سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :27

                       

زمان حال يا استمراريءَ جو استعمال:

”مون کي ٿيون مارين، لونهان لهارن جون.“
                                  (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”سوڍي کي سوال ڪريان ٿي قرب جو.“
                                   (شاهه: مومل راڻو)

”آديسي اٿي ويا، پيئي اڏامي رک.“
                                     (شاهه: رامڪلي)

”سهم پسان ٿي سومرا، پرينءَ ري پيئي.“
                                         (شاهه: مارئي)

”ساريو سانڀئڙن کي ٿي سٽون ڏئي سهس.“
                                        (شاهه: مارئي)

پنهنجو تماشو پاڻ ڏسي ٿو، صورت منجهه سلطان.“
                                            (سچل: آسا)

”سڪ سچيءَ کان ڪونڪو، سبق سور سکن.(1)
اکر لکن
(2) نه دل تي، ٿا ڪاغذ ڪارا ڪن.“
                                           (سچل: آسا)

”آسروند آهين، روجهون راڻيون رڻن ۾،
اڀيون پيون اڀ کي، ٿيون وائڙيون واجهائين،
رڙيون ڪري رڻن ۾، ٿيون بوندون برسائين.“
                                 (سچل: پهاڙي)

”چڱيءَ طرح چئي، ٿي منجان ماروئڙن ڏي.“
                                (سچل: کنڀات)

”ڏاهو چڙهي ڏار تي، ٿو ڏئي ڏوراپا.“
                            (سچل: مالڪوس)

”پهچائين پيغام ٿو، پريان جي پارون.“
                           (سچل: مالڪوس)

2. زمان حال مدامي: اهو زمان، جو هلندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جي هميشه جاري رهڻ جي خبر ڏئي، تنهن کي زمان حال مدامي چئبو آهي. حال مداميءَ کي فقط حال به چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته فعل جو تعلق هلندڙ وقت سان آهي، پر فعل جي دوامي صورت خاطر ان کي الڳ فعل قرار ڏنو ويو آهي.

        اسم حاليه جي پٺيان ’هئڻ‘ مصدر جي مضارع آڻڻ سان زمان حال مدامي جڙندو آهي، مثلاً: لکندو آهيان، پڙهندو آهي وغيره. گردان هيٺ ڏجي ٿو:

(فعل معروف):

               

متڪلم:         لکندو آهيان      لکندا آهيون      لکندِي آهيان     لکنديون آهيون

حاضر:            لکندو آهين      لکندا آهيو        لکندِي آهين     لکنديون آهن

غائب:            لکندو آهي       لکندا آهن        لکندِي آهي      لکنديون آهن

          (فعل مجهول:

متڪلم:     ڪوٺبو آهيان   ڪوٺبا آهيون     ڪوٺِبي آهيان      ڪوٺبيون آهيون

حاضر:     ڪوٺبو آهيان  ڪوٺبا آهيو          ڪوٺبِي آهين     ڪوٺبيون آهيو

غائب:     ڪوٺبو آهي             ڪوٺبا آهن       ڪوٺبِي آهي     ڪوٺبيون آهن

        زمان حال مداميءَ ۾ مکيه فعل فاعل سان جنس ۽ عدد ۾ موافقت رکندو آهي، پر فعل معاون، جو مضارع جي صورت ۾ آهي، مذڪر توڙي مؤنث ۾ ساڳيو رهندو آهي ۽ فقط عدد ۾ ڦرندو آهي، جيئن مٿي ڏنل گردان مان ظاهر آهي.

زمان حال مداميءَ جو استعمال:

        منهنجو دوست هميشه مون کي خط لکندو آهي.

        استاد ٻارن کي هر روز نئون سبق ڏيندو آهي.

        ڪي ماڻهو رات جو سمهڻ وقت ننڊ جون گوريون کائيندا آهن.

          منهنجي ماءُ مون کي نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌائيندي آهي.

        ڳوٺاڻا ماڻهو شام جو گڏ ٿي ڪچهري ڪندا آهن.

        ڳوٺ جون عورتون گڏجي پاڻي ڀرڻ وينديون آهن.

        ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ هوائي جهاز ۾ سفر ڪبو آهي.

        اڄڪلهه لڙائيءَ ۾ بم استعمال ڪيا ويندا آهن.

        زمان حال مداميءَ مان اهڙو مطلب به نڪرندو آهي، جنهن ۾ ڪلي حقيقت بيان ڪيل هوندي آهي ۽ جنهن جو اطلاق نه فقط حال ۾، پر هر زماني ۾ ٿيندو آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

بهادر انسان مشڪلات کي صبر سان منهن ڏيندو آهي.

گلا خور ماڻهو هر هنڌ خوار هوندو آهي.

سياري ۾ سيءَ ۽ سانوڻ ۾ مينهن گهڻو پوندو آهي.

’سيڪ اتي ايندو آهي، جتي باهه ٻرندي آهي‘.

’بُک ۾ بصر به مٺا لڳندا آهن.‘

        اڄ لڳندي آهي ته پاڻي پيئبو آهي.

        3. زمان حال متشڪي يا احتمالي: اهو زمان، جنهن مان هلندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جي جاري هجڻ بابت شڪ يا گمان ظاهر ٿئي، تنهن کي زمان حال متشڪي يا احتمالي چئبو آهي. اسم حاليه جي پٺيان ’هئڻ‘ مصدر جو مستقبل آڻڻ سان زمان حال متشڪي ٺهندو آهي. مثلاً: ’ايندو هوندو‘ ۽ ’ويندا هوندا‘ وغيره.

گردان:

(فعل معروف):

متڪلم: ڪندو هوندس  ڪندا هونداسين،          ڪندِي هوندَس،   ڪنديون هونديونسون،

       هونداسين         هوندَيس             هونديونسين

حاضر:      ڪندو هوندين  ڪندا هوندؤ          ڪندِي هوندينءَ         ڪنديون هوندؤ، هونديؤ

غائب:     ڪندو هوندو      ڪندا هوندؤ         ڪندِي هوندينءَ         ڪنديون هوندؤ، هونديؤ

(فعل مجهول):

متڪلم:  سڏبو هوندس سڏبا هونداسون،   سڏبِي هوندَس،     سڏبيون هونديونسون،

                             هونداسين         هونديس          هونديونسين

حاضر: سڏبو هوندين      سڏبا هوندؤ       سڏبِي هوندينءَ  سڏبيون هوندؤ

                                                                   هونديؤ

غائب: سڏبو هوندو        سڏبا هوندا       سڏبِي هوندِي    سڏبيون هونديون

        اسم حاليه جي پٺيان ’هئڻ‘ مصدر جو مضارع آڻڻ سان به زمان حال متشڪي  يا احتمالي ٺهندو آهي، پر اهڙي حالت ۾ جملي ۾ گهڻو ڪري ’شايد‘ يا ’متان‘ لفظ استعمال ٿيندو آهي، مثلاً: ’شايد پڙهندو هجي‘، ’متان ايندا هجن‘ وغيره.

        گردان:

متڪلم:              چوندو هجان   چوندا هجون    چوندي هجان    چونديون هجون

حاضر:                چوندو هجين   چوندا هجو     چوندي هجين  چونديون هجو

غائب:                 چوندو هجي  چوندا هجن    چوندي هجي   چونديون هجن

زمان حال متشڪيءَ جو استعمال:

ڪمري ۾ بتي ٻري ٿي، ضرور ڪو جاڳندو هوندو.

ڪهڙي نه ٿڌي هوا ٿي لڳي، شايد ڪٿي مينهن وسندو هوندو.

ٻار ماءُ کي نه ڏسي روئندا هوندا.

هن جي پٺيان نه وڃ، شايد هو ايندو هجي.

آهستي ڳالهاءِ، متان ڪو آرام ڪندو هجي.

ڪهڙي خبر، انهيءَ نالي سان ئي سڏبو هجي.

ٿي سگهي ٿو، ته اهو ڪلام ائين ڳائبو هجي.

        4. زمان حال امڪاني: اهو زمان، جنهن مان هلندڙ وقت  ڪنهن ڪم ٿيڻ جو امڪان ظاهر ٿئي، تنهن کي زمان حال امڪاني چئبو آهي.

        فعل معطوفيءَ جي پٺيان ’سگهڻ‘ مصدر جو زمان حال، حال مدامي يا حال متشڪي آڻڻ سان زمان حال امڪاني ٺهندو آهي، مثلاً: ’ڪري سگهي ٿو‘، ’تري سگهندو آهي‘ ۽ ’چڙهي سگهندو هوندو‘ وغيره.

        گردان:

 (فعل معروف)

 

متڪلم: ڪري سگهان ٿو      ڪري سگهون ٿا     ڪري سگهان ٿِي  ڪري سگهون ٿيون

حاضر: ڪري سگهين ٿو       ڪري سگهو ٿا        ڪري سگهين ٿِي   ڪري سگهو ٿيون

غائب: ڪري سگهي ٿو       ڪري سگهن ٿا        ڪري سگهي ٿِي    ڪري سگهن ٿيون

متڪلم: ڪري سگهندو     ڪري سگهندا           ڪري سگهندِي        ڪري سگهنديون

      آهيان                      آهيون                          آهين                    آهيو

غائب: ڪري سگهندو         ڪري سگهندا           ڪري سگهندِي       ڪري سگهنديون

          آهي                  آهن                            آهي                       آهن

متڪلم: ڪري سگهندو    ڪري سگهندا   ڪري سگهندِي     ڪري سگهنديون

           هوندُس           هونداسون،       هوندَس،           هونديونسيون،

                              هونداسين         هوندَيس          هونديونسين

حاضر: ڪري سگهندو   ڪري سگهندا  ڪري سگهندِي  ڪري سگهنديون

          هوندين             هوندؤ              هوندِينء،            هوندؤ، هوندؤ

غائب: ڪري سگهندو    ڪري سگهندا  ڪري سگهندِي  ڪري سگهنديون

         هوندو              هوندا                هوندِي               هونديون

(فعل مجهول):

متڪلم: ڏِسجي سگهان ٿو،  ڏسجي سگهون ٿا،   ڏسجي سگهان ٿي،      ڏسجي سگهن ٿيون،

          ڏسي سگهجان ٿو    ڏسي سگهجن ٿا    ڏسي سگهجان ٿي      ڏسي سگهجن ٿيون

حاضر:   ڏِسي سگهين ٿو،    ڏسجي سگهو ٿا،    ڏسجي سگهين ٿي،     ڏِسي سگهو ٿيون،

          ڏِسي سگهجين ٿو   ڏسي سگهجو ٿا    ڏسي سگهجين ٿي      ڏِسي سگهجو ٿيون

غائب:   ڏسجي سگهي ٿو     ڏسجي سگهن ٿا،  ڏِسجي سگهي ٿي،      ڏسجي سگهن ٿيون

            ڏسي سگهجي ٿو   ڏسي سگهجن ٿا  ڏِسي سگهجي ٿي       ڏِسي سگهجن ٿيون


(1) ،

(2)  هنن مثالن ۾ ڏنل زمان حال جي فعلن ۾ معاون فعل حذف ٿيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com