سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر ليلا چنيسر

صفحو :21

 

 

 

 

سُر ليلا چنيسر

 

داستان پهريون

 

(1)

داغُ تُنهنجو داسَڙا، جيري مَٿي جَنِ،

تُون ڪِئن مَٿان تَنِ، چَنيسَرَ! چِتُ کڻين.

 

(2)

داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورِين،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! وَڃِجِ مَ ڏوُرين،

آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾.

 

(3)

مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻان هار،

ڀِري جي ڀَتار، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.

 

(4)

مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻِي هار،

سو ڀِي! سُک سَيّدُ چَئي، ڪَرِيين ڪوهُ قَرار؟

 

(5)

راجا رِيساڻون گهَڻون، سَٽاڻون سَردار،

چؤڏِس چَنِيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهه ڏَهڪار،

ٺاڪُرُ اَکيين ٺارِ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين!

 

(6)

چَنيسّرُ چؤرَنَگ، ٻَرِنگو لوڪُ ٻِيو،

تنهن سين ڇِنِيو سَنڱُ، وڃيو هار هَٿ ڇُهين.

 

(7)

مَڻِيي تي موهِجِي، مُوڙهِي ڪَيُئِي مُرَڪ،

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَق،

وَري وِيو وَرَق، آيُئِي ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو.

 

(8)

مَڻِيي تي موهِجِي، هاري! ڳِيڙُءِ هار،

ڪوڙيين ڪيا ڪيتَرا، اِنَهِين خَرّ خُوار،

ڀِري وِيو ڀَتار، آيُئِي ڏَنؤُن ڏُهاڳَ جو!

 

(9)

مَڻِيي مَٿي جي هُئا، تَن چِٽَنِ ڦيريُمِ چِتُ،

هار کَٽَيندِيَسِ هوڏَ ۾، نِيبَہُ ٿِيندُمِ نِتُ،

ڪَونروءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.

 

(10)

مَڻِيُون ناهِ مَڻِيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرِکِئين،

اَصل آهي آڳهين، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،

اِنَ گهوڙَنِ هَنئي گهَڻِيُون، دوسَنِئا دوُر ڪيُون.

 

(11)

تو جو ڀانيو هار، سو سُورَنِ جو سَڳَڙو،

چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِيو پورِهَيتِ جو پار،

اَوڻَتِ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪهين سين مَ ڪَري.

 

(12)

نَه ڪِين ٻانهِڙِينِ ۾، تَه ڪِين ڳَرِ هُيومِ،

نهَ مُون سِينڌِ، نَه سُرمُون، نَه سِينگارُ ڪيومِ،

تيلانهن ڪانڌ سَندومِ، رُکوئِي رَي ڳِڙي.

 

(13)

سونا ڪَرّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ،

ٻانهوٽا ٻاهُنِ ۾، سينڌ سَڻَڀا وارَ،

تيلانهن پِيّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجِي ڇَڏِيِي.

 

(14)

چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِين جو اَڳَ هُئو،

تِهان پوءِ ٿِيو، مَڻِيي تي ٿِي مامِرو،

 

(15)

جَرُ هارِيو ٿي جَکَري، جَڏِهِن رُنو ڏيريدارَ،

ڍولي تَڏِهن ڍيلِيين،  سوڀِي، ٿِئي نَه سارَ،

چَنيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِيو هارَ جو.

 

(16)

اُو ڏَمَرِيو ڏِسُ، حِيلو هوُنهئين هارَ جو،

سِڻهو، سَڀَ سَرَتِيُون، وَرُ نَه ڪهِين وَسِ،

دعويٰ پِهرئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.

 

(17)

پُوچا ڏِٺَمِ پيرَ، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،

مُون ڀانئِيو تنهن ويرَ، ڪوجهِي ڪَندو پِرِتِڙي.

 

(18)

سَوَڙِيين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهو وِلارِيو،

چَنيسَرَ ڪانڌاءِ، تان مُون هِئَن نَه ڀانِئيو.

 

(19)

ڍولا ڪُڄاڙِيان، ٻولائِيو ٻوڏُ چُئين،

آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَر موڙِيو، وَرَ! اُٿِيان.

 

(20)

نئون، ٻَڌِيو، روءِ، آڱڻِ جهوڪِيو ڪَرَهو،

ڪو چَنيسَرَ چوءِ: تَه لِيلا وَڃِي لَڏِيو.

 

وائي

آءُ، پِرِين، گهَرِ پيهِي، مِيان چَنيسَرَ!

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

پُڇَنِ لِيلا، هو ڪَنِ حِيلا، پَهَران آچِيو ٻيئي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

دوسُ نِيائُون داسَڙو، ويساهي وَرُ ويهِي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

اَوڳَڻَ عَيب، مَٺائِيُون، ڍولا، ڍَڪِ سَڀِيئي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

تو دَرِ اَچِي، داسَڙا، آري ڪَريندِيَسِ ڪيهِي؟

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

 

داستان ٻيو

 

(1)

ٿِڙڪِي، پَسِي ٿوڪُ، ترِڪِي، تَڪَبُّرَ ۾ پَئِي،

اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَلِي“، چَئي لِيلا کي لوڪُ،

اَندَرَ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِيائُونسِ سوڪُ،

ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسري.

 

(2)

جيڪَسِ ڪَمَ سَندامِ، جوُٺا ڏِٺا جيڏِيين،

کِلَنِ سَڀِ مَٿامِ، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون.

 

(3)

هُئينءَ ته گهَڻُون هُشِيارُ، ڪَلَ پِ هُيَئِي ڪانڌَ جِي،

تو ڀانيو موچاري ٿِيان، ڳِچِي پاڻي هارُ،

ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نَه وڻِي، سَئين ڀَتين سِينگارُ،

وَهَمَ لَهي وِينجهارُ، دِلِيُون پَرکي داسَڙو.

 

(4)

چان ڪي چَڙَهندِيُسِ کَٽَ تي، رِيجهائِيندِيَس راءُ،

اِهَڙوئِي اَللهُ، جو پورِهيَتُون پِيشِ ڪَري.

 

(5)

ڏاهِي هُيَسِ ڏيههَ ۾، سَرَتِينِ مَنجهِه سُڄاڻِ،

ڪا جا پِييمِ ڪاڻِ، جِئن مُنهُن مَٿاهُون نَه کڻان.

 

(6)

اَلا، ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ،

مُون سين مُون پِرِينِ، ڀورائِي ۾ ڀالَ ڪِيا.

 

(7)

وَڏِيري هُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين،

هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙي ڪانڌَ ٿِياسِ،

ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو!

 

(8)

وَڏيري هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،

دُهلِين، دَمامين، نَقرين، ٿي پَلپَلِ پُڇِياسِ،

ڍولي ڍيلياسِ، ٿِيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيههَ ۾.

 

(9)

هُيَسِ هِندورَنِ ۾،  پييَمِ ڪانَه پَروُڙَ،

مَڻِيي سنَدي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،

سامُهان ٿِيم سُورَ، ويو وِلُٽي وَلَهو.

 

(10)

ڏُهاڳان سُهاڳِڻِيون، ڪِهَڙي ڏوهِ ڪَنبَن،

وَرُ وِڏوُڻون اِينهَئِين، جِئن جِئن پاڻُ پَسَن.

 

(11)

گهورِيو سو سُهاڳُ، جِنهن ۾ پَسين پاڻَ کي،

ڏوري لَههُ ڏُهاڳُ، جِنهن ڪَرلاهُو داسَڙو.

 

(12)

سارِجِ سَڀِيئي، لِيلا، لَکَڻَ پانهِنجا،

وَرُ سين وِڙهيو اُٿِيين، ڏوراپا ڏِيئي،

نَه ڄاڻان ڪيهِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.

 

(13)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، لَکايوءِ،

تو جو ڀانيو پانهنجو، تنهنجو پَرو ڪونَه پِيوءِ،

ڪَؤنَروءَ ڪانڌ سَندوءِ، دَستِ ڪيو داسَڙو.

 

(14)

لِيلا، جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرُ ساڻُ،

وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِيين، مُوڙهِي! مُٺِيءَ پاڻُ،

ڀوري، ڪَيئي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنئُون ڏُهاڳَ جو.

 

(15)

لِيلا، جِمَ لَکائيين، سوڀِي، ساڻُ سُڄاڻَ،

آهِيين گهڻُون اَڄاڻَ، مَڇُڻِ پُوري نَه پُئين.

 

(16)

لِيلا، پُوري نَه پُئين، چَئي چَنيسَرَ ساڻُ،

تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ،

پاڻان ڌار پِرِياڻُ، ڪانڌَ ڪِنهنجو نَه وَڻي.

 

(17)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، تُون مَ لَکاءِ،

دوسُ تُنهِنجو داسَڙو، کاندِ وَڏِيائِي کاءِ،

تَه ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.

 

(18)

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! لَکاءِ مَ تُون،

اِيُ ڪانڌُ ڪنهنجو نَه ٿِئي، نَه ڪا مُون نَه تُون،

رؤنِديُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.

 

(19)

لِيلا حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي سِکيين،

پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻو غَرِيبيءَ گَڏِ،

هَڏِ نَه چُوندءِ لَڏي، جي ڪاروُن آڻيين ڪانڌُ کي.

 

(20)

جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌُ کي، تَه روئِي رِيجهائيجِ،

لِيلا، لِيلائيج، اَٿئِي ماڳُ مِنَٿَ جو.

 

(21)

جي لِيلائي نَه لَهين، تَه پُڻِ لِيلائيجِ،

آسَرَ مُ لاهيجِ، سَڄَڻُ سٻاجها گهَڻُون.

 

وائي

مُون تي وَهَرَ وَري، وارو ڏِيندُمِ وَلَهو،

توکي ساري، سُپِرِين، آئُون پُوندِيَسِ ماڳِ مَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.

توکي سَري سُپِرِين، آسان تان نَه سَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.

اَسان توري ناهي ڪا، ڳُجهاندَرَ ڳَري،

وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.

 

داستان ٽيون

 

(1)

چَنيسَرَ سين چاڳَ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

جان مُون پوءِ پَروڙِيو، ته هي نَه ماڻي ماڳ،

ڏَمَرِيو ڏُهاڳ، سِگهو ڏئي سُهاڳِڻِين.

 

(2)

چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

ڪانڌَ ڪنهين جو نَه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،

جي ٿِڙي ٿورَڙِياءَ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.

 

(3)

سَڀِيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀِني ڳِچيءَ هارَ،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، سَهَسين ڪَنِ سِينگارَ،

ڍولُ تَنِين جي ڍارَ، هيٺاهِيُون هَلَن جي.

 

(4)

سَڀِيئي سُهاڳِڻِيُون، سَڀنِي ڳِچِيءَ هَس،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَس،

ڍولَ تَنِين جي گَس، هيٺاهِيُون هَلَنِ جي.

 

(5)

سَڀِيئِي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي مُنهَن جَڙاءُ،

سَڀَڪِنهن ڀانيو پاڻَ کي، ايندو مُون ڳَرِ راءُ،

پيٺو تَنِ دراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيُون.

 

(6)

اَوَڳُڻِ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيُسِ، داسَڙا!

جِئن تو رُسَڻَ سَندِيُون رُوحَ ۾، تِئن مُون ڀيڻِي ناهِ، ڀَتار!

سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.

 

(7)

جي مُون موُڙهِي مَتِ، ته پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

اَصلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِيين تُون اَتِ،

اِيَ، پِرَا تُنهِنجِي پَتِ، جِئن وِلِهيُون ڍَڪِيين، وَلَها!

 

(8)

لَکڻَ ڪِيمَ لَکيجِ، جي مُوراهِين ناهِ مُون،

مُون کي مَلهائِيج، وارو ڏيئِي، وَلَها!

 

(9)

تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جي داسَڙا،

تُون مُنهِنجو وَلهو، آئُون تو ۾ طَمعدارِ،

ڍَڪي، ڍول! گُذارِ، لڄَ مُنهِنجي لوڪَ ۾.

 

(10)

ڍولا! ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻي آهِيان،

سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين! ڀيري وِڌِيُسِ ڀُون،

مُون وَرُ تونهِين تُون، تو وَرَ وَهُون ڪيتَرِيُون.

 

(11)

تو، وَرُ! وَهُون ڪيتَريُون، مُون وَرُ تُون وَريجِ،

سو ڀِي اِنَ سُهاڳَ کي، ڀوري ڀَرُ مَ ڏيجِ،

پِرِتان پيرَ ڀَريجِ، مَلهائِجِ مِسِڪين کي.

 

(12)

ڪوڙئين تُنهِنجيُون ڪامَڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌ،

مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا، تَه وَڃان نَه وِڻِواند،

مُون ڳِچِيءَ ۾ پاند، تو چَنيسَر! هَٿَ ۾.

 

(13)

ڍولا! اولا تَه سَهان، آڏا اَڏيَئي جي،

تو، وَرَ! وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تُون وَري،

پِرِتان پيرَ ڀَري، مَلهَائِجِ مِسڪِين کي.

 

(14)

ناتو نماڻيءَ سين، مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو،

ڪونهي ڪَمِيڻيءَ جو، بِگر تو بِلو،

تُنهنجو نامِ نِلو وٺيو ويٺِي آهيان.

 

(15)

لِيلا، لَڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي آڱَڻُ سورِ،

اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِين تان.

 

(16)

لِيلا، لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي، سورِ ٻُهارِ،

ڍوليو اَڱَڻِ پارِ، ڪانڌَ ڪَميڻيءَ آئِيو.

 

وائي

جِيَري زِيارَتَ، جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

سَڌَرَ مُنهنجا سُپِرِين! مُون تان لاهِ مَ هَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

مَؤلا! مُون کي ميڙيِين، سُپِيريان جي سَٿَ!

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڇَنڊيان کِہَ اَکِينِ سين، پيرين وِجهان هَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڏوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، سَچِي جَنِ صِفَتَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

مِلَڻَ ۾ مُشتاقِ سين، ڪانَه ڪِيائُون ڪَٿَ،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!

ڪوڙئين تُنهِنجيُون ڪامَڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌ،

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com