سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر کاهوڙي

صفحو :9

 

 

 

تڏهن ڦڪهَڏِهِين

 

سُر کاهوڙي

 

داستان پهريون

 

(1)

کاهوڙِيَنِ خَفِيءَ سين، سوجهي لَڌو سُبُحانُ،

عاشِقُ اِهڙين اَکَرين، لَنگهِيا لامَڪانُ،

هُوءِ ۾ گَڏِجِي هوءِ ٿِيا، بابُو سي بِريانُ،

سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظرَ اُنِ جي.

 

(2)

مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنهِين ڏِٺو پِرِينِ کي،

اُنهين سَندي ڪاءَ، ڪَري نَه سَگهان ڳالهڙي.

 

(3)

مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنهِين ڏِٺو پِرِيَنِ کي،

رَهِي اَچِجي راتَڙي، تَنِ جُنگَنِ سَنديءَ جاءِ،

اَنهِين جي ساڃاءِ، تُرَهو ٿِئي تارِ ۾.

 

(4)

ويٺِيُون پَٻَ پَئِي، کيروُن کاهوڙِينَ جُون،

آئُون تَنِ ڏوٿِينِ جُون، پُڇان ڪير پَهِي،

رُڃَنِ راتي رهِي، جَنِين ڏُونگَرَ ڏوريا.

 

(5)

پاران پُڇِي آءٌ، خَبَرَ کاهوڙِين جِي،

ڏوٿِين ڏُونگَرانءُ، ڪِنهن پَرِ ڏورِيُو ڏُٿُ کي.

 

(6)

تُون هَڏِ ڪُڄاڙيا، سَنجهي سَعيو نَه ڪَرين؟

سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاهوڙي وِيا،

آڻِيندين ڪِئا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيههَ جو.

 

(7)

هوءِ ڏوٿِي، هوءِ ڏِينهن، هوءِ ڏوُنگَرَ، هوءِ لَڪِيُون،

ڪِنهن جِنهن لڌا نِينهن، ڀُڻان لهسَنِ لُڪَ ۾.

 

 

(8)

جا جُوءِ، مُئِي نَه ٻَڌي، ڏوٿِي سا ڏورِين،

پاسا مَٿي پاهَڻين، کاهوڙي کوڙِينِ،

وِيا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.

 

(9)

کاهوڙي کِجَن، پَسِيو پورِهَيتَ ويسَرا،

سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ وِيا، رُڃُن جي رَهَن،

ڪا مَنِ آهي تَنِ، مُون پِريان جي ڳالهَڙي.

 

(10)

دَلقَ گَڏِيو ڌُوڙِ ۾، ڀَڪُلِيا ڀُڻنِ،

ڳالهِيُون ڳُهلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئي نَه ڪَنِ،

ڪا مَنِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جِي ڳالهَڙي.

 

(11)

تُون وَنئنَ ويهِي آءٌ، اَڱَڻِ کاهوڙِيَنِ جي،

جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءَ،

ڏوٿِيَنِ ڪِنهن ڏُکاءَ، سُمَهِي سُکُ نَه ماڻِيو.

 

(12)

ڪِ ڪِي کاهوڙي! ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِيو،

اَڳِي ٿي مُئِي، جَنهِين سَندي ڳالهَڙي.

 

(13)

ڏُٿُ گهڻائِي ڪَنِ، اِنّ اورانهين ڏيههَ جو،

سَندا کاهوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچَرا.

 

(14)

ڏُٿُ نَه کُٽو ڏوٿِين، جيڪي ڏُٿَ ڪَرِينِ،

اُهڃاڻِيُون عالَمَ جُون، اورِيائينِ آڻِينِ،

تِهان پَري ڏَسِينِ، پِرِيان سَندي ڳالَهڙي.

 

(15)

جيڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکُڙو،

ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکَڙِيُون سُتَنِ کي.

 

(16)

مُون کاهوڙي لَکِيا، مُوران ۾ ماتامَ،

ڪيائُون قِيامَ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.

 

(17)

مُون کاهوڙي لَکِيا، گهَرين نَه گهارِينِ،

واحِدَ لَڳ وِلَهنِ ۾، رويو جَرُ هارِينِ،

گُوندَرَ گُذارِينِ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.

 

(18)

مُون کاهوڙي لَکِيا، ويهِي نَه ويرمَ ڪَنِ،

ڏِينهِن تَتي ۾ ڏُونگَرِين، ڪارَڻِ قُوتَ ڪَهَنِ،

جهَنَگَلَ ۾ جهُڻڪَنِ، جُهه ڏوٿِي گَڏُ ٿِيا.

 

(19)

مُون کاهوڙي لَکِيا، آيُنِ نَه آرامُ،

ڪِيائُون تَنُ تَمامُ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.

 

(20)

مُون کاهوڙي لَکِيا، سُمهَنِ ڪِينَ پَئِي،

سَمَرُ ڪيائُون سُڃ جو، ڏوري ڏُٿَ لَهِي،

وِيا تِتِ وَهِي، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.

 

(21)

رائو رُڃَ رَهُون، جِتِي نِينهان نِڪَڻِي،

لَڳِيو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِيو ٿِينَ ڇِهُون،

تان ڪا سارَ لَهُون، هوتَ! ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.

 

(22)

کاهوڙِيَنِ کَڻِي، ساجهر ٻَڌا سَندَرا،

ڏورِيندي ۾ ڏوُنگَرين، پاڻُ ڪِيائُون پَڻِي،

ڏُکَنِ ڏِيل هَڻِي، ڇيههُ لَڌائُون ڇَپرين.

 

(23)

ماءِ! کاهوڙي هَلِيا، دُونهان دُکائي،

وِئَڙا وِسائي، ڏوٿِي ڏونگَرَ وَٿِ ۾.

 

(24)

ماءَ! کاهوڙي هَلِيا، دُکائي دُونهَان،

ڇَپَرَ جا سُونهان، ڏوٿِينَنِ ڏُٿُ چِتائِيو.

 

(25)

ڪَڻِن نَه ڪيڪان، پَنڌِ پَراهين هَلِيا،

ڏوٿِيَڙا ڪِنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهَنُ جابانَ،

کاهوڙِيَن اُهڃاڻَ، اَنگِ نَه سَڄِي اَڳڙي.

 

(26)

سُکِ نَه سُتا ڪَڏَهِين، کَرڪَڻان لاهي،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙِينِ اُنَ پَنڌَ جو.

 

(27)

پيرين پراڻان کيترا، سُڪا مُنهن سَندَنِ،

سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتي مُنجَهنِ،

ڳُجها ڳُجهِيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌُ جِيُون.

 

(28)

سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرُڪُڻان پيرين،

ٽِمنَدي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گَڏِيا.

 

(29)

سُڪ سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرَۡڪَڻان پيرين،

وِهائِيءَ ويرين، اُڻ تُڻ هُيَنِ آڳَ جِي.

 

وائي

وَسائِيندَڙي مِينهَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين،

آئُون مِلَندي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.

مُون کي پِرِيَنِ ميڙِئين، روجهُڙِيُون ميڙئين مِينهَن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.

اَکِيَنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرُ مُندائِتا مِينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.

مادَر! موٽي نَه وِهان، جان پِرِيان سين نِينهنَ،

مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

پِيوَ جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگرَ گَامَ جو،

ڇَڏي کيٽ کَرو، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

 

(2)

پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،

وانچِي سَڀَ وَرَقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

 

(3)

پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گاَم جي،

ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچي لاهوتِي ٿِيا.

 

(4)

پيئِي جَنِين پُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،

ڏوري سائِي جُوءِ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

 

(5)

پيئِي جَنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،

ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

 

(6)

گَنجي ڏُونگَرَ گَامَ جي، پيئي جَنِين سُڌِ،

ٻِي سَڀ ڇَڏي ٻُڌِ، لوچي لاهوتِي ٿِيا.

 

(7)

گَنجي ڏُونگَرَ گَامَ جي، پِيئي جَنِ پَروُڙَ،

ڇَڏ سَڀِ ضَروڙَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

 

(8)

پيهِي جَنِ پَرُوڙِيو، گَنجو ڏُونگـرَ گام،

ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

 

(9)

ڪِهڙو اَٿِيئي ڪامَ، گَنجي ڏُونگَرَ گاَم ۾،

پَسِي تِنهن پَهاڙَ کي، اَچي نَه آرامُ،

مَتان ڏُونگَرَ ڏورِيين، اُجهين ڪُهه عَوامُ،

”هُئَڻ“ ڪَر حَرامُ، کامُ تَه کاهوڙي ٿِيين.

 

(10)

گَنجي ۾ گُڻَ گهَڻان، پيرُ پَروُڙِي پاءِ،

کاهوڙي کَرا وِيا، نَڪا اوڏي ماءِ،

جَنِين ڏِٺِي جاءِ، تَنِين موٽَڻُ مِنهڻُون.

 

(11)

جِتِ نَه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهڙي،

پِيو ٻارِيندو ڪير، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري.

 

وائي

آئُون جيهائِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ،

اوڻيُون آديسِينِ جِيُون، ڀَرِيان ساري راتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.

جي ٻانهِي ڪوٺِيين ٻاجهه سين، تَه ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.

تان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، جان نَه وِهامِي راتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.

ڪَندِيَسِ عَرضُ اَللهَ کي، وِهاڻِي پِرڀاتَ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.

 

 

داستان ٽيون

 

(1)

اَچِي پِيا آٽَ ۾، واٽُ وِڃائِي جَنِ،

اوءِ بَصِيرَ بَرَنَ ۾، اَنـڌا ٿِيو اُڀَنِ،

ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِئن گهُمَنِ،

فِراقِي فَرَمانَ جو، آهِي ٻَرُ ٻوڙَنِ،

لَنگها ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،

کَپَت کاهوڙِينِ، آه اُٿِئي پِئي نَه لَهي.

 

(2)

ڏِسِي ڏوري ڏُونگَرِين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،

ڪُرَندان ڪِي پَروُڙِيو، رَندين سي نَه رِڙَهنِ،

پيئي دارَ دَيُون ڪِيو، پيرَتِ تان نَه پُڇَنِ،

ڌُوڙِ پِريان لَئي ڌار ڪيو، ويچارا وِجهَنِ،

خَبَرَ کاهوڙِينِ، آهي لِکَ لاهُوتَ جِي.

 

(3)

ويجهو وَڃُ مَ واٽَ کي، ڪَهجِ ڏَنهنُ ڪُواٽَ،

اُجهي مَنجهان آٽَ، اَويسِي ٿِي آءُ تُون.

 

(4)

ڪُپيريءَ ۾ پيرَ، ڪَنِهين پاتو پيريين،

جِئان مُنجهَڻُ ماڙُهئينِ، سَڄَڻَ تِئان ئِي سيرُ،

اِنَ ڀُون سَندو ڀيرَ، ڪوڙِنِ مَنجهان ڪو لَهي.

 

(5)

ڪُپِيرِيان پَري ٿِيا، اُٻُڌِي ٻُڌائُون،

اُنِهين کي آئُون، هِينئَر ڏِسِي آئِيو.

 

(6)

ماءُ کاهوڙي آئِيا، ڏوري ڏوري ڏيههُ،

مَيَنِ پيرين کيههُ، ڪُهه ڄاڻان ڪِنهن پارَ جِي.

 

(7)

جهَنگَل هُلِيا، سي نَه ڀُلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ،

اوجهَڙَ سي نَه پَوَنِ، ٻيئِي جَنِين ڇَڏِيُون.

 

(8)

جهَنگُ کامِي پَٽَ ٿِيو، ڀَڳِي چوران لِڪَ،

سيڪَڙُو ۽ سِڪَ، ٻَئِي گَڏِيا پاڻَ ۾.

 

(9)

جهَنگَلُ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻَ ڪَيو روءِ،

نَه ڪُتا، نَه ڪوڙِڪِيُون، چَڙِهيو اُڀو چوءِ،

هاڻي هِنهان پوءِ، لَڳِي لوٺو نَه ٿِئي.

 

(10)

جهَنگَلَ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪَيو روُندو،

نَه ڪُتا، نَه ڪوڙِڪِيُون، چَڙِهيو اُڀو چوُندو،

هَڏهين نَه هوندو، اِنهان پوءِ عالمَ ۾.

 

(11)

نه ڪُتا نَه ڪوڪارَ، نَه سي سَڏَ شِڪارِئين،

پِٽِيو کَڻي پارَ، جهنَگَلُ آهيڙِيَنِ کي.

 

(12)

ورَ سا سُڃِي وِيڙه، جِنهن ۾ سَڄَڻُ هيڪَڙو،

سو ماڳُ ئِي ڦِيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.

 

(13)

وَر سا ڪاري راتِ، جِنهن ۾ راهُ گُم ٿِئي،

نَه ڪا هُنِ جِي تاتِ، هِيءُ پُڻ وَڃي وِسري.

 

(14)

ڪاري راتِ اَڇو ڏِينهن، اِيءُ صِفَتان نُورُ،

جِتِي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَه رُوپُ ڪو.

 

(15)

تحقِيقَ جي تُون ڀَري، مَٿي ريءَ کڻيجِ،

جا حاجَ هَٿَنِ ري نَه ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،

هَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌِيج،

اَنڌو ٿِي پَسيجِ، مُشاهدو مَحبُوبُ جو.

 

(16)

وائِي وَڃِيمِ شالَ، ڪَنَنِ سين ڪِيمَ سُڻان،

ڀَلو ڪَري ڀالَ، اَکِيُنِ سين اَنڌو ٿِيان.

 

(17)

ڏوُنگَرين ڏِسجَنِ، اڄُ پُڻ رَيُون اُنِ جِيُون،

ڏوٿِيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ،

خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نَه اُنهين ڀيڻِئين.

 

(18)

ڏوُنگَرَ نَه ڏوٿِي، ڏوُنگَر سُڃُون ڏوٿِنِ ري،

پُڇان پَروٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچڻان؟

 

(19)

کاهوڙي کَرا، سُوڌي خَبَرَ پَکَڻين،

سوجهي جَنِ ڪِيا، مَٿي اَڱَڻِ آهِرا.

 

وائي

(1)

سِياڪو سيڻان، ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

موٽِي ماڳَ نِهارِئين، ڪِهڙي مُنهن ڪيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

مَچُ پَسِي ڪِئن موٽِئين، سَڙِئين نَه لَئي سيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

واريءَ جِئن وِڄري هِينئُون، ڪُڻڪي لَئي ڪيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

اَٽَن مُنهنجا اَنگڙا، ڪَلَ نَه پَوي ڪيڻان،

ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.

 

وائي

(2)

جاڳي اَکَڙِينِ، تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
اَکَڙِيُون پِرِيَنِ لَئي، ٽَهه ٽَهه ڪِيو ٽِمَنِ،

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

جي سَنجهيِئي سُتِيُون، سي سَرُ سُورَ سَهَنِ،

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

جَنِ کي آرَسُ اَکِيين، سي ڪِئن پِرِين پَسَنِ؟

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

جَنِ نيڻَ هيرايا نِنڊَ سين، سي ڪِئن مُحِبَ مِلَنِ؟

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

وِهاڻِيءَ وَهائِيين، ڳوڙها سَرِ ڳَلَنِ،

تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟

 

 

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com