سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :22

معنى جي لحاظ کان امر جا قسم:

1.      امر

2.     نَهَي

3.     امر التجائي، التماسي يا نيازي

1. امر:

        امر جو بيان مٿي اچي چڪو آهي. امر جي صيغي ۾ گهڻو ڪري اقراري يا ايجابي فرمائش هوندي آهي، يعني ان مان اهو مطلب نڪرندو آهي ته چيل ڪم جي پوئواري ٿيڻي آهي، نهڪار نه.

2. نَهِي:

        اهو فعل جنهن ۾ امتناعي حڪم هجي، يعني ڪم ڪرڻ جي منع ڪيل هجي، تنهن کي فعل نهي سڏبو آهي.

        امر جي اڳيان تنڪيري حرف، جهڙوڪ: مَ، نه، نا، مڪي، ڪيم، ڪينَ ۽ نڪي وغيره آڻڻ سان فعل نهِي جڙندو آهي، مثلاً:

                                مَ ڪر

                                نه ڊِڄُ

                                ڪيمَ روءِ

                                ڪينَ نهارِ

        مَ، نا، مَڪِي، ۽ ڪِيمَ تنڪيري حرف عام طرح شعر ۾ ڪم ايندا آهن. شعر ۾ تنڪيري حرف اَمر جي پويان به استعمال ٿيندا آهن.

        فعل نهي جو استعمال:

”تون چؤ الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”محبت جي ميدان ۾ سر جو سانگ مَ ڪر.“
                                    (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”وڃي در دوستن جي نانگا ڪيمَ نِن.“
                                        (شاهه: رامڪلي)

”سامي تون سلوڪ کي هٿان هڏ مَ ڇڏ.“
                                        (شاهه: رامڪلي)

”مالها ڦيرج من ۾، ڌڙ کي ڌوڙ مَ لاءِ.“
                                        (شاهه: رامڪلي)

”ڀيرو ڀڃ مَ، ڪاپڙي، لاهي ويهه مَ، لاڳ.“
                                     (شاهه: مومل راڻو)

”پاڻي هارِ مَ پڌرو، روءِ منجهان ئي رَتُ.“
                                          (شاهه: حسيني)

”اٿي اوور ارٽ سين، ويههُ نه ويڳاڻي.“
                                          (شاهه: حسيني)

”ڊگهي اَڏ مَ مَنَهي، پکو اَڏمَ، لانڍ.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”پٽولا پنهوار کي عمر آڇ مَ تون.“
                                            (شاهه: مارئي)

”مڪي روءِ، مَ رڙڪي، مڪي ڪر دانهون.“
                                            (شاهه: مارئي)

”بت منهنجو بند ۾ قيد مَ ڪريجاهه،
ماروءَ جي مقام کان ڌار مَ ڌاريجاهه.“
                                           (شاهه: مارئي)

”راڻا رنج نه ڪر، معافي مومل ڏي کڻي.“
                                             (سچل: راڻو)

”مومل مهڻي هاب، راڻا ڪر نه راءَ تون.“
                                             (سچل: راڻو)

”پٺيءَ ڄڃ نه ڄُل، منجهه تماشي نه پوين.“
                                              (سچل: آسا)

خيال بزرگي ريٽي ڇڏ تون، منگ نه تون مخدومي،
نڪي پير مشائخ ٿج تون، نڪي ٿج نجومي.“
                                          (سچل: گجري)

مريد ڪرڻ جو خيال نه رکجانءِ، عاشق ٿج نرالو.“
                  
                           (سچل: گجري)

”ننگو ڪج نه نڌر کي، نماڻين ننگپال.“
                                         (سچل: سارنگ)

        ’تون نڪو ڪوڙ ڳالهاءِ ۽ نڪي امانت ۾ خيانت ڪر.‘

        ’تون هوندّ تي راضي رهه، ڪنهن سان ريسَ ڪينَ ڪر.‘

 3. امر التجائي، التماسي يا نيازي:

        اهو فعل جنهن ۾ ڪم ڪرڻ جي التجا، درخواست، منٿ يا عرض ڪيل هجي، تنهن کي امر التجائي، التماسي يا نيازي چئبو آهي.

        امر جي پٺيان پڇاڙيون، جهڙوڪ: ’اجِ‘، ’ايج‘ واحد ۾ ۽ ’اِجا‘، ’ايجا‘، ايجاهه ۽ ايجاءِ جمع ۾ ملائڻ سان امر نيازي ٺهندو آهي. مثلاً: اَچجِ، اَچيجِ ۽ اچئيجا وغيره.

        امر التجائيءَ جو استعمال:

”پهرين ڪاتي پاءِ، پڇيج پوءِ پريتڻو.“
                                            (شاهه: ڪلياڻ)

”اندر اِي اهنج، سانڍج سکائون ڪري.“
                                           (شاهه: ڪلياڻ)

”پڙهيا پڙهيجا، سبق انهيءَ سور جو.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”ڪڍج ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ مَ ڪمائيج،
وڻج وهائيج، سڀ سوداگر سچ جو.“
                                         (شاهه: سريراڳ)

”اسان پرين پاڻ ۾ گهارڻ ڏج گهڙي.“
                                            (شاهه: کنڀات)

”مون تان وَڙُ وڃائيو، اَئين پنهنجو وڙ ڪجاهه.“
                                           (شاهه: حسيني)

”آءٌ جي ڏيئين سنيها، نيئي پريان ڏج.“
                                        (شاهه: معذوري)

”پويون ٿئي پساهه، ته نجاهه مڙهه ملير ڏي.“
                                            (شاهه: مارئي)

”ڪري ڪانگ ڪرنشون پيرين پرين پئيج،
لِلِــــہِ لڳ لطيف چئي، ڳجهو ڳالهائيج.“
                                            (شاهه: پورب)

”ساقي ڏيج سٺي، سرڪ صراحيءَ مان ڪڍي.“
                                          (سچل: ڀيروي)

”ڪنڌ اونڌي اوريج، اٺئي پهر عجيب کي،
اڇن اوجاڳن ۾، عينان اوجاريج،
اصلون ڪين ڪهيج، ظاهر هن زبان سان.“
                                               (سچل: آسا)

”ويهه نه وساريج، تان ماٺ ڪري وهين.“
قول اهو پاڙيڄ، هو جو ڪيڙُئي هوت سان.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”الله ڪارڻ اچ، ماڳ وسائج مينڌرا.“
                                            (سچل: راڻو)

”الله لڳ اڏام، تون موٽي محبوبن ڏي،
وڃي ڏيج پرينءَ کي، پاجيءَ جا پيغام،
ڪري قدمن تي پئي، سو لک ڏيج سلام.“
                                      (سچل: مالڪوس)

فعل جا قسم:

1.      فعل لازمي

2.     فعلي متعدي

3.     فعل اڪر ترڪ يا فعل بي فاعل

4.     فعل معطوفي

5.     فعل مرڪب

فعل لازميءَ جا هيٺيان ٽي قسم آهن:

1.      فعل لازمي

2.     فعل ناقص

3.     فعل معاون

1. فعل لازمي:

        اهو فعل جو جملي ۾ فقط فاعل جو محتاج هجي، يا اهو فعل جنهن سان فقط فاعل جو هجڻ لازمي يا ضروري هجي، تنهن کي فعل لازمي چئبو آهي،

مثلاً:

        1. هرڻ رُڃ کي پاڻي سمجهي ان جي پٺيان ڊوڙندو آهي.

        2. ماءُ وڇڙيل ٻچي کي ڏسي روئي ڏنو.

        مٿين جملن ۾ جيڪي فعل ڪم آندل آهن، يعني ’ڊوڙندو آهي‘ ۽ روئي ڏنو‘، سي لازمي آهن ۽ ڏسبو ته مذڪوره فعلن جو تعلق سڌو سنئون سندن فاعلن سان آهي. جيڪڏهن فاعل کانسواءِ جملي جا ٻيا لفظ ڪڍي ڇڏجن تڏهن به فعل اڪيلي سر پنهنجي فاعل سان جملي جو مطلب پورو ڏيئي سگهجي ٿو، مثلاً: ’هرڻ ڊوڙندو آهي‘ ۽ ’ماءُ روئي ڏنو‘ وغيره.

        فعل لازميءَ جو استعمال:

”لڳِي سيخ وجود ۾ سندي نينهن نئين.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”ساٿي سفر هليا، ڀري جنگ جهاز.“
                                         (شاهه: سريراڳ)

”منهنجو من ميهار کي پار وڃي پهتو.“
                                            (شاهه: سهڻي)

”سِگها محب ملو ته اونهي منجهان اُڪران.“
                                           (شاهه: سهڻي)

”قريبن جو ڪانگڙو مٿي ٽار ٽلي.“
                                            (شاهه: پورب)

”وُٺا مينهن ملير ۾، ٿيو تڙ تڙ تماشو.“
                                            (شاهه: مارئي)

”ويڙهيا گهمن ولئين جهانگي منجهه جهنگن.“
                                            (شاهه: مارئي)

”وڳر ويا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”جي هٿان هوت ويا، سي اچن ته آجي ٿيان.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”آديسي اُٿي ويا، پيئي اُڏامي رک.“
                                         (شاهه: رامڪلي)

”ڀينر ڀاڳ وڏي، راڻو ايندو راڄ ۾.“
                                      (شاهه: مومل راڻو)

”آيو ڪالهه قلم، مون ڏي محبوبن جو.“
                                          (سچل: ڀيروي)

”پلر سان پُسي پيا، پنهوارن پلالَ.“
                                         (سچل: سارنگ)

”ڪاريون ٿيون ڪُڏن، سمي جي سهاڳ تي.“
                                          (سچل: ڪلياڻ)

2. فعل ناقص:

        اهو فعل جو جملي جي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ ٻين لفظن جو محتاج رهي، تنهن کي فعل ناقص يا اڻپورو چئبو آهي.

        مثلاً:

                ’طوبيٰ بهشت ۾ هڪ وڻ آهي.‘

        مٿين جملي ۾ ڏسبو ته ’آهي‘ فعل جو مدار لفظ ’وڻ‘ تي آهي، ڇاڪاڻ ته مذڪور لفظ جيڪڏهن جملي مان ڪڍي ڇڏجي ته فعل اڻپورو رهجي ويندو ۽ جملي جو پورو مطلب نه نڪرندو، تنهنڪري ’آهي‘ فعل کي ناقص سڏجي ٿو. ’وڻ‘ جملي ۾ فعل جو مدار متمم يا پورائو ڪندڙ آهي. ’ٿيڻ‘، ’پوڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ مصدرن مان جي فعل جڙن ٿا، سي سڀ ناقص آهن. مثلاً: ٿئي ٿو، ٿيا، پيو، پوندو، آهي، آهن ۽ هئا وغيره.

        فعل ناقص جو استعمال:

”آءٌ پڻ تڏهانڪون، اڌ ڏکوئي آهيان.“
                                             (شاهه: ديسي)

”هيس هندورن ۾ پييم ڪانه پروڙ.“
                                    (شاهه: ليلان چنيسر)

”راجا جي رنگ محل ۾ هنڌ هنڌ پيئي هوڪ.“
                                           (شاهه: سورٺ)

”نڌر کي نصيب ٿئي شل پنهونءَ جو پاڙو.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”هَنيا لئي حورن، عاشق عقبيٰ جا ٿيا.“
                                              (سچل: آسا)

”پارس لڳي سون ٿيون، لوهاڻيون لوريون.“
                                          (سچل: ڪلياڻ)

”نه ڪنهن روءِ نه رنگ، هئا بيهودا بڇڙا،
اڄ پڻ انهن جي ٿيا، پيرن هيٺ پلنگ.“
                                          (سچل: ڪلياڻ)

”مسجد ۽ محراب جي ڪانهي ڄٽڻ ڄاڻ.“
                                          (سچل: متفرقه)

3. فعل معاون:

        فعل معاون اهو فعل آهي جو ٻئي فعل جي صيغن يا زمانن ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ۽ اڻپوري فعل جي معنى کي پورو ڪري يا ان کي اضافي معنى ڏئي، ’معاون‘ لفظ جي معنى آهي ’مددگار‘، انهيءَ ڪري هن فعل کي مددگار، مددي يا امدادي فعل به چئبو آهي.

        عام طرح ’ٿيڻ‘، ’پوڻ‘، ’هئڻ‘، ’سگهڻ‘، ’رهڻ‘ ۽ ’وتڻ‘ مصدرن جا مختلف صيغا معاون جي معنى ۾ استعمال ٿيندا آهن، مثلاً:

        1. الله وٽ اهو ماڻهو عزيز آهي جو پنهنجي هٿن جو پورهيو ڪري روزي ڪمائي ٿو.

        2. گهڻي ڪم ڪرڻ سان ماڻهو ٿڪجي پوندو آهي.

        3. ننڍڙو ٻار هر ڪنهن کي وڻندو آهي.

        4. دوست کي خط مليو هوندو.

        5. موت کي ڪوئي مات نٿو ڪري سگهي.

        6. ٻار کي هڪ دفعو ڪنهن بري ڪم جي عادت پئي ته هو وڏي هوندي به اهو ڪم ڪندو رهندو.

        7. فقير انهيءَ کي چئبو جيڪو سدائين ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگيندو وتي.

        مٿين جملن ۾ ’ٿو‘، ’پوندو‘، ’آهي‘، ’هوندو‘، ’سگهي‘، ’رهندو‘ ۽ ’وتي‘ فعل معاون جا لفظ آهن.

        مکيه فعل اگرچه ذاتي طرح پوري معنيٰ ڏيئي سگهي ٿو، پر انهيءَ کي به فعل معاون جي ضرورت پوندي آهي، نه ته ان جا مختلف زمان يا صيغا نه ٺهي سگهندا.

        مکيه فعل سان فعل معاون جو گردان هيٺ ڏجي ٿو. مکيه فعل کي ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن معاون جو استعمال ظاهر ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com