي نه ٿو نڪري پر منجھانئس ڪيترائي ٻول ڦٽي نڪرڻ جوڳا هوندا آهن. پاڙ ٻول ئي آهي جنهن کي پهريت، سادو، ابتدائي، بنيادي ٻول چوڻ گھرجي. هيءَ آهي نمبر پهرئين ڳالهه.

ٿورو اڳ ڏنل حوالي ۾، جتوئي صاحب جن /ڇَٽڻ/ مان /ڇَٽَ/ ۽ /ڊُڪڻ/ مان /ڊڪَ/ کي ڪردنت سڏن ٿا ۽ مصدري اسمن /ڇٽڻ/، /ڊڪڻ/ وغيره کي بنياد قرار ڏين ٿا. حقيقت هن طرح آهي ته /ڇَٽَ/ ۽ /ڊڪ/ ڪردنت بــرابــر آهــن پــر انهـن جو ڌاتـو /ڇـٽـڻ/، /ڊڪـڻ/ نـاهـي، انـهـن جـو ڌاتــو آهي /ڇَٽۡ/،

/ڊُڪۡ/.

جتوئي صاحب جن چون ٿا ته /مارَ/، /تورَ/ ۽ /ڄاڻَ/ گرامر موجب انهيءَ اسم ذات جا مثال آهن جيڪي مصدري اسمن مان نڪرندا آهن. هيءُ ڪو دليل ناهي. مصدري اسمن مان اسم ذات ڇو ٿا نڪرن؟ ڇا سمورا اسم ذات ٻول مصدري اسمن مان نڪرندا آهن؟ ڇا اهو ڪو پڪو پختو قانون آهي ته هر اسم ذات مصدري اسم مان ئي نڪري ۽ جيڪو ٻول مصدري اسم مان نڪتل نه هوندو، اهو اسم ذات ٿي ئي نه ٿو سگھي؟

جتوئي صاحب جن پنهنجي ڪتاب ۾ بنياد، ڌاتو يا پاڙ ٻول جي حوالي سان ڪا هڪ مقرر صورت قائم رکي نه سگھيا آهن. پاڻ ڪنهن هڪ ٻول جي ڪنهن هڪ صورت کي ڪٿي ”بنياد“ سڏن ٿا ته ڪٿي ”سالم لفظ“، ۽ ڪٿي وري ڪنهن ٻئي ٻول جي ان جھڙي ئي صورت کي ”اڻ-سالم“ ٿا سمجھن ته ڪٿي ”بنيادي صورت طور نظر ايندڙ“ ۽ ڪٿي ”بنيادي پد“.

·     /قربائتو/ پيچيدو لفظ آهي جنهن جو بنياد /قُربۡ/ آهي ۽ /-آئتو/ پويون جوڙ آهي. اهڙي قسم جا ٻيا مثال آهن:

پُٽيتو  =  /پُٽۡ + ايتو/

لاڙي  =  /لاڙۡ + اِي/

باغائي=  /باغۡ + آئي/

ٿَڌڪار=  /ٿَڌۡ + ڪار/

سَڏي  =  /سَڏۡ + اي/

سڏيندو=  /سَڏۡ + ايندو/              (جتوئي ]1983[ 117)

هن مثال ۾ /سَــڏۡ/ کي ”بنياد“ قرار ڏنو ويو آهي.

/سڏڻ/ جيڪڏهن پاڙ-بنياد آهي (جتوئي ]1983[ 117) ۽

/سڏائڻ/ جيڪڏهن ٿڙ-بنياد آهي ته پوءِ /سَڏۡ/ ڪهڙو بنياد سڏبو؟

۽ /سَڏُ/ کي ڪهڙو بنياد سڏيو ويندو؟

·     ... اشتقاقي توڙي گرداني لفظ ڪنهن بنيادي لفظ (Underlying word) مان ظاهر ٿين ٿا جنهن کي سنسڪرت ۾ ’ڌاتو‘ سڏجي ٿو. سنڌي ۾ انهيءَ لاءِ مناسب لفظ ’بنياد‘ يا ’پيڙھ‘ آهي. عربيءَ ۾ ان کي ’اصل‘ سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 115)

’ڳتيل ٻول‘ جي سري هيٺ /سَچۡ/ جو ذڪر ڪندي اسان ڏٺو ته ’بنياد‘ يا ’پيڙھ‘ جي بدران ’Base‘ لفظ ڪم آندو ويو هو (جتوئي ]1983[ 111)، ’Root‘ جي بدران ’پاڙ‘، ’پيڙھ‘ يا ’بنياد‘ ئي ڪم ايندو، اهڙيءَ طرح ’مصدر‘ پڻ ساڳي ئي مفهوم ۾ ڪم آندو ويو آهي (الانا ]1987[ 40، 42)، اهي سڀ ڳالهيون هڪ مونجھارو تخليق ڪن ٿيون. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان وٽ ٻولن ۽ اصطلاحن جي تخصيص ناهي.

پوءِ ايئن ڇو نه ڪجي، ته پاڙ ٻول انهيءَ ٻول کي قرار ڏجي جيڪو پنهنجيءَ مڪمل ۽ آجي صورت ۾، ننڍي ۾ ننڍي معنادار جزي جو ڪارج ڪندي سمورن واسطيدار ڪردنت ٻولن جي پاڙ ۾ ڪم ايندو هجي. هيءَ آهي نمبر ٻي ڳالهه.

/سَـڏۡ/، /سَـڏُ/، /سڏڻ/ ۽ /سڏائڻ/ مان ڪهڙو ٻول آهي جيڪو درحقيقت پاڙ جو ڪم ڪري ٿو؟

/سڏائڻ/ ۾ /-آء-/ وچون جوڙ آهي، باقي ٻول بچيو /سڏڻ/.

/سڏڻ/ کان /-اِڻ/ ڌار ڪري سگھجي ٿو ۽ باقي بچيل جز /سَڏُ/ هڪ معنادار جزو آهي.

/سَڏُ/ کان پڻ /-اُ/، جيڪو هڪ وائيو آهي (۽ مذڪر واحد جي معنى پيدا ڪري ٿو) ڌار ڪري سگھجي ٿو ۽ باقي بچيل جز /سَڏۡ/ هڪ معنادار جزو آهي.

پر /سَڏۡ/ کان جيڪڏهن ڪو به جز کسي وٺبو ته ان جي ڪا به معنى نه رهندي.

·     جن طريقن سان بنيادي لفظ صرفي صورت بدلين ٿا سي ٽي آهن: (1) وڌائڻ (addition) وارو طريقو، (2) گھٽائڻ (substraction) وارو طريقو ۽ (3) بدلائڻ (replacement) وارو طريقو. (جتوئي ]1983[ 115)

’بنيادي‘ ٻول جن آوازن جي مدد سان صرفي (روپيائي) صورت بدلائن ٿا انهن کي هڪ ڌار سري هيٺ جاچيو ويو آهي. پر، ڪنهن به ’بنيادي‘ ٻول ۾ جيڪي به صرفي (روپيائي) ۽ وائيائي (phonemic) تبديليون واقع ٿيون آهن جڏهن انهن کي ڌار ڪبو ته باقي بچيل ٻول پڪ سان ”بنياد“ (پاڙ، ڌاتو) هوندو. هيءَ آهي نمبر ٽين ڳالهه.

·     ... نڪتل لفظ ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا اشتقاقي ۽ ٻيا گرداني. جڏهن هڪ ئي بنياد مان (توڙي پاڙ هجي يا ٿــڙ هجي) ڪئين اشتقاقي ۽ گرداني لفظ نڪرن، تڏهن سڀني لاڳاپيل لفظن کي گڏي روپاولي {paradigm} سڏجي ٿو. ان جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ اشتقاقي (derivational) ۽ ٻي گرداني (inflectional). اشتقاقي روپاولي ۾ اهي سمورا نڪتل لفظ هوندا آهن جيڪي خود مستقل لفظ ٿي ڪم ايندا آهن. مثلاً

ڪَمُ (بنيادي لفظ) ڪمائتو، ڪمائي، نڪمو، ڪامي. ڦريل روپاولين ۾ اهي نڪتل لفظ هوندا آهن جن جون صورتون عدد، جنس، حالت يا زمان سبب ڦريل هونديون آهن. مثلاً

(1)              ڪَمُ- (بنيادي لفظ)، ڪَمَ، ڪَمن

(2)             ڪماءِ (بنيادي لفظ)، ڪمائي، ڪمائينِ، ڪمائين، ڪمائيو، ڪمائيان، ڪمائيون وغيره.

هي ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اشتقاقي لفظن جون گرداني روپاوليون ٿي سگھن ٿيون مگر گرداني لفظن جون اشتقاقي روپاوليون ٿي نه ٿيون سگھن. (جتوئي ]1983[ 122-123)

سنڌيءَ ۾ سوين ٻول اهڙا آهن جن مان هر هڪ ڌاتو ٻول جي روپاولي سوين ٻولن تي پکڙيل آهي. ظاهر آهي ته ان سڄي روپاولي ۾ ڪو هڪ ٻول پاڙ ٻول جو ڪم ڪري ٿو.

ڪماءِ = /ڪَمۡ + آء + اِ/ ۾ آخري آواز /اِ/ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻول ۾ امر واحد جو مفهوم وڌائي ٿو، تنهنڪري /ڪماءِ/ بنيادي ٻول ٿي نه ٿو سگھي. /ڪماءِ/ جو ”ٿڙ“ بنياد /ڪماء/ آهي جنهن جي صورتخطي، جتوئي صاحب جن جي /کاءۡ-/ (جتوئي ]1983[ 121) جو نقل ڪندي /ڪماءۡ/ ۽ الانا صاحب جن جي /کا-/ (الانا ]1987[ 41) جو نقل ڪندي /ڪما-/ لکي سگھجي ٿي. (تفصيل لاءِ ڏسو ’هڪ نيارو ۽ اڳ اڻ-کوجيل سنڌي وائل‘)

ڪو به ڄاڻو اهو چئي نه سگھندو ته /ڪماء/ مان /ڪم/ ٺهيو آهي پر ائين ضرور چئي سگھجي ٿو ته /ڪماء/ جو ”پاڙ“ ڌاتو /ڪم/ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com