سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :28

متڪلم: ڏِسي سگهبو آهيان  ڏسي سگهبا آهيون ڏسي سگهبي آهيان، ڏِسي سگهبيون آهيون

 

حاضر:  ڏِسي سگهبو آهيان  ڏِسي سگهبا آهيون  ڏِسي سگهبي آهين  ڏِسي سگهبيون آهيو

غائب:   ڏِسي سگهبو آهي   ڏِسي سگهبا آهيو  ڏِسي سگهبي آهي   ڏِسي سگهبيون آهن

 

متڪلم:  ڏِسي سگهبو   ڏِسي سگهبا      ڏِسي  سگهبي    ڏِسي سگهبيون

             هوندُس           هونداسون،        هوندس،            هونديونسون،

                                هونداسين         هونديس            هونديوسين

حاضر:    ڏسي سگهبو     ڏسِي سگهبا      ڏِسي سگهبي     ڏسي سگهبيون

           هوندين             هوندؤ               هوندينء             هوندؤ، هونديؤ

غائب:    ڏسي سگهبو     ڏِسي سگهبا       ڏِسي سگهبي    ڏِسي سگهبيون

            هوندو             هوندا                هوندِي               هونديون

زمان حال امڪانيءَ جو استعمال:

ڇوڪريون ضروري تعليم حاصل ڪري نيڪ مائرون بڻجي سگهن ٿيون.

عورتون گهر کانسواءِ ٻاهريون ڪم به ڪري سگهنديون آهن.

هو ننڍو ٻار آهي، اهڙيون ڳالهيون نه سمجهي سگهندو هوندو.

دوربينيءَ سان پري واريون شيون ڏسي سگهبيون آهن.

اڳ جو ڪم هٿن سان ڪبو هو، سو هاڻي مشينن سان ڪري سگهجي ٿو.

5. زمان حال التزامي: اهو زمان، جو هلندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جي ٿيڻ کي لازمي قرار ڏئي، تنهن کي حال التزامي چئبو آهي.

        اسم استقبال جي پٺيان ’ٿيڻ‘، ’پوڻ‘ يا ’هئڻ‘ مصدر جو زمان حال يا حال مدامي آڻڻ سان زمان حال التزامي ٺهندو آهي، مثلاً: وڃڻو آهي، وڃڻو پوي ٿو، وڃڻو پوندو آهي، وڃڻو هوندو آهي. وغيره.

        حال التزاميءَ جو مکيه فعل، فاعلي توڙي مفعولي حالت ۾ جنس ۽ عدد مطابق ڦرندو آهي ۽ فعل معاون فقط عدد ۾ ڦيرو کائيندو آهي، باقي جنس ۾ ساڳيو رهندو آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

(فاعلي حالت):

 

 

 

 

 

متڪلم: وڃڻو آهيان  وڃڻا آهيو   وڃڻي آهيان   وڃڻيون آهيو

حاضر:    وڃڻو آهين   وڃڻا آهيو   وڃڻي آهين  وڃڻيون آهيو

غائب:      وڃڻو آهي    وڃڻا آهن    وڃڻي آهي    وڃڻيون آهن

(مفعولي حالت):

    لکڻو آهي  لکڻا آهن      لکڻي آهي             لکڻيون آهن

        حال التزاميءَ جي ترڪيب ۾ جيڪڏهن ’ٿيڻ‘ يا ’پوڻ‘ مصدر جو معاون فعل يا حال مداميءَ جو صيغو استعمال ٿيندو آهي ته فاعلي حالت ۾ مکيه فعل جي صورت اڻمٽ رهندي آهي ۽ ڦيرو فقط معاون فعل جي عدد ۾ ايندو آهي، پر مفعولي حالت ۾ مکيه توڙي معاون، ٻنهي فعلن ۾ جنس ۽ عدد مطابق ڦيرو ايندو آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

(فاعلي حالت)

 

 

 

 

 

متڪلم: رهڻو پويم ٿو   رهڻو پويئو ٿو  رهڻو پويم ٿو  رهڻو پويئون ٿو

حاضر:   رهڻو پويئي ٿو  رهڻو پَويوَ ٿو   رهڻو پويئي ٿو  رهڻو پَويوَ ٿو

غائب:   رهڻو پويس ٿو   رهڻو پوين ٿو  رهڻو پويس ٿو    رهڻو پوين ٿو

(مفعولي حالت):

   ڪرڻو پوي ٿو    ڪرڻا پون ٿا     ڪرڻي پوي ٿي   ڪرڻيون پون ٿيون

(فاعلي حالت):

متڪلم: اچڻو پوندو اٿم  اچڻو پوندو  اچڻو پوندو اچڻو پوندو

            اٿم     اٿيئون يا اٿئون  اٿم          اٿيئون يا اٿئون

حاضر:    اچڻو پوندو   اچڻو پوندو     اچڻو پوندو  اچڻو پوندو

             اٿيئي يا اٿئي اَٿوَ         اٿيئي يا اٿئي  اَٿوَ

غائب:       اچڻو پوندو        اچڻو پوندو  اچڻو پوندو  اچڻو پوندو

             اٿس               اٿن             اٿس             اٿن

(مفعولي حالت):

ڏيڻو پوندو       ڏيڻا پوندا  ڏيڻي پوندي  ڏيڻيون پونديون

        آهي            آهن            آهي            آهن

زمان حال التزاميءَ جو استعمال:

امتحان لاءِ تياري ڪرڻي پوي ٿي.

هر انسان تي آزمائش اچڻي آهي.

علم ۽ هنر پرائڻ لاءِ ٻاهر وڃڻو پوي ٿو.

دوا درمل لاءِ شهر اچڻو پوندو اٿيئَون.

مالدار ماڻهن کي زڪوات ڏيڻي پوندي آهي.

        2. زمان ماضي: اهو زمان، جو گذريل زماني ۾ ڪنهن امر يا ڪم واقع ٿيڻ جي خبر ڏئي، تنهن کي زمان ماضي چئبو آهي.

        زمان ماضيءَ جا مختلف قسم هيٺ ڏجن ٿا:

1.      زمان ماضي مطلق

2.     زمان ماضي استمراري

3.     زمان ماضي مدامي

4.     زمان ماضي قريب

5.     زمان ماضي بعيد

6.     زمان ماضي شرطي

7.     زمان ماضي تمائي

8.     زمان ماضي متشڪي يا احتمالي

9.     زمان ماضي امڪاني

10. زمان ماضي التزامي

1. زمان ماضي مطلق: اهو زمان جو ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪم ٿيڻ جي مجمل نموني ۾ خبر ڏئي، تنهن کي زمان ماضي مطلق چئبو آهي. مطلق جي معنى آهي – نج يا خالص.

اصل فعل جي پٺيان حرف ’ي‘ ساڻ شخصي پڇاڙين گڏڻ سان يا اسم مفعولي جي پٺيان شخصي نشان لڳائڻ سان زمان ماضي مطلق ٺهندو آهي، مثلاً: گهُميُس، کاڌُم، لکيائين، پڙهيائون، کيڏياسون، ڳايوسين (ڳايوسين) وغيره.

زمان ماضي مطلق جون ترڪيبي صورتون:

1. لازمي فعل جي اسم مفعول جي ’او‘ پڇاڙي متڪلم جي واحد مذڪر صيغي ۾ مٽجي ’اُ‘ يا ’ءُ‘ ۽ واحد مؤنث جي ’اِي‘ پڇاڙي مٽجي ’يَ‘ يا ’ءَ‘ ٿي پوندي آهي، مثلاً: اسم مفعول ’ويو‘ ۽ ’وئِي‘ يا ’ويئِي‘ مان زمان ماضي مطلق جي صورت هيءَ ٿيندي:

متڪلم واحد مذڪر: ويُسِ يا ئُس     ويُم(1) يا وئُــم

متڪلم واحد مؤنث: ويُسِ يا وئُس    ويَم يا وئَم

2. متڪلم جي جمع مذڪر توڙي جمع مؤنث جي صيغي ۾ اسم مفعول جي صورت قائم رهندي آهي، جنهن سان شخصي نشانيون لڳنديون آهن، مثلاً:

متڪلم جمع مذڪر: وياسون، وياسين

متڪلم جمع مؤنث: ويونسون، ويونسين، ويئونسون، ويئونسين

3. حاضر واحد مذڪر جي صيغي ۾ اسم مفعول جو پويون حرف ’و‘ مٽجي ’اُ‘ جي صورت وٺندو آهي، يا حذف ٿي ويندو آهي ۽ ان جي پٺيان شخصي نشاني ’ءِ‘ يا ’ين‘ لڳندي آهي، مثلاً: ’گهميو‘ يا ’رُنو‘ اسم مفعول آهي، جنهن جو حاضر واحد مذڪر جو ماضي مطلق جو صيغو ٿيندو ’گهميُئي (2) يا گهمُيءِ‘ ۽ ’رُنُئي يا رُنُءِ‘ يا ’گهميين ۽ رنين‘ وغيره. ڪن حالتن ۾ اسم مفعول جي پوئين حرف ’و‘ جي اڳيان ايندڙ حرف ’ي‘ مٽجي همزه ’ء‘ جي صورت وٺندو آهي، مثلاً: ’گهمئين‘ يا ’وئين‘ وغيره.

واحد مؤنث جي صيغي ۾ اسم مفعول جي پٺيان شخصي نشاني ’ئن‘ گڏڻ سان ماضي مطلق جو صيغو ٺهندو آهي، مثلاً: ’گهمِي‘ يا ’وئِي‘ اسم مفعول جو ماضي مطلق جو صيغو ٿيندو ’گهمِئين‘ يا ’وئِين‘ وغيره.

4. حاضر جو جمع مذڪر توڙي مؤنث جو صيغو ساڳيو هوندو آهي، جنهن ۾ اسم مفعول جي ’او‘ پڇاڙي مٽجي ’اَو‘ يا ’اَئو‘ ۽ ’اُوَ‘ يا ’اَوَ‘ ٿيندي آهي، مثلاً: گهمَيو، گهميئَو، گُهميُوَ يا گهمَيَو ۽ رُنو، رُنَئو، رُنُوَ يا رُنَوَ وغيره.

5. ماضي جي غائب واحد جي صيغي ۾ اسم مفعول جي صورت قائم رهندي آهي، مثلاً: گهميو ۽ گهمِي يا رُنو ۽ رُنِي وغيره. هن صيغي جي هڪ ٻي صورت به استعمال ٿيندي آهي، جنهن ۾ اسم مفعول جي مذڪر واري صيغي جي پوئين ’و‘ کي حذف ڪري باقي لفظ جي پٺيان ’آئين‘ پڇاڙي ملائڻ سان ماضي مطلق جو صيغو ٺهندو آهي، مثلاً: گهميائين، وڙهيائين، پٺيائين ۽ رُنائين وغيره. اها صورت مذڪر توڙي مؤنث، ٻنهي صيغن سان لڳندي آهي.

6. ماضيءَ جي جمع صيغي ۾ به اسم مفعول جي صورت قائم رهندي آهي، مثلاً: ’گهميا‘ ۽ ’گهميون‘ يا ’رُنا‘ ۽ ’رُنيون‘ وغيره. جمع مذڪر جي صيغي ۾ شخصي نشاني ’اُون‘ يا ’ئُون‘ گڏڻ سان به ماضي مطلق جو صيغو جڙندو آهي، جو مذڪر توڙي مؤنث، ٻنهي سان ساڳي صورت ۾ لڳندو آهي، مثلاً: رُنائون ۽ گهميائون وغيره.

لازمي فعل جي زمان ماضي مطلق جو گردان:


 

 

 

 

متڪلم:  رُنُس، رُنم  رُناسون،    رُناسين رُنَس، رُنَم، رُنيُونسون،

            رُنوم(1)    رُناس، رُنَام(2)       رُنيُونسين

حاضر:  رُنُئي، رُنين رُنُوَ، رُنُو، رُنَئَو رُنِينءَ، رُنِين  رُنُيو، رُنيَو

                                                                  رُنيَئَو

غائب: رُنو، رُنائِين رُنا، رُنائُون، رُنِي، رُنيائِين رُنيُون، رُنيايون

                         رُنُن، رُنون (3)          رُنيُن

متڪلم: ويٺُس، ويٺُم  ويٺاسون، وياسين،   ويٺَس، ويٺَم،      ويٺيُونسون،

           ويٺوس (4)  يا ويٺوم                       ويٺاس (5)  يا ويٺام    وييُونسين

حاضر:   ويٺين   ويٺَئو، ويٺَو     ويٺِينءَ، ويٺِيِئن ويٺيَئون، ويٺَيو

غائب:  ويٺو        ويٺا                  ويٺِي         ويٺيُون

1.                  متعدي فعل جي حالت ۾ مفعول جيڪڏهن مذڪر واحد هوندو ته متڪلم جي واحد، حاضر جي واحد جمع ۽ غائب جي جمع جي ڪن صورتن ۾ اسم مفعول جي ’او‘ پڇاڙي ڦري ’اُ‘ ٿي پوندي ۽ باقي حالتن ۾ اسم مفعول جي صورت جنس ۽ عدد مطابق رهندي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

مفعول مذڪر واحد: خَطُ

گردان:


(1)  متڪلم واحد ۾ ’م‘ پڇاڙي گهڻو ڪري اُترادي ماڻهو ڪم آڻيندا آهن.

(2)  اها صورت واحد مؤنث ۾ به استعمال ٿيندي آهي.

(1) ،

(2) ،

(3) ،

(4) ، ۽

(5) : ماضي مطلق جون اهي صورتون خاص طرح شعر ۾ ڪم اينديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com