سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڀٽ جو شاهه

باب: --

صفحو :15

باب ٻيو

 

رسالي جا بيت

(الف) رسالي جو مزاج ۽ ان جو موضوعي مواد

شاه عبداللطيف جي شاعري بيتن جي وڏي انگ تي مشتمل آهي. بيتن جي تخليق به ان ارادي سان ڪئي وئي هئي ته جيئن اهي وڄت جي سنگت سان پڙهيا يا ڳايا وڃن، تنهن ڪري انهن جو سڀاءُ ئي سريلو آهي. اها هڪ حقيقت ته آهي بيت جيڪي هن وقت اسان کي معلوم آهن؛ چوڻ وقت لکيا نه ويا هئا، تنهن کانپوءِ انهن کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم به اهڙن ماڻهن جي حوالي رهيو، جن کي علمي ذوق ۽ ادبي روايتن جي پوري ڄاڻ ڪانه هئي ۽ انهن لاپرواهيءَ سان انهن جي ترتيب ڪئي. انهي ترتيب ۾ ڪيترو ٻاهريون مواد به اچي ويو آهي. اڪثر ڪري اهو يقين سان چوڻ ڏاڍو مشڪل لڳندو آهي ته شاه عبداللطيف جي رسالي ۾ ڪو مشڪوڪ ٽڪرو سندس آهي يا نه. هن نقطهءِ نظر کان جيڪي به رسالي جا نسخا آهن، سي اختلاف راءِ جي قابل آهن. بيتن جي ترتيب ڏيڻ ۾ گهڻي غفلت ۽ ادبي ذوق جي گهٽتائي جن ڳالهين مان ظاهر آهي، تن ۾ هڪ ته گهڻن ئي بيتن ۾ غير متعلق وضاحتي بيانن جو شامل ڪرڻ آهي. مثال طور ”اديون شاه عبداللطيف چوي،“ يا ٻين شاعرن جي بيتن کي رسالي ۾ ٽنبي ڇڏڻ؛ جيئن شاه عنايت، لکمير ۽ جوڻيجي جا بيت رسالي ۾ شامل ڪيا ويا آهن. بيتن جي اصلاه ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪچن شاعرن جا ڌاريان بيت ۽ جيڪا ٻين جي شاعري داخل ٿي وئي آهي، ان کي ٻاهر ڪڍي صحيح بيتن کي جائتو ڪيو وڃي. اهڙيءَ ريت اهي بيت جن کي اسين اڄ ڄاڻون سڃاڻون ٿا، سي هوبهو شاهه عبداللطيف جي پنهنجي وات مان نڪتل يا ڳايل بيتن جهڙا ڪونه آهن، بلڪه بعد ۾ ٻين انهن کي لکيو، جن ۾ هنن تبديلي يا گهٽ وڌائي ڪري پوءِ ترتيب ڏنو.

شاهه عبداللطيف ۽ سندس شاعريءَ تي گهڻو ڪجهه مواد اچي چڪو آهي، اهو گهڻو ڪري سڀ سنڌي زبان ۾ لکيل آهي ۽ نتيجي ۾ اهو ڄڻ ته انهن ماڻهن جي لاءِ بند ڪتاب آهي، جيڪي سنڌي زبان ڪونه ٿا ڄاڻن. هن تنقيدي ۽ تشريحي ادب جي شروعات گهڻو ڪري هندستان اندر پوين اسي سالن ۾ انگريزي تعليم جي اثر جي ڪري ٿي آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ هن  شاعريءَ کي هڪ مڪمل جاندار ڪلام جي صورت ۾ ڳايو ۽ پڙهيو ويندو هو، پر جڏهن هن ملڪ ۾ انگريزي راڄ پائدار صورت ۾ قائم ٿيو، ان کانپوءِ ئي تحقيقي ذوق پيدا ٿيو آهي، ۽ تنقيدن ۽ تبصرن جا ڪتاب وجود ۾ آيا آهن. حقيقت ۾ هنن بيتن کي ايندڙ نسلن جي فائدي لاءِ دائمي روپ ڏيڻ جي پهرين علمي ڪوشش ولايت جي هڪ مذهبي مشنري جي ماڻهوءَ ارنيسٽ ٽرمپ ڪئي هئي، جيڪو ان وقت سنڌ ۾ رهندو هو، جڏهن بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر هو. برٽش حڪمرانيءَ دوران سنڌ ۾ تعليم جي عام ٿيڻ سان، جنهن ۾ شايد ميڪاؤلي جي نظريي جي اثر ڪري ادب جي تمام وڏي حصي جو به اجراءُ ٿيو هو؛ هنن بيتن کي ادب جي حيثيت ۾ پڙهڻ جي شروعات ٿي. هن حقيقت ۾ عام ماڻهن جي شاه عبداللطيف جي شاعريءَ سان محبت ۽ عقيدت، نسلن کان وٺي شاعر ۽ سندس شاعريءَ تي ڪيترا ڪتاب پئي لکرايا آهن. انهن ڪتابن مان گهڻا ته ابتدائي نوعيت جا آهن. انهن جي وڏي ۾ وڏي دلچسپي سنڌ جي عشقيه داستانن کي ورائي ورائي بيان ڪرڻ سان هئي، جيڪي شاه جي رسالي ۾ به گهڻي تعداد ۾ شامل آهن. بلڪ ائين ئي جيئن ليمب ’ٽيلس فرام شيڪسپيئر‘ ۾ ڪيو هو. بهرحال ان تي وڏو ڪم ٿيو آهي، سو ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ڪانهي ته انگريزي تعليم ۽ ان جي اثر جي ڪري پيدا ٿيل ادبي ذوق نه هجي ها ته اڄ به شاه عبداللطيف جا بيت ان حالت ۾ موجود هجن ها، جنهن ۾ 1843ع ۾ انگريزن ڏٺا هئا يا کڻي ائين چئجي ته اهي بيت ڪنهن غير واضح صورت ۾ هڪ ڳائڻي کان ٻئي ڳائڻي تائين پهچندا رهن ها ۽ سنڌي ماڻهو جن کي اهڙا ڪلام ٻڌڻ جو گهڻو شوق آهي، سي انهن کي ٻڌي سڻي پيا خوش ٿين ها.

جيڪي بيت مون ترجمو ڪيا آهن، سي شاه عبداللطيف جي رسالي جو مڪمل مواد ڪونه آهن. پر ان جي بدران رسالي جي، قاضي احمد واري ترتيب ڏنل ’منتخب‘ وارا ساڳيا آهن. هي مجموعو سڄي رسالي جي شاعريءَ جي نوعيت ۽ موضوعي مواد جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اڄڪلهه عام استعمال ٿيندڙ شاعريءَ جي بهترين انتخاب جو هڪ نمونو آهي. اڄڪلهه جو لاڙو اهو آهي ته شاه عبداللطيف جي شاعريءَ کي وڌيڪ ضخيم بنايو وڃي، پر ان لاڙي جي پوئواري هميشه انصاف سان ڪانه ڪئي وئي آهي. پهرئين جوڙ جي ٻن سنڌي عالمن مرزا قليچ بيگ ۽ ايڇ- ايم گربخشاڻيءَ هن ڏس ۾ تمام نفيس ڪم ڪيو آهي. انهن مان هر هڪ ڪيئي ايڊيشن ۽ تبصرا ڇپرايا آهن، جيڪي مشرقي شاعري تي عام طرح ۽ شاه عبداللطيف جي شاعري تي خاص طرح سڀني اديبن جو ڌيان ڇڪائڻ جي قابل آهن. ٻيا ڪمائتا ڇاپا ليلارام وتڻمل ۽ تاراچند شوقيرام ڇپرايا آهن، پر سندن ادبي اهليت مرزا قليچ بيگ ۽ ايڇ- ايم گربخشاڻيءَ جيتري ڪانه آهي.

هن منتخب رسالي ۾ گهٽ وڌ ڊيگهه ۽ مختلف ماترائن وارا ستاويهه  بيت (سُر) شامل آهن. شاعريءَ جو سمورو انداز صوفياڻو آهي. شاه عبداللطيف کي اسپينوزا (Spinoza) وانگي الاهي نشي ۾ بيخود انسان چوڻ غلط ڪونه ٿيندو. سندس سموري شاعري مذهبي آهي ۽ اسلامي تصوف مان اتساه ورتو ويو آهي، جيڪو ايران جي صوفي شاعرن جو طريقو آهي. انهن شاعرن سورهينءَ صديءَ کان هندستان اندر سموري غير هندو شاعريءَ تي وڏو اثر ڪيو آهي. جيڪڏهن وسيع نقطهءِ نگاه کان ڏٺو وڃي ته ’منتخب‘ ۾ جن عنوانن کي ورتايو ويو آهي، انهن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، پهريون عشق الاهي جو اسرار، ٻيو سنڌ جي لوڪ ادب جو استعمال، جنهن ۾ عشقيه داستان شامل آهن ۽ ٽيون سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عام تجربي سان لاڳاپيل ڪي خاص ڳالهيون. عنوان کڻي ڪهڙو به هجي، پر ان ۾ به ڳوڙهو صوفياڻو رنگ موجود آهي، پوءِ کڻي الله جي اسرار يا سندس شان جي ساراه هجي، يا سنڌ جي فراقن ڦٽيل عاشقن جو ذڪر هجي، يا اهو سڪي ٺوٺ ٿي ويل خشڪ زمين تي وسندڙ وڏڦڙي جي ڪري هاري جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ خوشي جو بيان هجي يا چرخو چوريندڙ ڪاپائتيءَ جي اندر جو احوال هجي. ٻهراڙي جي عام ماڻهوءَ جي نج شاهوڪار ٻوليءَ ۾ موجود عڪسن ذريعي جن خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي، انهن ۾ سچي سونهن جو شان ۽ معجزو خدا جي هيڪڙائي ۽ وڏائي، تجربي جي وحدت ۽ انسان جو خدا سان صوفياڻو ميلاپ شامل آهن.

’منتخب‘ ۾ بيتن جي ترتيب خاطرخواه ڪانه آهي. گڏ ڪيل بيتن ۾ موضوعي مواد جي لحاظ سان ڪابه مطابقت ڪانهي. اهي موسيقيءَ جي انهن سرن ۽ سازن جي مناسبت سان گڏ ڪيا ويا آهن، جن موجب انهن کي ڳايو ويندو آهي. هن قسم جي اتفاقي ترتيب به خوبين کان خالي ڪونه آهي. مثال طور اهو هن مان واضح آهي ۽ پاڻ مرادو ظاهر ٿئي ٿو ته رسالي جا بيت به ائين بنا اڳواٽ ترتيب جي تخليق ٿيا هوندا. پر ڪنهن اعليٰ قدر قيمت واري شيءِ جي علمي ڪٿ ڪرڻ جي لاءِ ايئن ڪرڻ فائديمند ڪونهي. اهوئي سبب آهي، جو بيتن جي ترجمي ڪرڻ وقت آءٌ منتخب رسالي جي ترتيب مطابق ڪونه هليو آهيان. ان جي بدران انفرادي بيت سالم رکندي مون انهن کي، موضوعي مواد جي لحاظ کان اهڙي طريقي سان ٻيهر ترتيب ڏنو، جيئن شاعر جو مقصد به ظاهر ٿي بيهي. تنهن ڪري مون بيتن کي ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي: پهرئين قسم ۾ اهي بيت اچي وڃن ٿا، جن کي اسلوب ۽ اظهار جي لحاظ کان بنيادي طرح سان صوفياڻو چئي سگهجي ٿو. اهي بيت جن ۾ تصوف ۽ عشق الاهي جو ذڪر آهي، جيڪي خدا جي رحم واري وصف، قدرت ۽ ڳجهه متعلق آهن. ٻئي ڀاڱي جي بيتن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي واريءَ زندگيءَ جي خصوصيت جو پورو عڪس آهي، جيئن آگوندري اوهيڙي جي آجيان، بزرگن ۽ درويشن جون عادتون ۽ خصلتون، حسَن ۽ حُسين جي دکدائڪ ڪهاڻي، ۽ ڪاپائتي جا خيال، ٽيون ڀاڱون شاعريءَ جي هڪ وڏي حصي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جا عشقيه داستان شامل آهن، جيڪي مائرون پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي پينگهن ۾ ٻڌائينديون آهن، جن ۾ عام ماڻهوءَ جو پيار ۽ پاٻوهه به شامل هوندو آهي.

(ب) شاه عبداللطيف جو تصوف

شاه عبداللطيف جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ جيڪو تصوف ڀريو پيو آهي، سو عشقيه تصوف آهي، جنهن جي مذهبي اهميت به آهي، اهو فلسفياڻو تصوف نه آهي. حقيقت ۾ رسالي ۾ موجود پيغام جي معنيٰ کي ٻائيتاليهين مذهبي نظم (Psalm) مان سمجهائي سگهجي ٿو، ”جيئن اڃايل دل جهرڻي پٺيان سهڪي ٿي، تيئن منهنجو روح تنهنجي لاءِ تڙپي ٿو. اي خدا! منهنجو روح زنده خدا جي واسطي سدائين اڃايل آهي. مان ڪڏهن ايندس ۽ خدا جي آڏو اچي حاضر ٿيندس؟“ ان کي رچرڊ رول (Richard Rolle) جي ٻرندڙ لفظن سان به ڀيٽي سگهجي ٿو جيڪو  چوي ٿو ”اي مٺڙا عيسيٰ، مون تنهنجي عشق کي پنهنجي اندر ۾ مضبوط ڳنڍ ڏئي سوگهو ٻڌي ڇڏيو آهي ۽ اها ڳنڍ ڪڏهن به کلي ڪانه سگهندي، مان اهوخزانو ٿو ڳوليان جنهن جي مون کي خواهش ۽ تمنا آهي، مان ضرور ان کي ڳولي لهندس، ڇاڪاڻ ته مون وٽ جيڪا تو لاءِ اڃ آهي، سا کُٽڻ واري ڪانه آهي.“ بيت پڙهڻ سان اوستائين ڪنهن به قسم جي معنيٰ ڪونه ڏيکاريندا جيستائين انهن جو صحيح مذهبي پس منظر معلوم ڪونه هوندو يا صوفي مت متعلق ڪا ڄاڻ ڪانه هوندي، جنهن جي تصور ذريعي، خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي. جيڪو اسلام جي اندر تصوف جي مسلڪ جي تاريخي ترقي جي ڪري وجود ۾ آيو هو. صديون اڳي اسلام جا صوفياڻا عنصر سنڌ ۾ متعارف ٿيا هئا، جتي اچي انهن گهر ڪيو هو.

ٿورا ڪجهه مثال تصوف جي مکيه نڪتن کي چٽو ڪري بيهاريندا:

محبوب جي سونهن جيڪا خود خدا جي سونهن آهي، جيڪا وجود کي مڪمل ۽ مطمئن ڪري ٿي، سا هنن چند سٽن ۾ ڏنل آهي، جيڪي سر ’بروو سنڌي‘ مان ڏنل آهن.

 

ناز منجهان نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،

ڀونءِ پڻ بسم الله چئي، راه چمي ٿي رند،

اڀيون گهڻي ادب سين، حورون حيرت هنڌ،

سائينءَ جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئان سهڻو.

"In gracious emergence when walks the Belov'd

E'en erarth itself sings

"In God's name": and lo! On the tracks of his feet

Are the road's kisses planted

The houris astonied stand by in respect

I sewear by the lord

The face of Beloved's most lovely of all."

اهڙي ريت سر ’آسا جي‘ هيٺئين بيت ۾ خدا جي وحدت ڏانهن اشارو ڪيل آهي، سموري تجربي جي هيڪڙائي ۽ انفراديت يعني قطري جو الاهي وحدانيت جي سمنڊ ۾ گم ڪري پاڻ سمنڊ بڻجي وڃڻ، انهن سٽن جو موضوع آهي:

 

آءٌ سين  ان پار، ڪڏهِ تان ڪونه پيو،

ان الله و تريحب الوتر نيئي ٻيا ئي ٻار،

هيڪڙائي وٽ هار، هنجون جي هئڻ جون.

"Across life's ocean no one yet

With 'I' as guide his foot hath set

God indeed who is one

Adoreth oneness alone

Take twoness off to burn with fire:

Existence may man's tears require

This weeping should be done

Before oneness alone."

عام طور بيتن جو موضوع خدا سان ميلاپ آهي، جيڪي انسان دنيا جي ٺڳين ۽ دوالابن سان حق کان وڇڙي ويا، سي ان ذات سان لاڳاپيل سچ ۽ سونهن سان ملي ابدي خوشي ماڻڻ لاءِ بيتاب آهن. سر معذوريءَ جي هيٺين سٽن جو اهوئي موضوع آهي:

جهلي تان نه رهان، ڌاران پسڻ پرينءَ جي،

اپر عاجز آهيان، لالن جان نه لهان،

فردا مون ڦٽي ڪئي وعدي ڏي نه وهان،

صباح سين نه سهان، خواه ميڙئين خواه مارئين.

"Restrain myself howe'er I try

I cannot stay unless I see

Beloved's face. Unbounded grief

With out my love assaileth me.

A vaunt tomorrow: I' ll not bide

By promise that tomorrow tells,

I can not wait tomorrow's day.

Or meet me, love, or kill me, else.

Bring union to a wretched girl.

سو چئبو ته شاعريءَ جو غالب آواز مذهبي تصوف آهي. اهو خالص عشقيه تصوف ناهي نه ڪو فطري تصوف آهي ۽ نه وري ڪو فڪري تصوف آهي. هن تصور جي خصوصيت اهائي آهي، جيڪا عاشقن جي فراق ۾ وصل جي ذڪر ۾ هوندي آهي ۽ ٻولي به اهائي ڪتب آندل آهي، جيڪا انسانن جي ورهه وڇوڙي لاءِ ڪتب ايندي آهي. شاه عبداللطيف جي هيءَ شاعري انهيءَ سبب ڪري، براؤننگ ۽ شيلي جي شاعريءَ سان مٿاڇڙي هڪجهڙائي رکي ٿي، پر بليڪ (Blake)جي شاعري سان ڪابه ويجهي نسبت ڪانه ٿي رکي، جيڪو خالص مذهبي صوفي آهي. اها ڊن (Donne) جي شاعري سان به ميل ڪانه ٿي کائي، جنهن جو دانشورانه تصوف سان تعلق آهي.

’زندگي ڪنهن گهڻ- رنگي شيشي جي قبي جيان

ازل جي اُجري روشنيءَ کي ڪري ٿي داغدر.‘

"Life, like a dome of many colored glass.

Stains the white radiance of eternity"

ايئن ئي شيليءَ به ڳايو آهي ۽ سندس ٻول شاه عبداللطيف جي ورتاءَ جي سٺي سمجهاڻي آهن. شيلي متعلق چيو ويو آهي ته: ”شيلي جي واسطي موت حجاب جي پردي جو چاڪ ٿيڻ آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي آدرش جي پوري مشاهدي ڪرڻ جي آگيا ڏيندو. جيڪا ئي اصل زندگي آهي. ’ائڊونائس‘ (Adonais) ۾ سڀني عنصرن ۾ وحدت جو تصور موجود آهي، ان وقت اسان سندس تصور ۽ فلسفي جي پختگي ڏسون ٿا(1) جڏهن برائوننگ چوي ٿو:

’زندگي ڏئي ٿي غم ۽ خوشي

اميد ۽ خوف ڀي،

عشق جا انعام آهن اهي

کڻ، چاهي جيڪي ملي.‘

"For life and all it yields of joy and woe

And hope and fear,

Is just our chance O' the prize of learning love."

هيءُ ساڳئي قسم جي زبان استعمال ڪري ٿو ۽ ساڳئي قسم جي خيال جو اظهار ڪري ٿو، جهڙو شاه عبداللطيف پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي. اهو صحيح آهي ته برائوننگ هڪ مختلف تصور جو اظهار ڪري ٿو ۽ سندس اظهار ۾ جدت آهي جيڪا سنڌي شاعر آڏو موجود فارسي مثال ۾ ڪانه هئي. اهو ٻاهريون فرق فقط انهيءَ بهترين خاصيت ۽ خوبيءَ کي ڍڪي ڇڏي ٿو، جيڪا ٻنهي ۾ هڪجهڙي آهي، مثال طور عشق کي وڏي اهميت ڏيڻ ۽ انسان ۽ الله جي وصل جي واسطي ڪُنجي سمجهڻ. هن جي بلڪل ابتڙ بليڪ (Blake) وٽ مذهب واسطي گرم جوشي بلڪ مذهبي جنون آهي، جيڪو خدا جي خدائي تي زور رکڻ بدران ان جي ڳولا واري واٽ ۾، خود انسان کي خدا تصور ڪري ٿو ۽ انساني تصور جي طاقت کي حواسن جي محدود قوت کان وڌيڪ ڪم ڪندڙ ڄاڻي ٿو. بليڪ پنهنجي ’ايور لاسٽنگ گوسپيل‘ (Ever lasting Gospel) ۾ خدا کي حضرت عيسيٰ سان مخاطب ڪرائي ٿو.

جي تون ماڻهو مٺڙو، ته مولا نه آ موجود،

انسانيت آڏو جُهڪي سِرَ سو ڪر سجود،

هستي جنهن کي بود، سو آتما انسان جو.

"God is no more: Thou art a man

Thy own humanity learn to adore,

For that is my spirit of life."

اهو اهڙي قسم جي جذبات جو اظهار آهي، جنهن اسلامي تاريخ جي ڪنهن منزل تي منصور حلاج جو قتل ڪرايو هو. هي پراڻي زماني جو آزاد منش صوفي هو، جنهن جو پنهنجي وقت ۾ دين جي خلاف تصور ڏاڍو مضبوط هو.بليڪ جا چيل لفظ جيڪا تصوير چٽين ٿا، اهڙو رويو شاه عبداللطيف جي تصوف کان بلڪل پري آهي. هي سنڌي شاعر هڪ سچو مسلمان آهي، هن جي تصور ۾ خدا ۽ انسان ٻه جدا شيون آهن، پر خدا سان ملڻ جو امڪان ضرور آهي پر وڏي ڪوشش ۽ جدوجهد کان پوءِ، جنهن ۾ مايوسين ۽ ٿَڪن مٿان ٿَڪ آهن پر ماڻهوءَ جو اٽل ارادو ڪامياب ٿئي ٿو. بليڪ جي جدوجهد واري شاعريءَ ۾ خدا جي لاءِ ڪجهه ٿوري عزت ۽ احترام ۽ ان جي لاءِ عشق اڻ ڪوٺئي عنصر وانگي ڪٿان اچي وڃي ٿو:

’آڻي ڏيو مون کي منهنجي ٻرندڙ سون جي ڪمان،

آڻي ڏيو مونکي منهنجي خواهش جا ڪان.

وڃو وڃو ڇُڙي وڃو اي بادلو،

۽ آڻي ڏيو مونکي منهنجو ڀالو.

باهه جو ڪو رٿُ آڻيو ٻَلَ جي ڪنهن ٻنگ سان،

ڪونه هٽندس ڪونه هٽندس پنهنجي ذهني جنگ کان،

ڪيئن سمهي هيءَ ترار هٿ ۾،

جيسين ٿئي، جو اٿم من ۾،

انگلينڊ جي هن سائي ستابي ڌرتيءَ تي

يروشلم اڏيندس مان حق تي.

"Bring me my bow of burning gold;

bring me my arrows of desire.

Bring me my spear: Oh Clould, unfold

Bring me my chariot of fire.

I will not cease my mental fight,

Nor shall my sword slepp in my hand,

Till I have built Jerusalem,

In England's green and pleasant land;

هنن جذبن ڀريل سٽن ۾ ڪنهن سماج سڌارڪ واري جهلڪ آهي، اها ڪنهن ٻئي دور جي شيءِ هئي. بليڪ ۾ هڪڙو ٻرندڙ عقيدو هو ته انسان پنهنجي خيال ۽ تصور کي صحيح نموني سان استعمال ڪري ته درد سڀ دور ٿي وڃن ٿا. ان ڳالهه ۾ ٿورو شڪ ٿو پيدا ٿئي ته ڇا بليڪ لاءِ يروشلم جو مطلب هلٽن (Hilton) جهڙي مذهبي صوفيءَ جهڙو ته نه آهي، جيڪو چوي ٿو: ”يروشلم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اهو سڪون ۽ امن جو نظارو آهي، ۽ خدا جي عشق جي تڪميل جو فڪري اظهار آهي.“ پر يقيني طور ان يروشلم سان ويجهائي ٿي وڃي ٿي، جتي سونهري ماکي ۽ کير جي برڪت آهي، جيڪو پوئتي وڃي صوفي بزرگ سِئنٽ برنارڊ ۽ پراڻي دور واري عيسائي تصوف سان ملي ٿو. ورڊس ورٿ فطرت جو صوفي شاعر آهي ۽ شاه عبداللطيف جي شاعراڻي روح کان پري آهي، توڙي جو رسالي ۾ ڪيترين جاين تي سريلي شاعريءَ جا ٽڪرا ڍنڍن واري ملڪ جي شاعر جي يادگيري ڏيارين ٿا. ورڊس ورٿ جي رومانويت (Romanticism) شاه عبداللطيف جي لاءِ جيڪر ڪا ڪشش نه رکي ها، جنهن جي پرورش اسلامي توحيد واري سخت ماحول ۾ ٿي هئي.

ٻيو عظيم صوفي شاعر ڊَن (Donne) آهي، جيڪو افلاطون جي فڪري روايتن جو پوئلڳ آهي. پر پوءِ به انهن اثرن ۾ عجيب قسم جو ميلاپ آهي، جن افلاطوني تصوف کي انگريزي خيال ۾ آندو ۽ اهي بهر صورت هن صوفي فلسفي سان نسبت ٿا رکن. جيتوڻيڪ ڊن پنهنجي گهري شاعريءَ ۾ عشق جو جزو به داخل ڪري ٿو ته به خدا جي عشق جي نشي ۾ ٻڏل بيخوديءَ واري ڪيفيت کي شعور مٿان حاوي ٿيڻ نٿو ڏي.

جيتوڻيڪ ڊَن جي گهڻي عڪاسي احساساتي آهي. اسان محسوس ڪريون ٿا ته ڊَن جي ’بيخودي‘ پنهنجي جاءِ تي مناسب  آهي. جتي رواجي خيالن جي دائري ۾ عقل ۽ شعور جي حڪمراني هجي. اتي انسانذات جي گمراه احساسن لاءِ اهي اصل جي نقل جون اڻپوريون تمثيلون آهن، جن ۾ پنهنجو تجزيو پاڻ ڪرڻ واري هن قسم جي عقلي ۽ تنقيدي عمل ۽ رسالي جي تصوف ۾ ڪا هڪ جهڙائي ڪانهي، پر تنهن هوندي به ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ڊَن جي روحاني خيالن جي اظهار جي زبان رسالي جي زبان جهڙي هجي، جيئن مثال طور خودي ۽ بيخوديءَ جو هڪ ٻئي سان تضاد پيش ڪرڻ، سچ کي لهڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ ان کي ڳولڻ ۽ ووڙڻ نه ڪي دل کان ٻاهر ڏسڻ. بهرحال عام نقطهءِ نظر بنيادي طور مختلف آهي. عشقيه شاعريءَ واري ڊن بدران مذهبي ۽ روحاني شاعري واري ڊَن تي معقوليت واري فلسفي جو گهڻو اثر آهي، جنهن ۾ صوفياڻي رويي جي جڳهه ڪانه هوندي آهي، بلڪ هُو ان کان نفرت ڪري ٿو. ڊاڪٽر سپرجين (Dr. Spurgeon) چوي ٿو ته: ”ڊن وٽ عشق لاءِ افلاطوني تصور آهي ته ان جو فقط روح سان لاڳاپو آهي ۽ جسم سان ۽ جسماني موجودگيءَ سان ان جو ڪوبه واسطو ڪونهي. هو پنهنجي نظم ’ايڪسٽيسي‘ (Ecstasy) ۾ ٻن عاشقن جي روحن جي ميلاپ جي ڳالهه اهڙي زبان ۾ ڪري ٿو، جيڪا ثابت ٿي ڪري ته هو پلوٽينس (Plotinus) جي ’بيخودي‘ (Ecstasy) جي وصف سان واقفيت رکي ٿو“(1). ڊن ايلزبيٿ واري دور جو هڪ پڙهيل لکيل عالم هو، جيڪو افلاطون ۽ پلوٽينس واري زبان ڳالهائي ٿو سر هربرٽ گريئسن (Herbert Grieasion) جيڪو ڊن تي هڪ سَند جي حيثيت رکي ٿو، سو ڊن جي مذهبي شاعري واري جوش کان ڏاڍو متاثر آهي.(2) هُو چوي ٿو ته: ”هيءُ اسان جو پهريون گهَرو شخصي مذهبي  شاعر آهي، جيڪو سدائين ڪنهن عيسائي جي ذهن جي عڪاسي ڪونه ٿو ڪري، پر هڪ پرخيال ۽ تيز فهم دماغ ۽ هڪ دکايل دل جون خواهشون ۽ ٽڪراءَ به ظاهر ٿو ڪري. اهو هڪ مڪمل سچ  آهي، پر ڊَن جو جوش ۽ جذبو، حقيقي مذهبي صوفيءَ سان نٿو ڀيٽي سگهجي، ۽ ڪرئشيا (Crashaw) ۽ اسحاق واٽس (Isaac watts) جي واضح جذباتي نظر کان تمام گهڻو پري آهي. ڊن ۽ شاه عبداللطيف جي وچ ۾ ڊن جي هن شعر جي حوالي سان ٿوري گهڻي هڪ جهڙائي آهي:

اندر پاڻ نه ڄاڻون ٿا پيا

ظاهر پاڻ سڃاڻون ٿا پيا

اندر جا ڪجهه شيءِ به رهي ٿي،

ڪَلّ نه تنهن جي ڪابه پوي ٿي،

منهنجي اک جا شيءِ به ڏسي ٿي

منهنجي دل سو رنگ نه پسي ٿي

جيڪو پنهنجو پاڻ سڃاڻي

ڄڻ ٿو ساري دنيا ڄاڻي.

"But we know ourselves least, mere outward shews

Our minds so store,

That our soules nomore than our eyes disclose,

Out forme and colour. Only he who knows

Him selfe, knews more."

اها ٻنهي شاعرن ۾ هڪجهڙائي فلسفي ۾ هڪ ساڳئي نڪتي جي ڪري آهي. اها آهي حقيقت کي پهچڻ ۾ ’ذات‘ جي رڪاوٽ. اها ڳالهه ڊن جي خيال ۾ ڪجهه غير اهم آهي پر اها شاه عبداللطيف وٽ وڏي اهميت رکي ٿي. شاه عبداللطيف، اسحاق واٽس (1674ع-1748ع) ۽ ڪرئشيا (وفات 1650ع) ۾ گهڻيون اهميت جوڳيون هڪ جهڙايون آهن. اسحاق واٽ جو هڪ مذهبي نظم ملاحظه فرمايو:

سائين سرڳ گهاري، ڏسي نه ڪچاين ڪوڙ،

موهڻو مُنهن واري، لڪايو آ لوڪ کان.

"For in the Heavens my God retires

My God the mask of my desires

And hides his lovely face."

ٻئي نظم ۾ وري هيئن ٿو چوي:

تون داور دياوان، آءٌ پاپن جو پڃرو

منهنجي ڪچاين ڪان، لڳئي مولا مُنهن ۾،

"Lord'tis against the face,

my Sins like arrows rise."

وري ڪرئشيا جي پياري شعر جو مطالعو ڪيو، جنهن جون شروعاتي سٽون هيئن آهن:

آگي تو احسان، مولي جڏهن مهر ڪئي

دوڙ وڌءِ مون دل ۾ ته ووڙيان نانءَ نشان

اکڙين تنهنجي عشق جي، ڏنا محبت جا دان

مون کي مهربان، آڙه ساڙج عشق جي.

"Lord when the sense of the sweet grace

Sends up my soul to seek thy frace

Thy blessed eyes breed such desire

I die in love's delicious fire."

هي سٽون جهڙوڪ تقريباً شاه عبداللطيف جون لکيل هجن، اهي سڀ پاڻ وڃائڻ واري ساڳئي جذبي هيٺ لکيل آهن، جيڪو رسالي ۾ جهلڪي ٿو. اظهار جو طريقو به هوبهو ساڳيو آهي. هتي ڊن واري دانشوراڻي خصوصيت موجود ڪانهي. تصوف جي ٻن قسمن ۾ فرق صاف ظاهر آهي: هڪڙي جو تعلق دل سان آهي ته ٻئي جو دماغ سان، هڪ طرف جذبو آهي ته ٻئي طرف خيال.

 

(ج) شاه عبداللطيف جي تصوف جو مذهبي رنگ

انگريزي شاعريءَ جا مثال ان ڪري ڏنا ويا آهن ته جيئن رسالي جي پيغام جي اهميت کي واضح ڪجي ۽ ڏسجي ته اهو ڪيتري قدر انگريز صوفي شاعرن جي پيغام سان هڪجهڙائي ۽ اختلاف رکي ٿو. شاه عبداللطيف جي تصوف ۾ هڪ عشقيه لاڙو آهي، جيڪو شيلي ۽ براؤننگ جي عشقيه تصوف جي قريب آهي. ورڊس ورٿ ۾ ان جهڙي ڪا ڳالهه ڪانه آهي ۽ ان جي وري ڊَن سان ڪا هڪجهڙائي ڪانه آهي. شاه عبداللطيف جي مذهبي عشقيه فلسفي سان وڌ ۾ وڌ جيڪي شاعر ويجهڙائي رکن ٿا، سي ڪرئشيا (Crashaw) ۽ اسحاق واٽس (Issac watts) آهن. انهن ٻنهي شاعرن وٽ عشق جي فلسفي جو پرچار جذباتي ٻوليءَ ۾ ڪيو وڃي ٿو، جيئن خدا جي وجودگي سچائيءَ سان سمجهي سگهجي ۽ دنياوي ماحول جي ڪوڙي پردي کي مٿي ڇڪي، انسان جي دل جي گهرائيءَ ۾ گهڙي، الله ۽ انسان جي صوفياڻي وصل کي حقيقت ڪري ڏيکارجي. رسالي جو حقيقي پيغام مذهبي آهي، هن نقطهءِ نظر کان هن سنڌي شاعر ۽ شيلي ۽ براؤننگ جي وچ ۾ واضح فرق آهي. جيئن شيلي ۽ براؤننگ عشق کي، دنيا کي سمجهڻ لاءِ هڪ ڪنجي سمجهن ٿا، جڏهن ته شاه عبداللطيف عشق جي ڏکن ڏولاَون معرفت وصل جي خواهشمند آهي. عشق مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلو آهي، پر بذات خود مقصد نه آهي. جيتوڻيڪ شيلي ۽ براؤننگ جي عشقيه تصوف ۾ فلسفياڻي گهرائي آهي، جيڪا ان کي مجازي عشق سان ملڻ کان روڪي وٺي ٿي، اهڙي قسم جي معاملن ۾ هنن جون ڏکيائيون ڏور ٿي وڃن ٿيون ۽ آڏڪون امن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، ۽ پوءِ ان ۾ آهي ’هيڪڙائي‘ جيڪا ٻن اهڙن عاشقن جي وصل سبب پيدا ٿئي ٿي، جيڪي هڪ جهڙي سوچ ۽ فڪر رکن ٿا ۽ ان ۾، عشقيه رشتي ۾ مڪمل تسڪين حاصل ٿيندي آهي.

شاه عبداللطيف ان قسم جي حل کان مطمئن ناهي. هن وٽ ان جو حل فرد جي الاهي سمنڊ ۾ ٻڏي گم ٿي وڃڻ ۽ خدا بابت خالص اسلامي تصور ۾ آهي. ان جي شاعري، خدا جي وڏائي جي شان، اسرار ۽ تڪميل اڳيان انسان کي ڪجهه به ڪونه ٿي سمجهي. سو شاه عبداللطيف وٽ عشق صرف الله تائين پهچڻ جو هڪ وسيلو آهي. شاعري خود الله جي سمجهاڻي ڪانه ٿي ڏئي، منتخب جي شروع ۾ جيڪو هن مدحيه نذرانو خدا جي آڏو پيش ڪيو آهي. سو ملاحظه فرمايو:

 

اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي،

قادر پنهنجي قدرت سين قائم آه قديم،

والي، واحد، وحدهُ، رازق رب رحيم،

سو ساراه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.

"In the beginning Allah is

who knoweth all, who sits aloft

the lord of all the world of that be.

He is the mighty, old of days

Of his own power established

He is the lord One Only One

Sustainer and compassionate

Singh ye the praise of Him who heals,

The True One, sing ye praise of Him."

عبادت جي انهي مڃيل رويي جو انگريزيءَ ۾ بدل ڏسڻ لاءِ اسان کي مذهبي گيت ڏسڻا پوندا. جن ۾ ڪنهن حد تائين هڪجهڙائي آهي.

 

سر نمائي نئڙت سين تون سڪ سين ڪر سجود،

ساراهج تون سائين کي جو مٿاهون معبود.

سڪ هن جي شڪتي آ، هنجي طاقت لونءَ لڳاءُ،

تحفظ آهي اسان جو جيڪو باري آه، بچاءُ،

اعليٰ آه اصل کان جيڪو قائم آه قديم،

ويٺو شاهي تخت تي، مولا مستقيم،

ساراه سڀ سائين لئه، جوڳو حمد حڪيم.

"O worship the King"

All glorious above.

O greatfully sing

His power and his love,

Our shield and defender,

The Ancient of Days,

Pavilioned is Splendour

And girded with praise."

ان کان سواءِ صوفياڻو عشق، جنهن سان رسالو ڀريو پيو آهي. سو به اندروني طور مذهبي رنگ ۾ رنڱيل آهي. ان جو مقصد احترام سان ان طاقت جي عبادت ڪرڻ آهي جيڪا انساني ڪوشش کان مٿڀري آهي. اسان جي شيلي ۽ براؤننگ جي فڪر ۾ هم قسم جي ڳولا بلڪل اجائي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هيءُ فڪر خالص اسلامي هوندي به ڄڻ عيسائي پڻ آهي، جيڪو پراڻي عهدنامي عتيق (Old Testament) جي حوالي سان عبراني تصور آهي، جنهن تي نئين ’عهدنامي جديد‘ (New Testament) جو ڪو اثر ڪونه پيو آهي. ايتريقدر جو ’بليڪ‘ جيڪو انگريزي تصوف جو وڏو ۽ جامع شاعر آهي، سو به يڪسوئي سان ان منزل جي انتها تي پهچڻ ۾ ناڪام ويو آهي. بليڪ الاهي تصور جي مونجهاري ۾ ٻين خيالن کان ايڏو ته مغلوب ٿي ويو آهي ۽ انساني تصور جي طاقت ۾ ايڏو وڪوڙجي ويو آهي، جو سچائي کي الڳ ڪري ئي ڪونه ٿو سگهي ۽ پنهنجو پاڻ کي سادي سودي هيڪڙائي واري نظريي سان پابند رکي نه ٿو سگهي. اسحاق واٽس عبديت جي اُچاين ڏانهن بلند پرواز ڪري؛ شاه عبداللطيف جي ويجهو پهچي ٿو. هو تمام تنگ دائري جو شاعر آهي.

حقيقت ۾، جيڪڏهن اسان رسالي جي ڳوڙهي تصوف متعلق ڪو خيال ڏيون ته اسان کي اهو بهرصورت مڃڻو پوندو ته اهو گهڻن عنصرن جو مجموعو آهي. ان ۾ ڪجهه براؤننگ ۽ شيلي جو عشقيه تصور آهي، ڪجهه بليڪ جيان جوشيلو مذهبي جذبو به آهي، واٽس ۽ ڪرئشيا وانگي عام انساني عقيدو پڻ موجود آهي. اسلام ۽ عيسائيت ۾ تصوف اهڙو ئي هڪ پيچيدو معاملو آهي ۽ گهڻين منزلن تي ته ٻئي پاڻ ۾ ايترا ته ويجها آهن، جو ٻنهي جي جوڙجڪ ۾ ڪتب آيل اثرن جي چٽائي به ڪري سگهجي ٿي. اسلام عهدنامي جديد جو تمام گهٽ اثر قبول ڪيو آهي، پر عهدنامي عتيق جي مذهب ۽ قديم يوناني فلسفي سان ان جا گهڻا لاڳاپا آهن. اها فلاسافي افلاطون کان شروع ٿي ۽ ان پلوٽينس جي زماني ۾ دانشوراڻي تصوف جو روپ اختيار ڪيو؛ جتان ان ائمبليڪس (Iambliecs) ڊايونيسئس (Diony sius) ۽ ايريو پنجائيٽ (Areopagite) ۾ مذهبي صورت وٺي يورپ اندر وچين دور ۾ مخصوص عيسائي تصوف جي شڪل اختيار ڪئي. هيءُ اهو دور آهي، جڏهن عربي زبان مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جو وسيلو بڻي هئي. ان زماني تائين خود اسلام ايران جي سوچ جو گهڻو اثر قبول ڪيو هو. ٻڌڌرم ۽ ويدانيت جي نظرين لاءِ به هن جا دروازا بند ڪونه هئا. اهڙيءَ ريت تصوف جي تاريخ ڏاڍي پيچيده آهي، جنهن ۾ گهڻن عقيدن جو ميلاپ ۽ ڳانڍاپو آهي، جيڪي مختلف طريقن سان محدود ذريعن کان آيا هئا.

 

(د) رسالي ۾ شاعراڻي مزاج جي گهڻ- رنگي

هاڻي شاه عبداللطيف جي رسالي جي سريلي شاعريءَ جي گهڻ – رنگيءَ جي متعلق به ڪجهه بيان ڪرڻ گهرجي. هن رسالي ۾ اهڙي گَهرَي جذباتي عنصر وارا ننڍڙا سُرور ڏيندڙ بيت آهن، جهڙا واٽس، ڪرئشيا ۽ ڪلائو (Clough) جي شاعريءَ ۾ آهن. ان کان سواءِ هن ۾ خالص مذهبي بيت به آهن، جن جي مڃيل فصاحت ۽ بلاغت حضرت دائود جي مذهبي گيتن جي ياد تازي ڪرائي ٿي ڇڏي، جن جي زبان ۽ تاثير هوبهو عيسائي مذهبي گيتن جهڙي آهي. مثال ملاحظه ڪيو:

 

اکڙيون راتو ڏينهن، جاڳي پَهرا ڏين،

ڏاڍا توسان نيهن، دلبر منهنجا ديسڙا.

"For thee, mine own dear coutry

Mine eyes their vigils keep."

۽ ملاحظه ڪريو:

 

رب العالمين، توءِ رحمت منجهه رهان

اللهُ آمين، آگا عرض اگهائين.

"For ever with the Lord,

Amen: so let it be."

وري ملاحظه ڪريو:

 

هت مان مسافر، آهيان ٻه ٽي ڏينهڙا،

بهشت منهنجو گهر، ويندس اڏري اوڏهين.

"I'm but a stranger here,

Heaven is my home."

انهيءَ جي مقابلي ۾ براؤننگ وٽ تجسس جهڙا ڪجهه نفسياتي قسم جا سوال آهن ۽ ڪي ڳائڻ واري شاعريءَ جهڙا خالص جواهر آهن، جيڪي ورڊس ورٿ ۽ شيلي جي ياد ڏيارين ٿا. ڳائڻ واري مزاج جا بهترين مثال سنڌ جي عشقيه داستانن جي سرن ۾ موجود آهن. ملاحظي لاءِ سر سهڻيءَ مان هڪ سهڻو بيت مثال طور ڏيون ٿا:

 

اديون سڀ اندام، منهنجا چڙن ڇوريا،

لارُنِ جا لَنوَ لائي، سا ڪِئن آڇيان عام،

لڳس جنهنجي لام، سو دوست دلاسا مُنجي.

"Oh sister! How the tikling bell

Has set my limbs to sprightly dance

To stranger folk how I may. I tell

The love that doth my heart entrance."

ساڳي سر مان هڪ ٻيو بيت مثال طور ڏجي ٿو، جيڪو مٿئن بيت کان گهٽ پيارو ڪونه آهي:

 

هينئڙي حُجون ڇڏيون، قوت رهيم ڪان،

مون تي موٽج مون پرين، ساهڙ ڄام سبحان،

آهيان گهڻو اڄاڻ، ڀر ڀليرا پرين.

"My heart of its hopes is shorn"

No strength within me lies

Come back to me now, my love,

O Sahir, lordly and wise."

ان کان سواءِ شاعري جو هڪ شاندار حصو مينهن تي چيل آهي، جنهن کي ’سر سارنگ‘ سڏيو ويندو آهي. ملاحظي لاءِ ان مان هڪ بيت ڏجي ٿو:

 

آگميو آهي، لڳهه پس لطيف چئي،

وٺو مينهن وڏڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،

ڇن ڇڏي پٽ پئو، سمر سنڀاهي،

وهو مَ لاهي، آسرو الله مان.

"See Saith Latif, the somber, cloud,

Hath lowered and the big-dropped rain

Is fallen. Take the cattle out

And make your way across the plain

Desert your huts: your Panniers fil

Against the need of coming hours,

It is no time in God-despair

To sit and idle. Lo! It showers."

اها اهڙي شاعري آهي، جنهن ۾ شاه عبداللطيف شاعر جي حيثيت ۾ چوٽيءَ تي پهچي چڪو آهي، جنهن ۾ هو شاعريءَ جي آفاقي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، جنهن ۾ نه زمان ۽ نه مڪان جي ڪا حد آهي نه وري ان لاءِ خاص موقعي جي پابندي آهي.

مينهن وسڻ سان محبوب جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ شيلي جيڪي ننڍڙا گيت چيا آهن، سي جيڪڏهن هتي ڏنا وڃن ته ڪا قباحت نه ٿيندي.

"The Season's here

Glad converse and sweet music sound:

Shills cuckoo clear,

The ploughmen fit their ploughshares for the ground.

Herds- mern are heppy. Yea! His bright array

For joyous rain, my friend has donned today."

ترجمو:

وه واهه جي چوماسو آيو،

ڌرتيءَ تي ڄڻ ٿورو لايو،

واه خوشين جون ٻهڪن ٻوليون،

موسيقيءَ جون مٺڙيون لوليون.

ڪوئل سهڻا ڳيچ ٻڌائي،

هاري پنهنجا هر سنباهي،

ماروپنهنجو مال ڪڍن ٿا،

ڏاڍو وَسَ ۾ بود ٿين ٿا،

مينهن اچي ٿو اوٿر وانگي،

صف ۾ صف آ لشڪر وانگي،

دوس اسان ڏي واڳون واريون.

 

سر ڪيڏاري جو اڃان هڪ الڳ مزاج آهي، محرم جي ڏک ۾ چيل بيت آهن. ڪوفي ۾ ڪربلا جو دکدائڪ واقعو جنهن ۾ حَسن ۽ حُسين شهيد ٿيا، جنهن مسلمانن کي هميشه لاءِ شيعه سني فرقن ۾ ورهائي ڇڏيو. اهي رسول ﷺ جي خليفي جي اولاد مان هئا. ڪي مسلمان کين رسول ﷺ جي لافاني پيغام جو نمائندو سمجهن ٿا.

 

پرهه پکي آئيو، ڪربلا مان ڪَهي،

تنهن روضي پاڪ رسول جي اچي هاڪ هنئي،

ته ڏٺم رڪ رئي، تون چڙهه مير محمد ڪارڻي.

 

ٻيو بيت:

 

پرهه پکي آئيو صبح سوارو،

روضي پاڪ رسول جي هنيائين هاڪارو،

مانجهين ڪيو مارو، چڙهه مير محمد عربي.

'Come, O, thou Lord, Muhammad come,

Causer of Causes rise,

An early dove from Kerbela

Its weary journey flies,

Halting by Gods apostle's tomb

It uttereth this doom:

"Muhammad Causer of Causes, Lord

Come, rise up in thy might

The glitter of the flashing sword

Hath shone before my sight."

اڃان به هڪ ٻيو، ليلان چنيسر جو سر آهي، جيڪو من موهڻن ناز نخرن سان ڀريلآهي. هي سر هڪ محبتي جوڙي جي محبت ڇڄڻ بابت آهي، جنهن جو سبب اٻهرو قدم آهي. هن ۾ اٻهرائي ۽ وڏائيءَ کي ڪاميابيءَ سان گڏي پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طريقي سان خوشي ترڪ ڪرڻ جو اظهار سر ڪاپائتي ۾ پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خوش مزاج سٽ ڪتيندڙ ڇوڪريءَ کي ڪاپو نه ڪرڻ ۾ سستي جي سبب ملامت ڪئي وڃي ٿي. ڊگهي عشقيه شاعري جذبن سان ڀريل آهي. ڪڏهن وري عاشقن جي مشڪلاتن جي سادي حقيقت پيش ڪيل آهي. گهڻو ڪري انهن جو اظهار، گهرو نفسياتي هوندو آهي، جنهن ۾ عاشقن جي پڇاڙيءَ جي اون بدران گذرندڙ وارداتن جو سندن دلين تي ٿيندڙ اثر شاعر جو موضوع آهي، جنهن ۾ اندر جو اظهار ۽ خودڪلامي قصي مٿان حاوي هوندا آهن. جنهن صورتحال ۾ سهڻي، سُسئي ۽ مارئي جهڙين بدقسمت عورتن ڏکن ڏاکڙن کي منهن ڏنو ۽ نجات واسطي پاڻ کي وڏيءَ پرک جي اوڙاهه ۾ اڇلايائون ۽ مقصد جي موتي ماڻڻ واسطي جنهن طريقي سان جاکوڙ ڪئي اٿن، ان ڏس ۾ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ شاعر کي سندن دکدائڪ حالت سان ايتري دلچسپي ڪانهي. اهڙا ڪي به گهرا جذبا ۽ احساس ڪونه آهن، جن کي شاهه عبداللطيف جي عظيم ڏات هنرمنديءَ سان نه ڇهيو هجي، ان ۾ خيال ۽ جذبي جي عجيب ميلاپ سان هو پنهنجا سُر ڳائي ٿو. اهوئي سچي شاعريءَ جو مواد هوندو آهي، جنهن ۾، زبان جي نزاڪت ۽ موسيقيت کي ڪنهن ڏورانهين سونهن جي احساس سان ڏاڍي مشڪل سان ملايو ويندو آهي ۽ انسان پنهنجا ٻئي هٿ پکيڙي ٻي انتها تائين پهچڻ جا جتن ڪندو آهي. ورڊس ورٿ چوي ٿو ته ”شاعري سموري ادراڪ جو ساه ۽ اعليٰ روح هوندي آهي.“ موثر ۽ درد انگيز موسيقيءَ جي ذريعي سونهن ۽ سچ جي ڳولا جاري رهندي آهي ۽ اها جستجو، تجربن جي ڦرندڙ گهرندڙ عجيب غريب نظارن جي پٺيان موجود ڪثرت ۾ وحدت ڳوليندي رهندي آهي.

"I too have seen

My vision of the rainbow aureoled face

Of her whom men name, Beauty, proud, austere,

Divinely fugitive, that haunts the world."(1)

ترجمو:

 

مون ڏٺي آ پاڻ، انڊلٺ سوني مُنهن سين،

ماڻهو ڪوٺن جنهن کي ’سونهن‘ نمرتا ساڻ،

جا پڌرائي پاڻ ٿي، جا ساڃهه آه سُڃاڻ،

جنهن ۾ پرور پاڻ، جنهن ۾ جهرمر جڳ جي.

 

اها ئي شاعر جي جستجو ۽ هورا کورا آهي. شاه عبداللطيف انهن انسانن مان آهي، جن جي ٻولن خوشيءَ ۽ مقصد ماڻڻ واري راهه روشن ڪئي آهي.


(1) مئسٽيسزم ان انگلش لٽريچر، ص: 75

(1) مسٽسزم ان انگلش لٽريچر  ص: 75

(2) ميٽافزيڪل پوئٽري – ڊن ٽُ بٽلر ص: xxvii

(1) The Dominion of derams' quoted Richard's principles of literary criticisum.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com