سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :32

واحد:           ڏِسي ها        ڏِسي ها        ڏِسي ها        ڏِسي ها

جمع:           ڏِسن ها        ڏِسن ها        ڏِسن ها        ڏِسن ها

        زمان ماضي شرطيءَ جو استعمال:

تون سچ ڳالهائين ها، ته ايڏي مصيبت ۾ نه پوين ها.

*

قوم سادگي اختيار ڪري ها، ته معاشرو نه بگڙي ها.

*

ٻڍاپو نه اچي ها، ته جوانيءَ جو قدر نه ٿئي ها.

*

شهر ۾ صحت ۽ صفائيءَ جو پورو بندوبست هجي ها، ته بيماري نه پکڙجي ها.

*

ماڻهو دين تي قائم رهن ٿا، ته ڪڏهن به غيرن جا غلام نه بڻجن ها.

        7. زمان ماضي تمنائي: اهو زمان، جنهن ۾ گذريل زماني ۾ ڪنهن ڪم پوري ٿيڻ جي آرزو يا خواهش ظاهر ڪيل هجي، تنهن کي زمان ماضي تمنائي چئبو آهي.

        بناوت ۾ ماضي تمنائي ۽ ماضي شرطي، ٻيئي هڪجهڙا آهن، فقط اڳئين ۾ تمنا يا خواهش ظاهر ڪندڙ لفظ، جهڙوڪ: جي، جيڪر، شال، شل، ڪاش، مانَ، مَن وغيره استعمال ٿيندا آهن. مثلاً:

1.      جي، مون کي ڪو موقعو ملي ها.

2.     جيڪر، موت ڪجهه مهلت ڏئي ها.

3.     ڪاش، مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ها.

تمنا ظاهر ڪندڙ لفظ مضارع سان به استعمال ٿيندا آهن، مثلاً:

1.      مَنَ ڪنهن کي رحم پوي.

2.     شل، ڏاتر ڏکيا ڏينهن نه ڏيکاري.

8. زمان ماضي متشڪي يا احتمالي: اهو زمان جنهن ۾ گذريل زماني ۾ ڪنهن ڪم جي واقع ٿيڻ بابت گمان يا احتمال ظاهر ڪيل هجي، تنهن کي ماضي متشڪي يا احتمالي چئبو آهي.

        اسم مفعول جي پٺيان هئڻ مصدر جو مستقبل يا مضارع گڏڻ سان زمان ماضي متشڪي ٺهندو آهي، مثلاً: اڀريو هوندو، آيا هوندا، ويو هجي وغيره.

        لازمي فعل جو زمان ماضي متشڪيءَ جو صيغو جنس ۽ عدد مطابق تبديل ٿيندو آهي، پر مضارع واري حالت ۾ جنس جي ڦرڻ سان صيغو ساڳيو رهندو آهي، فقط عدد ۾ ڦرندو آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

        لازمي فعل جو ضمير متصل سان گردان:

متڪلم:  ويو هوندُس          ويا هونداسون،         ويئي هوندَس،          ويئون هونديونسون،

           هونداسين               هوندَيس            هونديونسين

حاضر:    ويو هوندين              ويا هوندَو           يئي هوندِينءَ               ويئون هونديَو

غائب:    ويو هوندو                 ويا هوندا           ويئي هوندِي              ويئون  ونديون

        مضارع سان گردان:

متڪلم:  ويو هُجان ويا هُجُون، ويئي هُجان،  ويئون هُجُون

حاضر:     ويو هُجِين     ويا هُجو       ويئي هُجِين      ويئون هُجو

غائب:     ويو هُجي       ويا هُجن      ويئي هجي      ويئون هُجن.

        ضمير مفضل حالت ۾ به زمان ماضي متشڪيءَ جو صيغو ساڳيو ضمير متڪلم وارو رهندو آهي.

        فعل متعديءَ جو ماضي متشڪيءَ جو صيغو فاعل توڙي مفعول سان جنس ۽ عدد ۾ موافق رهندو آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

        ضمير متصل سان گردان:

متڪلم:

واحد:   ڏنو هوندُم            ڏنا هوندَم       ڏني هوندَم    ڏنيون هوندَم

جمع:    ڏنو هوندوسون          ڏنا هونداسون            ڏني هونديسون   ڏنيون هونديونسون

حاضر:  

واحد:   ڏنو هوندُءِ          ڏنا هوندَءِ          ڏني هوندَءِ     ڏنيون هوندَءِ

جمع:   ڏنو هوندُوَ          ڏنا هوندَوَ          ڏني هوندَوَ     ڏنيون هوندَوَ

غائب:  ڏنو هوندو،        ڏنا هوندا            ڏني هوندي،   ڏنيون هونديون،

          ڏنو هوندائين،         ڏنا هوندائين            ڏني هوندائين،   ڏنيون هوندائين

        ڏنو هوندُس       ڏنا هوندَس          ڏني هوندَس   ڏنيون هوندَس

جمع:    ڏنو هوندو،           ڏنا هوندا،                ڏني هوندي،      ڏنيون هونديون،

          ڏنو هوندائون،        ڏنا هوندائون،            ڏني هوندائون،    ڏنيون هوندائون،

        ڏنو هوندُن      ڏنا هوندَن             ڏني هوندَن     ڏنيون هوندَن

مضارع سان گردان:

متڪلم:

واحد:   ڏنو هُجيم     ڏنا هُجَنِم              ڏني هُجيم    ڏنيون هُجَنِم

جمع:   ڏنو هُجيئون،   ڏنا هُجَنِئون،          ڏني هُجيئون،  ڏنيون هُجَنِئون

حاضر:

واحد:   ڏنو هجي،      ڏنا هجَنِئي،          ڏني هجيئي،    ڏنيون هجَنئي،

        هجيس،        ڏنا هجَنِس،            هجيس،        هجَنس،

        هجيئن         هجئين                 هجيئين،       هجئين

        هجئين                                 هجئين

جمع:   ڏنو هجي،      ڏنا هجن،              ڏني هجي،     ڏنيون هجن،

        هجين          هجنن                  هجين          هجنن

ضمير منفصل سان گردان:

متڪلم:

واحد:    مون ڏنو هوندو    مون ڏنا هوندا     مون ڏني هوندي  مون ڏنيون هونديون

جمع:    اسان ڏنو هوندو   اسان ڏنا هوندا    اسان ڏني هوندي   اسان ڏنيون هونديون

حاضر:  

واحد:    تو ڏنو هوندو      تو ڏنا هوندا       تو ڏني هوندي           تو ڏنيون هونديون

جمع:    توهان ڏنو هوندو  توهان ڏنا هوندا   توهان ڏني هوندي         توهان ڏنيون هونديون

غائب:

واحد:    هن ڏنو هوندو     هن ڏنا هوندا      هن ڏني هوندي  هن ڏنيون هونديون

جمع:    هنن ڏنو هوندو    هنن ڏنا هوندا     هنن ڏني هوندي هنن ڏنيون هونديون

مضارع سان گردان:

متڪلم:

واحد:    مون ڏنو هجي    مون ڏنا هجن     مون ڏني هجي   مون ڏنيون هجن

جمع:    اسان ڏنو هجي   اسان ڏنا هجن    اسان ڏني هجي  اسان ڏنيون هجن

حاضر:

واحد:    تو ڏنو هجي      تو ڏنا هجن       تو ڏني هجي     تو ڏنيون هجن

جمع:    توهان ڏنو هجي  توهان ڏنا هجن   توهان ڏني هجي توهان ڏنيون هجن

غائب:

واحد:    هن ڏنو هجي     هن ڏنا هجن     هن ڏني هجي   هن ڏنيون هجن

جمع:    هنن ڏنو هجي    هنن ڏنا هجن    هنن ڏني هجي  هنن ڏنيون هجن

        زمان ماضي متشڪيءَ جو استعمال:

دنيا تمام گهڻي پراڻي آهي، اڄ تائين ڪيترائي انسان آيا ويا هوندا.

*

محرم ڏٺو آهي، حاجي حج ڪري موٽيا هوندا.

*

سج لهي اوندهه ٿي آهي، ماڻهو ۽ مال پنهنجن وٿاڻن تي وريا هوندا.

*

ڀاڳيا چورن جي تلاش ۾ نڪتا آهن، پيرو کڻي وڃي پهتا هوندن.

*

ٻيئي ڌريون ڳچ وقت کان پاڻ ۾ پئي وڙهيون، هڪ ٻئي جو گهڻو ئي نقصان ڪيو هوندائون.

*

اوهان جو ڪتاب مون وٽ نه آهي، ٿي سگهي ٿو، ته اوهان کي موٽائي ڏنو هجيم.

*

مهمان اچڻا ته هئا، شايد ارادو بدلايو هجين.

        9. زمان ماضي امڪاني: اهو زمان، جو گذريل زماني ۾ ڪنهن ڪم جي پوري ٿيڻ جو امڪان ڏيکاري، تنهن کي ماضي امڪاني چئبو آهي.

        فعل معطوفيءَ جي پٺيان ’سگهڻ‘ مصدر جو ماضي استمراري گڏڻ سان زمان ماضي امڪاني ٺهندو آهي، مثلاً:

        وڃي سگهيس ٿي، ڪري سگهيو ٿي، لکي سگهبا پئي وغيره.

        فعل معطوفيءَ جي صيغي ۾ ڪوبه ڦيرو نه ايندو آهي، فقط فعل معاون ئي ضمير، جنس ۽ عدد مطابق تبديل ٿيندو آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com