سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب: --

صفحو :6

 

آرٽ، ۽

افاديت يا وٿ (Value)

4- ادب جو نئون نظريو ۽ تنقيد

جهڙيءَ ريت اسان جي ادب جو نئون نظريو اسان کي ادب جو هڪ واضح ۽ وڏو ۽ ويڪرو ۽ يقيني تصور ڏئي ٿو، اهڙيءَ ريت نتيجي طور اهو اسان کي تنقيد جو هڪ وڏو نظريو به ڏئي ٿو. ادب ۽ تنقيد جي اڀياس سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان لاءِ سنڌي ادب جي تنقيد لکڻ هڪ تمام مشڪل ڪم هو ۽ اهو ڪم گهڻو ڪري ممڪن ئي نه رهيو هو، ڇو ته اسان جو ادب پنهنجي گوناگون صلاحيتن جي ڪري، انگريزي ادب جي تنقيد جا اصول مڃڻ کان لاچار هو ۽ معذرت خواهه هو.

انگريزي ادب جي تنقيد جا اصول، انگريزي ادب کي سامهون رکندي، مقرر ڪيا ويا هئا ۽ اهو ضروري نه هو ته اهي سڀ اصول اسان جي ادب جي لاءِ به مقرر ٿين، ۽ اسان جو ادب به انهن جي پوئواري ڪري. وري ٻي ڳالهه هيءَ به هئي ته هرڪو ادب پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي سماج جي مخصوص تقاضائن کي پورو ڪري ٿو ۽ فقط انهن جي ئي نمائندگي ڪري ٿو. ان ڪري اسان جي لاءِ اهو ضروري هو ته اسان به انگريزي عالمن جيان، دنيا جي ادب جون اٽل حقيقتون تسليم ڪري، پوءِ به پنهنجي مخصوص ادب جي ڪا مخصوص تنقيد لکي ڏيکاريون. هيءُ ڪم ان وقت تائين ٿي نه ٿي سگهيو، جيستائين اسان ادب جي لاءِ ڪو واضح ۽ يقيني تصور مقرر نه ڪريون.

هاڻي جڏهن ته هيءُ تصور اسان جي سامهون اچي ويو آهي، اسان لاءِ ممڪن بلڪه آسان ٿي ويو آهي ته اسان هن ادب جي تصور کي خيال ۾ رکي، پنهنجي سڄي ادب جي هڪ تنقيد لکي ڏيکاريون.

پنهنجي ادب جي هن نئين نظريي کي خيال ۾ رکي، اسان پنهنجي علم تنقيد جا بنياد هيٺين ڳالهين تي رکي ٿا سگهون.

ادب جي پهرين ضرورت ان جي ٽيڪنڪ آهي.

ادب جي ٻي ضرورت ان جو ڪارج، وٿ يا (Value) آهي.

ادب جي ٽين ضرورت ان جي سادگي ۽ بيساختگي آهي.

ادب جي چوٿين ضرورت اها آهي ته اهو سماجي حقيقتن کي مڃي ۽ انهن اصولن جي ڀڃڪڙي نه ڪري، جيڪي ان جي سماج جا مڃيل آهن، ۽ اهو پنهنجي سماج جي گڏيل ”ادا“ کي اڳيان رکي.

ادب جي پنجين ضرورت اها آهي ته اهو ٻوليءَ جو استعمال اهڙيءَ ريت ڪري، جو ان سان ٻوليءَ جي معنيٰ وارو مواد سڄو سارو پيش ٿيندو رهي، يعني ان ۾ اسان جو سماجي تجربو پنهنجي سڀاويڪ حالت ۾ پيش ٿيندو رهي.

ادب جي هن ضرورتن کي خيال ۾ رکي، اسان ڏسي سگهون ٿا ته اسان جي تنقيد لکڻ جي لاءِ، هڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ پنج مختلف خيال رکڻ وارا تنقيدنگار پنهنجو ڪم ڪري سگهن ٿا، ۽ پنهنجي پنهنجي جڳهه پيدا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته اسان جي نظريي ۾ تنقيد جي لاءِ وڏو ميدان موجود آهي.

پر اسان جو ڀروسو آهي ته اسان جي تنقيدنگار لاءِ به انهيءَ ڳالهه جي پابنديءَ جو جواز موجود آهي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ سنڌي اديب هجي، يا ان جي ادب جي نظريي جو پرچارڪ هجي، ۽ ان کي دل سان قبول ڪري چڪو هجي.

هن طرح تنقيدنگار جي مٿان رکيل پابندي بلڪل انهيءَ پابنديءَ جهڙي آهي، جيڪا اسان ادب تي رکي آهي. اهڙيءَ ريت تنقيدنگار کي به اسان جي اديب جهڙي آزادي حاصل آهي. اسان اهڙيءَ ريت اديب توڙي تنقيدنگار ٻنهي جا حق محفوظ ٿا سمجهون. اهڙيءَ ريت هن نظريي جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ، اسان جي اديب توڙي تنقيدنگار لاءِ اهو ضروري هوندو ته انگريزي ۾ لکڻ وقت ادب جي لاءِ لفظ لٽريچر نه پر لفظ ادب لکي، ڇوته ٻيئي لفظ هم معنيٰ نه آهن.

اهڙيءَ طرح اسان جي تنقيد ۾، تنقيدنگار جي پنهنجي ادا يا ٽيڪنڪ جو سوال خاص اهميت حاصل ڪري سگهندو.

ادب جو نئون تصور ڪو آسماني يا اخلاقي (Moralistic) يا واعظاڻو  (Didactic) به نه آهي. هيءُ خيال اسان سائنسي سوچ جي بنياد تي به آسانيءَ سان سمجهي ۽ سمجهائي سگهنداسون. هڪڙي ڪوشش هن ڏس ۾ هيءَ به ٿي سگهي ٿي ته اسان پنهنجن تحريرن کي انهيءَ خيال سان ڏسون ته انهن مان اهي ڪهڙيون آهن، جن ۾ ”ادا“ موجود آهي ۽ ان ڪري اهي ادب جون پابند آهن؛ ٻيون جيڪي پنهنجو پاڻ ۾ ئي مڪمل ۽ منفرد يا آخري طور تي قبول ڪيل آهن. هنن ٻن تحريرن مان ادبي تحريرون فقط پهرين حصي واريون هونديون، جڏهن ته ٻئي حصي واريون تحريرون جن ۾ ”ادا“ جي ڪابه گنجائش نه هوندي، سي سائنسي يا فني سڏبيون. پر جيڪڏهن انهن کي به ڪنهن نه ڪنهن اسلوب يا ادب جي ماتحت لکيو ويندو، ته اسان انهن کي به ادب ۾ شامل ڪري سگهنداسون ۽ سمجهنداسون.

علي بابا جي ”موهن جو دڙو“ ۾ جيڪا ادا موجود آهي، اها فقط علي بابا ئي پيدا ڪري ٿو سگهي ۽ نه آغا سليم- توڙي جو آغا سليم به پنهنجي تحريري تخليق کي هڪ ادا بخشي ٿو سگهي.

اهڙيءَ ريت نئين تنقيد ۾، اسان انفرادي اسلوب ۾ ادائگي جو خيال رکندي، ادب جي باقي تقاضائن جي حساب سان، هر اديب ۽ شاعر جي باري ۾ هڪڙو خيال ڏيئي سگهنداسون ۽ خيال قائم ڪري سگهنداسون، جيڪو ادب جي مٿي ڏيکاريل ضرورتون جي بنياد تي قائم ڪيو ويندو.

5- ادب جو تاريخي پس منظر

ڪنهن زماني ۾ جڏهن آواز ئي اظهار جو وسيلو هئا (23)، تڏهن آلاپ ۽ آهون اظهار جي ادبي صورت هئا. اهڙا آلاپ تمام پراڻي آرٽ يعني ناچ (Dance) سان ملي، هڪ مڃيل اظهار يا تاثر پيدا ڪندا هئا.

هنن آوازن ۽ تاثرن مان تمام پراڻا گيت ٺهيا. اهي گيت ئي آلاپ جي بهترين صورت آهن.

ادب جي ٻيءَ صورت ۽ ٻئي دور ۾، خدا جي هستيءَ وارو تصور خاص ۽ اهم مامرو هو؛ ان ڪري ان دور جي گيتن ۾ وينتي ۽ بندگيءَ جو تصور ملي ٿو. انهن گيتن کي گهڻا ماڻهو گڏجي ڳائيندا هئا. اهڙيءَ ريت انهن گيتن جو ضمير ضمير متڪلم آهي ۽ انهن جو صيغو جمع وارو آهي.

هن کانپوءِ جيڪو دور آهي، سو لکڻ جي هنر جي ڪري مشهور آهي. لکڻ جو هنر ٽن بنيادي ضرورتن جي ڪري وجود ۾ آيو:

(الف)   ڪي ڳالهيون اهڙيون هيون، جن کي وسارڻ خطري کان خالي نه هو. مثال طور بندگيءَ وارا گيت.

(ب)    ڪن حالتن ۾، پنهنجي ڳالهه کي پاڻ کان پري رهندڙ ماڻهن تائين به پهچائڻو پوندو هو.

(ج)    پنهنجي ملڪيت ۽ مال کي نشان لڳائڻا پيا ۽ ڏنڀن جي وسيلي، انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ وارو اڳيون طريقو، عام طور تي نقل ٿيڻ جهڙو سمجهيو ويو.

اهڙيءَ ريت منڍ ۾ لکڻ جو ڪم ليڪن، گيهن ۽ ٽٻڪن وسيلي ٿيڻ لڳو. ان کانپوءِ ماڻهن پنهنجي بهادريءَ، بدنصيبيءَ، تباهيءَ ۽ وڏن واقعن ۽ ڪارنامن کي به لکڻ شروع ڪيو.

پڪيءَ مٽيءَ جي تختيءَ تي اهڙا نشان چالڊيءَ جي علائقي ۾ سر هينري ليارڊ (Layard) ڳولي لڌا.

لکڻ جي هنر جي اهميت کي ڏسندي، لکڻ وارن کي بادشاهن درٻارن ۾ جاءِ ڏني،

انهن کي پگهار ۽ ڪرسيون يا لقب ڏنا ويا،

انهن کي بادشاهن پاڻ سان هم – رڪاب به ڪيو، ته جيئن ڪيل فتح جا ڪارناما محفوظ رهن. اهڙي هڪ ڪتاب کي ”مئن جو ڪتاب“ (The Book of Deady) ٿا سڏين.

پر ”مئن جي ڪتاب“ مان اسان کي ”مئن جو دڙو“ ٿو ياد اچي، ڪين نه! برطانيا وارن اسان جي يادگارن کي مئن سان منسوب ڪيو آهي. اهو ڪتاب برطانيه ۾ آهي ۽ جارج پٽنام (George Putnam) ان کي پڙهيو آهي. هو چوي ٿو ته ان ڪتاب ۾ دعائون، وظيفا ۽ مناجاتون آهن، ان ڪتاب ۾ آخرت جو به تصور موجود آهي.

هن دور ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا پر سڀ درٻارن ۾ ٽڪاڻن ۾ لکيا ويا هئا. هن ڪتاب کانسواءِ هڪ ٻيو ڪتاب ”ٽاهه هائيٽ جا ويچار“ (Precepts of That Hatep) به لڌو ويو آهي. هي ڪتاب حضرت موسيٰ کان ٻه هزار سال اڳ لکيو ويو هو. جي اها ڳالهه ائين آ، ته پوءِ هي ڪتاب ويدن کان به ٻه هزار سال اڳ جو هو. هي ڪتاب هومر (Homer) کان اڍائي هزار سال اڳ ۾ آهي. اهو صحيح آهي، ته پوءِ هي ڪتاب حضرت سليمان جي چوڻين (Proverbs) کان به ايترو ئي عرصو اڳ جو آ.

”ٽاهه هائيٽ جا ويچار“ پڙهڻ وارو صاحب آهي گن (Gunn). ان ڪتاب مان هن صاحب جي ڪيل ترجمي جو هڪڙو ٽڪرو ترجمو ڪري پيش ڪريون ٿا:

”ميان، ماڻهن ۾ ڊپ پيدا نه ڪر، ڇو ته خدا ڊپ پيدا ڪرڻ وارن تي مار وجهندو آ. اهو به ماڻهو آ جيڪو چوي ٿو ته زندگي انهيءَ جي هٿ ۾ آ. ۽ انهيءَ جي وات مان گرهه ڦريو ٿو وڃي. اهو به ماڻهو آ جيڪو چوي ٿو ته طاقت ۽ زور ان جي وس ۾ آهن. ۽ اهو به ماڻهو آ جيڪو چوي ٿو ته اهو ڪوڙ آ، ڇو ته مان ڪنهن کان به اها شيءِ کسي ٿو سگهان جيڪا مون کي وڻي ٿي. اهڙيءَ ريت ماڻهو ڪڇي ٿو ته ان جو خون وهايو ٿو وڃي.“ (24)

ڏسجي ٿو ته ٽاهه هائٽ (جيڪڏهن اهو ڪو ليکڪ آ ته) ڏٻري ۽ هيڻي جي پاسي آ، انسان جي انسان سوز حرڪتن کان خائف آ، هو ڏاڍ کي هڪڙيءَ جاتيءَ جي غلط ملڪيت ٿو سمجهي، هو خدا کي ڇوٽڪاري جو وسيلو ٿو سمجهي، اهو خدا کان ڊيڄاري ٿو، پر معاشري ۾ ڏاڍ ۽ ظلم جي طاقت جي موجودگيءَ جو به اقراري آهي.

مصر کانپوءِ آيا چيني. ڪنفيوشس حضرت عيسيٰ کان پنج سو سال اڳ لکيو هو. ٻيءَ صديءَ عيسويءَ جي شروعات ۾ چي هوانگ ٽي (Chihwang Tee) حڪم ڪيو ته ”ڪتاب سڀ ساڙيو، رڳو طب ۽ جانورن تي لکيل ڪتاب بچايو“. جارج پٽنام ٿو چوي ته هي قدم وڌ ۾ وڌ ڏاڍ مڙسيءَ جو قدم هو هن قدم ادب جي سڀني سرگرمين تي وڏو اثر وڌو ۽ اديبن وڌ ۾ وڌ ڏاڍ مڙسيءَ جو قدم هو. هن قدم ادب جي سڀني سرگرمين تي وڏو اثر وڌو ۽ اديبن کي ان دٻائي ۽ هيسائي ڇڏيو. (خبر ناهي ته حضرت ڪنفيوشس جو پنهنجو ڪتاب ڪيئن بچيو!)

ٻڌ ڌرم وارن ڌرمي ۽ مذهبي ادب لکيو.

يهودين جا ڪتاب ته حضرت عيسيٰ کان ڇهه سو سال اڳ جا آهن. هن دور جو وڏو ادب به اهو هو جيڪو ساڙايو ويو. هن ادب کي قومي دولت سمجهيو ويندو هو.

هن دور ۾ عورتون به لکنديون هيون. اسان کي ادب جي پراڻيءَ تايخ ۾”پن چاوء“ (Panchao) نالي هڪ اديبياڻيءَ جي سڌ ملي آهي، جيڪا عيسائي دور جي ابتدا ۽ تاريخ ۾ لکي رهي هئي. هيءَ مائي چيني نسل جي چئي ٿي وڃي.

ويد حضرت عيسيٰ کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ انهن جو زمانو هڪ هزار سال ق. م.هو. چين کانپوءِ لکڻ جو ڪم فونيشيا ۾ ٿيو. هنن وري لکڻ سيکاريو يونانين کي جيونس (Gevons) صاحب جي راءِ آهي ته ”يونان ۾ لکڻ پڙهڻ حضرت عيسيٰ کان به پنج سو سال اڳ سيکاريو ويندو هو. جيڪو ماڻهو لکي پڙهي نه ڄاڻندو هو، ان کي افسوس ٿيندو هو ۽ شرم ايندو هو. ان وقت يونان ۾ تعليم جي ترقي ٿي رهي هئي، حساب ڪتاب رکيو ويندو هو ۽ خط پٽ لکيا ويندا هئا.“ (25)

 اتي اهڙا ماڻهو به هئا جن جو گذارو هومر جي نظمن کي ڳائڻ ۽ وڏي واڪي پڙهڻ تي هو. هي ماڻهو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هلندا وتندا هئا ۽ برزبان ياد ڪيل ڪهاڻيون ۽ ڪٿائون ٻڌائيندا وتندا هئا. هنن جو ڪم هو ماڻهن کي وندرائڻ.

هن طرح سنڌ وارن يونان کان گهٽ ۾ گهٽ به سوار ٻه هزار سال پوءِ تائين به اها روايت پاڻ وٽ قائم رکي، ڇو ته سنڌ ۾ اهڙن چارڻن ۽ ڀٽن جي پڄاڻيءَ کي اڃا ڪي پنجاهه سال به مس گذريا آهن. اڄ کان رڳو ڪي پنجاهه سال اڳ ڳاڙهن پٽڪن ۽ ڪارن ڪپڙن ۾ ڀٽ فقير ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ سنڌ وارن جي بهادريءَ ۽ بدقسمتيءَ جا گيت ڳائيندا وتندا هئا.

اٿينس کان پوءِ يوناني تهذيب جو مرڪز وڃي اسڪندريه ۾ ٿيو. جان ڊرنڪ واٽر (John Drinkwater) جي سند سان اسڪندريه جي ڪتبخاني ۾ ڪي ست لک کن ڪتاب هئا. وري هڪ ٻيو آدمزاد سيزز نالي آيو، حڪم ڪيائين ته ”ڪتاب ساڙيو ۽ گهڻا ڪتاب سڙي ويا. هيءُ واقعو عيسوي سن کان رڳو 48 سال اڳ جو آهي. اسڪندريه جي يوناني تهذيب کان پوءِ وارو آيو اسڪندريه جي رومي تهذيب جو. هن دور ۾ ٻيا ڪتاب به لکيا ويا ۽ ڪتب فروش ڪتاب وڪڻي دولت ڪمائيندا هئا. هن دور ۾ روم جي ادبي زبان به يوناني هئي.

يوناني زبان جي جاءِ ارڙهين صديءَ تائين پوريءَ ريت ڪابه زبان والاري نه سگهي. ارڙهين صديءَ ۾ هيءَ جاءِ فرينچ زبان والاري.

پراڻي دور ۾ ادب جي سرپرستيءَ وارا نظريو موجود هو. سرپرستي (Patronage) جي آڌار تي ڪيترائي ئي اديب لکندا هئا. هو اميرن جي مهر جي نظر تي گذرو ڪندا هئا. هاريس ۽ ورجل (Horace and Virgil) جهڙا اديب، مئسينس (Macenas) جي پئسي تي لکندا هئا. (26)

اهڙيءَ ريت هلندي هلندي، اسان ارڙهين صديءَ تائين پهتا آهيون ۽ هيءَ اهو دور آهي، جڏهن اسان جو پنهنجو ادب به پوري اوج تي هو.

 

سنڌي ادب جا پراڻا ادبي سماجي رجحان (Socio- literary trends)

تمام آڳاٽو انسان اهڙي ماحول ۾ جڪڙيل هو، جنهن کي هو پوريءَ ريت سمجهي نه ٿي سگهيو. هن جي ماحول جي هر شيءِ جي هن جي اڳيان هڪ سوال جي شڪل ۾ موجود هئي ۽ هو پاڻ ان سوال جو جواب تلاش ڪري رهيو هو. عملي وسيلن جي نه هئڻ جي ڪري، ان دور جي انسان پنهنجي مسئلن جو جواب، دليلن جي بجاءِ، گمان سان ڏيندو هو ۽ عقل جي بجاءِ وهم سان سوچيندو هو. ان دور جي گمانن مان هڪ وڏو گمان هيءُ هو ته جانورن کي به روح آهي، ۽ ”هرڪا بيجان شيءِ ڪانه ڪا شخصيت رکي ٿي.“ هيروڊٽس ٻڌائي ٿو ته پراڻا مصري باهه کي هڪ زندهه جانور سمجهندا هئا. اهڙيءَ ريت ويدن ۾ اگني باهه جي ديوتا جو نالو آهي (27). هوا کي ته پوريءَ دنيا ۾ ماڻهوءَ ۽ ٻارن ٻچن جي ماءُ سمجهيو ويندو هو. اينڊريولنج (Andrewlang) ٿو چوي ته ”آڳاٽي زماني جي اڻ سڌريل ماڻهو لاءِ آسمان، سج، سمنڊ ۽ هوا نه رڳو جاندار، پر اڻ سڌريل جاندارن جهڙا آهن.“ اهڙن گمانن ۽ وهمن سان ان دور جو انسان پنهنجي ماحول کي جاچي رهيو هو، ۽ پنهنجن مسئلن جا حل تلاش ڪري رهيو هو. ان دور جي تلاش جو هڪ نتيجو ئي آهي، جنهن کي ڏند ڪٿا (Myth) سڏيو ويو آهي. ان دور جي ادب جو مواد به اهي ئي ڪٿائون آهن. اليڊ (Iliad)، اوڊيسي (Odessey)، مهاڀارت، رامائڻ ويندي سڪندرنامي ۽ شاهنامي تائين، ڪنهن نه ڪنهن طرح هن ادبي رجحان جا ڪي روپ آهن. سنڌي ادب کي به هيءُ رجحان ڪل قومي ورثي مان مليو هو، جيڪو ٻڌمت ۽ ويدمت جي زماني ۾ پلجي پڪو ٿيو هو.

انهن ڏندڪٿائن جو تاڃي پيٽو انساني فطرت جي باهمي تعلقات جي نوعيت تي ٻڌل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو يونان جي ادب ۾ انسان جي ٻل ۽ قوت سان گڏ، ڪائنات ۾ موجود ٻين شين جي زور ۽ طاقت کي به جاءِ ڏني ويئي آهي.

هنن ڪٿائن مان هرڪا گهڻو ڪري انسان جي سامهون آيل سوالن مان ڪنهن نه ڪنهن جو حل ۽ جواب موجود ڪري رهي هئي. ڪنهن جو واسطو دنيا جي ابتدا سان هو، ته ڪنهن جو واسطو ماڻهوءَ جي اصل ۽ بڻ سان. ڪي ڪٿائون انهن سوالن جا جواب ڏين ٿيون ته ماڻهوءَ ڪمان ڪيئن ڪم آندي ۽ هن هر ڪيئن ٺاهيو، ۽ مٽيءَ مان ٿانو ڪيئن جوڙيائين ۽ گهر ڪيئن جوڙيائين. اهڙيءَ ريت ڪن ڪٿائن جو واسطو سج سان، چنڊ سان يا موت سان آهي، ته ڪن جو عورت سان ۽ محبت سان. *

هنن سڀني ڪٿائن ۾ جيڪا ڳالهه هڪجهڙي آهي، سا اها آهي ته جاندار توڙي بيجان شين ۾ هڪ جان آهي. انهن جو ڪو روح به آهي ۽ انهن کي انساني هوس ۽ حرص وارا جذبا به آهن ۽ احساس به آهن. اهڙي ريت ان دور جي انسان کي هڪ وڏو گمان اهو هو ته ڌرتيءَ تي رهندڙ مخلوق مان وڏو تعداد ديوتائن جو هو ۽ اهي انساني معاملات ۾ وڏي دلچپسي رکندا هئا.

ٻي وڏي ڳالهه ان دور جي ادب جي اها آهي ته جدا جدا ڪهاڻين ۽ لوڪ گيتن ۾ هڪجهڙائي موجود هئي. هن خيال کان نه اوڀر اوڀر هو نه اولهه اولهه. هن هڪجهڙائيءَ جو سبب اهو به ڏنو وڃي ته انسان ذات سڀ هڪ خاندان مان ڦٽي نڪتي آهي. ان ڪري انهن وٽ هڪ ئي ڪهاڻي آهي، جنهن مان ٻيون ڪهاڻيون ٺهيون آهن.

هيءَ ڳالهه سورهن آنا صحيح نه آهي. حقيقت ۾ ڪهاڻيون تجربن جي آڌار تي ٿينديون آهن. جيڪڏهن انهن ڪهاڻين ۾ ڪا هڪجهڙي ڳالهه آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته اهي سڀ ڪنهن هڪ ئي هنڌ تي ڪنهن ئي تجربي يا هڪجهڙن تجربن جي بنياد تي ٺهيون آهن.

اها تجربي جي هڪجهڙائي (Universality of Experience) اسان لاءِ تمام وڏي ڳالهه آهي. اهي ڪهاڻيون آڳاٽي انسان جي گڏيل سوچ ۽ بنيادي سوچ جي اپت (Rough Produce of Human mind) آهن.

هي مها ڪهاڻيون جدا جدا ملڪن ۾ ساڳئي ۽ هڪجهڙي مواد سان موجود رهيون. مثال طور ”ڪيوپڊ ۽ سائيڪي“ واري مها ڪهاڻي هندستان ۾ ”پروراءِ ۽ اروسيءَ“ جي مها ڪهاڻي جي نالي سان مشهور هئي.

اهڙيون مها ڪهاڻيون انسان ذات جي ملڪيت هيون، ان ڪري انهن دورن ۾ شاعرن ۽ اديبن کي انهن ڏاڍو متاثر ڪيو هو.

سنڌي ادب کي سمجهڻ وارن لاءِ، خاص ڪري شاهه کي سمجهڻ وارن لاءِ، هي ڳالهه تمام اهم آهي، ڏسڻ ۾ پيو اچي ته شاهه جي سڄي رسالي ۾ بنيادي طور تي هڪ مها ڪهاڻي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ننڍا سر ان وڏيءَ ڪهاڻيءَ جا عروجي نقطا (Episodes) آهن. پر هيءَ ڳالهه گمان جي آهي، جو اڃا تحقيق نه ٿي آهي.

يونان جي ادب جي انهيءَ وڏي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪري شيلي، بائرن، ڪيٽس ۽ سٽائن برن، پوپ ۽ آرنولڊ دنيا جا ناميارا اديب ۽ شاعر بڻجي چڪا هئا. هن ڪائناتي رجحان جو اثر ادب کانسواءِ آرٽ تي به پيو هو. فرانس جي انقلاب جي مصور ڊيوڊ ۽ ان جي پوئلڳن وٽ هي رجحان نمايان آهي.

ادب هن ڳالهه کان هڪ انفرادي نه پر اجتماعي ڪارنامو آهي. ان ڪري اهي مها ڪهاڻيون پنهنجو مواد فردن وٽان نه پر هڪ گڏيل انساني سوچ وٽان حاصل ڪن ٿيون. هنن مها ڪهاڻين جو اندازو ايترو ته ڪشادو آهي، جو ڪيتريون ئي ننڍيون ڪهاڻيون پاڻ ۾ سمائي ڇڏيون اٿس. هنن مها ڪهاڻين جو مرڪزي ڪردار هڪ عام رواجي انسان ته ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي. ان ڪري ڪردار کي ديوتا يا ڪٿي ”خدا“ سڏيو ويو آهي. ”جوپيٽر“ ۽ ”زيوس“ اهڙن ڪردارن جا حاصل آهن؛ ٻيا ڪردار جئدرٿ، دروپدي ۽ ارجن جهڙن ڪردارن ۾ آيل آهن، جيڪي پڻ عام انساني ڪردارن کان گهڻو مٿي آهي.

ٽين وڏي ڳالهه هن دور جي ادب جي اها هئي ته هن جو بنياد احساسن ۽ جذبن تي هو ۽ ”فن“ تي نه هو. هنن گيتن ۾ جذبن جو اظهار ننگو ۽ پڌرو آهي ۽ ان اظهار جي زبان خالص ۽ صاف آهي.

هنن گيتن جي بقا ۽ جٽاءُ ۾ لکڻ جي هنر جو ڪو هٿ نه رهيو آهي. هن جٽاءُ جو تعلق انهن گيتن ۽ ڪهاڻين جي بنيادي قوت سان آهي، جا فنا ٿيڻ جهڙي نه آهي.

ان ڪري پراڻو ادب لکيل ادب نه پر ڳالهايل ادب آهي. هيءَ ڳالهه سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ادب جي باري ۾ هڪ وڏو راز کولي ٿي. حقيقت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو اصل جوهر به عام رواجي ٻوليءَ ۽ ڳالهايل ٻوليءَ ۾ آهي، جيڪا ڪي قدر لوڪ ادب ۾ آئي آهي. ان ڪري سنڌي ادب ۾ لوڪ ادب وارو حصو ان جو بهترين ۽ وڌيڪ پختو حصو آهي.(28)

6- سنڌي ادب تي پراڻ جو اثر

مٿي اسان سنڌي ادب جي پس منظر طور ٻه اڀياس ڏنا آهن- هڪ تاريخي اڀياس ۽ ٻيو ادبي سماجي اڀياس.

هنن ٻن وڏن ادبي رجحانن مان به سنڌي ادب ڪجهه نه ڪجهه پرايو آهي. هاڻي هن هيٺ ان سڄي بحث کي نڪتن ۾ رکون ٿا:

سنڌي ادب جي ابتدا ۾ مذهبي گيتن ۽ ڏند ڪٿائن وارين ڪهاڻين سان ٿي هوندي، ڇو ته اهي ڳالهيون ان دور جي اسپرٽ يا روح (Spirit) ۾ هيون.

اوائلي سنڌي ادب فن کان گهٽ ۽ مواد کان وڌيڪ متاثر ٿيو هوندو، ڇوته ان دور جي ادبي ورثي ۾ فن اڃا نه اڀري آيو هوندو.

سنڌ جو پراڻو ادب به لکيل نه پر ڳالهايل ادب هئڻ گهرجي، ڇو ته پراڻي ادب جي بقا ۾ لکڻ جي هنر جو ڪو گهڻو هٿ ڪونه هو.

آڳاٽو سنڌي ادب هڪ گڏيل انساني سوچ جو نتيجو هوندو، ڇو ته سنڌ ان وقت هر طرف مهمانن جي آجيان ڪري رهي هئي. ادبي طور تي ان وقت جي سنڌ هڪ ڪچهريءَ جهڙي هئي، جنهن ۾ هر قوم پنهنجو تجربو بيان ڪري رهي هئي.

ان وقت سنڌي ادب تصورات، توهمات ۽ گمانن جو نتيجو هو، ان ڪري ان ۾ تڏهوڪي انساني معاشري جا گهڻو ڪري سڀ رجحان موجود هئا.

ان دور جي سنڌي ادب ۾ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف حقارت ۽ نفرت موجود هوندي، ڇو ته اهو دور سنڌ ۾ ڏاڍ مڙسي وارو دور هو ۽ ٻاهرين حملن وارو دور هو. اهڙي ادب کي سينن ۾ سانڍيو ويو هوندو، ڇوته اهو ادب جيڪو ظلم جي مخالف هو سو پڌرپٽ پئجي نه ٿي سگهيو. هونئن به اهميت واريءَ ڳالهه کي محفوظ ڪيو آهي.

فن جي خيال کان پراڻو ادب گيتن ۽ گانن کانسواءِ ايپڪ (Epic) جو هڪ نمونو به هوندو هو، ڇو ته ايپڪ ان دور جو چڱو سڌريل ادبي طريقو هئي، جنهن ۾ اڳي ئي دنيا جا ٻه وڏا ڪتاب  به لکجي چڪا هئا.

7- ايپڪ

ڪي صاحب قلم جا ايپڪ کي قصيدو ٿا سمجهن پر قصيدو ايپڪ جي پوري معنيٰ کي ادا نه ٿو ڪري، بروئر (Brewer) ايپڪ جي معنيٰ هي ٿو ڏسي: ”اهو نظم جيڪو هيئت جي خيال کان ناٽڪ جهڙو هجي، جنهن ۾ بيان جي رستي سچيءَ يا خيالي تاريخي سان واسطو ڏيکاريو ويو هجي ۽ جنهن ۾ ڪن ڪارنامن جي سلسلي کي بهادريءَ جي مدد سان يا ديوتائن جي مدد سان پورو ڪيو ويو هجي.“ (29)

هن وصف پٽاندر ڪنهن به ايپڪ ۾ هيٺيون ڳالهيون ضروري هونديون:

شاعراڻو انداز (Poetic Sense) .

ڊرامائي طرز بيان (Dramatic Style)

تاريخي سچائي (Historical truth)

انساني سورهيائي (Human valour)

اهم واقعو يا واقعا (Episodic events)

انسان کان الڳ ۽ مٿي (Supernatural) ڪنهن طاقت جي مداخلت.

بياني طرز تحرير (Narration)

ڪهاڻي (Plot)

ايپڪ کي ٻن نمونن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

عوامي ايپڪ، (2) ادبي يا هٿرادو ايپڪ.

اليڊ ۽ اوڊيسي ۽ مهاڀارت پهرين نموني جا شاهناما آهن. پر ملٽن جو ”بهشت هٿون ويو“ (Paradise lost) ٻئي نموني جو شاهنامو آهي. سنڌي ۾

مير چاڪر عليءَ جو قصو

چانڊئي مگسي جي ويڙهه

جنگ نامو محمد حنيفي جو

ڪربلا جو واقعو

ڪيڏارو (شاهه جو يا خليفي جو)

دودو چنيسر

ڍول مارو

سنڌ جو شاهنامو

ڪيڏارو، رني ڪوٽ جا ڌاڙيل ۽ دودي جو موت (شيخ اياز)

ڪيڏارو (تنوير)

ساڻيهه جي سڪ (نياز همايوني)

اهڙا شاهناما آهن، جن ۾ ايپڪ جون ڪي نه ڪي خصوصيتون موجود آهن.

اهو تمام ضروري آهي ته اپيڪ ۾ جا ڪهاڻي هجي، تنهن جي حيثيت ”مٿ“ (مها ڪهاڻي) يا ليجنڊ (Legend) (مثالي ڪهاڻيءَ) جهڙي هجي. عام رواجي يا افسانوي ڪهاڻي ايپڪ ۾ ڪانه ٿي ٿئي.

مثالي ڪهاڻي (Legend) جي معنيٰ بروئر (Brewer) هيئن ٿو ڏسي: ”لفظي معنيٰ جي خيال کان يا بنيادي طور تي ليجنڊ اها آهي جنهن کي پڙهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته شهيدن، سورهين ۽ درويشن جي زندگيءَ کي پڙهيو به ويندو هو، ۽ انهن کي به ليجينڊ ۾ شامل ڪيو ويو. وڌاءُ ۽ حيرت هنن داستانن تي غالب ٿيندا ويا، تان جو ليجينڊ روايتي ڪهاڻي بڻجي ويئي.“ (30)

بروئر صاحب جون هي سمجهاڻيون ايپڪ توڙي ليجينڊ جي باب ۾ هڪ ڳالهه کي شامل ڪرڻ کان رهجي ويئون هيون. ايپڪ ۽ ليجينڊ جيئن اهي ادب ۾ موجود آهن هميشه ڳائيبون رهيون آهن ۽ ڳائبيون رهنديون. اليڊ ۽ اوڊيسيءَ کي به ڳايو ويو آهي. ڪربلا جي واقعي کي به ڳايو ٿو وڃي ۽ ڳايو ويندو هو.

اهڙيءَ ريت دودي چنيسر جي ڳالهه کي به ڳايو ٿو وڃي ۽ ليلا چنيسر ۽ ڍول ماروءَ جي ڳالهه به ڳائڻ ۾ آئي آهي. هاڻي اسان کي ڏسڻو پوندو ته شاهه جا داستان جيڪي آهن ئي سر (Songs)، سي ڪيتريءَ حد تائين ايپڪ يا ليجينڊ جون خصوصيتون پوريون ڪن ٿا.

هن قسم جو اڀياس اميد ته سنڌي ادب لاءِ مفيد ثابت ٿيندو (اسان هي اڀياس هن جاءِ تي ڪري نه ٿا سگهون).

شاهه جي بيان (Narration) جي صلاحيت کي سمجهڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي بيان ڪرڻ واري خصوصيت ۽ شاهه جي ذاتي صلاحيت (Genius) سمجهڻو پوندو. شاهه عام داستان گو شاعر نه ٿو ڏسجي. مثال طور حفيظ تيوڻي جو ”مومل راڻو“ هڪ داستان آهي، پر اهو سڌوسنئون بياني انداز ۾ آهي. ان جي ابتڙ شاهه جو ”مومل راڻو“ هڪ ايپڪ آهي، جنهن ۾ داستان کان وڌيڪ تاثرنگاريءَ تي زور ڏنو ويو آهي.

(8) ايپڪ ۽ ادا (شاهه جي ايپڪ شاعري)

ادب جي هر ڳالهه ۾ ادبي رنگ يعني ”ادا“ (Style) کي تمام مٿانهون درجو حاصل آهي. انهيءَ خيال کان هرڪو ايپڪ لکڻ وارو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ضروري نه آهي ته فرودسيءَ جي ”ادا“ هومر جي ”ادا“ جهڙي هجي. ان ڪري ايپڪ تي لکڻ وقت اسان ادبي رنگ يا ادا يا ٽيڪنڪ به جاچينداسون. هي نڪتو اهڙو آهي، جو هن تي ويچار ڪرڻ سان اسان شاهه جي منزل سڃاڻي سگهنداسون.

شاهه (هومر جيان) لکڻ پڙهڻ وارو ماڻهو ڪونه هو، ان ڪري پهرين ڳالهه، جا شاهه جي بهادراڻي شعر جي باري ۾ چئي ٿي سگهجي، سا اها آهي ته هن جا شاعراڻا داستان ڪنهن علم ۽ تحقيق جو نتيجو ٿي ٿا سگهن.

شاهه وٽ (هومر جيان) ٻه ڳالهيون هيون: هڪ ٻوليءَ جي صلاحيت. هڪ ٻولي ۽ ٻي صلاحيت.

شاهه پنهنجي دور جي سنڌيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو ۽ پنهنجي دور جي ذهين ماڻهن مان هڪ هو.

شاهه پنهنجي وقت جو آواز هو. ان ڪري ان دور جو عوام شاهه جي تمام ويجهو هو. هو شاهه جا گيت، بيت، وايون ۽ داستان جهونگاريندا هئا، ۽ عوام جا گيت خود شاهه جا داستان ۽ سر هئا. شاهه به (هومر جيان) اهڙي ڪا ڳالهه نه چئي آهي، جا ان وقت جو عوام نه سمجهي سگهندو هو. اهڙيءَ ريت شاهه جو پيدا ڪيل ادب اصل ۾ عوام جو پيدا ڪيل ادب آهي. شاهه حقيقت ۾ ان عوامي رجحان کي هٿ ڪري ان کي هڪ ”ادا“ يا ٽيڪنڪ بخشي آهي. شاهه ان عوامي رجحان ۾ پنهنجي صلاحيت جو رنگ ڀريو آهي.

شاهه جي سڄي دنيا (هومر جيان) شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. هو ماڻهن جي ڀرمن، ويساهن، همتن، حرڪتن، سازشين، اميدن، آسرن، عيبن ۽ وٿن ۽ بهادريءَ ۽ عظمت جو شاعر آهي. اهڙيءَ ريت شاهه (هومر جيان) اڄ به ماڻهن لاءِ ايترو اهم آهي، جيترو هو پنهنجي دور ۾ هو.

شاهه ڪنهن به بادشاهه جي چوڻ تي نه لکيو آهي. شاهه ڪنهن انعام يا بخشش جي لاءِ نه لکيو آهي. شاهه جو ڪنهن اقتدار يا تحريڪ سان واسطو ڪونه هو. شاهه رڳو هڪ شاعر هو. اهڙو شاعر، جو پنهنجو شعر رڳو پاڻ لکي به نه ٿي سگهيو. هن شعر چيو، شعر ڳايو، شعر ٻڌو ۽ شعر ٻڌايو. ان ڪري هن جو شعر ڳايو ويو پر لکيو نه ويو، ياد ڪيو ويو پر پڙهيو نه ويو، سيني سان سانڍيو ويو پر ڇاپيو نه ويو.

پر شاهه ماڻهن کي مٿي (هومر جيان) ڪنهن ٻيءَ طاقت جو محتاج نه هو. انسان ته نه اجيت آ نه امر، پر هومر جا ڪردار ڪٿي اجيت آهن ته ڪٿي امر. شيڪسپيئر وٽ ديوَ، جن ۽ پريون آهن، ۽ هوائون به ڳالهائين ٿيون ۽ سمنڊ به لڏن ٿا. ڊانٽي ۽ اقبال جا ڪردار به عام ماڻهن کان مٿي آهن. اقبال ۽ ملٽن جا ڪردار ته جبرائيل عليه السلام جهڙا به آهن. اقبال سان جبرائيل ڳالهائي ٿو، شيطان ڳالهائي ٿو ۽ وڌ ڳالهه ته رومي به ڳالهائي ٿو. اسان ته آلادين واري جن کي به تسليم ڪيو آهي. پر شاهه جا ڪردار سڌا سنوان عوامي انسان ۽ اسان جا پاڙيسري آهن. ان ڪري شاهه پنهنجي دور ۾ داستان گوئي جي ”ادا“ کي هڪ نئين طرز بخشي آهي. اها طرز شاهه کانپوءِ وارا اسان جا شاعر اسان کي نه ڏيئي سگهيا آهن.

هومرائي روايت (Homeric Tradition) ۾، جو ڪجهه به لکيو ويو، ان جو نتيجو سامهون هوندو هو. ان ڪري اهو انداز اڄڪلهه جي ڪهاڻيءَ، ناٽڪ ۽ ناول کان گهڻو مختلف هوندو هو. اڄڪلهه سسپنس (Suspense) اسان جي تصوراتي ادب (Fiction) جو هڪ ضروري حصو آهي. پر شاهه وٽ اها ڳالهه ڪانهي. شاهه وٽ وڏي ڳالهه آهي ”ادا“. اها ”ادا“ بيان جي زور واري ادا آهي. ان ڪري شاهه جو ”ڳائڻو“ ماڻهن کي اوچتيون ڳالهيون ٻڌائي حراس ۾ ڪونه وجهندو هو. هو ماڻهن جا داستان، ماڻهن کي، ماڻهن جي آزمايل طريقي سان ٻڌائيندو هو، ۽ ان ڪري مقبول هو.

شاهه جي ڪردارن ۾ به (هومر جي ڪردارن جيان) هڪ ذاتي شان ۽ وقار موجود آهي. هرڪو وڏو ڪردار پنهنجي نسل جي شان ۽ ڪڙم جي مان جو محافظ آهي. پنهنجي هن ڪردار جي خيال کان به هر ڪردار نماڻو، نهٺو ۽ مخلص آهي. هر ڪردار ۾ سهڻ جي طاقت بيپناهه ۽ بيمثال آهي. اهڙيءَ ريت شاهه جي شاعري همت، محبت، سچائيءَ، ڏاکڙي ۽ ڏولائي جي شاعري آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان جي دعويٰ آهي ته شاهه سنڌ جو وڏي ۾ وڏو نمائندو اديب آهي. هنن ڳالهين جو تعلق فقط عوامي رجحانن سان آهي. ان ڪري شاهه وٽ نه ”مزاج گرامي“، نه ”نفس نفيس“ هو. هن جو شان ۽ اقبال نفس جي عزت ۽ سادگيءَ ۾ هو.

اسان جو دودو، ننگر ۽ منگر به اسان وٽ تمام وڏا ڪردار آهن. هيءَ ڪهاڻي به شاهه جي شاعراڻي صلاحيت لاءِ تمام موزون هئي. پر افسوس آهي، جو اسان وٽ ڪا اهڙي شاهدي ڪانهي، جو چئي سگهون ته هيءَ داستان شاهه به ڳايو آهي. هن سلسلي ۾ هڪڙي ڳالهه هيءَ به ياد رکڻ گهرجي ته هومر پنهنجو وڏو زور جنگ جي واقعن کي بيان ڪرڻ تي لڳايو آهي؛ هومر جي شاعريءَ جا بهتر ٽڪرا به اهي آهن، جن ۾ جنگ جي صورتحال کي بيان ڪيو ويو آهي. پر شاهه جو سماج ڪجهه مختلف هو. اهو ويڙهاڪ سماج نه هو. ان ڪري شاهه واقعات جي باري ۾ تمام گهٽ لکيو آهي. پر ته به ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ“ جهڙا لفظ شاهه جي بهادراڻيءَ نظم جي ”ادا“ کي صاف بيان ڪن ٿا. البت اسان جي دودي چنيسر جي ڳايل داستان يا مها ڪهاڻيءَ ۾ هيءَ ڳالهه نهايت ئي اتم درجي جي آهي. هن مان هيءَ ڳالهه به پڌري آهي ته هن داستان جو شاعر شاهه کان گهڻو اڳ واري دور جو هو. پر جي ٻوليءَ جو لحاظ ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته هي شاعر به ان دور جو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي گهڻو سڌريل هئي. پر ٿي سگهي ٿو ته جنهن رنگ ۾ هي داستان اسان تائين پهتو آهي، اهو پوءِ جو هجي.

گهڻو ڪري سڀني وڏن ادبي ڪارنامن ۾ مرڪزي ڪردار عورت ادا ڪيو آهي. ٻاگهي ۽ هيلن، دروپدي، سوهندي، داسل ۽ ٻائي ان جا مثال آهن. ڏسجي پيو ته ٻاگهيءَ ۽ هيلن ٻنهي ۾ ”قومن جي غيرت“ (National centricism) اچي پناهه ورتي آهي. هن خيال کان ٻاگهيءَ جو داستان وڌيڪ ڏکوئيندڙ آ، ڇوته هن داستان ۾ سندس ئي ڀاءُ جو ڪردار بي غيرت مرد جهڙو آ. (31)

هنن ڏهن نقطن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ دنيا جي پراڻي ادب جون روايتون موجود آهن.

سنڌي ادب ۾ پراڻو ادب آهي، جنهن ۾ مذهبي رنگ ۽ داستان گوئيءَ جو شعور ڏٺو وڃي ٿو.

سنڌي ادب ۾ ادب جي پراڻن رجحانن کي هڪ نئين ادا، سليقو يا (Treatment) ملي آهي.

سنڌي ادب ۾ دنيا جي ادبي رجحانن کي سنڌ جي مخصوص حالتن ۽ سماجي تقاضائن پٽاندر نئين رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان ڪري سنڌي ادب جون ڪيتريون ئي صنفون اهڙيون آهن، جيڪي دنيا جي ادب ۾ نه ٿيون ملن. هن مان اسان جي شاعرن ۽ اديبن جي ذاتي صلاحيت جو اهڃاڻ ملي ٿو.

سنڌي ادب جي پراڻيءَ سٽا مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اسان جو ادب ڪافي پراڻو آهي، ڇوته ان ۾ تمام پراڻي ادب جون روايتون زندهه ملن ٿيون.

 

پراڻي ادب جون وڌيڪ خصوصيتون

ڪي ادبي خصوصيتون پراڻي دنيا ۾ آهن پر آمريڪا ۾ آهن ئي ڪونه. هنن مان هڪ ”پهاڪو“ آهي. آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ ۾ پهاڪي جي اهميت ڪيتري آهي، اها هرڪو ڄاڻي ٿو.“ (32)

ڳجهارت يا پروليءَ (Riddle) به ساڳئي صورت موجود آهي. ڳجهارت پراڻيءَ دنيا ۾ وندر ۽ ورنهن جو وڏو وسيلو آهي، پر آمريڪا ۾ اها آهي ئي ڪانه. (33)

پراڻين ٻولين جي ٽين خصوصيت آهي اهي آکاڻيون جن ۾ جانورن کي ڪردارن طور پيش ڪيو ويو آهي (34). (مثال طور سنڌي ۾ ڪڪڙ، گدڙ، لومڙ، شينهن يا انهن جون نصيحتون پيش ڪيون ويون.)

 بحث جي پڄاڻي:

اهڙيءَ ريت:

اسان جون لوڪ ڪهاڻيون،

اسان جا داستان،

اسان جا پهاڪا،

اسان جون پروليون ۽ ڳجهارتون، ۽

اسان جا مهذبي گيت-

سڀ انهيءَ ڳالهه جا اهڃاڻ آهن ته اسان جي ادب ۾ دنيا جي ادبي روايت به حصو ورتو آهي ۽ ان مان اسان جي اديبن مواد حاصل ڪيو آهي ۽ موٽ ۾ طرز، ”ادا“ سليقو ۽ Treatment دنيا کي ڏنا آهن.

اسان جي ادب ۾ موجود اڪيچار صنفون به ٻڌائين ٿيون ته اسان وٽ دنيا جي ادبي روايت کي وڏو مواد حاصل ٿيو آهي.

اهڙيءَ ريت مجموعي طور تي هن بحث مان اهو نتيجو به حاصل ٿئي ٿو ته

دنيا جي گڏيل ادب جي خيال کان اسان جو ادب ان جي تاريخ ۾ هڪ اهم واقعي جهڙو آهي.

اسان جو پراڻو ادب به اسان جي نئين ادب جي نظريي جي خيال کان اڀياس هيٺ آڻي ٿو سگهجي.

اسان جي ادب جي وڏي ۾ وڏي خصوصيت آهي اها ”ادا“ (Style)، جيڪا اسان جي ذاتي صلاحيت اسان جي ادب کي ڏني آهي.

 

حوالا

See Shiply, J.T. (Editor): “The Dictionary of World Literary Terms”, George Allen & Uniwn Ltd, London, p. 253.

Ibid, p. 253.

Ibid, p. 254.

Ibid, p. 254.

Lavinia P. Dudley (Editor in Chief): “The Encyclopaedia Americana”, Vol. 17. (American Corporation, New York, 1961, (Article on Literature, contributed by Austin Warren).

Ibid, (Literature)

Ibid, (Literature)

Watter Yust (Editor in chief) and John Ammitage (Edior): “Encyclopaedia Britannica”, Vol. 14, Encyclopaedia Britannica Ltd, Great Britain, 1953, p. 206.

Edwin R. A. Seligman (Editor in chief), Alvin Hohnson (Associate Editor): “Encyclopaedia of Social Sciences”, Vol. IX and X, Mc Millan Co, New York, 1950, p. 523.

 Ibid, p. 525.

(11-12) Shumaker Wayne: “Elements of Critical Theory”, University of California Press, Bredkley, 1952, pp. 1-20 (Adopted).

(13) Baqai M. S (Dr): “Social Order in Pakistan Society”, National Book Foundation, 1975, p. 59.

(14) Hudson Henry William: “An Introduction to the Study of Literature”, (Second Edition), George Harrap and Co, Ltd, 1965, p. 10.

(15) Shumaker Wayne: “Elements of Critical Theory”, University of California Press, Berkley, 1952, pp. 1-20 (Adopted).

(16) Edwin R. A. Seligman (Editor in Chief), Alwin Johnson (Associate Editor): “Encyclopaedia of Social”, Mc Millan Co, New York. 1950 (Article on Literature, from para 1 to para 5).

 

(17) فيروزالغات- فيروز سنز، لاهور (پاڪستان)- 1968-ص- 11

(18) ساڳيو ڪتاب ص 11.

(19) Rene and Warren: “Theory of Literature”, (Rev: edition) Jonathan Cape, London, 1948, p. 9.

(20) Greenlaw, Edwin: “The Principles of Literary History”, Baltimore, 1931, p. 174.

(21) Rene and Warren: “Theory of Literature” (Rev: Edition), Jonathan Cape, London, 1948, p. 10.

(22) ٻوهيو الهداد. ”اسان جي اڻ ڳهايل زبان“ (مضمون) سه ماهي مهراڻ سنڌي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

(23) Richards, I.A: “Principles of Literary Criticism” (Rev: edition), Routledge and Kegan Paul Ltd: Lodon, 1963, p. 38 (For general discussion of Value Theory).

(24) ٻوهيو الهداد. ”ٻولي ۽ آواز“ (مضمون) سه ماهي ”مهراڻ“ نمبر 1 سال 1947ع. سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

(25) Drinkwater, John (Editor): “The Outline of Literature” (R. Edition), George Newness Ltd: London, 1957, p.1.

(26) Ibid: p. 8.

(27) See. (Vedanta) Vedmat, Encyclo: of Social Sciences”.

(28) Drinkwater, John (Editor): “The Outline of Literature” (R. Edition), George Newness Ltd: London, pp. 1-17.

(29) Brewers: “Dictionary of Phrase and Fable”, Cassell and Co: Ltd: Lodon, p. 398.

(30) Ibid: p. 685.

(31) Drinkwater, John (Editor): “The Outline of Literature” (R. Editor), George Newness Ltd: London, 1975. pp. 18-39.

(32) Boas, Franz: “Race Language and Culture” The Free Press, New York (Paper back edition), 1966, p. 495.

(33) Ibid: p. 495.

(34) Ibid: p. 495.

***


*                    لوڪ ڪهاڻين ۽ ڪٿائن جي باري ۾ هڪ اهم تحقيق جناب ايس ٿامسن (S. Thomson) ڪئي آهي. ڏسجي هن جو ڪتاب ”د فوڪ ٽيل“:

Thomson, S. “The Folk Tale” Holt, Rinehart Winston, Ixi c, 1946.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com