سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر کنڀاٽ

صفحو :4

 

 

 

تڏهن ڦڪيون

 

سُر کنڀات

 

 

داستان پهريون

 

(1)

ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِريَنِ جي،

اڱڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻوهي پيرَ،

قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شمَسُ سُپيريَنِ سين.

 

(2)

ڀلائِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانهنجي،

سٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نَه ڏِينِ،

مان ڏي مَدِيوُن ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِنِ ۾.

 

(3)

هُتِ ٿو پَسين پِرِينءَ کي، تُون چَنڊَ اُهوئِي،

اَڏت چَئِجِ اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي،

هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگَ مَ پَوي سَڄَڻين.

 

(4)

مَرَ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃنِ سيڻَ،

رَهيا آهِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنينِ جا نيڻَ،

وِماسِيا جَنِ ويڻَ، ٿو تارِيءَ تڳي تَنِ هِينئُون.

 

(5)

کِلان تان کامي هِينئُون، رُوئان تان راندِ،

اَکَڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏجِي ڪَندِيُون.

 

(6)

راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پَٽئين وَڏو پَنڌُ،

هَلندي حَبيبنِ ڏي، ڪَرَها موڙِ مَ ڪَنڌُ،

ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پَهُچائي پِرِينَ کي.

 

(7)

راتِ سَهائِي، ڀُون سَنِئين، ڀائِي گهُرجِي ڀَلُ،

آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَنُ چَري چَلُ،

مُون تو سين ڳالهَڙي، ٻِئي ڪَنِهين مَ سَلُ،

هاهَرُ ڪَندو هَلُ، ته کِجايوُن کَرَنِ کي.

 

(8)

راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پِرِت نَئِين، پَنڌُ پُورِ،

مَيا! مَحبُوبَنِ جي، هَلِي وانءُ حُضُورِ،

جي چِڻِڪَنِ چِتَ ۾، سي ڪِئن سَڄَڻَ ڏُورِ،

الله لَڳِ آسُورِ، اُتان ئي ٿِي آءٌ تُون.

 

(9)

اَڄُ پُڻِ اَڇائِي، چوڏهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِي،

مُون گهَرِ مُون پِرِينِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،

مُون گهَرِ واڌائِي، پِيئي کامَ کَرَنَ ۾.

 

(10)

اَڄُ پُڻ اُمارو، چوڏهِينءَ ماهَ چَنڊَ جو،

مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچڻَ جو وارو،

سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آئِيو.

 

(11)

چوڏهِينءَ چَنڊُ اُڀِرِيو، اُوڻٽيِہَ پَسيسِ عامَ،

مَٿِس ناهِ مَلامَ، جِيڪِينُ پُڇِين پُڇُ سو.

 

(12)

چوڏهِينءَ چَنڊَ تُون اُڀرين، سَهِسين ڪَرِيين سِنگارَ،

پَلَڪ پِرِيان جي نَه پَرين، جي حِيلَنِ ڪَريين هزارَ،

جِهَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِهَڙو دَمُ دوستَ جو.

 

(13)

سهَسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ،

باِللهِ، ري پِرِيَنِ، سَڀ اُونداهِي ڀانِئيان.

 

(14)

چَنڊَ! تُنهنجي ذاتِ، پاڙِيان تان نَه پِرِيَنِ سين،

تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهرا.

 

(15)

چَنڊَ! چِٽائِي تُنهِنجي، سِياهِيءَ ۾ سُورُ،

لايان لالَ لِڱَنِ کي، چَندنَ ڀَري ٻُورُ،

ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.

 

(16)

چَنڊَ لَڳَنِئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي سِيخَ ٿيين،

ڪَرِ اُونداهِي اَنڌَ، ته مِلان مَحبُوبَنِ کي.

 

(17)

چَنڊَ! چُئئين حَقُ، جي وِڙهين جِي وِچِرئين،

ٻَه اَکِيُون ٽِيُو نَڪُ، تو ۾ ناهِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.

 

(18)

چَنڊَ چُئَئين سَچُ، جي مَٺيين نه ڀائيين،

ڪَڏِهن اُڀِرين سنَهڙو، ڪَڏهنِ اُڀِرين ڳَچُ،

مُنهُن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناهِ پيشانِي پِرينءَ جِي.

 

(19)

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائُون نازُ نَظَرَ،

سُورِجَ شاخُون جهَڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،

تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا، ديکِيندي دِلَبَرُ،

جهَڪو ٿِيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.

 

(20)

اُونداهِيءَ اَڌَ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ،

چَنڊُ ڪَتِنِ ساڻُ، پيهِي وِيو پَڙِلاَو ۾.

 

(21)

تارا تيليءَ رَوءِ، لُڌا لالَنَ اُڀِرِئين،

جِهَڙو تُون صُبُوحِ، تِهڙي صافِي سَڄَڻين.

 

(22)

توڏانهن گهَڻُو نِهارِيان، تارا تيلاهِين،

سَڄَڻُ جيڏاهِين، تُون تيڏاهين اُڀِرِئين.

 

(23)

هُن تاري، هُنَ هيٺِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.

 

(24)

هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ، ڪؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.

 

(25)

هُنَ تاري هُنَ جاءِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.

 

(26)

تارا، تِرَ، تِروڪِڻِيُون، مَٿِنِ ڦُلُڙِيُون،

کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مُون پِرِينءَ پُڄاڻان پيئِيُون.

 

وائي

جيڏيُون! هِيءُ ضَروُرَ، آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

سَگهو ساعِتَ نه جِندَڙو، اَٺَئِي پَهَرَ مَلُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، سَاڄَن! تنهنجو سُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

پيرين آءٌ نَه پُڄَڻِي، ڏيہُ پِرِيان جو ڏُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

وَڃِي ويلَ سَڀَڪَهِين، هِينئڙُو پِرِينءَ حُضُورُ،

آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.

 

وائي

(2)

اَڱَڻِ آيُم پيهِي، يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِينِ،

مُشڪُ عَطُرُ مُون پِرِيَنِ، سِڪَيَسِ ڄَمُ سَڀيئِي،

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.

تَنُ جَنِين جو طالِبُو، رُوحَ تَنِين سين ريهِي،

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.

ساڄَنَ سَنديءَ سُونهن جِي، آءٌ ڳالهه ڪَرِيان ڪيهِي؟

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.

ٿِيو لُطفُ، لَطِيفُ چَئي، دوسُ آيو دَرِ پيهِي،

يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.

 

وائي

(3)

وَهلِي وَنءَ مَ وِهامِي، رَهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

شمعَ ٿِيندِيَسِ شَبِ ۾، اِنَ خوشيءَ کان کامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

بابُوئَنِ سَندي باهِ جِئن، ٻَران شالَ اُجهامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

پِرتِ جا پِيتَمَ جِي، سا ڪِينَ پَروُڙي عامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

مُون کي مُون پِرِينَ جو، آهي دَردُ دوامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

هو جو لَنؤُن، لَطِيفُ چَئي، مُون کي آهِ مُدامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

روشن ٿِيا رُڃنِ ۾، جي هُئان لَنؤُن انِهين لامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

ڪارِي سا قِيامَ سَئِين، هوتُ جنهن جو حامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

آيُمِ تنهن لوڪَ سين، جيسين مان چُونِ سُوامِي،

رهُ راتِ، رائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي.

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

ناسِيندي نِگاهَ، پِهرِين ڪِجِ پِرِينِ ڏي،

اَحوالَ عاجِزنِ جا، آکِجِ لَڳِ اَللهَ،

روز نِهارِنِ راهَ، اکيون اوهان جي آسِري.

 

(2)

ناسِيندي نَظَرَ، پِهرِين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،

قَمر ڪَهِج قَرِيبَ کي، نِسَتُ آءٌ نِٻَرَ،

ٻِي ڀيڻِي ناهِمِ ڀَرَ، اَکِيون اوهان جي آسِري.

 

(3)

ناسِيندي نِرتِ، پِهرِين ڪِج پِريَنِ ڏي،

قَمَرَ ڪَهِج قريبَ کي، ساري ساڻ سُرتِ،

ٻِيو ڀَروسو نه ڀِتِ، اَکِيُون اوهان جي آسِري.

 

(4)

ناسِيندي نِهارَ، پِهرِين ڪِج پِرِيَنِ ڏي،

آءٌ جي ڏِئين سَنيها، چَئجِ چنڊ اَپارَ،

ساڄَن! سڀ ڄمَار، اکيون اوهان جي آسِري.

 

(5)

چڱا چنڊَ! چَئيجِ، سنيها کي سَڄڻين،

مَٿان اَڱَڻَ اُڀري، پِرِيَنِ جي پَئيجِ،

جهِيڻون ڳالهائيج، پيرين وِجهِي هَٿَڙا.

 

(6)

آءٌ جي ڏِيَئين سَنِيها، سي تون چنڊَ! پَلءِ ٻَنڌُ،

چَئِج حالُ حَبيبِ کي، نَئِي نوِڙائي ڪَنڌُ،

تو تيڏانهن پَنڌُ، جيڏانهن عالَم آسِرو.

 

(7)

اُڀِرُ چَنڊَ، پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مون ڏُورِ،

پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُورِ،

جنهن تي چَڙهي اَسُورِ، سنجهي سَڄَڻَ سيٽِيان.

 

(8)

آءٌ اُڪَنڊيائِي مَران، پِرين ڀَلا، پَرَ ڏُور،

ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُور، پنڌَ نه جوڳِي پيَڙي.

 

(9)

ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حَياتِيءَ هيڪاندِ؟

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جِي، ڪِي رَنجائِي راندِ،

پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجهه ڳَرُهِيان ڪَن سين؟

 

(10)

هِينئَڙي سَڄَڻ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هِيرَ؟

اَچِي لالَنَ نه ڏِيين، مٿي پَلَنگَنِ پيرَ؟

ٿِي ورُوهَڻَ ويرَ، ڳُجههَ ڳَرَهِيان ڪَنِ سين؟

 

(11)

وَڏَڦڙو ۽ واءُ، ڪَرَهي کاڏو کوڙِيو،

کوءِ! ٻَنِ! پَلاڻِيان، اولاڻِيو نه اُٿيِي.

 

(12)

پَلاڻِيان پِيو، اولاڻِيو نه اُٿِيي،

جيڏانهن وَڳُ وِيو، اُڀو تَرَسِي اوڏَهِين.

 

(13)

ڪَرَهو نه ڪِي ڪانُ، پيرين آءٌ نه پُڄڻِي،

جو مون رات رساڻي، نيئِي ساڄن ساڻ،

مون نه وَهيڻو پاڻ! ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.

 

(14)

ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وجهه وَڌندِيُون،

هيڪر حَبِيبن سان، مُون کي نيئِي گَڏِ،

مَڇُڻ پونِئي هَڏِ، آهُون اُڪنڍِيَنِ جُون.

 

(15)

ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِک وَڌندِي پاءِ،

مُنهِنجو هَلڻ اُتَهِين، جِتي جانِب جاءِ،

توکي چَندنِ چارِيان، ٻيو وَڳُ لاڻِي کاءِ،

اِيهِين اُٺ! اُٺاءِ، جِئن هُونديءَ رات هُت مِڙُون.

 

(16)

ڪَسَرَ ڇڏ ڪنواٽَ، وکون وِجهه وَڌندِيُون،

سَنئِين سُپِيرِيَنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،

ڇڏ جهوري، ڏي جهاٽَ، ته هُونديءَ رات هُت مڙون.

 

(17)

ڪَرها، ڪَرُ سُڃاڻ، پِيئڪو ۽ پانهنجو،

اَصل آهي آنِهنجو، ناليرو نِڌاڻُ،

ڪَرها، اسان ساڻُ، ڪي چانگا ڪِجِ چَڱائِيُون.

 

(18)

مَيا، مَڃ مِنَٿَ، اَڄ مُنهنجِي ڪَرها،

جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرئين ڪَٿَ،

سُپيريان جي سَٿَ، مون کي نيئِي ميڙئين.

 

(19)

چندن جا چُوپا ڪري، چَري نه مصرِيءَ سَنگَ،

اَکِين مٿي اَنگَ، مَيي کي محبوبَ جا.

 

(20)

آڻي ٻَڌم وَڻَ جاءِ، مانَ مُکريُون چَري،

ڪُڌاتُورو ڪَرهو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،

اِن مَيي سندِي ماءِ، مون ڳالهِڙِيَنِ ڳوڙها ڪِيا.

 

(21)

چانگا چندن نه چَرِين، مَيا پيين نه موڪَ،

آگَرَ اوڏو نه وَڃيين، ٿُڪيو ڇڏيين ٿوڪَ،

لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪهڙي اَکر آئُڙي.

 

(22)

ڳَلِ ڳانا ياقُوت جا، موتِيَنِ ڳُتِيس مالَ،

ڪَدِيفي جِي ڪَرها، هيدي پايَئِين حالَ،

چَندَنِ چارِيَئِين جال، جي مون رات رَساڻئين.

 

(23)

ڳَل ڳانا ياقوت جا، موتِي منجهه مَهارَ،

چانگا چَندَن چارِيَئين، اَٺَئِي پَهرَ اَپارَ،

سنديءَ پيءَ پچَارَ، جي مُون رات رَساڻئين.

 

(24)

مَيا! تو مَهارَ، سَڄِي پايان سونَ جي،

چارِيَئِين چَندَنِ چوٽُيون، نايو مينديءَ ڏارُ،

سَنديءَ پِيءَ پچارَ، جي مُون راتِ رَساڻئين.

 

(25)

اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سين، چَري نَه لاڻون،

مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوهي ۾ ٿاڻون،

ڀَٽاري ڀاڻُون، مرندي سينءَ نه مَٽيو.

 

(26)

اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو،

لَڳيَسِ نائُڪَ نِينهن جِي، نِهوڙِيو نانگو،

ڇَڏي سِرَ سانگو، رِڙهي رَندِ پَرِيَنِ جي.

 

(27)

ويهِي مَنجهِين وَڳَ، کٿوريءَ ڏارَ چَري،

ماءِ! مُنهنجي ڪَرهي، پَڌَرَ پَڳَ نه لَڳَ،

جَڳَ سين جِهڙو جَڳَ، هِينئين سين هُت چَري.

 

(28)

ڀُورُ نه چَري ٻُورُ، ڇَڏِيو تُورَ تَڪُون ڪَري،

مُونين هڻِي موٽيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورَ،

مَيو ٿِيو مَخمُورُ، چَندَنُ چَکِي آئِيو.

 

(29)

اَڄ نه آڳِيءَ ڍارَ، ڪرهو جِئن ڪالهه هُئو،

اڱڻ آيو نه ڪَري، پاهوري پَچارَ،

جيڪس مَنجهه قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِهَ جِي.

 

(30)

مَيي ماڪائِي، وِڌو واتِ وَلِين کي،

خبر ٿِي کيٽَ ڌَڻِينَ کيي، وِڏُوڻا واهِي،

ڪَرهي ڪاڪَتَ ڇَڏيِي، وَرِيس نه وائي،

چانگي چَريائِي، ويئِي ويچاري وسري.

 

(31)

مِٺيُون لَهِي مُهاءِ، جي تو چانگا چِنِيُون،

وَلَڙِيُون وِهَ ساءِ، اَڃا تو مُهنديُون.

 

(32)

نَوَ نِيَرَ، ڏَهه ڏاوڻيُون، پَنڌرهن پَينڌ پِياسِ،

جَڏِهن سَڄَڻِ يادِ پياسِ، ڇِرَڪ ڇِنايَئِين هيڪڙي.

 

(33)

نَوَ نِيرَ پائي، جان مُون هِينئڙو جهَلِيو،

وِئَڙو ڇِنائي، پوئِينءَ راتِ پِرِينِ ڏي.

 

(34)

کائي نه کَٽڻهارَ، چَندنَ جا چُوپا ڪَري،

اَگرَ اوڏو نه وَڃي، سَر کَنڊ لَهي نه سارَ،

لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو متارو ڪيو.

 

(35)

ڪَنِين ڪامَڻَ ڪِياءِ، ڪِئن ڀنڀولئين ڪَرَها،

اکين مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاءِ،

وَڳَ ڪِ وِسرياءِ، ٻَڌو جئن گهاڻي وَهين.

 

(36)

وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پَنهنجي ڪَرهي،

وَليُون واسَ وَرِنِيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ،

چانگي چَکِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهندو پَينڌَ ري.

 

(37)

ڪِين جو ڪيڏاهِين، چانگو چَکِي آئِيو،

تاڻِيو تيڏاهِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪَري.

 

(38)

ڪَرهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پَينڌُ پَلَڻَ جا،

ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَئِين،

چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحِبَ وِجههِ سَنئين،

اوباهِيوسِ آئِين، لُطف ساڻ، لَطِيفُ چَئي.

 

(39)

ڪَرها توکي ڪامَ، مُون سَچو پَسِي سُڃيِي،

مانَ پروڙي مامَ، ساڱاهي سَنئِين وَهين.

 

(40)

اُٿِي آڙائِينسِ، ڇڏيو ته ڇيڪَ ٿيو،

کارايان، کِڙيو وَڃي، پَلاڻِي پائِينس،

ڏاوَڻِ تِنهن ڏائِينس، جِئن چري ۽ چِنگهي ڀُڻو.

 

(41)

دو دَستِي، دو پيرَ، سيني سَنگهَرَ رُڪَ جي،

ماءِ! منهنجي ڪَرهي، تازي ڦُلنَ هيرَ،

تنهن ڪامَڻَ ڪندي ڪيرَ، جو مُنهِين وٽ مَسَ رهي.

 

(42)

کَنڀاتِڙي تَڙ وَري، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،

مانَ اُچَهُون ڪاءِ، سُوڌائِي سَڄَڻين.

 

(43)

چانگي چَئِي چُڪِياسِ مَٿاءِ اَڪَ نه اُلَهي،

جِنهن وَلِ گهَڻا وِهاٽِيا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،

چوڌارِي چَندَنِ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ،

راڙي رَتُ ڪِياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرهي.

 

(44)

جِئان ڪوڙِ ٻَه ڪاٺِيُون، پنجين لکين پاءُ،

مَيو تِنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻِي ڏارَ چَري.

 

(45)

جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون، پنجين لَکين پَنُ،

تِئان ڇاڻي ڇُڳيون، مَيي رَتو مَنُ،

تِنهن وَلِ سَندو پَنُ، ڪُوماڻو ڪوڙِين لَهي.

 

(46)

لَک لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئِي ڳِڌومِ،

اَڱَڻِ سُونهن ٿِيومِ، مُلهه مهانگو مَ چئو.

 

(47)

لَکِ لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئي ڇوڙِ،

اِها سَٽِ سَيّدُ چَئي، جَنهِين تَنهِين جوڙِ،

تُرت رَساڻي تَوڙِ، جُہ پلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.

 

(48)

لَکِ لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئِي ڪاهِ،

ايلاچيون آهُر ۾، پُوڄ ميي کي پاءِ،

ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، جہ پَلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.

 

وائي

(1)

آهِينِم ڳالهڙِيون، ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

جي مان پِييُون پِرِينءَ ري، کوءِ! سي راتَڙِيُون،

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

جي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتَڙيون،

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

پَسڻ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، پاتِيَم جهاتَڙِيُون،

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

آڌيءَ، عبداللطيف چَئي، ڪُهَنِ ڪاتَڙِيُون.

ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.

 

وائي

(2)

سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي،

ڪاريءَ رات رُت ڦُڙا، جان جان نيڻ نه روُنِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

موٽَڻُ جَنِين مِهڻُون، پِڙَ تي سيئي پوُنِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

جَنِ مُسافِرَ سُپِرين، سي مَرُ رويو رُونِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

 

وائي

(3)

توڻي تَڙَيين تون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

مون کي سو مُشاهدو، جي مُنهن نَه ڏِئين مُون،

يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

مُون ٻيا دَرَ گهَڻا نِهارِيا، آهِيين تُوهِين تُون،

يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

تنهن ڪامَڻَ ڪندي ڪيرَ، جو مُنهِين وٽ مَسَ رهي.

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com