سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر ڏهر

صفحو :23

 

 

 

 

 

سُر ڏهر

 

داستان پهريون

 

(1)

ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون،

ڪِئَن سي راتِڙيُون، ڪنهن پَر ڏِينهن گُذارِئين؟

 

(2)

ڪَر ڪا ويهي ڳالههِ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِين جِي،

هِهڙي اَڄُ تُون حالِ، ڏُکِيا ڏينهن گُذارِئين.

 

(3)

ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِيو؟

مَڃر تو مَنجهان، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳا ڪِيو.

 

(4)

ڪَنڊا ڪُڄاڙِيان، اُڀو آهِيين ريلَ ۾؟

پِرِيَنِ پُڄاڻان، سُڪِي ٻانهگر نَه ٿِئين.

 

(5)

ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، جي تو هُئڙو سُورُ،

لامُن مَٿي ٻُورُ، هُوند نَه چاڙهيئي هيترَو.

 

(6)

جي تو هُئڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو،

پاڻان ڏيئِي ڏَڍُ، مُورئي مَڃر نَه ڪَرِئين.

 

(7)

ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏِهن ڀَرِيو ڍورُ وَهي،

جَسودَن جيڏو، تو ڪو گَڏيو پَهِيَڙو.

 

(8)

سَچُ ڪي سُڪو ڍور، ڪَنڌي اَڪَ ڦُلارِيا،

جُنگَنِ ڇَڏِيو زورُ، سَر سُڪو سُونگِي گَيا.

 

(9)

جَڏهِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَلِيَار ۾،

تَڏِهن تازَڙِين طوُر، هُئو جَسُودَنِ سين.

 

(10)

سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪَنڌيءَ ڏِنو ڪائو،

پاڻِي پَٽِيهل ۾، اَڄُ آڳِيُون نَه آيو،

ماڙهُنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻيِين.

 

(11)

پَٽيهل تو ۾ پُور، اَڳِيُون آهه نه آب جو،

سُڪيئَن ڪهڙي سورِ، پِيَئِي واري وچ ۾.

 

(12)

ڍورُ نَه آڳِينءَ ڍارَ، مَهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو،

موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،

جَسودَنِ جيها يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.

 

(13)

جان واهُڙَ ۾ وَهه، تان تُون مَڇَ نَه موٽِيو،

ڪائي ۾ ڪوههُ ڪَرِئين، پوءِ موَٽَڻَ جو پَههُ،

سِرَ مَٿي تُون سَههُ، مَهميزوُن مَلاحَنَ جُون.

 

(14)

جان جَرُ هُئِڙو جالَ، تان تُون مَڇَ نَه موٽِئين،

پُوندئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهه، سانڀويُون سانگِن جُون.

 

(15)

جان جَرُ هُئَڙو سِيرُ، تان تُون مَڇَ نَه موٽِئين،

اَڏا اَڏي ڪِيرَ، گهَٽَ به جهَلِيَئِي گهاتُئين.

 

(16)

مَتو آهِين مَڇَ، ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين،

جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تِنهن پاڻِيءَ پُنان ڏِينهَڙا.

 

(17)

ڏُوران پَسِي ڏورِ، وهين جي وهروُن ڪَري،

هُوندَ نَه وِڌئِي هورِ، ماڻڱَرِياڻي مَڇَڙا.

 

(18)

ڪُنڍي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏِهن هَنئي جَنِ،

موٽِي مُون پِرِيَنِ، ڪَڍَڻَ جِي ڪانَ ڪَئِي.

 

(19)

ڪُنڍي ڪَلِينِ وِچَ ۾، جَڏِهن هَنيائُون،

موت نَه مارِيائُون، ڏور وِجهي وِيا ڏُکَ جي.

 

وائي

لائي جا وَرَنَ کي، سا ڪانڌَ مُنهِينجي ڪورا.

ماءُ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين، هوتاڻِيَنِ جا هورا،

سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.

سيڻين سِر کَنڊُ سَپَڄي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتوارا،

سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.

ڇَپَرُ کَٿُوري ٿِيو، ٻِي تازي ڦُلَنِ ڦورا،

سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.

 

داستان ٻيون

 

(1)

ڌَڻِي سو وارِئين واءُ، جو ميڙائُو سَڄڻين،

وَنهيئَن واٽَ مَٿاءُ، هِنئڙي آسَر نه لَهي.

 

(2)

مَدِيني جا مِير، سُڻ منهنجا سَڏڙا،

سَرڻ تُنهنجي سِير، تُون پار لَنگهائِين پَيَڙا.

 

(3)

مَدِيني ڌَڻِي، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

تُنهنجي آهِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌي سارِيان ڪانَڪا.

 

(4)

مَدِيني جا گهوٽ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

ڪِج مُحَمّدَ موٽ، عاصِي تُنهنجي آسَري.

 

(5)

مَدِيني جا شاهَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

ڪارڻ لَڳ اَللهَ، سِگهو رَسج سُپِرِين.

 

(6)

مَدِيني جا ماهَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

ٻيو نَه وَسِيلو واهَ، آهِيان تُنهنجي آسري.

 

(7)

مَديني جا شير، سُڻ مُنهنجا سڏڙا،

ڀَر مُبارَڪ پير، عاصِي تُنهنجي آسري.

 

(8)

مَدِيني جا ڄامَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،

آهِيان تُنهنجِيءَ سامَ، سِگهو رَسِج سُپِرِين.

 

(9)

اَلله جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسرو،

خالِق! تُنهنجِي کاند جو، پَرو پاند نَه ڪوءِ،

نالو رَب سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.

 

(10)

مِٺو جِئَن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسَرو،

ڪو دَر ناهِ جِهوءِ، مُون ٻِيا دَر گهَڻا نِهارِيا.

 

(11)

عَجب جِهڙي آهِ، صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي،

وَڏي سَگهَه سَندِياءِ، پاڻَ وَهِيڻُون آهِئين.

 

(12)

عَجَبُ ڏِٺِي سُون، صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي،

پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون،

جَيڪَرَ اَچِين مُون، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.

 

(13)

سَترُ ڪج سَتارَ، آئُون اُگهاڙي آهِيان،

ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناههَ جو.

 

(14)

وَڏي سَگهَه سَندِياءِ، ٻاجُهنِ ڀَرِيو آهِيين،

مُون تان مِهَر مَ لاهِ، آئُون تُنهِنجي آهِيان.

 

(15)

سَترُ ڪَر سَتارَ، آئُون اُگهاڙي آهِيان،

ڍَڪِج ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناههَ جو.

 

(16)

جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجهَه پِ اوڏيائِي مَڱان،

ري ٿَنڀِين، ري ٿُوڻِئين، تُون ڇَپَرَ تُون ڇانءِ،

ڪڄاڙو ڪَهانءُ، توکي مَعلُومُ سَڀڪا.

 

(17)

ناتو نِماڻيءَ سين، مَ ڪَر ڍول ڍِلو،

ڪونهي ڪَمِيڻِيءَ جو، بِگَر تو بِلو،

تُنهنجو نانءُ نِلو، وَٺِيو ويٺِي آهِيان.

 

وائي

مون کي نِنڊ نَه نيڻين نيڻين، ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾،

موٽُ آيَلِ ماءِ مُنهِينجي، تان تو ڏُکُ نَه ڪيڻين ڪيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

هوءِ نَه نِينِمِ پاڻَ سين، آئُون تان وِيندَڙي سيڻين سيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

ڪالهُوڻِيان اَڄ گهَڻِي ڪَر، جهورَڙي جهيڻين جهيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

ٻِيُون سَڀ واڳِيُون وَرَن سين، آئُون واڳَڙي ويڻين ويڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

هِينئڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتَڙو ڪيڻين ڪيڻين،

ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.

 

داستان ٽيون

 

(1)

ڪَر ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجهُري،

پرِيِن تُنهنجي پاندَ، ڍولا ڍڪي آهِيان.

 

(2)

جيئن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تئن آئُون وَر وِلِهِي نَه ٿِيان،

پَکِي ڇنان پاندَ، ڳَنڍ نَه ڄاڻي ڪو ٻِيو.

 

(3)

ڪانڌَ ٻِيَن ڪيترا، مُون وَر وَڏي وَٿُ،

مَٿان ڏِيئي هَٿُ، جنهن عَيبَ مُنهنجا ڍَڪِيا.

 

(4)

ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي جُوءِ،

لوڪ نَه اَڇِي اُوءِ، جي ڏِسي عيب اَکِيَنِ سين.

 

(5)

ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي کاند،

پاڻان ڍڪي پاند، جي ڏِسي ڏوهَ اکين سين.

 

(6)

ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي ذاتِ،

لوڪَ نَه اَڇِي وات، جي ڏِسي ڏوهَ اَکِيَنِ سين.

 

(7)

هي تان ٿورَڙِيُون، جي تو ڀوري ڀانئِيُون،

راتِيُون ٻِيُون گهَڻِيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪَلي.

 

(8)

وَرَ سين وِجِهيو ڪاڻِ، کَرَسين کِلُون پائِيين،

ڀوري مُنڌ اَڄاڻ، ڪَڻ ڇَڏِيو تُههَ ميڙئين.

 

(9)

سُتا اُٿِي جاڳَ، نِنڊَ نَه ڪِجي ايتَري،

سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪَندي نَه ملي.

 

(10)

ڪي سُمههُ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَه ڪِجي ايتَري،

اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيهه ڀانئِيو.

 

(11)

جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آهي اَدا جَنِ کي،

لاهي جو لَطِيفُ چَئي، مَٿان قَلب ڪَسُ،

وَرنَههَ ڪِجا وَسُ، صُبحَ ساڻ سَيّدَ چَئي.

 

(12)

سُتي نَه سَرَندِياءِ، ڪَر پَچارَ پِريَن جِي،

وِهامِي وِيندِياءِ، گهَڻا هَڻَندين هَٿَڙا.

 

(13)

سُمَهَڻان ساڙو، جيڏيُون جيڏوئِي ٿِيو،

پِريَنِ سين پاڙو، منهنجو نِنڊَ نِبيرِيو.

 

(14)

سُمَهَڻان ساڙو، جيِڏِيُون جيڏو ئِي ٿِيو،

هوتُ لَنگهِيا هاڙهو، تُون اَناسِي اوجهَرِين.

 

(15)

پِرهَ ڦُٽِي رات وَئِي، جهِيڻان ٿِيا نَکَٽَ،

هاري وِيئِي وَٽَ، گهَڻان هَڻندين هَٿڙا.

 

(16)

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين، ڇَڏِيو پِيّ پَچارَ،

ڀانيُئِي سَڀُ ڄَمارَ، سَڄڻ هُوندا مان ڳَري.

 

(17)

ڍول مَ کَڻِي ٻانهڙي، پِرههَ مَ کَڻي پاندُ،

آئُون پانهنجو ڪانڌُ، لَوڪان لِڪِي رانئِيان.

 

(18)

ڦِرِيا پَسِي ڦِيڻ، کَرِيَنِ کِيرُ نَه چَکِيو،

دُنيا ڪارَڻ دِين، وِڃائي وِلَها ٿِيا.

 

(19)

مُسَنِ مُنهن سَنرا، کَرِيا گهَڻُون کِلَنِ،

سي تان وِسَرِيَنِ، آيا جِنِ ڪَمَنِ لَئي.

 

وائي

مُون سين هوتَ نَه ڪَندڙا هِينئَن، ماءُ ڄامَ نَه ڪَندڙا هِنئين،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرِين.

هوتَنِ جي هيڪاندَ کي، روُئان راتو ڏِينهنَ،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.

ڇيڙي وِڌيَسِ ڇَپرِين، وو! ٻاروچاڻي نِينهَن،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.

لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينهَن،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.

مُون کي پِرِينِ ميڙِئين، روجهَڙِيُون ميڙِئين مِينهَن،

اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.

 

داستان چوٿون

 

(1)

روه راماڻا ڪَنِ، اَڄ پُڻ هَلَڻَهارِيُون،

ڪَر ڳَلُ ڪُونجَڙِينِ، رائي ۾ رات ڪِيو.

 

(2)

قِسمَتَ آندي ڪُونجَڙي، وَطَنَ سَندُس روههُ،

ڪِنهن جو ڪونهي ڏوههُ، رِزق رازِق هَٿَ ۾.

 

(3)

وَڳَرَ اُڪيري، سَرُ سارِيو سُورَ چَري،

جهُري جهِڄَندي ڏي، سِنيها کي سَڄَڻين.

 

(4)

وَڳَرِ وِساري، ويٺئَين ڪِئن ماٺ ڪَري،

ڪِ تو، نَه ماري، رُڻ جهُڻ سَندي سَڄَڻين؟

 

(5)

وَڳَرِ وِيا وَهِي، ڪالَهه تُنهنجا ڪُونجَڙي،

ڪَندين ڪوههُ رَهِي، سَرَ ۾ سُپِرِينَ ري؟

 

(6)

روههِ نَه وِئين راتِ، ڪوههُ نَه ڪُرڪِين ڪُونجَڙي،

اَڄ توهِين جِيءَ تات، سَرَ ۾ سارَڻَ آئِيُون.

 

(7)

وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرت نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،

پَسو پَکِيڙَنِ، ماڙُهِنئانَ ميٺُ گهَڻُو.

 

(8)

وَڏي وَڳَرَ هيرُئِين، چُڻِي نَه ٻِينَ گَڏ،

ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏَ، ويئِي وِهامِي راتَڙي.

 

(9)

مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين چاڪَ،

ڦَٽِيُون جي فِراقُ، سي گهَر گهارِينديُون ڪيتَرو.

 

(10)

مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين سَلَ،

ڳوڙها مَٿي ڳَلَ، جِمِ وِهاڻيءَ وَهائِين.

 

(11)

ڪُونجَڙي ڪالَهه لَنئِي، سَڄڻ وِڌُمِ چِت،

آئُون جَنهِين ري هِت، گهَنگهَر گهارِيان ڏِينهَڙا.

 

(12)

اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالهُوُنڪَر ڪُونجَ ڪَري،

پِرِين پَسِي مَنجههِ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.

 

(13)

ڪُونجُون ٿِيُون ڪُڻڪَنِ، جُڪُسِ هَلَڻَهارِيُون،

ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.

 

(14)

آيُون ڍور ڍري، اَصل سَندي آسري،

کِڙي هَرَ ڀُون کَري، پاڻان پيرَ ڏُکويا پَکڻين.

 

(15)

وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهه تُنهنجِي ڪُونجَڙي،

سَرَ ۾ سارِينَئي گهَڻُون، ڀينَرُ ۽ ڀائِي،

پَسِين نَه ڦاهي، جا ماريءَ سَندي مَنَ ۾.

 

(16)

چُڻي نَه، اُڀِي روءِ، سَنڀارِيو کي سَڄَڻين،

هِيءَ جهِڄَندي چوءِ، ته آئُون اُڪَنڊي آهِيان.

 

(17)

ڪُونج نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِين سين ڍَڪِيو،

ماريءَ ماري لَکَ، وَڳُرَ هَڻِي ويڇُون ڪِيا.

 

(18)

ماري مَرِين شالَ، ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون،

جِيئن تو اَچِي ڪالَهه، وِڌو وِچ وِرهن کي.

 

(19)

ڪُونجَ نَه لَکِيو ٻاڻ، جو ماريءَ سَندي مَنَ ۾،

اوچِتي ٻرياڻَ، وَڳَر هَڻِي ويڇُون ڪِيا.

 

(20)

بِغَلَ مَنجهه بَندوُقَ، ماريءَ ميرا ڪَپَڙا،

مارِيو مِيرَ مَلُوڪَ، لَاڙِيو لَڪ چَڙهي.

 

(21)

چيتان ڪيو چُڻيج، بَڊاماڻِيءَ بُٺ ۾،

نيڻين نِنڊَ مَ ڏيج، ڇيڙُون ڇَپَر آئِيُون.

 

(22)

سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيج سَنِيهَڙا،

سا هيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌئين.

 

(23)

ڪيرَ ڪَرِيندي رِيسَ، آيَل سَنگهارِنَ سين،

جنهين جي خَمِيسَ، واڻِيُون واري ڇَڏِيو.

 

(24)

ڪاڇي ڪاهِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟

مان تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجهِي گُونَدرِين.

 

(25)

ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، آيَل سَنگهارَنِ جِي،

مادَرِ اوءِ مَلوُڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪَري.

 

(26)

جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،

مانَ لَهنَئُون سارَ، وِچ وِلَهين ڏِينهَڙين.

 

(27)

ڌَڻ ڌارڻُ، ڌارِ رَهَڻِ، اِيءَ نَه سَنگهارَنِ سِٽَ،

ڪاهي اِيندا ڪَڏِهن، مَٿي وانڊِ وِهِٽَ،

جي هاڻون هُونَئِي مِٽَ، تَه بَه اُوڊو لاهِه مَ اُنِ جو.

 

(28)

جهِڄان پَسِيو جهوڪَ، آيَل سَنگهارَنِ جِي،

جَنِ ٿي پَهِي پِيارِيا، مَنجهان مَٽَن موڪَ،

لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِيا اُڪري.

 

(29)

جهوڪون نَه جهُڻڪَنِ، وَڳُ نَه پَسان وَٽ ۾،

آيَل سَنگهارَن، جيڪُس چِٽاڻو چِت ڪيو.

 

(30)

جي ڀانئين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين لَڏِ،

تَه هاڃي سَندي هڏِ، ڪُوڪَ نَه سُڻين ڪَڏهين.

 

(31)

جي ڀانئِين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين گهارَ،

جَنِين سَندي واڙ، چورُ نَه اَچي ڪَڏِهين.

 

(32)

جيڪا گهاري ماءِ، آيَل سَنگهارَنِ سين،

تَه رُکو مُور نَه کاءِ، توڻي هوءِ اَوڳُڻِي.

 

(33)

پَٽين پَڪُون پَونِ، ڀَرِيا ڀاڻَ هَٿَنِ ۾،

نيڻَ مُنهنجا روُنِ، سارِيو سَنگهارَنِ کي.

 

(34)

مَنڌِيُون مَٽين گُڙَنِ، جهوڪ به سُونهَنِ پَهيڙا،

سَندي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏِئين.

 

(35)

ڀُوريَنِ پاندَ ٽِمَنِ، جهاڳ جهاڳِي آئِيُون،

ڪاڇو مينهَڙِيَنِ، مُندائِتو ماڻِيو.

 

(36)

راءَ سين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجُنِ جاڙَ ڪِي،

ڪِئن ماڻِيندا سي، چوڏَهن چارو ڪَڇَڙو.

 

(37)

جاڳو جاڙيجا، سَما سُک مَ سُمَهو،

پَسو آن پارِئان، لاکو ٿو لوڙيون ڪَري.

 

(38)

ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابُ ۾،

ڪَڇ رَهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُنِ سين.

 

(39)

ڀُڄِئان ڀَلِي نِڱيو، ڏيئِي پاڳوڙي پيرُ،

جَسي ۾ جَسراجَ جو، مَٿي وانڍِينَ ويرَ،

ڪَڇ رَهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائو ٿِيو.

 

(40)

ٽاٽو ڪِينِ پُلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرکَرا،

لاکي لوڙائُنِ جا، اِهڙائِي اُهڃاڻَ،

ڏيئِي تَنگَن تاڻُ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇڙي.

 

(41)

لاکو لوڙائُنِ سين، چوڏِسِ ٿو چَڙَهِي،

وِڙِهيو وَريامَنِ جا، ڌُڻِيو ڌَڻَ هَڻِي،

پِيُسِ جو پَري، سو واهَرَ ڪَنِهين نَه وارِيو.

 

(42)

اَڏِيو جو اوڏَنِ، سو شالَ ڍِنگهَرُ ڍِلو مَ ٿِئي،

جِنهن ڀَر ويهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.

 

(43)

لاکي لَڄَ کُنئِي، اَگلن اوڏڙيَنِ جِي،

ڪَندو ڪانَه ٻِئِي، اَڳَ وِسُوڙل آهِيُون.

 

(44)

لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏا اَگلِي آهِيان،

پَکا سي پَرٽاءِ، جي اَجهي تُنهنجي اَڏِيا.

 

(45)

اَڏيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جِي ڪانَه ڪئِي،

لاکو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آئِيو.

 

(46)

لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجهُه ٿِي،

قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،

وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رَهِي وِيا.

 

(47)

ڇِنَلَ ڇَڄَ هَٿَن ۾، ڪُلَهَنِ ڪوڏارا،

پورِهي خاطِرِ پانهِنجي، اُٿِيَنِ سَوارا،

اوڏَ به ويچارا، لاکا! وَڃَنِ لَڏِيو.

 

(48)

نِئَي نِهاريَمِ نارَ، تان پِرِتِ پُراڻِي نَه ٿِئي،

ويچارا سَنگهارَ، ڪِنهن سائي جي سانگَ وِيا.

 

(49)

ڪيڏانهن وِيا سَنگهارَ، جي هُئا هِنِين ڀيڻين،

ڏور تَه ڏورِيُون يارَ، ٻيلِي ٻِنَهِين ڪَنڌِئين.

 

(50)

رَڙي ريٻارَڻ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،

کُرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَل اُڀِي چوءِ،

واڙي وَڇ نَه ڪوءِ، لاکو لوڙائُن سين.

 

(51)

ريٻارَڻِ روئي، واڙي وِڌا وَڇَڙا،

سَمُورا سوئي، هَڻي هِتان ساٿ ويو.

 

(52)

ريٻارَڻِ رِيجهاءِ، لاکو لُولاٽِينِ سين،

سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺ مَٽائي ٽاڪَرو.

 

(53)

لاکا لَکَ سُڄَنِ، پَر ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِيو،

جِينهن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،

جنهن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنڪو نَه لَهي.

 

(54)

جَتَنِ جاڙيجَنِ سان، صُلحُ ڪَر سَنگهارَ،

تُون وَڳُ ڇڏين ٿو ويسَرا، هوءِ چَمَڪِيا چوڌارُ،

تو جيڏا تو پارَ، لاکي ڪَئين لَڏائِيا.

 

(55)

وَنهينِ سَگهارَنِ جي، سُونهاري سانڄاڻ،

پوءِ ٿا پِيَنِ پاڻ، پهرين پِيارِين پَيَڙا.

 

(56)

اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وِيا ڀيڻِيُون،

ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِيا آهِينِ پَٽَ ۾.

 

(57)

ڪَڏهِن ڳاڙهو گهوٽُ، ڪَڏهِن مَڙُهه مُقامَ ۾،

سَندو واريءَ ڪوٽُ، اَڏِيو اَڏِبو ڪيترو.

 

وائي

تُون جو وڃين ڪيچ ڪَهِي، اي ادا، ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

ڏُک مُنهِنجي ڏِيلَ ۾، سَگهان ڪِينَ سَهِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

آئُون ڦوڙائي مارِئي، مُنهنجا واقِفَ وِئَڙا وَهِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

ڀينَرُ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪونَه سَهِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

مُون مُئِيءَ مَٿان ڪيترا، وِئَڙا ڪانگَ لَئِي،

ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.

مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين چاڪَ،

 

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com