سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر سامونڊي

صفحو :14

 

 

 

 

 

سُر سامونڊي

 

داستان پهريون

 

(1)

پَڳَهَه پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،

وِجهِي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهَري.

 

(2)

پَڳَهه پاسي پَچُ، آيل سامُونڊِيَنِ جي،

مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃِنَئِي اوهَري.

 

(3)

پَڳَهَه پاسي ويهُه، آيل سامُونڊِيَنِ جي،

تُون ويسَري وِکَ کڻين، هُو پُورِيندا پَرڏيهُه،

سَمُنڊُ جَنِ ساڙيهُه، ڪوهُ نَه وِيئن تَنِ سين.

 

(4)

جان ايندين تان آءُ، هَڻِي هَٿُ پَڳَهه ۾،

لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙهُه سانباهِي نَه سَهِي.

 

(5)

نَنَگَر جان نَه کَڻَنِ، وانءُ وَهِلِي نِڪري،

مَڇُڻَ ڏيهه وَڃَنِ، ناڙِيُون پُوري ناکُئا.

 

(6)

نَنگَر ۽ ناڙِيُون، پَڳَههَ کَڻِي پَنڌِ ٿِيا،

بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.

 

(7)

نَنگَرئون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَه اوهَري،

سٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻُ ڳِهِيو هِينئُون.

 

(8)

سيئِي جوڀَنَ ڏيِنهن، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفرَ هَلِيا،

روُئان رَهَنِ نَه سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،

مُون کي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهري.

 

(9)

نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻِجارَنِ جُون،

سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَم چاڪَ،

مارِينهُون فِراقَ، پاڙيچِيون پِرين جا.

 

(10)

وِيا اوهَري اوءِ، مون کي ڇَڏي ماڳهين،

جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽِيو ڪوءِ،

گُوندَرَ مارِيندوءِ، ويچاري وِئَنِ جو.

 

(11)

اُونهي ۾ اوهَري، جَڏهنِ جي وِيا،

سانداري سَمُونڊَ جي، نِهوڙي نِيا،

وَڃي تِت پيا، جيتي نِهايَتَ ناهه ڪا.

 

(12)

اُونهي ۾ اوهَري، جَڏِهن وِيا جي،

موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ سامُونڊي سي،

کارو تَنِين کي، جيڪُسِ وَهُ وري وِيو.

 

(13)

اوڙاهِه وِيا نه وَرِيا، آءٌ تِنهن ماري ويڻَ،

ڪَري سامُونڊي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.

 

(14)

جي وِيَڙَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِهن ايندا مان ڳَري،

پِريان جي هُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دؤنڪِي ڌَڄُ،

سامُونڊِيَڪو ڏَجههُ، ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين.

 

(15)

اوهَرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَڙَنِ تي،

سامُونڊِيَنِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِيين.

 

(16)

سامُونڊي ساري، مَٿي تَڙُ گُذاريان،

مُون کي ٿِي ماري، اُنهين سَندي ڳالهڙي!

 

(17)

سامُونڊي ساري، ماءِ مُنهِنجو جِندَڙو،

بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينهَڙا.

 

(18)

سامُونڊِيَڪو سَنگَ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون،

اَنگهن چاڙهي اَنگُ، وِيو وَڻجارو اوهَري.

 

(19)

وڃيئي وِسَري شال! جو تُون سودو سِکيو،

اڃا تائين ڪالههَ، موٽِيو سَفَرَ سَنبهَين.

 

(20)

ڳِرِيو جهَلِيو روءِ، مَٿي مُهري هَٿَڙا،

کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تُون، ڍوليا سِکِيو.

 

(21)

اَلوڙَڻ نه ڏِئي، وَرَ وِڌائِين وَنجهَه کي،

رَههُ اَڄوڪِي راتَڙي، لالَنَ! مُون لائي،

وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَر سُپرين.

 

(22)

مُون جهَلِيندي نه رَهِيا، جُڪُسُ نِٻَرُ نِينهُن سَندومِ،

قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهي وَڻجارَن سين.

 

(23)

جَڪُس نِٻَرُ نِينهَن سَندومِ، جِئن مُون اُڀي، هَنِ ٿيلِيو،

سَعيو سامونڊِينَ سين، اَڳهين تان نه ڪِيومِ،

وِجهَڻُ مَنجهِه هُئومِ، پاڻُ وَراڪِي رَسِ سين.

 

(24)

ٻيڙيءَ جي ڀُڻن، نِينهُن نه ڪِجي اُنِ سين،

اُڀِيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُهه سِڙَهه ڏيئي سِيرَ ٿِيا.


 

(25)

هِينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏَتَڙِ پئي ڏِينهن ٿِيا،

پُڇيو تان نَه پِريان، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.

 

(26)

تَن جَنِين جِي تانگَ، سي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا،

لَئِج لاتِ، لَطِيفُ چَئي، ڪَڏِهين اِيندَم ڪانگَ،

ڪِنهن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرڏيهِي ڪِيا.

 

(27)

تان ڪِين لَئِج ڪانگَ، ڪَڏِهن اِيندا مُون گهَرين،

سيڻَنِ ڪارَڻِ سانگَ، مُون تان گهَڻيئي ڪِيا.

 

(28)

سَرَ نِسَرِيا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرين،

مون تو ڪارَڻِ ڪانڌُ، سَهسين سُکائون ڪيون.

 

(29)

سَرَ، لوهِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسَرَ نِسريا،

تو ڪِئن وِسريا، ڍوليا! ڏِينهَن اَچَڻَ جا.

 

(30)

جيڪَرَ اَچي هاڻِ، ته ڪَرِيان روُحَ رُچَندِيون،

آيلِ ڍولِئي ساڻِ، هُوندَ ڳَرِ لَڳِي، ڳالهِيُون ڪَرِيان.

 

(31)

آيَلِ ڍولِئي ساڻُ، اَچي تهَ جهيڙِيان،

”لايَئِي ڏِينهن گهَڻان، مُون سين ڪيئِي ٿورڙا.“

 

(32)

ڍوليو وِئڙو ڏُورِ، تي ٿِي سِيءَ گُذاريان،

مادَرِ مُون مَ چورِ، نا تَه پَڌَرِ پُوندي پِرِينءَ ري.

 

(33)

لاهِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالهِيُون هَلَڻَ سَندِيُون،

ڏِيندا مُون ڏُکنِ، وَههِ وِجهَندا جِندَڙو.

 

(34)

مُون کي جِياريو، پِرِيَنِ جِي ڳالههِ ڪَري،

ڊَٺو اَڄُ اَڏيو، هِينئڙو ڪوٽ بُرجَ جِئَن.

 

(35)

وانءُ وَڃِي وائُٺِ، هِينئڙا ماڳُ پِرِينَ جو،

چُميو، چُمُ چَائنٺِ، هُوءِ جا سَندي سَڄَڻين.

 

(36)

آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،

مُون کي وِساري، شالَ مَ وَڃَنِ اوهَري.

 

(37)

آساري آهِيين، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،

تون ڪِئن وِسارِيين، سنَگَت سامُونڊِينِ جي.

 

(38)

سَنهي لَڪِ، نَڪِ سَئين، ڪَجَلَ ڀِنَنِ نيڻَ،

سامُونڊي مُون سيڻَ، ڪِ تو ڪالههَ لَنگهائِيا؟

 

(39)

هي سَڄَڻَ سيئِي، جي مُون ڪوڏِ نِهارِيا،

اِيندم جان پيهِي، تَه سَڀِ لاهِيندَمِ ڏُکَڙا.

 

(40)

چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچَنِ جِيُون،

ماءِ سامُونڊي آئِيا، سَهسين ڪَري سِنگارَ،

اُنهِين جِي پَچَار، ڪالوهونڪَرَ ڪانگُ ڪَري.

 

 

وائي

ڪَرَهَل پائي لَڄُ، ڪُہُ نَه وِيئينءَ اُنِ سين؟

اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئارِيائُون ڌَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

مَتان وِهين ويسَري، اُٿِي ڀُورُلَ ڀَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

سيڻَنِ ساجُهر لَڏِيو، تُون آئي نِهارِين اَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

ڪالَهه سِبايُئِي ڪَنجِرو، آنگُون پاتِيُئِي اَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

ڪيرُ سُڻَندو تُنهِنجِيُون، اَدورائُون اَڄُ،

ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟

 

وائي

 

(2)

وِيندي آئُون هوتَنِ وَٽِ، مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

پَڳَههُ کَڻُ مَ، پاتَڻِي، جانِي مُون لَئي جَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون، اَدِيُون اَڄُ نَه هَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

ڳَرَهيان سُورُ سَفَرَ جو، هَلِي پَنهِنجي اَرَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

پورِينديَسِ پِرِينَ ڏي، ڪانَه ڪَرِيندِيسِ گهَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

ڏيئي سِڙههَ سِيرَ ٿِيا، پيرُ نَه لايَئُون پَٽِ،

مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مُون ڏوُر ٿِيا،

نَه مُون هَڙِ نَه هَنجِ ڪِين، جو آئُون چَئِي چَڙهان،

اِيهين ڪِجِ پاتِڻي، جِنهن پَرِ پِرِينَ مِڙان،

ڪاروُن ٿِي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُئا.

 

(2)

هَڙَ ۾ ڪِينَ هُيون، هونهَئين هُنِ نَه چاڙِهيا،

سارو ڏِينهُن سَمُونڊَ تي، لَهِي سِجُ ويونِ،

جَڏِه سائِين سَبَبُ ڪِيونِ، تَڏهِ سُتَڙِ ٿِيا، سَيَدُ چَئي.

 

(3)

اَسان اُڌارا، آڻي آونَگَ چاڙهِيا،

مُنهن ڏيئي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا،

اُڀرَنِ سِيڪارا، پَسِيو وَرَ ٻِيَنِ جا.

 

(4)

مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِريَنِ پَڳَهه ڇوڙِيا،

ڪا مُنهِين ۾ گهَٽِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻُون.

 

(5)

مُون اُڀي تَڙ هيٺ، پِرِينَ پَڳَهه ڇوڙِيا،

ڪا مُنهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻون.

 

(6)

مُون اُڀي تَڙَ جهَلَ، پِريَنِ پَڳَههَ ڇوڙِيا،

ڪا مُنِهين ۾ آلَ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گھَڻون.

 

(7)

مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَههِ ڇوڙِيا،

هو اَللهَ هارا اُهَرِيا، آءٌ دَمِدَمِ دُعا ڪَندِياسِ،

آهَ نَه لاهِيندِياسِ، موٽِي اِيندا مُون گهَرين.

 

(8)

کِيڙائُن کارو، سَنجهيئي سارِيو،

آيَلِ اُمارو، آهِنِ پِريين پارَ جو.

 

(9)

کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽِيا،

سودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائو،

موتي جي مِهراڻ جا، تَنِ جا طاماعَو،

سامُونڊي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.

 

(10)

لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَنڪا جي اوهَرِيا،

سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊِينَ،

پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،

وَي ڀاڳِ ڀِڙَن، جي ڪَهيا ڪارونڀارَ ڏي.

 

(11)

وَڻِجارَنِ وَري، پِرِهُ پَڳَہَ ڇوڙِيا،

اولِيُون پَسِي اُنِ جِيُون، پِئَڙَمِ ڳَچَ ڳَري،

وِيندَيسِ ماءِ مَري، ساري سامُونڊِينِ کي.

 

(12)

وِڻِجارَنِ واري، پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا،

کيڙائوُ کاري، سَنڀُوڙا، سَيّدُ چَئِي.

 

(13)

وَڻِجاري وائِي، سَدا آهِ سَفَرَ جِي،

آيَلِ اِيهائِي، مُون مارِيندي ڳالَهڙي.


 

(14)

وَڻِجارَي جِي ماءِ، وَڻِجارو نه پَلِيين،

آيو ٻارهين ماهِ، پُڻِ سَفَرِ سَنَبهي.

 

(15)

وِڻِجاري ڪانڌاءُ، مُون وَرُ ويٺي گهارِيو،

لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِيو هَلَڻَ جِيون ڪَري.


 

(16)

جي تُون وِڻِجارو ڪانڌُ، ته مُون هَڏِ مَ لائُون لِڌِيُون!

پَرَڏيہَ مٿي سانگُ، اَٺَئِي پَهَرَ جِنهن ڪِيو.

 

(17)

پَرَڏِيهِه پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،

مان تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجهِي گُوندَرِين.

 

(18)

ٿِيا ڏياريءَ ڏِينهُن، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جِي ڪَئِي،

مُون سر وٺا جيڏيُون، ڏُکَنِ سَندا مِينهَن،

ڪَيَسِ نِماڻي نِينهنَ، کاري کيڙائُنِ جي.

 

(19)

کارو جي کيڙِين، سيئِي منهنجا سُپِرين،

رُوئان رَهَنِ نَه لِکَ سِينءَ، جهَلِيان جهَلَ نَه ڏِينِ،

وِرهَ ويڌ ڪَرينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.

 

(20)

ڏِٺي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سنباهِيا،

وِجهِيو وَرُ وَنجههَ کي، روئِي وَڻِجاري،

مارِيندَءِ ماري! پِرَهَ سُورَ پِرِينِ جا.

 

(21)

ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،

اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،

وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَرِيين پارَ جي.

 

(22)

ٿِي ڏِياري ڏيٺِ، ڍولِيو هَلَڻَ جِي ڪري،

مَکِيو پَنهنجي مَڪُڙي، چيٺي چَڱِيءَ چيٺِ،

رُوئان رَهَنِ نَه سُپِرِين، جانڪِين جهَلِيان بيٺِ،

مُون سِين ڪَري ميٺِ، سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا.

 

وائي

 

(1)

آئين اچِي پَسو، جيڏيُون! ووءِ! هِي جو وَهُ مُنهنجي جِنَدَڙي.

پائي وِئَڙا پيرَ ۾، منجهان کَرِسَ کَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِنَدَڙي.

ڏيئي وِئَڙا ڏاهِ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.

آءٌ ڏورِيندي اُنِ کي، ڏيئي تَنَ تَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ  منهنجي جِنَدَڙي.

ساءُ نه آيان سُورَ جو، هاڻي ٿِيون هَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.

مَتان وِهو، ويسَرِيُون! رِڙهو تي رَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.

مُندائتي مِينهَن جِئن، ويروتارِ وَسو،

ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.

 

 

وائي

 

(2)

آئين مُون کي، زورِ مَ جهَلِيو، جيڏيُون،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

اُونهي وِئَڙا اُوهَري، تَرازُون تاري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

مَري رَهَنديَسِ ماڳِهِين، سامُونڊي ساري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

سُورُ تُنهِنجو سُپِرين، مُون مَعذُورِ کي ماري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

هاڻِ نَه جِيان جِيڏيُون، آئُون ڪُٺَيِسِ ڪوهِياري،

ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.

 

وائي

 

(3)

آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئن؟ مُنهِنجو نِينهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

وِيو وَڻِجارو اوهَري، مُون کي چاڙهي چِيئَن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

سامُونڊيَنِ جي سَڱَ کي، روُئان راتو ڏِينهنَ،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

اُڏوهِيءَ جِئن ڏُکڙا، چَڙهِيا چوٽِيءَ سِيئن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

گُوندَرَ مَٿاءِ ڄِندَڙي، وَرِيا وَلِنِ جِيئن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

مادَرِ پائي مَنڊِيُون، وَڃان هاديءَ سِيئن،

مُنهِنجو نِنهُن اَپَلِيو نَه رَهي.

 

 

داستان ٽيون

 

(1)

جي وِيا پِهرِئين پُور، آهِيان گهوري اُنِ جِي،

سامُونڊيڪو سُورُ، ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين.

 

(2)

سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،

ڪو ڏيههُ چِتايو، اونهي وَڃَنِ اوهرِيا.

 

(3)

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيُون،

اَٺِئي پَهَرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪنهن سَفَرَ جو.

 

(4)

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيُون،

مُون اُڀيئِي هَليا، بَندرَ جَنِ تَڙَن،

سرِتيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو جِندَڙي.

 

(5)

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻجارا وَڃَڻَ جِيُون،

هَلَڻَ هارا سُپِرِين، روُئان تان نَه رَهَنِ،

آءٌ جهَلِيندي ڪيتَرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،

پَڳَههَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.

 

(6)

لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،

مَڙِهيو مَنجهاران، جِيءُ مُنهنجو جَنِ سين.

 

(7)

چِتان جي نه چُرَنِ، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،

مُون مَنُ آهي تَنِ، مَڙِهيو منجهارا هِينئين.

 

(8)

تَڙين تَنوارِين، ماءِ سامونڊي آئِيا،

مُون کي جِيارين، وايُون وَڻِجارَنِ جيون.

 

(9)

اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَههَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِيا،

آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آهِ اَڙانگِي جُوءِ،

ڪَڏِهن ڏِسَندِيَسِ رُوءِ، وَري هِنِ اَکِين سين.

 

(10)

لَڳِي اُتَرَ هِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،

نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،

هينئڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائَنَ جِي.

 

(11)

لڳي اُتَرَ اُهَرِيا، واهُوندَنِ وَرَنِ،

آءٌ گهَڻوئِي گهورِيان، سان سودو سامُونڊِنِ،

اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.

 

(12)

اَڱَڻِ آيا جان، ته سَرَتِيوُن مون سُکَ ٿِيا،

اَمُل پِرِين مَٿان، ٻُرَڪِيو ٻِئَنِ ڏِيان.

 

(13)

آئِي اُتَرَ مُندَ، هينئين اُڊڪو نَه لَهي،

وَٽِين لاڄُوبَندَ، ٻِهَرَ مَکِنِ ٻيڙِيُون.

 

(14)

لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙه اُپَٽِيا،

ڪارَن تَنِ پِرِينَ، ويٺِي واٽَ نِهارِيان.

 

(15)

سِڙه سُڃاڻِيو چوءِ، ”ماءِ، سامُونڊي آئِيا،

مانَ منهنجو هوءِ، جاتِي هِنَ جَهازَ ۾.“

 

(16)

سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرجَنَ تَڙَنِ تي،

سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوها کَنيائُون،

بَيرَقُون بَحَرن ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون،

لَهَرِيُون لِنگهِيائُون، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي.

 

(17)

سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَجَنِ تَڙَنِ تي،

مُلا مُعلم خَبَروُن، پُڇِي پُورِيائُون،

سُتَڙ سوٺِيائُون، اوَتَڙَ ڪِنهن نه اولِيا.

 

(18)

بَندَرَ ديسان ديس، مُلُ نه مِلي واريين،

فَقِيراڻي ويس، اَمُلَ ڏِينِ اَتورِئا.

 

(19)

پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، اُن ڪي سِڙَه وِيندا گَڏِيا؟

اُڪَنڍَ مُون اَپارَ، شالَ منهنجا موٽِيا.

 

(20)

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِين، وَهُون وِڻِجارَنِ جِيُون،

آڻِيو آکا ڏِينِ، کَٿوري سَمُونڊَ کي.

 

(21)

جَنِين ڪارَڻِ مُون، ٿي تَڙَ پُوڄارا پُوڄِيا،

پُنِيَمِ اُميدُون، سيئي سَڄَڻَ آئِيا.

 

(22)

وائُنٽِيُون ٿِيُون وَرَڪَنِ، اَڃا سِڙَه نه پَڌرا،

سيئي ٿِيُون مَرڪَنِ، جُنِين سَندا آئِيا.


(23)

کُوهَنِ سِرِ وانئٽِيُون، وائُنٽِينِ سِرِ ڳَنڍَ،

کيڙي کيڙي کَنڊ، ماءِ سامُونڊي آئِيا.

 

(24)

جَرِ ٿَرِ ڏِيا ڏي، وَڻِ ٽِڻِ ٻَڌي وائُنٽِيون،

”اَلا! ڪانڌُ اَچي، آسائِتِي آهِيان.“

 

(25)

جا جَرِ جاٽُون نَه ڏِئي، ڏِيا نَه موهي،

سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جِيُون.

 

وائي

 

(1)

پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جي جهَلِينديُون،

سي نَه پُڄَندِيُون.

ڀَلِي ڪَري آئِيو، ٺاٺارو ڏيهان،

سي نَه پُڄَندِيُون.

ڀَڳي ڪُٽِ سَڄي ٿِي، لَٿي جاڪِ ڳَران،

سي نَه پُڄَندِيُون.

سَرَتِيَنِ سُور پِرائيا، هاڻي هِنَ هَنڌان،

سي نَه پُڄَندِيُون.

تان ڪِين واسُ وِهائِيو، ٻاروچي مُلان،

سي نَه پُڄَندِيُون.

تان ڪِين ڏونَگَرُ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندرَ ساهُ،

سي نَه پُڄَندِيُون.

مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون هَڏِ آڇ مَ ماءُ،

سي نَه پُڄَندِيُون.

 

وائي

 

(2)

تَڙَ نِهارِيان تي، مُنهنجا بَندَرِ وِئَڙا جي،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.

اُڀي اوسَہِ پائِيان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.

گهَڻُون اُڪنڊي آهِيان، پِرِينءَ پَنهنجي کي،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.

آسائِتي آهِيان، اَلا! ڪانڌُ اَچي،

مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.

 

سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جِيُون.

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com