سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :33

متڪلم: اچي سگهُيس ٿي   اچي سگهياسون ٿي اچي سگهيَس ٿي  اچي سگهيونسون ٿي

حاضر:  اچي سگهئين ٿي     اچي سگهيَئو ٿي     اچي سگهينءَ ٿي   اچي سگهَيئو ٿي

غائب:   اچي سگهيو ٿي اچي سگهيا ٿي     اچي سگهِي ٿي      اچي سگهيون ٿي

        10. زمان ماضي التزامي: اهو زمان، جو گذريل وقت ۾ ڪنهن ڪم جي ٿيڻ کي لازمي قرار ڏئي، تنهن کي ماضي التزامي چئبو آهي.

        اسم استقبال جي پٺيان ’هئڻ‘ يا ’پوڻ‘ مصدر جو ماضي مطلق گڏڻ سان زمان ماضي التزامي ٺهندو آهي، مثلاً: وڃڻو هو، ڏيڻا هئا، ڪرڻي پيئي وغيره.

        ماضي التزاميءَ جو مکيه فعل توڙي معاون، فاعلي توڙي مفعولي حالت ۾ ڦيرو کائيندو آهي، مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

        فاعلي حالت:

متڪلم:         وڃڻو هُيُس       وڃڻا هُياسين     وڃڻي هُيَس      وڃڻيون هيونسون

         هوم                           هُيَم

حاضر: وڃڻو هُئين     وڃڻا هُيَئو      وڃڻي هُئينءَ   وڃڻيون هُيَئو

غائب:  وڃڻو هو        وڃڻا هئا، هيا،  وڃڻي هُئِي،    وڃڻيون هيون،

        هوس           وڃڻو هون      وڃڻو هُيُس     وڃڻو هُيُن

مفعولي حالت:

متڪلم:

واحد:   ڪرڻو هُيُم     ڪرڻا هُيَم     ڪرڻي هُيَم    ڪرڻيون هُيَم

        هوم

          ڪرڻو هيوسون  ڪرڻا هياسون        ڪرڻي هئِيسون   ڪرڻيون هيونسون

حاضر:

واحد:   ڪرڻو هُيُئي،   ڪرڻا هُيَئي،   ڪِرڻي هُيَئي،  ڪرڻيون هَيَئي

        هوءِ             هئي           هَئي           هَئي

جمع:   ڪرڻو هُيُوَ،     ڪرڻا هُيَوَ      ڪرڻي هُيَوَ     ڪرڻيون هُيَوَ

        هُوَ              هَوَ              هَوَ              هَوَ

غائب:

واحد:   ڪرڻو هو،      ڪرڻا هئا،      ڪرڻي هئي،   ڪرڻون هيون،

        هوس، هُس     هُيَس، هَس     هُيَس، هَس     هُيَس، هَس

جمع:   ڪرڻو هو،      ڪرڻا هئا،      ڪرڻي هُئي،   ڪرڻيون هيون،

        هُيُن هون،      هُيَن، هَن       هُيَن، هَن       هُيَن، هَن

        هُن

ضمير منفصل جيڪڏهن مجرور صورت ۾ هوندو، ته فعل لازميءَ جو ماضي التزاميءَ جو صيغو هر حالت ۾ ساڳيو رهندو، پر فعل متعديءَ جو ماضي التزاميءَ جو صيغو جنس ۽ عدد مطابق موافق رهندو، مثلاً:

        فعل لازميءَ جو گردان:

  3. زمان مستقبل: اهو زمان جو ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جي واقع ٿيڻ جي اميد يا يقين ظاهر ڪري تنهن کي زمان مستقبل چئبو آهي.

        اسم حاليه جي پٺيان شخصي نشاني ڳنڍڻ سان، يا اصل فعل جي پٺيان ’ندو‘ يا ’يندو‘ پڇاڙين ملائڻ سان زمان مستقبل ٺهندو آهي، مثلاً: لکندو، ايندو، وٺندا وغيره.

        عام طرح امر جي پوئين حرف تي پيش (-ُ) يا زير (-ِ ) جي اعراب هوندي آهي، بعضي ان جو پويون حرف ’ي‘ هوندو آهي، مثلاً: وَٺُ، ٻارِ، ڏي وغيره.

        زمان مستقبل جي ترڪيب ۾ ’پيش‘ جي حالت ۾ ’ندو‘ ۽ ’زير‘ يا ’ي‘ جي حالت ۾ ’يندو‘ پڇاڙي لڳندي آهي، جيئن هيٺ ڏيکاريل آهي:

                        امر                             زمان مستقبل

                        ڀَڄُ                             ڀڄندو

                        پُڇُ                             پڇندو

                        ڪَڍُ                            ڪڍندو

                        لِکُ                            لکندو

                                        ____

                        آڻِ                              آڻيندو

                        ڀَرَ                              ڀريندو

                        ٺاههِ                            ٺاهيندو

                        مَٽَ                            مٽيندو

____

                        ڏي                             ڏيندو

 

                        ني                             نيندو

 

        مٿي ڄاڻايل عام اصول کانسواءِ ڪي الڳ صورتون به هونديون آهن، يعني امر جي پوئين حرف تي اگرچ ’پيش‘ هوندو آهي، پر مستقبل جي ترڪيب ۾ ان جو پويون حرف ڪڍي ’يندو‘ پڇاڙي لڳائبي آهي، اهڙيءَ طرح امر جي پوئين حرف تي ’زير‘ هوندي آهي ۽ ان جو پويون حرف ڪڍي ’ندو‘ پڇاڙي لڳائبي آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

                        اَچُ                              ايندو

                        وَڃُ                             ويندو

                        ڪَرِ                            ڪندو

        اسم حاليه ۽ زمان مستقبل بناوت ۾ هڪجهڙا آهن، مگر اسم حاليه ڪڏهن به جملي ۾ پڇاڙيءَ وارو لفظ ٿي استعمال نه ٿيندو آهي ۽ نڪي ان سان شخصي نشانيون لڳي سگهنديون آهن. اسم حاليه جملي ۾ هميشه فعل معطوفي وانگر عطف جو ڪم ڏيندو آهي.

        زمان مستقبل مان بعضي امر جي معنيٰ به نڪرندي آهي، مثلن:

        هڪ ته تون گهر ڇڏي ڪيڏانهن به ويندين ۽ ٻيو پنهنجي ڀاءُ کي ملڪيت ۾ شريڪ ڪندين.

        مٿئين جملي ۾ ’نه ويندين‘ ۽ ’ڪندين‘ مستقبل جا صيغا آهن، پر انهن مان امر جي معنى نڪري ٿي، يعني ’نه ويندين‘ جو مطلب آهي ’نه وڃ‘ ۽ ’ڪندين‘ مان مراد آهي ’ڪر‘.

        زمان مستقبل مان امڪان، ارادي يا احتمال جي معنى به نڪرندي آهي، مثلن:

1.      مون کي شوق آهي، مان پڙهندس،

2.     منهنجي دل چوي ٿي، ته انعام ملندو.

پهرئين جملي ۾ ’پڙهندس‘ لفظ مان ٻه معنائون نڪرن ٿيون: ’مان پڙهي سگهندس‘ ۽ ’مان ضرور پڙهندس‘. پهريون مثال امڪان ظاهر ڪري ٿو ۽ ٻيو ارادو.

  ٻئي جملي ۾ ’ملندو‘ لفظ مان احتمال ظاهر ٿئي ٿو، يعني انعام ملڻ جو شڪ آهي.

  زمان مستقبل مان اميد، آرزو يا تمنى جي معنى به نڪرندي آهي، مثلاً:

الله اسان تي رحم ڪندو.

  هن جملي ۾ اميد ۽ آرزوءَ جو اظهار ٿيل آهي.

زمان مستقبل جو استعمال:

”ايندو اڄ عجيب، شادي ڏيندو صحت جي.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”اندر جنهين اّڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.“
                                           (شاهه: سسئي)

”هوتن لئي هاڙهو، سڀ رڱينديس رت سين.“
                                            (شاهه: سسئي)

”جهوناڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.“
                                          (شاهه: سورٺ)

”عشق وٺندُءِ وير، آخوند اچي اوچتي.“
                                         (سچل: ڀيروي)

”لاڳاپا لاهي، وينديس ڪڍ ڪوهيار جي.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”ڪاهل تي ڪهل، ڪندين شال ڪريم تون.“
                                          (سچل: سارنگ)

”هي جو ٿيڻو هو، سو اکر مٽيندو ڪونه ڪو.“
                                             (سچل: راڻو)

”ايندم اباڻا، ڏور لاتا جن ڏينهڙا،
ڪير سهندم سومرا مارن ري ماڻا.“
                                           (سچل: کنڀات)

      زمان مستقبل جا قسم:

1.      زمان مستقبل استمراري

2.     زمان مستقبل مدامي

3.     زمان مستقبل امڪاني

4.     زمان مستقبل التزامي

1.                زمان مستقبل استمراري: اهو زمان، جو ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جي جاري رهڻ جو اظهار ڪري، تنهن کي مستقبل استمراري چئبو آهي

 مستقبل جي پٺيان ’پون‘ مصدر جو اسم مفعول آڻڻ سان زمان مستقبل استمراري جڙندو آهي، مثلاً: گذاريندس پيو، سکندا پيا، نهارينديون پيئون وغيره.

فعل معاون ڪڏهن مستقبل جي اڳيان ايندو آهي ته ڪڏهن پويان، اڳيان اچڻ جي حالت ۾ فعل جو مفهوم زوردار بڻجي پوندو آهي، مثلاً: پيو ڏوريندس، پيا نباهيندا وغيره.

زمان مستقبل استمراريءَ جو مکيه توڙي معاون فعل فاعل سان هر حالت ۾ موافق رهندو آهي، مگر مفعول جي جنس ۽ عدد ۾ ڦيري اچڻ سان ان ۾ ڪو ڦيرو نه ايندو آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

متڪلم:

واحد مذڪر:   چاريندُس پيو  چاريندَس پيو  چاريندُس پيو  چاريندُس پيو

واحد مؤنث:      چارينديس پيئي چارينديس پيئي چارينديس پيئي چارينديس پيئي

جمع مذڪر:      چارينداسون پيا   چارينداسون پيا   چارينداسون پيا   چارينداسون پيا

جمع مؤنث:      چارينديونسون    چارينديونسون    چارينديونسون    چارينديونسون

                   پيئون             پيئون             پيئون             پيئون

حاضر:

واحد مذڪر:      چاريندين پيو     چاريندين پيو     چاريندين پيو     چاريندين پيو

واحد مؤنث:      چاريندينءَ پيئي  چارينديءَ پيئي  چاريندينءَ پيئي  چاريندينءَ پيئي

جمع مذڪر:      چاريندَو پيا       چاريندَو پيا       چاريندَو پيا       چاريندَو پيا

 

جمع مؤنث:      چاريندَيو پيئون   چاريندَيو پيئون   چاريندَيو پيئون   چاريندَيو پيئون

غائب:  

واحد مذڪر:      چاريندو پيو       چاريندو پيو       چاريندو پيو       چاريندو پيو

واحد مؤنث:      چاريندي پيئي   چاريندي پيئي   چاريندي پيئي   چاريندي پيئي

جمع مذڪر:      چاريندا پيا        چاريندا پيا        چاريندا پيا        چاريندا پيا

جمع مؤنث:      چارينديون پيئون  چارينديون پيئون  چارينديون پيئون  چاريندا پيا

        2. زمان مستقبل مدامي: اهو زمان، جو ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جي هميشه جاري رهڻ جي خبر ڏئي، تنهن کي مستقبل مدامي چئبو آهي.

        اسم حاليه جي پٺيان ’رهڻ‘ يا ’وتڻ‘ مصدر جو مستقبل گڏڻ سان زمان مستقبل مدامي ٺهندو آهي، مثلاً: گهمندو رهندُس، رلندا وتندا وغيره.

        زمان مستقبل مداميءَ جي فاعل ۽ مفعول سان موافقت به ساڳي مستقبل استمراريءَ واري هوندي آهي.

        3. زمان مستقبل امڪاني: اهو زمان جو ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري، تنهن کي مستقبل امڪاني چئبو آهي.

        فعل معطوفيءَ جي پٺيان ’سگهڻ‘ مصدر جو مستقبل ملائڻ سان زمان مستقبل امڪاني ٺهندو آهي، مثلاً: کڻي سگهندس، اچي سگهندا، ڪري سگهنديون وغيره.

        زمان مستقبل امڪاني جو مکيه فعل، ڇاڪاڻ ته معطوفي صورت ۾ آهي، تنهنڪري ان ۾ ڪوبه ڦيرو نه ايندو آهي، مگر فعل معاون فاعل سان موافق رهندو آهي، مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

متڪلم:         کڻي سگهندس کڻي سگهنداسون         کڻي سگهنديس کڻي سگهنديونسون

حاضر:   کڻي سگهندين  کڻي سگهندَو    کڻي سگهندينءَ کڻي سگهنديَو

غائب:   کڻي سگهندو    کڻي سگهندا    کڻي سگهندي کڻي سگهنديون

        4. زمان مستقبل التزامي: اهو زمان جو ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم جو ٿيڻ لازمي قرار ڏئي، تنهن کي مستقبل التزامي چئبو آهي.

        اسم استقبال جي پٺيان ’پوڻ‘ يا ’ٿيڻ‘ مصدر جو مستقبل ملائڻ سان زمان مستقبل التزامي ٺهندو آهي، مثلاً: وڃڻو پوندو، ڏيڻو پوندو، ٻڌائڻو پوندو، هلڻو ٿيندو وغيره.

        مستقبل التزامي گهڻو ڪري مجهولي صورت ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ اهڙي حالت ۾ مفعول فاعل جو قائم مقام هوندو آهي، جو فعل سان جنس ۽ عدد ۾ مطابقت رکندو آهي، مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

        لازمي فعل جو ضمير متصل سان گردان:

متڪلم:

واحد:           وٺڻو پوندُم    وٺڻا پوندَم    وٺڻي پوندَم   وٺڻيون پوندَم

جمع:                  وٺڻو پوندوسون        وٺڻا پونداسون         وٺڻي پونديسون      وٺڻيون پونديوونسون

حاضر:

واحد:              وٺڻدو پوندُءِ       وٺڻا پوندَءِ         وٺڻي پوندَءِ       وٺڻيون پوندَءِ

جمع:              وٺڻو پوندُوَ        وٺڻا پوندَوَ         وٺڻي پوندَوَ       وٺڻيون پوندَوَ

غائب:

واحد:              وٺڻو پوندو،        وٺڻا پوندا،         وٺڻي پوندي،     وٺڻيون ونديون،

                   پوندُس           پوندَس             پوندَس           پوندَس

جمع:              وٺڻو پوندُن        وٺڻا پوندَن        وٺڻي پوندَن      وٺڻيون پوندَن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com