سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر پرڀاتي

صفحو :7

 

 

 

تڏهن ڦڪهَڏِهِين

 

سُر پرڀاتي

 

داستان پهريون

 

(1)

اِيُ نَه ڀانَنِ ڀير، جِئن ڪِينَرُ ڪِيريءَ ٽَنگِيو،

سُونهاري صُبوحَ سين، وِجهِي ويٺين ويرِ،

توکي چوندو ڪير، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱَڻو.

 

(2)

سُتو ڪِئن نِنڊُون ڪَرِئين، روئِي راتِ وِهاءِ،

سڀُان ساز سَنداءِ، پِيا هُوندا پَٽَ ۾.

 

(3)

رُوءِ وِهاڻي روءِ، سُتو ڪِئن ننِڊُون ڪَرِئين،

سُڀان ساز سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

 

(4)

سيرانديءَ سازُ ڪيو، سُمهَين ساري راتِ،

جاجِڪاڻِي ذاتِ، اِئَن نَه هُئِي اَڳَهِين.

 

(5)

جَنهِين سُک ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئجَنِ،

رُڃُن راهُ پُڇَنِ، مَٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.

 

(6)

اَڳي اِئَن نه هيرَ، اِنَ دَرَ سَندي مَڱَڻين،

جِئن ڊِگها ڪَري پيرَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.

 

(7)

پِيو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين،

اُٿِي آڌي نَه ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَهَٽَ،

روُنجهي راتِ اُپَٽِيا، پيٽَنِيُون پاڻِيٺ،

ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چارَڻين.

 

(8)

موڙُهو ڀُڻين مڱڻان، ڪيڏانهَن هُئين ڪالهُه،

لَنگها! ڇَڏِ لَطِيفُ چَئي، اُجهَڻَ جا اَفعالَ،

سَپَڙَ دَرِ سَوال، ڪَر تَه قِيمَتَ آڻِيين.

 

(9)

لَکي جي ٻُجهَنِ، پَڌَرِ پوءِ مَ اُنِ سين،

ننَڍي وَڏي ڳالهَڙي، سَڄِي ٿا سَمجهَنِ،

تُون ڪِئن اَڳيان تَنِ، وَڃِيو وِلِلين واتَ سين.

 

(10)

ڄاڻِي هَڏِ مَ ڄاڻُ، اِيءُ دَرُ اَٻوجهَنِ جو،

اِنَ دَر سيئي اَگهِيا، جَنِ نَه ڀانيو پاڻُ،

رِيجهاڻو راڄاڻُ، آهي اَٻوجهَنِ جو.

 

(11)

ٻُجهان ٻاجهَه ٿِئي، ٻاجهاڻُون ٻيلي ڌَڻِي،

سَپَڙَ سا سُئِي، جيڪا چارَڻَ چِتَ ۾.

 

(12)

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهِيان ئِي ڳُجههَ ۾،

سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهين، ڪِرِتِ وارا ڪي،

تَه سازَ مِڙيئي سي، هُوندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

 

(13)

اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيترا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوهُ،

جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوهُ،

تُون پارِسُ، آئُون لوهُ، جي سَڃين، ته سونُ ٿِيان.

 

(14)

ڏاتِ نَه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي،

آرِيُون اَٻوجهَنِ جُون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي،

جو راءُ وَٽِ رات  رَهي، تِنهنِ کي جُکِي جان ڪِي تان لَهي.

 

(15)

طَمعَ جِي تَنوارَ، مَتان ڪَرِين مَڱڻان،

ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪَ ڏيئِي مُٺِ ۾.

 

(16)

ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گهُريجِ تُون، ڇَڏي وِڄا جِي وائِي،

سَڀَرَ راتِ سَنباهِيا، تازي تو لائِي،

جو ڄاڻي نَه ڪائِي، تِنهن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجُهه ڪي.

 

(17)

کَڙَهَ اَڳِيان کَپُ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جِي،

لَنگها! لاهِ مَ لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چَپُ،

مَڱَڻَهارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِيو ڪِيرَتِ ري.

 

(18)

اُٿِيو اَٻوجهاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو،

جِئن آئِين ڪِيرتَ ڪَٽُ نَه سِکِيا، تِئن پاڻان رِيڌو راءُ،

مَڱو مُون مُلاءَ، آئُون اوهان جو آهِيان.

 

(19)

ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِيو،

سُڻائي سُتَنِ کي، وِهاڻِيءَ وِيو،

ڄاڻي ڪِينَ ٻِيو، سُرُ سِکِيو ئِي هيڪَڙو.

 

(20)

سَپَڙُ ساهُ پَساه، جاجِڪَ جِمَ وِسارِئين،

ريهي رُپي سَندِيُون، تَندوُن تُنبي کي پاءِ،

لَنگها! تُون لِيلاءِ، اڳِيان وَڃِي اُنَ جي.

 

(21)

چارَڻَ وَسِ نَه ڪا، تَه ڪا ڪِيرَتِ جِي ڪَري،

جَنيِن سَندو مَڱڻُون، هَٿِ تَنينِ جي آهِ،

جي کارائِينسِ ته کاءِ، جي سُمَهارِينسِ تَه سُمَهي.

 

(22)

جَڏو ڦِڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱڻون،

نَه ڪِنهن نِيو پاڻَ سين، نَه ڪِنهن ڪيو گَڏُ،

سَڀَرُ ڪَرِيو سَڏُ، ڏُکِيا چاڙهي ڏولئِين.

 

(23)

ميرا پَسِي مَڱَڻان، سَڀَرَ سَڏَ ڪيا،

سَٻوجهَنِ سُئا، اَٻوجهَنِ آسَرو.

 

(24)

صُبوحَ جو سُهاڳَ، مَڱڻهارَنِ ماڻيو،

ڏِنائُون ڏاتارَ کي، وَڏيءَ ويرَ وِهاڳَ،

وَسِ مُنهنجي ناهِ ڪا، سيڻَنِ هَٿِ سُهاڳَ،

پِرِيَنِ سين پهاڳَ، مانُ نِماڻِيءَ نَصِيبَ ٿِئي.

 

(25)

ڏاتارَ ڏُکَ ڪِيا، پاڻان مَٿي مَڱَڻِي،

مُون دَرُ ڇَڏِيو، مَڱڻان! مَڱِين ڪوهُ ٻِيا،

تَڏهِن تو پِيا، وِچِيان وِلَها ڏِينَهڙا.

 

(26)

جو ڏِيهاڻِي ٿو ڏي، مَڱُ تَنهِين کي مَڱڻان،

ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪُ مَڱِين جي،

صباحَ توهِين کي، موٽِي ڏِيندا مُنهَن ۾.

 

(27)

ڪاٿي سي تُنبَير، جَنِ رِيجهايا راڄِيا،

وِئڙا وَڏيءَ ويرَ، ڪُلهي رَکِي ڪِينَرا.

 

(28)

اَڄُ نَه سُڄي اَڳئين، ڪا تَنَبيرَنِ تَنوارَ،

مَڙهِيُون مَڱڻهارَ، پُوري ڪِنهن پارِ وِيا.

 

(29)

تُون سَڀَر، آئُون سيڪَڙو، تُون صاحِبُ، آئُون سَڱ،

پُڇِي تُنهنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.

 

(30)

تُون سَڀَرُ آئُون سيڪڙو، تُون پارِسُ آئُون پينار،

ڏِسنِدي ئِي ڏاتارَ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.

 

(31)

تُون سَڀَرَ، آئُون سيڪڙو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏڏُ،

سُڻِي تُنهنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.

 

(32)

تُون سَڀَرَ، آئُون سيڪڙو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏوهُ،

تُون پارِسُ، آئُون لوهُ، جي سَڃين تَه سُونُ ٿِيان.

 

(33)

ڏاتارُ تَه تُون، ٻِيا مِڙيئِي مَڱَڻان،

مِينهن مُندائِتا وَسڻان، سَدا وَسِين تُون،

جي گهَرَ اَچِين مُون، تَه ميريائِي مانُ لَهان.

 

(34)

اُڀَرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي،

سَپَڙُ رِيسارو، چِت پَرَ کي چارَڻين.

 

وائي

(1)

ٻِئي دَر وانءَ مَ ڪيڏانهِين، اَلا! تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان،

ڦيرِ مَ هِينئُون، ڪَنڌُ، ڪِياڙي، ٿِيندءِ هاجَ هِئائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

ماڻِڪَ، موتي، مالَ خَزِينا، ڏِيندءِ ٻيلي سائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

وِرِچِي تُون وِهاڳَ کان، مَتان ڏِيين پاهِين،

 اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

دَر داتا مَڱَ مَڱڻان، اَنڌا هوئِجِ اوڏاهِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

ٻِيائِيون وِجهِي ٻَنِ   کي،    سَمُو   کَڻُ   سَوائي،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

”اِنّ اَللهَ وِتريُّحِبُّ الوِترِ“، وَحَدَتَ واڳَ وِڌائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

پَنهنجي طَرَفِ پاڻَهئين، سائِلَ سَڏِيائين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

جِتي جُواڻَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

اُتي عُشاقَنِ کي، اُلفَتَ اُهڃَ ڏِنائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

”اَلاِنسَانُ سِرِي وَ اَنَاسِرُّهُ“، اِنَ پَرِ اُتائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

ڳُجههَ ڳُجهاندَرَ ڳالهِيُون، رازُ نَه رَکِيائين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

پَسو پينارَنِ جي، پَٽَ ۾ پاڻُ وِڌائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.

 

وائي

(2)

وَڏڙا ڏاڻُ ڏِنائِين، ڪِيائِين رَختَ ريزالَنِ جو،

اَنڌَا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏ وِڌائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

ڪِينَ مَنجهان جو ڪِي ڪَري، سو نَه ساراهِيين سائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

”وَتُعِزُّ مَنَ تَشَاءُ وَ تَذِلُّ مَن تَشَاءُ“، آهي سَڀُ اُتائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

نَوازِيائين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪَڍِيائين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

حِرفَتَ حَرِيفَنِ جي، ڀَڃي سَڀِ ڀَڳائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

حامِدَ سَڀِ حزَنَ ۾، مُدعي پاڻ مُٺائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

”وَتُعِزُّ مَنَ تَشَاءُ وَ تَذِلُّ مَن تَشَاءُ“، آهي سَڀُ اُتائِين،

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com