سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :43

تفريق:

مبتدا

خبر

هيرو

مڇي

پکي

    سخت ڌاتو آهي.

    پاڻيءَ ۾ رهندي آهي.

    هوا ۾ اُڏامندا آهن.

        فاعل موصوف ۽ فعل لازميءَ وارا جملا:

1-     هوائي جهاز رفتار ۾ تيز هوندو آهي.

2-    عادل ۽ سخي حاڪم رعيت ۾ مقبول هوندو آهي.

3-    اونهاري جو ڏينهن وڏو ٿيندو آهي.

تفريق:

 

مبتدا

 

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

خبر

جهاز

حاڪم

ڏينهن

هوائي

عادل ۽ سخي

اونهاري جو

رفتار ۾ تيز هوندو آهي.

رعيت ۾ مقبول هوندو آهي.

وڏو ٿيندو آهي.

 

 

 

 

 

  فاعل مجرد ۽ مفعول مجرد وارا جملا:

          1. طبيب بيمار کي دوا ڏئي ٿو.

  2. هاري زمين ۾ ٻج ڇٽيندا آهن.

  3. قاضيءَ جوابدار کي سزا ڏني.

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فعل

مفعول

 

طبيب

هاري

قاضيءَ

ڏئي ٿو

ڇٽيندا

ڏني

دوا

ٻج

سزا

بيمار کي

زمين ۾

جوابدار کي

        فاعل موصوف ۽ مفعول موصوف وارا جمال:

1-     پوڙهو مالهي سهڻا گل پوکيندو آهي.

2-    چوپايو مال خالص ۽ لذيز کير ڏيندو آهي.

3-    عيالدار ماڻهو پورو پنو خرچ ڪندو آهي.

تفريق:

Text Box: 649

 

      مبتدا

 

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

مالهي

مال

 

ماڻهو

پوڙهو

چوپايو

 

عيالدار

پوکيندو آهي

ڏيندو آهي

 

ڪندو آهي

گل

کير

 

خرچ

سهڻا

خالص ۽ لذيذ

پورو پنو

        خبر واري ڀاڱي ۾ جيئن ته فاعل کانسواءِ باقي لفظ شامل ٿين ٿا، تنهنڪري انهن لفظن کي وڌيڪ ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. عام طرح ظرف ۽ حرف وارا لفظ، جي جملي جي معنى کي واضح ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبا آهن، تن کي وڌاءُ يا اضافو ڪري ليکبو آهي، ڇو جو جملي ۾ فاعل، فعل ۽ مفعول کانسواءِ ٻيا لفظ زائد هوندا آهن، جن کي ڪڍي ڇڏڻ سان جملي جي معنى ۾ ڪو خلل پيدا نه ٿيندو، البت جملي جي احاطي، وسعت ۽ اهميت ۾ ڪمي ضرور واقع ٿيندي.

        فعل ناقص واري جملي ۾ مطلق فعل کانسواءِ ٻيا ڪي اهڙا لفظ به استعمال ٿيندا آهن، جن تي خود فعل جو مدار هوندو آهي ۽ جن کانسواءِ فعل اڻپورو ليکيو ويندو آهي، اهڙن لفظن کي فعل جو پورائو ڪندڙ يا متمم يا مدار سڏبو آهي.

        جو ظرف فعل سان لاڳاپو رکندڙ هوندو، تنهن کي تفريق ۾ فعل جو لڳاءُ ڪري شمار ڪبو آهي. فعل معطوفيءَ جو صيغو، جو جملي ۾ ظرفي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، سو پڻ فعل جو لڳاءُ ڪري ليکبو آهي.

        مثال خاطر ڪي جملا هيٺ ڏجن ٿا:

1.      ڳوٺاڻا ماڻهو پري کان پاڻي آڻيندا آهن.

2.     جهنگلي جانور شڪار لاءِ رات جو ٻاهر نڪرندا آهن.

3.     ميربحر سڄي زندگي پاڻيءَ ۾ گذاريندا آهن.

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

ماڻهو

 

جانور

 

ميربحر

ڳوٺاڻا

 

جهنگلي

 

-

آڻيندا آهن

 

نڪرندا آهن

گذاريندا آهن

پاڻي

 

-

 

زندگي

-

 

-

 

سڄي

پري کان شڪار لاءِ رات جو ٻاهر پاڻيءَ ۾

 

 

 

 

 

 

       

فعل جي مدار وارا جملا:

1-     رات اونداهي آهي.

2-    ڏڪر ۾ هر شيءَ مهانگي ٿيندي آهي.

3-    خود غرض ماڻهو دوست نه ٿيندو آهي.

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

رات شيءَ

 

ماڻهو

Text Box: 651

 

-

 

 

 

خود غرض

آهي ٿيندي آهي ٿيندو آهي

اونداهي مهانگي

 

دوست

-

-

 

-

-

-

 

-

-

ڏڪر ۾

نه

        فعل جي لڳاءُ وارا جملا.

1.      اٺ واريءَ تي تڪڙو هلندو آهي.

2.     زمين ۾ پوريل بم زور سان ڦاٽي پيو.

3.     ڳڻتيءَ ۾ مون ساري رات جاڳندي گذاري.

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

اٺ

 

بم

 

مون

-

 

زمين ۾ پوريل

-

هلندو آهي

ڦاٽي پيو گذاري

تڪڙو

 

زور سان جاڳندي

-

 

-

 

-

-

 

-

 

رات

-

 

 

 

ساري

واريءَ تي

-

 

ڳڻتيءَ ۾

 

 

 

 

 

 

 

 

 

        اضافت وارن جملن ۾ مضاف اليه جي تشريح ڪندو آهي، تنهنڪري تفريق ۾ ان جي حيثيت به صفت واري هوندي آهي، مضاف جيڪڏهن جملي ۾ فاعل يا مفعول ٿي استعمال ٿيندو ته مضاف اليه ان جو لڳاءُ ڪري ليکبو.

        مثال طور ڪي جملا هيٺ ڏجن ٿا:

1.      مِينهن جو پاڻي پوک لاءِ فائديمند هوندو آهي.

2.     ڪريل جهاز جا ٽڪرا هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيا پيا هئا.

3.     ”ڏيا تيل ڦليل جا ٻاريم تائين ٻانگ.“ (شاهه: مومل راڻو)

4.     ”ڪنگرا ڪوٽن جا پريان ڏٺا پاٺ.“ (سچل: سورٺ)

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

پاڻي

 

ٽڪرا

 

(م)

 

پاٺ

مينهن جو

 

ڪريل جهاز جا

-

 

--

هوندو آهي

پيا هئا

 

ٻاريم(1)

 

ڏٺا

-

 

پکڙيل

فائديمند

 

-

 

 

 

-

-

 

-

 

ڏيا

 

ڪنگرا

-

 

-

 

تيل ڦليل جا

 ڪوٽن جا

پوک لاءِ هڪ وڏي ايراضي ۾

تائين ٻانگ

پريان

        فعل معطوفي يا اسم حاليه جا صيغا، جي جملي ۾ ظرفي حيثيت رکندا آهن، سي پڻ تفريق ۾ فعل جو لڳاءُ ڪري شمار ڪبا آهن، مثلاً:

1.      بادشاهه وزير جي ڳالهه ٻڌي کلي ڏنو.

2.     يتيم ڇوڪر سڏڪا ڀريندو منهنجي اڳيان اچي بيٺو.

3.     هن کلندي ڳالهائيندي منهنجي ڳچيءَ مان سونو هار لاهي ورتو.

مٿين جملن ۾ ’ٻڌي‘ ماضي معطوفيءَ جو صيغو ۽ سڏڪا ڀريندو‘ ۽ ’کلندي ڳالهائيندي‘ اسم حاليه جا صيغا آهن.

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

بادشاهه

 

ڇوڪر

 

هن

-

 

يتيم

 

-

کلي ڏنو

اچي بيٺو

لاهي ورتو

ٻڌي

 

سڏڪا ڀريندو

کلندي ڳالهائيندي

-

 

-

 

-

ڳالهه

 

-

 

هار

وزير جي

-

 

سونو

-

 

منهنجي اڳيان

منهنجي ڳچيءَ مان

        وڌاءُ ۾ عام طرح اهي لفظ آڻبا آهن، جي ظرفي يا جري صورت ۾ هوندا آهن ۽ جن جو فاعل، فعل يا مفعول سان لازمي يا سڌو سنئون تعلق نه هوندو آهي.

        ڪي مجرور لفظ جملي ۾ مفعول جي حيثيت رکندا آهن، جيتوڻيڪ انهن سان حرف جر لاڳو ٿيل هوندو آهي ۽ اهڙن لفظن کي تفريق ۾ مفعول ڪري ليکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن حرف جر کي حذف ڪري ڇڏبو تڏهن به جملي جي معنى ۾ ڪو فرق نه پوندو، مثلاً:

1.      سپاهيءَ چور جي پٺيان گهوڙي کي ڀڄايو.

2.     هنن لاوارث لاش کي دفن ڪري ڇڏيو.

3. ”منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.“

                                         (شاهه: مارئي)

4. ”وندر ۾ ويهان، ڦولن پيون پرينءَ کي.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

5. ”تِنهين جي تاثير، واسيو شهر ڀنڀور کي.“
                                    (سچل: ڪوهياري)

        مٿين مثالن ۾ ’کي‘ حرف جر ڪڍي ڇڏيو ته مجرور لفظ سڌا سنوان مفعولو جي صورت وٺي بيهندا، جيئن هيٺ ڏيکاريو ويو آهي:

        ’گهوڙي کي ڀڄايو‘           : گهوڙو ڀڄايو

        ’لاش کي دفن ڪري ڇڏيو‘   : لاش دفن ڪري ڇڏيو.

        ’ڪيرائيندي ڪوٽ کي‘              : ڪيرائيندي ڪوٽ.

        ’ڦولن پيون پرينءَ کي‘                : ڦولن پيون پرين.

        ’واسيو شهر ڀنڀور کي‘                : واسيو شهر ڀنڀور.

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

سپاهيءَ

 

-

ڀڄايو

-

-

گهوڙي کي

-

چوري جي پٺيان

هنن

-

دفن ڪري ڇڏيو

-

-

لاش کي

لاوارث

--

آهه

منهنجي، اها

ڪيرائيندي

-

-

ڪوٽ کي

-

ڪڏهن

ويهان

-

ڦولن پيون

-

-

پرينءَ کي

-

وندر ۾

تاثير

تنهين جي

واسيو

-

-

ڀنڀور کي

شهر

-

        فعل مجهول ۽ اڪر ترڪ وارن جملن جي تفريق:

        فعل مجهول جي جملي ۾ اصل فاعل ڏنل نه هوندو آهي، پر مفعول ان جو مقام هوندو آهي ۽ انهيءَ قائم مقام مفعول کي فاعل جي حيثيت ملندي آهي ۽ سندس لڳاءُ کي فاعل جو لڳاءُ ڪري ليکبو آهي، مثلاً:

1.      نالائق شاگرد امتحان ۾ ناپاس ڪيا ويندا آهن.

2.     خيرات مسڪينَنَ ۾ محتاجن کي ڏبي آهي.

3.     ڪالهه رات چنڊ ڪونه ڏٺو ويو.

4.     ههڙين حالتن جي ڪري سفر نه ڪري سگهبو.

5.     الله جي تعريف کي حمد چيو ويندو آهي.

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

شاگرد

نالائق

ناپاس ڪيا ويندا آهن

-

-

-

-

امتحان ۾

خيرات

-

ڏبي آهي

-

-

-

-

مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪالهه رات

چنڊ

-

ڏٺو ويو

ڪونه

-

-

-

ڪالهه رات

سفر

-

ڪري سگهبو

نه

-

-

-

ههڙيلن حالتن جي ڪري

حمد

-

چيو ويندو اهي

-

-

-

-

الله جي تعريف کي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

        فعل اڪرترڪ واري جملي جو ڇيد عام طرح نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ فاعل توڙي مفعول موجود نه هوندو آهي، فقط فعل ئي ظاهر هوندو آهي، اگرچه اهڙي فعل ۾ هڪ مڪمل جملي جي معنى سمايل هوندي آهي. البت اهڙو جملو، جيڪڏهن مخلوط جملي جو ڀاڱو يا تابع جملو ٿي استعمال ٿيندو، ته ان کي جدا جدا شمار ڪري، ان جو ڇيد ڪري سگهجي ٿو. اهڙا مثال هيٺ مخلوط جملي جي ڇيد ۾ ڏنا ويا آهن.

        مرڪب ۽ ملتف يا مخلوط جملن جي تفريق:

        مرڪب ۽ مخلوط جملن ۾، ڇاڪاڻ ته هڪ کان وڌيڪ جملا حرف عطف جي ذريعي ڳنڍيل هوندا آهن، تنهنڪري ڇيد ڪرڻ لاءِ حرف عطف کي ڪڍي، هرهڪ جملي کي هڪ جدا جملو شمار ڪبو آهي، مثلاً:

مرڪب جملا:

1-     سياڻو ماڻهو گهرج کان وڌيڪ خرچ نه ڪندو آهي، نه وري قرض کڻندو آهي.

2-    الله جو خوف انسان کي بي نياز ڪري ٿو ۽ دنيا جو خوف کيس بزدل بڻائي ٿو.

3-    گهڻا ماڻهو هر ڳالهه ۾ پنهنجو فائدو سوچيندا آهن، پر ٻئي جو ڀلو نه چاهيندا آهن.

4-    ٻار قوم جو نهايت قيمتي سرمايو آهن، تنهنڪري انهن جي حفاظت ۽ صحيح تربيت ضروري آهي.

5-     مون دوست کي پيسا ڏنا آهن، ته منهنجي لاءِ هڪ سٺي واچ وٺي اچي.

6-    ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.“
                                      (شاهه: سهڻي)

7-    ”مون کي گهرجين تون، لوڪ رٺوئي گهريو.“
                                (سچل: ڪوهياري)

8-    ”لٽا ليڙون ليڙ ٿيا، ٿي پوتي پراڻي،
ته به راڻي جي راڻي، سرتيون سڏن ساڻيهه ۾.“
                                      (سچل: راڻو)

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

ماڻهو

سياڻو

ڪندو آهي

نه

-

خرچ 1

گهرج کان وڌيڪ

-

(هُو)2

-

کڻندو آهي

نه

-

قرض3

-

وري

 

 

 

خوف

الله جو

ڪري ٿو

بي نياز

-

انسان کي

-

-

خوف

دنيا جو

بڻائي ٿو

بزدل

-

کيس

-

-

 

 

ماڻهو

 

گهڻا

سوچيندا آهن

-

-

فائدو

پنهنجو

هر ڳالهه ۾

(اُهي)4

 

چاهيندا آهن

نه

-

ڀلو

ٻئي جو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1. ’خرچ ڪندو آهي‘ يڪو فعل به شمار ڪري سگهجي ٿو.

2. هن جملي جي ٻئي ڀاڱي جو فعل به ساڳيو ’ماڻهو‘ آهي، پر هڪ ئي جملي ۾ ساڳئي اسم کي وري وري استعمال ڪرڻ بدران ضمير استعمال ڪبو آهي، جو هتي ٿيندو ’هو‘ جو تفريق ۾ ڳجهو ڏيکاريو ويو آهي.

3. ’قرض کڻندو آهي‘ يڪو فعل به ٿي سگهي ٿو.

4. پهرئين مثال وانگر هتي به اسم جي بجاءِ ضمير ’اُهي‘ ڳجهو ڏيکاريو ويو آهي.

      مبتدا

خبر

 

 

فاعل

 

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

ٻار

-

آهن

-

نهايت قيمتي

-

-

قوم جو

 

 

حفاظت، تربيت

 

انهن جي، صحيح

آهي

-

سرمايو ضروري

-

-

-

مون

(هُو)5

 

ڏنا آهن

وٺي اچي

-

-

دوست کي 4، پيسا

 

 

 

 

 

 

 

 

 

واچ

هڪ سٺي

منهنجي لاِ

مڇ سهڻي

هزار 6

-

مڙيا ٿيندي

-

-

-

-

-

-

-

-

-

-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

4، 5. هن جملي ۾ ٻٽو مفعول ڪم آيل آهي: هڪ آهي ’پيسا‘ جو سڌو مفعول آهي ۽ ٻيو آهي ’دوست کي‘ جو اڻ سڌو مفعول آهي ۽ جملي جي ٻئي ڀاڱي جو فاعل ضمير ’هو‘ ڳجهو آهي.

6. هن جملي ۾ لفظ ’هزار‘ صفت جي حيثيت ۾ فاعل جو لڳاءُ ڏيکاريو ويو آهي، پر اهو لفظ ’انداز‘ جي معنى ۾ ظرف به ٿي سگهي ٿو، جو فعل جو لڳاءُ ڏيکاري سگهجي ٿو.

 

 

      مبتدا

 

خبر

 

 

فاعل

 

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

مون کي لوڪ

 

 

 لتا

 

-

-

-

گهرجين

گهوريو

ٿيا

-

رٺوئي

--

-

-

ليڙون ليڙ

تون

-

-

-

-

-

-

-

-

پوتي

سرتيون

 

-

-

ٿي

سڏن

-

-

پراڻي

-

-

-

-

راڻي جي

ته به،

ساڻيهه ۾

مخلوط جملا:

1- الله جي مرضي هوندي ته ڪم ٿيندو.

2- پاڻ کي ايتري تڪليف نه ڏي، جو سهي نه سگهين.

3- هن ڪُتي کي ايترو ماريو، جو اُڦٽ مري ويو.

4- جيڪا تون پنهنجي ملڪيت سمجهين ٿو، سا تو وٽ امانت آهي.

5- جي مان هن کي وڌيڪ ڪجهه چوندس، ته نه فقط هو ناراض ٿيندو، پر مخالف ٿي ڪم قدم کڻي ويهندو.

6- ”اکيون مُنهن ميهار ڏي، جن رکيون جوڙي،
ريءَ سنڊ سيد چئي، تار گهڙن توڙي،
تني کي ٻوڙي، سائر سگهي ڪينڪي.“
                                                (شاهه: سهڻي)

  7- ”ڪونهي ات ڪوهيار، جت تو ڀوري ڀانئيو.“
                                                 (شاهه: سهڻي)

8- ”عشق جنين سان غمزو لاتو، علم نه سي ٻيو پڙهندا.“
                                             (سچل: ڪوهياري)

تفريق:

      مبتدا

خبر

فاعل

فاعل جو لڳاءُ

فعل

فعل جو لڳاءُ

فعل جو مدار

مفعول

مفعول جو لڳاءُ

وڌاءُ

مرضي

ڪم

الله جي

هوندي

ٿيندو

-

-

-

-

-

-

-

-

ته

-

(تون)

(تون)

-

-

ڏي

سهي سگهين

نه

نه

-

-

تڪليف،

پاڻکي

ايتري

-

-

جو

هن

(اهو)

-

-

ماريو

مري ويو

ايترو

اڦٽ

-

-

ڪتي کي

-

-

-

-

جو

تون

 

سا

-

-

سمجهين ٿو

آهي

-

 

 

 

 

 

 

20. وقف يا بيهڪ جون نشانيون:

        ڪنهن به ٻوليءَ جي عبارت ۾ وقف يا بيهڪ جون نشانيون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن کانسواءِ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو، وقف جي نشانين جو صيحيح استعمال اڃا به وڌيڪ اهم آهي، ڇو جو انهن جي بيجاء يا غلط استعمال جي ڪري جملي جو مطلب هڪ جو ٻيو نڪرندو آهي، مثلاً:

1.      چوريءَ جي تهمت نثار تي، نه رفيق تي آهي.

2.                 چوريءَ جي تهمت نثار تي نه، رفيق تي آهي.

مٿيان ٻئي جملا، اگرچه تحرير ۾ ساڳيا آهن، پر هرهڪ جو مطلب نرالو آهي، اهو انهيءَ ڪري جو بيهڪ جي نشاني اڳي پوءِ ڏنل آهي. پهرئين جملي جو مطلب آهي، ته چوريءَ جو تهمت نثار تي آهي ۽ ٻئي جملي ۾ ڏيکاريل آهي ته چوريءَ جي تهمت رفيق تي آهي.

عبارت جي هڪ فقري جو مثال:

’سال ٿيا آهن اوسيڙي ۾ وهڻ نٿو پڄي آخر ته ڪجهه ڪرڻو آهي پنهنجي لاءِ پنهنجن ٻچن جي لاءِ ڪيترو پاڙي پتيءَ جي رحم ڪرم تي ڀاڙي ائين هٿ ٻڌي ويهي رهجي.‘

        مٿئين فقري ۾ وقف جون نشانيون ڏنل ڪونهن، تنهنڪري پڙهڻ مان اهو نٿو سمجهي سگهجي، ته ڪهڙا لفظ ڪهڙن لفظن سان لاڳاپو رکن ٿا ۽ عبارت جو صحيح مفهوم ڇاهي. وقف جي نشانين ڏيڻ سان عبارت جي صورت هيٺينءَ ريت ٿيندي:

        الف. سال ٿيا آهن، اوسيڙي ۾ وهڻ نٿو پڄي. آخر ته ڪجهه ڪرڻو آهي. پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻچن جي لاءِ ڪيترو پاڙي پتيءَ جي رحم ڪرم تي ڀاڙي، ائين هٿ ٻڌي ويهي رهجي.

        مٿئين فقري جي ٻن صورت ۾ ڏسجي ٿو ته وقف جي نشانين جي موقف يا جاءِ مٽائڻ سان مطلب ۾ ڪيئن نه ڦيرو اچي ٿو وڃي. تنهنڪري لکڻ واري تي لازم آهي، ته ڪم آندل جملن يا عبارت ۾ صحيح وقف جي نشانين جو صحيح جاين تي استعمال ڪري، جيئن پڙهندڙ کي صحيح مطلب حاصل ٿي سگهي.

        اڳئين زماني ۾ ٻولين، جهڙوڪ عربي، فارسي وغيره ۾ وقفي نشانين جو استعمال هوندوئي ڪونه هو، يا وري هو ته ورلي ۽ ڇڊو پاڊو. اهڙي حالت ۾ جملي جي صحيح معنى دريافت ڪرڻ پڙهندڙن جي مهارت ۽ ذهني فهم ۽ فراست تي ڇڏيو هو. البت ڪي مختصر نشانيون، جهڙوڪ:   ’ -‘، ’+‘ ۽ ’0‘ جملي يا فقرن جي پڇاڙيءَ ۾ استعمال ٿينديون هيون اڃا تائين به ڪنهن حد تائين ٿينديون رهن ٿيون، مگر هاڻي انگريزي ٻوليءَ جي اثر هيٺ عربي ۽ فارسيءَ ۾ به وقف جي نشانين جو استعمال ٿيڻ لڳو آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ته ڄڻ انگريزي ٻوليءَ جي وقف جي نشانين جي ڇاپ لڳي ويئي آهي، جو جيڪي نشانيون انگريزيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون، سيئي سنڌيءَ ۾ به استعمال ٿيڻ ۾ اچن ٿيون.

        وقف جون نشانيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون اهي، جي جملي جي وچ ۾ واقع ٿينديون آهن ۽ ٻيون جملي جي آخر ۾ اينديون آهن.

1.      جملي جي وچ ۾ واقع ٿيندڙ وقف جون نشانيون:

ڪاما يا هالڪو دم ’،‘: هيءَ وقف جي نشاني ’اُبتي واو‘ جي شڪل جهڙي هوندي آهي، جا جملي ۾ ڪثرت سان استعمال ٿيندي آهي، ۽ اها سڀني نشانين ۾ اهميت واري هوندي آهي. ڪاما يا هلڪي دم استعمال ڪرڻ جو مقصد جملي کي ننڍن ننڍن ڀاڱن ۾ ورهائي، ان جو مطلب ظاهر يا واضح ڪرڻ هوندو آهي.

ڪاما يا هلڪي دم جو استعمال هيٺين حالتن ۾ ٿيندو آهي: (1)

        1. جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ سلسليوار لفظن، اصطلاحن ۽ جملي جي ڀاڱن کي ڪاما يا هلڪي دم جي ذريعي الڳ ڪبو اهي، ۽ اهڙي سلسلي جي پوئين لفظ يا ڀاڱي جي اڳيان حرف عطف ايندو آهي، مثلاً:

        اسان جي ملڪ ۾ ڪڻڪ، چانور، جوئر، مڪئي، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوک ٿيندي آهي.

*

        عورت جو مکيه ڪم آهي رڌڻ پچائڻ، سبڻ، ٻارن جي پرورش ڪرڻ، گهر جو انتظام سنڀالڻ ۽ پنهنجي خاوند جي خدمت ڪرڻ.

*

        اورنگزيب نيڪ، ايماندار، رحمدل ۽ عادل بادشاهه ٿي گذريو آهي.

*

        اسان، توهان ۽ ٻيا سڀ هڪ ئي خدا جا خلقيل آهيون.

*

        صبح شام، ڏينهن رات، بيٺي ويٺي ۽ سُتي الله کي ياد ڪرڻ گهرجي.

        ب - سلسلي وار لفظ يا اصطلاح، جي حرف عطف سان ڳنڍيل هجن، تن ۾ ڪاما يا هلڪو دم استعمال نه ڪجي، مثلاً:

        زخمي اُٺ پيو ڦيراٽيون کائي ۽ ليٽي ۽ رڙي.

        ت – جملي ۾ افتتاحي لفظ يا اصطلاح ڪاما جي ذريعي باقي لفظن کان الڳ ڪري بيهاربا آهن، مثلاً:

        ڏڪار جا ماريل، ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ تي ماڻهو خوشيون ڪرڻ لڳا.

*

        مت جا موڙها، ڪيترائي ڳوٺاڻا شهرن ۾ ٺڳن جي ور چڙهي ويندا آهن.

        ث- فعل معطوفي يا اسم حاليه جي لفظن جي سلسلي ۾ به ڪاما يا هلڪو دم استعمال ٿيندو آهي، جيئن هيٺ ڪن مثالن ۾ ڏيکاريل آهي:

        اقبال هر روز صبح جو وضو ڪري، نماز پڙهي، قرآن مجيد جي تلاوت ڪري ۽ ماني کائي پوءِ اسڪول ويندو آهي.

*

        سياري جي ٿڌي خوفناڪ ۽ اونداهي رات ۾، هو ٿڙڪندو، ڇرڪندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو ۽ ڌڪا کائيندو وڃي ڪنهن ڳوٺ کي ويجهو ٿيو.

*

        معاشري ۾ اُٿندي وهندي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي ادب ۽ اخلاق کي ڌيان ۾ رکجي.

        ج – مرڪب جملن جي ڀاڱن کي ڪاما ڏيئي الڳ ڪبو آهي، ۽ اهڙي حالت ۾ ڪاما حرف عطف کان اڳ اچڻ گهرجي، مثلاً:

        ڪڪر مڙي آيا آهن، ۽ اجهو ٿو مينهن وسي.

*

        لئبرريءَ ۾ ڪتاب ته گهڻائي موجود آهن، پر پڙهڻ وارو ڪو ڪونهي.

        اهڙي مرڪب ترڪيب، جنهن ۾ حرف عطف ڪم آيل هجي ۽ اها فاعل يا خبر ٿي ڪم اچي، تنهن ۾ ڪاما استعمال نه ڪجي، مثلاً:

        چور دروازو اندران بند ڪيو، ۽ ڪُنجيون هٿ ڪري ڪٻٽ کولڻ لڳو. (هتي ڪاما نه ڏيڻ گهرجي.)

        صحيح جملو هيئن ٿيندو: چور دروازو بند ڪري ۽ ڪُنجيون هٿ ڪري ڪٻٽ کولڻ لڳو.

        ح – بياني جملي جي مختلف ڀاڱن کي هلڪي دم جي ذريعي ورهائبو آهي، مثلاً:

        قلعي جي ديوار ويهه هزار فوٽ ڊگهي، پنج فوٽ، ويڪري، ۽ چاليهه فوٽ اوچي آهي.

*

        مينهن اُٺي بر وُٺا، گاهه اُڀريا، وڻ ٽڻ ساوا ٿيا، ترايون ۽ تل ڀريا، ۽ سنگهار سرها ٿيا.

*

        حڪومت جيڪڏهن مخلص هوندي، هرهڪ جي حقن جي حفاظت ڪندي، ۽ رعيت کي خوش رکندي، ته اها مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندي.

        خ – شرطي جملن يا ضمير موصول ۽ جواب موصول وارن جملن جي ڀاڱن کي ڪاما ڏيئي الڳ ڪبو آهي، مثلاً:

        جيڪڏهن تون ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍين، ته مان توکي پنهنجو راز ٻڌايان.

*

تون کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪندين، ته به پنهنجي ارادي کان نه ڦرندس.

*

جيڪو به مون وٽ آيو پئي، تنهن کان پئي ڏس پنڌ پڇيم.

*

’اهو ڪجهه ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي.‘

        د – جملي جي انهن لفظن يا ڀاڱن کي ڪاما جي وسيلي الڳ ڪجي، جيڪي ضروري سمجهاڻي يا وضاحت لاءِ استعمال ڪيا وڃن، مثلاً:

        ڪراچي، سنڌ جي گادي، پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي.

*

        فرزانه، ثمينه جي ڀيڻ، هڪ نهايت ذهين ڇوڪري آهي.

        ذ – معترضه جملي کي هميشه ڪاما سان الڳ ڪبو آهي، مثلاً:

        سلطان رضيه، خدا مٿس رحمت ڪري، ڏاڍي عقلمنديءَ ۽ مردانگيءَ سان حڪومت هلائي.

*

        تنهنجو ڇوڪرو، الله ڏينهن ڏئيس، سلڇڻو آهي.

*

        توهان، مان سمجهان ٿو، منهنجي پيءُ جا پراڻا دوست ٿا ڏسجو.

*

هو، خدا نه ڪري، ڪنهن مصيبت ۾ نه پوي.

ر – متضاد جنس يا معنى وارن لفظن کي ڪاما جي ذريعي جدا ڪبو آهي، مثلاً:

عورت هجي يا مڙد، ٻڍو هجي يا جوان، مسڪين هجي يا مالدار ۽ سگهو هجي يا هيڻو، مڙني کي زندگيءَ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻو پوي ٿو.

*

صبح هجي يا شام، ڏينهن هجي يا رات ۽ روشني هجي يا اونداهي، انڌي جي لاءِ مڙئي ساڳي ڳالهه آهي.

*

ڏک توڙي سک ۾، بيماريءَ توڙي توانائيءَ ۾ ۽ مشغوليءَ توڙي واندڪائيءَ ۾ دل کي ذڪر فڪر کان پالهو نه رکجي.

ز- ظرفي لفظن ۽ اصطلاحن کي ڪاما سان الڳ ڪبو آهي، مثلاً:

ها، مان تنهنجي مدد ڪندس.

*

نه نه، مان اها ڳالهه ڪنهن کي نه ٻڌائيندس.

*

ويچاري، شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.

مرڪب جملن ۾ ظرفي لفظن کي سيميڪولن يا اڌ دم اچڻ کانپوءِ ڪاما ڏبي آهي، جيئن هيٺين مثالن ۾ ڏيکاريو ويو آهي:

وقت اچي ڀريو آهي، پوءِ تنهنجي ڇا مرضي آهي؟

*

مون توسان واعدو ڪيو آهي، البت، اهو ڪم ڏکيو آهي.

ڪي صفتون ظرفي صورت ۾ استعمال ٿينديون آهن، جن جو بيان اڳ اچي چڪو آهي، اهڙا ڪي لفظ، مثلاً: پهريون، ٻيو ۽ ٽيون وغيره، جي جملي ۾ سلسلي طور استعمال ٿيندا، ته هرهڪ جي پٺيان ڪاما ايندي، مثلاً:

        منهنجي نه اچڻ جا ڪي سبب آهن: پهريون، ته ماڻهو گهڻا هئا، ٻيو، ته گندگي ڏاڍي هئي ۽ ٽيون، ته مون کي گهڻن ماڻهن ۾ مونجهه ٿيندي آهي.

        جملي ۾ حرف عطف، جهڙوڪ: ته، تنهنڪري، پر، ڇاڪاڻ ته، ڇو جو، مگر وغيره جي اڳيان ڪاما ايندي آهي، مثلاً:

        ماڻهو چون ٿا، پر مون کي اعتبار نٿو اچي.

*

        بيماري عام ٿي پيئي آهي، ڇو جو کاڌي جون شيون نج نٿيون ملن.

*

        امتحان اچي ويجهو پيو آهي، تنهنڪري مان وڌيڪ وقت ترسي نه سگهندس.

        س – صفت جا اهي لفظ، جي موصوف جي پويان اچن، تن کي ڪاما ڏيئي الڳ ڪبو آهي، مثلاً:

        هاٿي، مست ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل، ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪاهي پيو.

*

        گلاب جو گل، سهڻو ۽ خوشبودار، هر ڪنهن کي پسند هوندو آهي.


(1)  1. ’ٻاريم‘ فعل ۾ متڪلم واحد جي صيغي وارو متصل ’م‘ شامل آهي جو جملي ۾ فاعل آهي.

(1)  نوٽ: عربي ۽ فارسيءَ ۾ وچ واريون وقف جون نشانيون استعمال ڪونه ٿينديون آهن. سنسڪرت ۾ اڌ دم لاءِ ’ا‘ ۽ سڄي دم لاءِ ’اا‘ نشانيون استعمال ٿينديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com