سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بهار لطيف

 

صفحو :1

بهار لطيف

 

 

سرورق :-

چانڊوڪي رات ۾ شاهه جي

روضي جو  پر  بهار  منظر

 

 

 

 

پويون صفحو:- (سسئي جا سڏڙا) شاهه جي هن بيت جو تخيل:

 

آءٌ نه گڏيس پرينءَ تون ٿو لهين سج،

آءٌ جي ڏين سنيها نيهي پريان ڏج،

وڃي ڪيچ چئج، ويچاري واٽ مئي.

 

  

عمل :- ظفر ڪاظمي

 

 

حاجي هدايت الله هالائي واري لکيل رسالي جو پهريون صفحو

 

 

پيش لفظ

 

سنڌو ماٿري جي عظمت ۽ خوش قسمتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙي عظيم مفڪر، عديم المثل شاعر ۽ خدا پرست صوفي منش جو فيض عام آهي. هن عارف _ بي بدل جو ڪلام توحيد، انسان دوستي ۽ حب الوطني جو هڪ اهڙو پاڪيزه چشمو آهي جنهن مان روحاني فيض جا اڃايل پنهنجي اُڃ اُجهائيندا رهن ٿا.

صحيح معنيٰ ۾ شاعر انهي کي ئي سڏي سگهجي ٿو جنهنجو ڪلام زمان و مڪان جي قيد کان آزاد، هر دور ۽ هر ماحول سان ٺهڪندڙ هجي. شاهه کي اسان کان جدا ٿئي اٽڪل 207 ورهين جو طويل عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به سندس ڪلام اسان لاءِ ساڳي موزونيت ۽ مناسبت رکي ٿو، ائين ٿو معلوم ٿئي ته شاهه اسانجي روبرو ويٺو اسانکي مخاطب ٿي چئي رهيو آهي:-

ستا اُٿي جاڳ ننڊ نه  ڪجي  ايتري،

سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.

شاهه پنهنجي شاعري ۾ عوام جي روحاني رهنمائي ڪندي کين تزڪيه نفس ۽ اخلاقي بلندي جو درس ڏئي ٿو. سندس شاعري هڪ اهڙو چراغ آهي جو اوندهه ۾ ڀٽڪيل ۽ ٿڪل مسافرن کي منزل جو ڏس ڏيندو رهي ٿو. سندس شاعري ۾ مهراڻ جي ماٿري جي قديم تهذيب و تمدن جو اُهو سرمايو محفوظ آهي جنهن تي هن ماٿري جو عوام جيڏو به ناز ڪري اوترو گهٽ آهي.

شاهه هڪ عظيم عوامي شاعر هو سندس اها تمنا هئي ته شال اُهي ڏڪاريا ۽ موذي مرن جن عوام کان خوشحالي ۽ آسودگي کسي کين مفلس ۽ ڪنگال بڻايو آهي. ڪيڏي نه مسرت جي ڳالهه آهي جو اسان شاهه جي هيءَ ورسي هڪ اهڙي خوشگوار عوامي دور ۾ ملهائي رهيا آهيون جو شاهه عليه رحمته جي خوابن جو عملي تعبير آهي زمينداري ۽ جاگيرداري جهڙي انسان ڪش دقيانوسي نظام جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هي اُهو ئي بي رحم نظام هو جنهن لاءِ شاهه عليه رحمته پيشنگوئي ڪندي چيو هو:-

متو آهين مڇ ٿلهو ٿيو ٿوڻان  هڻين،

تو جا ڀانئين اڇ تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا،

شاهه جي اها اڳڪٿي حرف بحرف صحيح ثابت ٿي. واقعي هينئر اُهو پاڻي لهي چڪو آهي، جنهن مڇ کي مست ۽ متڪبر بنائي ڇڏيو هو. هاڻي هر طرف هاري ناري هر هلائي رهيا آهن ۽ سنگهار سرها نظر اچن ٿا.

هن عظيم شاعر کي نذرانئه عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سال بسال سندس ورسيءَ جي موقعي تي محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان طرفان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ تحفا شايع ٿيندا رهيا آهن ته جيئن شاهه عليه رحمت جو ڪلام ۽ سندس پيغام عوام تائين آساني سان پهچي سگهي ۽ اُهي پنهنجي هن عظيم شاعر جي عظمت ۽ مرتبت کان واقف ٿي سگهن. هن باري ۾ هن کان اڳ نذر لطيف، ياد لطيف ۽ تحفئه لطيف شايع ٿي چڪا آهن، جن مواد ۽ معيار جي لحاظ کان علمي ادبي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هي بهار _ لطيف به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن لاءِ پڻ سنڌ جي بهترين اديبن ۽ شاعرن جو تعاون حاصل ڪيو ويو آهي. اُميد ته اهو پرچو پڻ اسانجي گذريل پرچن وانگر پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ سندن تسڪين ذوق جو باعث بڻبو.

مان انهن اديبن، شاعرن ۽ ادارن جو شڪرگذار آهيان جن هن تحفي لاءِ پنهنجون قلمي خدمتون پيش ڪيون آهن ۽ پورو پورو تعاون ڪيو آهي جنهن کان سواءِ هي تحفو ايترو جلد نه نڪري سگهي ها. اُميد ته آئينده به اُهي هن محڪمه سان ساڳيو تعاون ڪندا رهندا.

آخر ۾ وطن جي عوام کي مشورو ٿو ڏجي ته اُهي شاهه صاحب جي ڪلام کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي پوري ڪوشش ڪن جنهن مان اُهي گهڻو حظ حاصل ڪندا.

ڊائريڪٽر محڪمه اطلاعات _ جنوبي علائقه،

مغربي پاڪستان حيدرآباد

 

 

مرحوم علامه دائود پوٽه

شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور

 

ڪائنات جا اسرار بي انتها آهن ۽ جيتري انهن جي ڦولهه ڪبي، اوتري قدر مونجهاري ۾ پئبو، جنهن ڪري شاهه صاحب فرمايو آهي ته :-

اونهي تنهن، عميق جي واري ڇڏو ماس.

انهيءَ ڪائنات کي صوفين پنهنجي اصطلاح ۾ عالم اڪبر ڪري سڏيو آهي، ۽ انسان جو ڪائنات جو جزو آهي، تنهن کي عالم اصغر ڪري چيو اٿن. جيڪي به ڪائنات ۾ موجود آهي، تنهنجو اختصار انسان ۾ موجود آهي. تنهن ڪري انسان سڀني ممڪنات (ممڪن يا ٿيندڙ شين) جو مجموعو ۽ مصدر آهي، انهيءَ حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به لامتناهي ۽ غير محدود آهن، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته:-

نڪا ابتدا عبد جي،  نڪا  انتها،

جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.

انهيءَ ڪري صوفين وٽ مشهور حديث آهي ته، من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو.

باوجود انهيءَ رتبي جي انسان ٻن متضاد (مخالف) طاقتن جي وچ ۾ آهي. منجهس ملڪي طاقتون به آهن ته بهيمي (يعني مرن جون) طاقتون به. جيڪڏهن بهيمي طاقتون زور پئجي ويون، ته انسان پسونءَ جي درجي کان به هيٺ ڪري پوندو، پر جيڪڏهن ملائڪي قوتون قابض ٿيون ته ملڪن جي درجي کان به مٿي چڙهي ويندو، جيئن فارسيءَ واري چيو آهي ته:-

آدمي زاده طرفه معجو نيست
از فرشته سرشته و از حيوان
گرکند ميل اين شود نه ازين
ورکند ميل آن شود به ازان.

 

تنهن ڪري انهن متضاد طاقتن جي وچ ۾ هميشه جنگ جاري آهي؛ جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو، تنهن گويا وجود جو ورق واريو، ۽ پاڻ کي الاهي حضور جو لائق ثابت ڪيو.ا هڙو ماڻهو روحاني ترقي ڪندي ڪندي، آخر اهڙيءَ حد کي پهچي ٿو، جتي انکي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله صلعم ئي آهي، جو پنهنجي ڪمال ۽ قرب سبب اهڙيءَ حد تي پهتل آهي، جو نڪي عاشق آهي نڪي معشوق ۽ نڪي خالق نڪي مخلوق. انهيءَ باري ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:-

عاشق چوم ان کي، م ڪي چو معشوق،

خالق چو م خام تون، م ڪي چو مخلوق،

سلج  تنهن سلوڪ، جو  ناقصائي  نڱئو.

اهڙي حبيبي حقيقت جنهن کي صوفي حقيقت محمدي ڪري چوندا آهن، خواجه محمد زمان لنواري واري هن طرح بيان ڪئي آهي:-

 

عجب جهڙي آهه، حقيقت حبيب جي،
نڪيه چئبو سو ڌڻي، نڪين مخلوقا،
شفق جي ساڃاءِ، جامع ليل و نهار کي.

 

گروهڙي صاحب وري انجو وستار هن طرح ڪيو آهي:-

 

وصف جنهن ورنهه جي، مٿو مور نه آهه،
سسئي سهڻي مون پرين، مارئي محبوبا،
پاڙي مون پرين جي، مجنون مشتاقا،
حقيقت حبيب جي، عجب جهڙي آهه،
جامع ليل و نهار کي، شفق جي ساڃاءِ،
آگو چو م ان کي، نڪين مخلوقا.

 

اهو سالڪ جو انهيءَ منزل کي رسي ٿو، تنهن گوياگوڙ ڪيو ۽ اهو آهي انسان جي ڪمال جو شان، جو بشري عارضن جي فنائيت بعد نصيب ٿئي ٿو، جيئن شاهه فرمائي ٿو:-

 

نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،
ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
 

اهڙي قسم جو قرب ۽ اتصال، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي قصي ۾ نمايان آهي، ان ۾ هڪ وڏي تمثيل رکيل آهي، جنهنجي اپٽاڙ انهن حقاني بزرگن ڪئي آهي جي اسلامي تصوف جي اسرارن کان واقف آهن. جيڪي طالب آهن سي انهن جي روحاني وارثن وٽان يا سندن ڪتابن مان پروڙين.

اها تمثيل شاهه جي هيٺين ٻن بيتن ۾ ايتري قدر عيان آهي، جو وڌيڪ بيان جي ضرورت نه اٿس. ڪي رند اهو راز پروڙين:-

نرقي تند نياز سين، ٻرائي ٻيجل،
راجا رتولن ۾، اونائي امل،
 راز ڪيائين راءِ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل،
انا احمد بلاميم چئي، سين هئين سائل
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هردو ئي هيڪ ٿيا.

 

2- ڪنهن ڪنهن ماڙ هئين، پيئي ڪل ڪائي،
الانسان سري وانا سره ورتي ايءَ وائي،
راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿيا.

 

اهڙي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ دائمي جدوجهد جڳائي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ گهرجي، جيڪڏهن ويسلائي ٿي ته مقصود هٿان هليو ويندو:-

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.

 

واقف نه وڻڪار جي اڳ نه ڏيهه ڏٺوم،
ڏونگر ڏوراپن سين ڪاتيءَ ري ڪٺوم،
جيلاه محب مٺوم، تي ڇلون ڪرايان ڇپرين.
 

هتاءِ کڻي هت، جن رکئو سي رسيون،
ساڄن سولهه سيرت، وُکائي ويجهو گهڻو.
 

(شاهه)

حاجي هدايت الله هالائي واري لکيل رسالي جو آخري صفحو

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

شاهه جي رسالي جا ٻه اهم قلمي نسخا

 

شاهه صاحب رحه جي فڪر جي بلندي ۽ بيان جي دلپذيري سببان ئي سندس بيت ۽ وايون سڄي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور ٿي ويا، مگر سندس ڪلام جي انهيءَ عام مقبوليت جا ٻيا به سبب هئا جن مان مکيه هي ٻه هئا هڪ ته شاهه صاحب رحه پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي مخصوص راڳ جو بنياد وڌو انهيءَ لاءِ ته سندس بيت ۽ وايون ڳائجن ته عام خاص ٻڌن ۽ متاثر ٿين؛ ٻيو ته شاهه صاحب رحه جي ڪلام کي شروع کان ئي لکيو ويو ۽ سندس ڪلام جا لکيل قلمي رسالا سنڌ، لس ٻيلي، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين پهچي ويا. هڪڙن ڀٽ تي اچي راڳ ٻڌڻ خاطر جمعا ڀيٽيا ۽ فقيرن جي زباني بيت ٻڌي ياد ڪيا، ته ٻين وري لکيل رسالا سانڍيا ۽ انهن ذريعي شاهه جي بيتن ۽ واين کي هنڌين ماڳين مشهور ڪيو.

آڳاٽي وقت کان وٺي ڀٽ جي راڳيندڙ فقيرن ۽ اوتارن جي اڳواڻن، توڙي هالن جي ڪن باذوق بزرگن وٽ شاهه جي رسالي جي قلمي نسخن لکڻ جو شوق جاري رهيو ۽ سڄي سنڌ مان ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي شائقن گهڻو ڪري انهن ٻن مکيه مرڪزن تان ئي رسالي جا قلمي نسخا لکايا يا هٿ ڪيا.

سنه 1867ع ۾ بمبئي واري ڇاپي شاهه جي رسالي کي سنڌ ۾ عام مشهور ڪيو، پر رسالي جا قلمي نسخا سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڳ موجود هئا. پوئين صديءَ جي آخر کان مير عبدالحسين خان سانگيءَ جهڙو اديب ۽ شاعر، ڀٽائي صاحب جو عاشق ساماڻو جنهن شاهه صاحب جي زندگيءَ جي حالات گڏ ڪرڻ توڙي رسالن جي قلمي نسخن لکائڻ ۽ انهن کي مشتهر ڪرڻ ۾ گهڻو پاڻ پتوڙيو. سندس تاليف ڪيل لطائف لطيفي شاهه صاحب رحه جي سوانح بابت پهريون ڪتاب آهي جنهن کي پوين عالمن ماخذ طور استعمال پئي ڪيو آهي. مير صاحب مرحوم شاهه جي رسالي جا ڪيترائي قلمي نسخا لکايا جي پوين عالمن واسطي ڪارآمد ثابت ٿيا. آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شايع ڪيل رسالي جي جلد 2 ۽ جلد 3 جي تيار ڪرڻ ۾ پڻ مير عبدالحسين خان سانگي وارو قلمي رسالو هڪ اهم ماخذ بنيو. هيٺ جن ٻن قلمي نسخن جو ذڪر ڪيل آهي انهن مان هڪ نسخو ڀٽ جو لکيل آهي ۽ مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي ملڪيت ٿي رهيو آهي. ٻيو مرڪز رسالي جي قلمي نسخن جو هالا هو، ۽ هن مضمون ۾ جنهن ٻئي قلمي نسخي جو ذڪر ڪيل آهي سو هالن جو لکيل آهي.

جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ٽرمپ پهريون عالم هو جنهن پنهنجو ايڊيشن رسالي جي ٻن نسخن جي آڌار تي ڪرايو، مگر آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ايڊيشن بعد ئي شاهه جي رسالي جي قلمي نسخن ڏانهن علم وارن جو توجهه ٿيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ايڊيشن جي متن راس ڪرڻ لاءِ چار قلمي نسخا استعمال ڪيا: پهرئين جلد ۾ بلڙي ۽ ڀٽ واري قلمي نسخي تان به مدد ورتي ويئي ۽ ٽئين جلد ۾ برٽش ميوزم واري قلمي نسخي جو وڌيڪ اضافو ٿيو. هن پوئين عرصي اندر سنه 1951ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورد طرفان مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب کي نئين سر رسالي جي مستند ايڊيشن تيار ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو تڏهن رسالي جي مختلف قلمي نسخن گڏ ڪرڻ طرف ڏانهن خاص توجهه ڏنو ويو. بورڊ جي لئبرري توڙي سنڌ جي ٻين عالمن کان بورڊ ذريعي توڙي سڌو سنئون ڊاڪٽر صاحب مرحوم کي رسالي جا قلمي نسخا ملڻ لڳا. لنڊن مان برٽش ميوزيم واري قلمي رسالي جو عڪس ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو. حيدرآباد مان هزهائنس مير نور محمد خان مرحوم جي ڪتبخاني وارو قلمي نسخو توڙي جناب مير علي احمد خان ٽالپور جي ڪتبخاني جو قلمي نسخو ڊاڪٽر صاحب جن کي هٿ ڪري ڏنا ويا. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سر گنج ۽ ٻين قلمي نسخن جو ڀٽ تي وڃي معائنو ڪيو. مطلب ته هن آخري ڪوشش ۾ رسالي جي قلمي نسخن جو ڀٽ تي وڃي معائنو ڪيو. مطلب ته هن آخري ڪوشش ۾ رسالي جي قلمي نسخن جو تعداد چئن جي بدران چوويهن کان به چڙهي ويو. انهيءَ ڪري خيال هو ته سواءِ ڪڇ جي، سنڌ مان سڀئي قلمي نسخا ڄڻ ڊاڪٽر مرحوم وٽ جمع ٿي ويا هئا. پر هيءَ رسالي جي مقبوليت چئبي جو انهيءَ وڏي ڪوشش هوندي به ڪي اهم قلمي نسخا اڃا رهجي ويا، جن مان ٻن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو. يقيني طور اڃان ٻيا به قلمي رسالا سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر موجود هوندا. ان مان ظاهر آهي ته ڀٽائي صاحب رح جي وفات کان ٻن سون ورهين بعد ۽ ڇاپي رسالي جي رائج ٿيڻ کان به اٽڪل سئو کن ورهيه پوءِ تائين رسالي جي قلمي نسخن جو ايڏو تعداد موجود آهي.

1.حاجي هدايت الله هالائي جو لکيل نسخو

هن نسخي ۾ جملي 52 جز ۽ 416 ورق آهن ۽ هر هڪ صفحي ۾ 11 سٽون آهن. صفحي جي ماپ 6X8 (انچ) آهي. ڪاتب پاڻ کي حاجي هدايت الله مجاور ڪري لکيو آهي. هيءُ نسخو نصرپور جي مشهور حڪيم ۽ فارسي دان ديوان ٺارومل اُجوري تي ميان هدايت الله کان سنه 1270ع هجري ۾ لکرايو. هن نسخي جي آخري صفحي تي خود ديوان ٺارو مل جي هٿ اکرن هي نوٽ قلمبند ٿيل آهي.

اين کتاب رساله سيد عبداللطيف شاهه بهتائي عليه الرحمته
والغفران که يکي از عاشقان حقيقي بوده و عمر عزيز
خودار در طلب حق تعاليٰ صرف فرموده و چندين
جور و جفا بربدن خود کشيده بوصال معشوق
در پيوسته _ مصرع : آفرين باد بر اين همت مردان او_
به اجوره حق التحرير از ميان هدايت الله سکنه هالکندي
نو نويسا نده شد، درسال 1270 هجري _ مالکه بنده تهارومل.

 

هن نسخي جي صورتخطي جيتوڻيڪ انهي دور جي آهي جڏهن اڃا سنڌي جي نئين صورتخطي ڪانه ٺهي هئي، ته به ڪاتب ڪن خاص سنڌي حرفن جون جيڪي صورتون قائم ڪيون آهن سي اهي ئي آهن جي پوءِ به عام مروج ٿيون ۽ اڄ تائين رائج آهن مثلاَ ب ۽ ٿ. هي نسخو ڪتابت جي لحاظ سان برک آهي پر بيتن جون پڙهڻيون ايتريون صحيح نه آهن جو هن نسخي کي مستند ڪري مڃجي.

 

آخوند ميان احمدي جو لکيل نسخو.

هن نسخي ۾ جملي 408 صفحا آهن ۽ هر هڪ صفحي ۾ وڏن ٿلهن اکرن ۾ لکيل 13 سٽون آهن. صفحي جي ماپ 12X6 (انچ) آهي. ڪاتب پنهنجو نالو هن طرح ڄاڻايو آهي. تمام شد رساله سندي از دست غلام احمدي سکنه درگاهه شاهه صاحب عليه الرحمت وقت... دوشنبه ماه ذوالقعد 1294. آخرين صفحي تي ڏنل تحريرن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي قلمي نسخو شروع ۾ ڀٽ تان آخوند ميان احمدي وٽان سنه 1298هه ۾ امداد علي کي مليو ۽ ان بعد مير عبدالحسين خان جي ڪتبخاني ۾ محفوظ رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هي نسخو مير صاحب جي ذاتي مطالعي هيٺ رهيو ۽ مختلف صفحن جي حاشين تي جابجا سنڌي لفظن ۽ اصلاحن جون معنائون فارسيءَ ۾ لکيل آهن. هن نسخي جي پهرين توڙي آخري صفحي تي مير عبدالحسين خان سانگيءَ جون مهرون لڳل آهن جن ۾ سال 1298ع نروار ٿيل آهي. جنهن جي معنيٰ ته جنهن سال هي نسخو ڀٽ تان مليو انهيءَ ساڳئي سال مير صاحب جي ڪتبخاني ۾ داخل ٿيو. ان بعد سنه 1887ع ۾ مير صاحب مرحوم اهو رسالو امام علي خدمت گار کي بخشش طور ڏنو، جئن ته مير صاحب جي هيٺين (غالباَ) هٿ لکيل تحرير مان ظاهر آهي جا آخري صفحي جي آخر ۾ قلمبند ٿيل آهي:

رساله شريف حضرت مرشدي بخط رهنماي سالکان يگانه زمان گزيده سبحان ميان احمد الصوفي خليفه در بهٽ شريف که در تصديق لاثاني گويم بجا است. امروز تاريخ اول شوال سنه 1887 (کذا) بعاليقدر ميان امام علي خان خذمت گار بن قادر بخش خذمتگار مرحمت شد و اين رساله بعد ازين مليکت خذمتگار مذبور....

هن تحرير مان هن نسخي جي صحت توڙي آخوند ميان احمدي جي قدر ومنزلت تي پڻ روشني پوي ٿي. آخوند ميرن احمدي ڀٽائي پنهنجي وقت ۾ رسالي جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ڀٽائي صاحب جي استاد آخوند نور محمد جو پڙپوٽو هو. ميين احمدي جي اوطاق درگاهه کان ڏکڻ طرف هئي، ۽ سندس وڏن جي وقت ۾ جتي ڀٽائي صاحب اچي ويهندو هو، انهيءَ جاءِ تي نشان طور اوتاري اندر هڪ دڪي لڳل هئي. ٻه ٽي سال اڳ جڏهن مٿي درگاهه تي وڃڻ لاءِ ٽريڪٽرن ذريعي وڏو رستو ٺاهيو ويو تڏهن ميين احمدي وارو اوتارو ڊاٺو ويو ۽ جن جي هٿ ۾ ڪم جي واڳ هئي تن جي بيخبري سببان ڀٽائي صاحب جي ويهڻ واري دڪي جو نشان به هميشه لاءِ ميٽجي ويو.

 

آخوند احمدي ڀٽائي واري لکيل رسالي جو پهريون صفحو

***

 

بيکاري کي بر ۾ وئو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جيون ڳوڙها پئس ڳڙي،
ڪاجا انگ، اڙي، جئن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا.
 

(شاهه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com