سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :10

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي حضرت جن ٻين ڪيترن بزرگن سان گڏجي ڪنهن ڪم خاطر سال جي ڳوٺ روانا ٿيا (163). اتي جنهن هنڌ رهيا ته پاڻ هر روز صبح جو اٿي سڀ کان پهريائين ڪاٺين جي ڀريءَ خاطر جهنگ هليا ويندا هئا، ۽ جيترا ڏينهن پاڻ اتي رهيا سندن اهو ئي معمول هو. جيتوڻيڪ ٻيا بزرگ جيڪي ساڻن گڏ هئا سي ڏاڍو شرمنده پئي ٿيا ته جيڪر پاڻ ائين نه ڪن.

نقل آهي ته هڪڙي ڏينهن ڪنهن کانئن سوال ڪيو. پاڻ ان کي هڪ دڪان تي ويهاري، ڳوٺ ۾ گدائي لاءِ نڪري پيا. جيڪي کين مليو اهو سڀ آڻي ان شخص جي حوالي ڪيائون. وري به ان کي چيائون ته اڃان ويهه ڪيڏانهن نه وڃجانءِ. ائين چئي پاڻ وري هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ هليا ويا ۽ ايترو سارو ان ملين جو اهو گڏهن تي کڻائي اچي ان فقير جي حوالي ڪيائون.

چون ٿا ته حضرت جن پنجن پاٽين ان جي هڪڙي ماني پچرائيندا هئا ۽ مهمان جي آڏو ٽن ٿالهين ۾ طعام کڻي ويندا هئا. هڪ مهمان لاءِ چئن ڄڻن جو کاڌو پيش ڪندا هئا. پاڻ سنهڙي مانيءَ کي پسند ڪندا هئا. بلڪ چوندا هئا ته سنهڙي ماني اهڙ ماڻهو کارائين ٿا جيڪي مهمان سان حساب ڪتاب رکڻ گهرن ٿا ته هيتريون مانيون کاڌيون اٿس.

نقل ٿا ڪن ته حضرت جن چوندا هئا ته جيستائين مهمان ايترو کاڌو نٿو بچائي جو سندس بچيل کاڌو کائي ٻئي جو ڍؤ نٿي وڃي، ته چئبو ته ان مهمانيءَ جو حق ادا نه ڪيو.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي حاجي شورو جيڪو وره ڳوٺ جوڻ پرڳڻي جو رهندڙ هو سو اچي وٽن مهمان ٿيو. پاڻ سڄو ڏينهن قسمين قسمين جا طعام کيس پيش ڪندا رهيا. آخر حاجي شوري کان رهيو نه ٿيو ۽ چيائين ته ايترا طعام ڇو ٿا کڻي اچو مان ته پهرين منجهان(164) ئي ڍؤ ڪيو ويٺو آهيان. اتي پاڻ فرمايائون ته اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي. البت توهان جي مرضي آهي ته کائو نه کائو.

نقل آهي ته جڏهن ڪو حضرت جن وٽ مهمان ٿيندو هو ته کاڌي کائڻ وقت مهمان وٽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي نه ڇڏيندا هئا. بلڪ دروازو ٻيڪڙي ڇڏيندا هئا ۽ فرزندن ۽ خادمن کي چوندا هئا ته اتان هليا وڃو ۽ کين چوندا هئا ته جڏهن مهمان جي آڏو ڪو ٻيو شخص هوندو ته مهمان کائڻ ۾ شرم ڪندو ۽ سمجهندو ته اهو ماڻهو سندن گرهه پيو ڳڻي. اهڙي طرح جڏهن ڪو مهمان کاڌو بچائي ڇڏيندو هو ته پاڻ ڏاڍي ڦڪائي جي انداز ۾ مهمان کي چوندا هئا ته شايد توهان کي اسان جو کاڌو نه وڻيو جو بچائي ڇڏيو اٿو ۽ پورو نه کاڌو اٿو.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته حضرت جن گدرن جي پوک ڪرائي. چيائون ته جڏهن اهي پچي تيار ٿيندا ته ان مان جيڪا ڪمائي ٿيندي اها سڀ فقيرن کي ڏئي ڇڏينداسين. جڏهن اهي پچي تيار ٿيا ته انهن مان پنج سؤ روپين جي آمدني ٿي. پاڻ اها سڀ خدا جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏيائون.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ڏينهن مخدوم سرور نوح عليہ رحمة حضرت جن ڏانهن سلام ڏياري موڪليا. پاڻ ايڏو خوش ٿيا جو فوراً ڍڳي ڪهي فقيرن کي کارايائون ۽ چيائون شڪر الحمدالله، اسان کي اهڙي شخص سلام مُڪا آهن جيڪو پنهنجي فرزندن کي به نه سڃاڻي سگهندو آهي.

چون ٿا ته جڏهن فقير ذڪر جلي ۾ محو ٿي ويندا هئا ته پاڻ اٿي انهن کي پکو يا جهلي ڪري هڻندا هئا. وري جڏهن اهي ذڪر کان فارغ ٿيندا هئا ته گهر ۾ جيڪو موجود هوندو هو سو آڻي انهن جي آڏو رکندا هئا.

هڪ دفعي ڪا عورت ماني پچائي حضرت جن لاءِ کڻي آئي (165) پاڻ ان جي ڏاڍي عزت ڪيائون ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. چيائون ته

جنهن وٽ ڪجهه نه هجي ۽ اهو ڪجهه کڻي اچي ته ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي.

چون ٿا ته جڏهن ميان ابراهيم مخدوم نوح جو پٽ سندن ڳوٺ ۾ اچي رهيو ته پاڻ اڪثر ان وٽ ويندا هئا ۽ جڏهن وٽس ڪاٺيون نه ڏسندا هئا ته جهنگل جو رخ ڪندا هئا ۽ ڪاٺين جي ڀري آڻي ان کي ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مريد خادم به ساڻن انهيءَ ڪم ۾ همراهي ڪرائيندا هئا.

باب چوٿون

محبت، شوق، وجد ۽ سماع جي بيان ۾:

زماني جو قطب، وقت جو شيخ، مريدن جو حامي، مدعين جو ٽوڙ، بيمار دلين جو طبيب، بشري صفات کان فاني، توڪل ۽ رضا جو ترهو، فنا جي واٽ جو راهي، محققن جي گواهي، مريدن لاءِ چٽائي، اهل تسليم جو اڳواڻ، محبت اندر مضبوط، مريدن کي خدا جي حڪم سان سڏيندڙ، توڪل ڪندڙن جو استاد، محققن جو رهبر، زماني جو مرشد، پنهنجي وقت جو يگانو، نيڪن جو پيشوا، اهل صفا جو برگزيده، اسرار الاهي جي مشڪلاتن جو حل ڪندڙ، اوليا جي حقائق ۽ دقائق جو بيان ڪندڙ، توحيد جي گهر جو خزانو، تفريد جو صاحب، سردارن جي ڍال، نيڪبختيءَ جو سج، ذات احد جي لطف جو پاليل - يعني سيد عبدالڪريم سنڌي قدس الله سره جيڪي فرمايو. هي باب ٻن فصلن تي مشتمل آهي. پهرين فصل ۾ محبت ۽ شوق جو ذڪر آهي. ٻئي ۾ وجد ۽ سماج جو بيان آهي.

فصل پهريون

محبت ۽ شوق

ڄاڻڻ گهرجي ته هن حقير کي ڪهڙي طاقت ۽ مجال آهي جو(166) حضرت جن جي محبت جي ڪنهن حصي کي بيان به ڪري سگهي، ڇو ته ان جي حد يا انتها ڪونهي، جو ان جو اکرن ۾ بيان ٿي سگهي. جيئن مطلوب جي ڪا انتها ڪونهي. تيئن طالب جي پڻ انتها ناهي. وري جيئن محبوب جو انت ناهي، تيئن محبت ۽ محبت ڪندڙ جي به ڪا پڄاڻي ڪونهي. بهرحال هتي ڪجهه ڳالهيون يا نقل جيڪي مخلص مريدن کان ٻڌڻ ۾ آيا آهن، تن جو بيان ڪجي ٿو.

چون ٿا ته حضرت جو مسلسل جهنگل ۾ ويندا رهندا هئا. هڪ ڏينهن ڪنهن فقير جيڪو حضرت جن جو گهڻگهرو هو تنهن کين چيو ته جيڪر جهنگ ۾ نه وڃو ته بهتر. اتي شينهن ۽ ٻيا خونخوار جانور آهن. پاڻ جڏهن اهي الفاظ ٻڌائون ته هيڪاري جهنگ ۾ گهڻو پري وڃڻ لڳا ۽ جهڙوڪ وڌيڪ محبت ۽ چاهه سان اتي گهمڻ لڳا. ڄڻ ته اڳيون ڀوءَ به لهي وين ۽ پاڻ وڌيڪ بي خبر ٿي اهڙين خطرناڪ جڳهن تي وڃڻ لڳا، جتي شينهن جي رهائش هئي. ائين ٿي معلوم ٿيو ته سندن نيت هئي ته ڀلي کين شينهن کائي وڃي. پر آخر کين ڪجهه به نه ٿيو ۽ ڪنهن به شيءِ ايذاءُ نه رسايو.

[68]

متو  واهڙ ڪُن ڪري، ساڀويون ۽ ساج،

پرين نه پئا ڀن ۾، مون پائيندي واجهه.

”دريا مست ٿيو ڪُن پيو ڪري ۽ ساز يعني ڄار به سنڀوڙيو يعني تيار آهي. مون گهڻيئي جهنگ ۾ واجهه وڌا پر پرين مون کي هٿ نه آيا.“

نقل آهي ته حضرت جن چيو ته خيال آيو ته جيڪر مست اگهاڙو ٿي گذارجي ۽ هيءَ گودڙي لاهي ڦٽي ڪجي، پر جڏهن وقت جي عارف مخدوم نوح رحه کي ڏٺوسون ته اهو خيال دل تان لاهي ڇڏيوسون (167)

[69]

صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي ماروئين،

عمر مون جي چت، اوطاقون ٿرن ۾.

]ظاهري لحاظ کان آءٌ هت آهيان، پر باطن جي لحاظ کان آءٌ مارن وٽ آهيان. اي عمر، منهنجي دل تي اهي آهن جن جون اوطاقون يعني رهائش ٿر ۾ آهي.[

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي صبح جو سويل حضرت جن مسجد جي ڀت سان رسو ٻڌي هڪ بيت بار بار پڙهي  رهيا هئا. پر ساڳئي وقت زارو قطار ٿي رنا ۽ شدت محبت وچان لڙڪ سندن ڳلن تي ٿي ڪريا. جڏهن ڏينهن جا ٻه پهر گذريا تڏهن ساڻا ٿي زمين تي ڪري پيا. ڪافي دير ائين زمين تي پيا هئا ۽ مٿن گريي جي حالت جاري هئي. گهڻي دير کان پوءِ جڏهن اٿيا ته هي بيت پڙهڻ لڳا:

[70]

جونري اتي جن، داغ تنهنجو داسڙا،

تون ڪيئن مٿان تن، چنيسر چت کڻين.

]جن جي جيري تي اي داسڙا، تنهنجو داغ آهي. تون چنيسر، تن مٿان پنهنجو چت ڪيئن ٿو کڻين يعني وسارين.[

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته هڪ پوڙهو ضعيف ۽ منڊو شخص سندن خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته دعا ڪريو ته خدا جي ساڃهه نصيب ٿئي. پاڻ ان کي نصيحت  ڪندي فرمايائون ته خاموش رهه ۽ اهڙي ڳالهه وري نه ڪر. مبادا اهي ٻئي ڄنگهون به وڃنئي، ۽ اٿڻ ويهڻ کان به نه وڃين !

هڪ خادم کان نقل آهي ته حضرت جن فرمايو ته خدا عَزوجَل جي عاشقن جا حجرا دوزخ جي تري ۾ هوندا.

هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ دفعي حضرت جن پنهنجي ڳوٺ واپس اچي رهيا هئا ۽ آءٌ ساڻن گڏ هوس. ڪيتري وقت تائين پاڻ ڪجهه به نه ڪڇيا. مٿن محبت ۽ شوق جو ايترو غلبو هو جو کين رستي جو به پورو هوش نه هو ته ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن.(168)

آءٌ پڻ بلڪل چپ چاپ ساڻن گڏ هلي رهيو هوس ۽ ايترو به نٿي ڪڇيم ته ڪو رستو هن طرف يا هن طرف آهي. اهڙي طرح هلندي هڪڙي کاهي ۾ اچي پياسين. جتي گپ چڪ ۾ ڦاسي پياسين جو اتان نڪرڻ لاچار ٿي پيو. آخر پاڻ ڇڏائي وري اچي رستي تي چڙهياسين. تان جو ڳوٺ جي ڀرسان اچي پهتاسين. پر تنهن هوندي به کين پتو ڪو نه پيو ته ڪو گهر جي ويجهو پهتا آهيون. پاڻ اڃان سڌو اڳتي وڌي رهيا هئا. جڏهن پڪ ٿيم ته ڳوٺ ڇڏي اڳتي وڌي ويندا، ته لاچار ڊوڙي سندن اڳ جهليم. تڏهن پاڻ هوشيار ٿيا ۽ پنهنجي گهر جو رخ رکيائون.

[71]

ڪُن ڪلاچي پار، سڏ نه ساٽين،

گهاتوئن سندا مڪڙا، ڪي تڙ ٻئي نهار.

]ڪلاچي جي ڪُن جي پرئين پاسي ساٽين يا ساٿين جو سڏ ڪو نه ٿو ٻڌجي. ان ڪري، ملاحن جا مڪڙا يا ٻيڙا ڪنهن ٻئي تڙ تي وڃي ڏس.[

نقل ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن حضرت جن کي امامن سڳورن جو قصو دل تي تري آيو ۽ پاڻ زارو زار روئڻ لڳا. ان کان پوءِ مراقبي ۾ هليا ويا ۽ جڏهن وري ڪنڌ مٿي کنيائون ته امام حسين رضي الله عنہ جو نالو ورتائون. ليڪن وري گَريي ۾ هليا ٿي ويا. اهڙيءَ طرح رکي رکي مراقبي ۾ ٿي ويا ۽ امام سڳوري جو نالو وٺي گهڙِيءَ گهڙيءَ هاءِ هاءِ ۽ افسوس ٿي ڪيائون. ايتري قدر جو روئڻ سبب ڳالهائي نٿي سگهيا.

[72]

ڳوريَ ٻي نه تات، ميهار ئي من ۾،

جو پڻ پيئي رات، هو سائر هوءَ سهڻي.

]ويچاريءَ کي ٻي ڪا تات ڪونهي، رڳو ميهار کي ئي ياد پئي ڪري، توڙي جو رات پئجي وڃي تڏهن اهو دريا ۽ اها سهڻي!] (169)

چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن ڪا عورت حضرت جن وٽ آئي ۽ پنهنجي مڙس جي شڪايت ڪرڻ لڳي ته مون کي ڏاڍا ڏک ٿو ڏئي ۽ نماز پڙهڻ کان روڪي ٿو. اهو ٻڌي مٿن الاهي محبت ۽ شوق اچي غلبو ڪيو، ۽ اشتياق جا ڳوڙها سندن ڳلن تان وهڻ لڳا. ان وقت سندن زبان تي هيٺيون بيت جاري هو:

[73]

هوتُ نه ڏٺائون، ڏوهه نه ڏيان جيڏيين،

مٿي ڪري هٿڙا، هوند مون جيئن رنائون.

]جيڏين سرتين کي، ڪهڙو ڏوهه ڏيان جو هنن هوت کي ته ڏٺو ئي ڪو نه، ورنه مون وانگر مٿي تي هٿ رکي روئن ها![

نقل ٿا ڪن ته ڪنهن مريد حضرت جن کي عرض ڪيو ته هڪڙو بزرگ هو، جو ٻارنهن سال سانده الاهي محبت ۾ آسمان ۾ اکيون وجهي هڪ هنڌ بيٺو رهيو. پاڻ فرمايائون ته جيڪي هن ڏٺو هو، سو جيڪڏهن اسين ڏسون ها ته چوويهه سال ائين بيهي رهون ها.

[74]

مجا ڪِئا مُهانِ، ڪُلين مٿي ڪينرا،

سپڙ ڄام سيڻانِ، ويهي رات ورنئو.

]هنن جا منهن سرها آهن ۽ ڪلهن تي ڪينرا اٿن ڇو ته رات سپڙ ڄام ساڻن ويهي ورونهن ڪئي آهي.[

نقل آهي ته هڪ دفعي حضرت جن پاڻ ويٺا هئا ته اتفاق سان هيءَ مصرع سندن زبان مان نڪتي:

ڪنهن سر سندا هنجهڙا، ڪٿي ٿا چُڻن؟

”اهي هنج ڪهڙي چشمي جا آهن ۽ ڪٿي ٿا چڳن؟!“ (170)

انهيءَ مصرع چوڻ شرط محبت ۽ شوق وچان سندن اکين مان نار وهڻ لڳا، ۽ سندن ڳلن تان ڳوڙهن جي بوندن بس نٿي ڪئي. مٿن ايتري قدر گريي جي ڪيفيت طاري ٿي جو ٻي مصرع نه چئي سگهيا.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي هلندي حضرت جن جو پير ترڪي پيو. انهيءَ وقت جيڪو مريد ساڻ هين تنهن عرض ڪيو ته اوهان پنهنجي فرزندن سان گڏ رهو ۽ جيئو ته بهتر. پاڻ فرمايائون ته، ائين نه چئو بلڪ چئو ته فقيرن سان گڏ رهو ۽ جيئو.

چون ٿا ته حضرت جن هيٺيون بيت نهايت سوز ۽ افسوس، بي انتها محبت ۽ شوق سان هر هر پيا پڙهندا هئا:

[75]

آيل، سوهڻو رد سوهڻي ڪام وسهي،

ستي هئڙا گڏ، جان جاڳان تان ناهه پرين.

]اي امڙ، خواب لهڻ بيڪار آهي، خواب تي اعتبار نه ڪجي. ننڊ ۾ گڏ هئا، پر جڏهن جاڳيس ته ڇا ڏسان ته پرين آهي ئي ڪو نه![

فصل ٻيو

سماع ۽ وجد جي بيان ۾

ڄاڻڻ گهرجي ته هن سلسلي ۾ حضرت جن بابت تمام گهڻا نقل آهن، ليڪن اسان هتي مختصر طور چند بيان ڪريون ٿا.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته جوانيءَ جي زماني ۾ حضرت جن سماع پئي ڪيو ته اتفاق سان قوال هي بيت چيو:

[76]

اکڙيون ملير ۾، جنين راتو ڏينهن،

عمر آسائتن سين، هاڻي ڪندين ڪيئن !

]اهي جن جون اکيون رات ڏينهن ملير ۾ اٽڪيل آهن، تن آسائتن سان، اي عمر ! تون هاڻي ڇا ڪندين؟![

چون ٿا ته انهيءَ بيت ٻڌڻ سان حضرت جن تي شوق ۽ وجد ايترو (171) غلبو ڪيو جو جيڪو لباس مٿي ۽ ڪلهن تي هين، سو لاهي قوال کي ڏنائون ۽ پاڻ پٺيءَ اگهاڙا حجري اندر هليا ويا، ۽ مراقبي ۾ اچي ويهي رهيا. ان تي قوال چادر آڻي اڳيان رکين ته بت تي ڍڪين. پاڻ چيائون ته هرگز موٽائي نه وٺنداسون. ٻيا ڏهه ڪاسا نانگليءَ جا گهر ۾ پيا آهن، سي به توکي بخش ڪيون ٿا. اڄ جيڪڏهن گهر ۾ ٻيو ڪجهه هجي ها ته اهو به توکي ڏئي ڇڏيون ها. پر رڳو ايترو حاضر آهي. پوءِ هڪ مريد کي چيائون ته گهران ڏهه ڪاسا نانگليءَ جا وٺي قوال کي ڏي.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته حضرت جن سماع ّپئي ڪيو ته اوچتو ٻئي قوال جو هڪ بيت سندن ڪنن تي پيو. ٻڌڻ شرط زمين تي ڪري پيا. سڀني ڀانيو ته هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويا. ڪجهه دير کان پوءِ قوال ٻيو بيت ڏنو. جڏهن اهو آواز ڪنن تي پين ته هوش ۾ آيا ۽ وري پاڻ سماع ۾ مشغول ٿي ويا.

فرمايائون ته ڪي ماڻهو علم پڙهيا، ڪي ٻيا ڪم سکيا، پر مان سماع سکيس، ۽ ٻئي ڪنهن شيءِ جو خيال نه ڪيم.

هڪ دفعي سماع ڪندي وجد ۽ حال اچي مٿن غلبو ڪيو، ۽ الاهي محبت ۽ شوق سندن جسم جي رڳ رڳ ۾ داخل ٿي ويو. اهڙي وقت پاڻ هي بيت پئي پڙهيائون:

[77]

ڏيهه ڏيهائين ناهه، جتي پير نه پکيان،

تتي کاهوڙيان، ور ڏيئي وڻ چونڊيا. (172)

]هيءُ ڏيهه ٻين ڏيهن جهڙو ناهي، هتي پکين جو پير به نه ٿو پهچي. اهڙي هنڌ کاهوڙين ور ور ڏيئي وڻن مان ميوا چونڊيا.[

چون ٿا جيڪي بزرگ انهيءَ سماع ۾ حاضر هئا، تن سڀني چيو ته حضرت جن نهايت اعليٰ بيت چيو آهي. جڏهن پاڻ اها خبر ٻڌائون ته بزرگ هينئن ٿا چون، تڏهن فرمايائون ته هي بيت ته آسان آهي، البت هيءَ مصرع پروڙڻ گهرجي:

مون پريان جا پکڙا، تهان پري ٿئا.

]منهنجي محبوب جو مڪان، اڃان انهيءَ کان به پري آهي.[ اها مصرع ٻڌي سڀ خاموش ٿي ويا.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن سماع ۾ ڏاڍو مشغول هئا ۽ الهيٰ مستي ۽ حقيقي قرب وچان هر هر هٿ مٿي کنيائون. آخر مٿي تي جيڪا پڳ ٻڌل هين سا لاهي قوال جي نذر ڪيائون. اهو ڏسي سندن مريدن ۽ خادمن پڻ هڪ هڪ چادر انهيءَ قوال کي پيش ڪئي. ليڪن هڪڙي مريد ائين نه ڪيو ۽ پنهنجي چادر نه ڏنائين. سماع کان فارغ ٿي جڏهن پنهنجي حجري ۾ واپس آيا ته مريد کان پڇيائون ته اهو ڪهڙو مريد هو جنهن پنهنجي چادر نه ڏني. اهو معلوم ڪري چوڻ لڳا ته مريد کي پنهنجي پير جو ادب ڪرڻ گهرجي. اهو ٻڌي اهو مريد ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ ان کان پوءِ هو چوندو هو ته منهنجي دل مان اهو افسوس ڪڏهن به نه ويندو ته حضرت جن جي پيروي ڇو نه ڪيم .(173)

چون ٿا ته اهڙي سماع جي بيٺڪ مشڪل ٿي هوندي جنهن ۾ حضرت جن پاڻ حاضر به هجن ۽ پنهنجي چادر لاهي قوال کي نه ڏني هجين. البت هڪ دفعي جڏهن پاڻ سماع ۾ مشغول هئا ۽ جڏهن فارغ ٿيا ته وٽن ڪا چادر وغيره ڪو نه هئي جو قوال کي ڏين. انهيءَ تجسس ۾ پاڻ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳا. آخر سترنهن پئسا ڏيئي هڪ ٻئي شخص کان ورتائون ۽ اها قوال جي حوالي ڪري پوءِ گهر آيا.

فرمايائون ته سماع اهڙو علم آهي جنهن ۾ هر گز خطرو نه آهي. چون ٿا ته پاڻ جڏهن به سماع جي محفل ۾ هوندا هئا ته مريدن خادمن کي ٻئي ڪنهن به ڪم ڪار لاءِ نه چوندا هئا، بلڪ انهن کي به هدايت ڪندا هئا ته سماع ۾ مشغول ٿي وڃو. ائين به چون ٿا ته پاڻ جيڪڏهن رات جو سماع  شروع ڪندا هئا ته صبح جو فارغ ٿيندا هئا ۽ اهو سمورو وقت لاڳيتو سماع جاري رهندو هو ۽ ٻيو ڪو ڪم نه ڪندا هئا.

روايت آهي ته حضرت جن ڪڏهن به ٻاهر يا پري کان بيهي سماع نه ڏسندا هئا. بلڪ جيئن سماع جو آواز ڪنن تي پوندو هون ته مردن وانگر ڪمر ٻڌي وچ تي اچي ويهندا هئا ۽ سماع ۾ شروع ٿي ويندا هئا. فرمايائون ته هميشه سماع ڪرڻ سان مردو به جيئرو ٿي پوي ٿو. چون ٿا ته سماع کي ڇڏي جڏهن ڪو مريد وٽن ايندو هو ته ان کي جهليندا هئا ته سماع اڌ ۾ ڇڏي مون وٽ نه اچو(174) وڃو ۽ وڃي سماع ۾ شامل ٿيو.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڪي فقير سماع ڇڏي اچي ذڪر ڪرڻ لڳا. حضرت جن پاڻ بيٺا هئا ۽ انهن ڏانهن ڪوڙي نظر سان ڏسندي چوڻ لڳا ته ڇا سماع ذڪر نه هو جو اهو ڇڏي ذڪر ۾ مشغول ٿيا آهيو.

نقل آهي ته پاڻ چيائون ته سماع ۾ حصو وٺندڙ ٻن قسمن جا آهن. هڪڙن جو مثال ڏهندڙ جهڙو آهي ته ٻين جو پيئندڙ وانگر. ڏهندڙ اهي آهن جيڪي سماع ڪن ٿا ۽ پيئندڙ اهي آهن جيڪي اُڀا سماع ڏسن ٿا پر دل جي حضور سان ان ۾ حصو  وٺن ٿا.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته پاڻ ٺٽي جي خانقاه ۾ ويٺا هئا جو اتي هڪ فقير آيو. ويهڻ کانپوءِ ان فقير هڪ بيت پڙهيو. پاڻ جيئن اهو بيت ٻڌائون ته مٿن وجد ۽ حال اچي غلبو ڪيو. بس پوءِ ته پاڻ سماع ۾ شروع ٿي ويا ۽ اتي جيڪي سندن مريد موجود هئا، انهن به سندن خاطر سماع شروع ڪري ڏنو.

نقل آهي ته پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ جڏهن پاڻ گهڻو ضعيف ٿي ويا، تڏهن به هميشہ اڌ رات جو اٿي سنڌي بيت جهونگاريندا هئا. وڏي اسر جو جڏهن فقير اچي سندن حجري جي ٻاهران گڏ ٿيندا هئا، ته اهي پڻ ساڳئي طرح بيت چوندا هئا ۽ سماع ڪندا هئا. والله اعلم بالصواب.

باب پنجون

توحيد ۽ ان جي سمجهاڻي

عزت جو صاحب، اوليائن جو ممدوح، اهل صفا جو نمونو، طريقت ۽ تقويٰ جو سالڪ، الاهي واٽ جو شيخ المشائخ، طريقت جو امام، اهل تصوف جو بادشاهه، (175) تڪلفات کان وانجهيل معرفت جو قطب تارو، وحيد عصر، امام دهر، زماني جو يڪتا، بلند قدر وارو، دلين جو سرور، تاريڪ رستي جي روشني، دلين جو مالڪ، زاهدن جي ٽولي جو شرف، اهل فقر ۽ صفا جو جوهر، ذات رحيم جو پسنديده، الاهي اسرارن جي کاڻ حضرت سيد عبدالڪريم شال خدا ان جي قبر کي منور ڪري، توحيد جي باري ۾ جيڪي چيو يا ان جي سمجهاڻي ڏني.

ڄاڻڻ گهرجي ته هن خاڪسار فقير کي ڪهڙي طاقت جو حضرت جن جيڪا روشني پکيڙي ان جي ڪنهن حصي کي به بيان ڪري سگهي. البت سڄڻن جي فرمائش پوري ڪرڻ خاطر جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون، انهن کي ترتيب ڏئي پيش ڪجي ٿو. ڇو ته چيو اٿن العاقل يکفيہ الاشاره: عقل واري لاءِ اشارو ڪافي آهي.

فرمايائون ته ٽيڏو ماڻهو هڪ شيءَ بدران ٻه ڏسندو آهي. اهو نقص پاڻ ۾ اٿس پر ڏوهه ٻين تي ڏيندو آهي.

[78]

پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،

جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.

]جيستائين اکين کي روئي ڌوئي صاف نه ڪبو، تيستائين اهي اکيون جن ۾ ميراڻ ۽ لڙاٽيل پاڻي اچي بيٺو آهي، سي پرينءَ کي ڪيئن ڏسي سگهنديون.[

فرمايائون ته خدا جي ذات سج مثل آهي، پيغمبر عليہ الصلاة والسلام ان جي پرتوي جيان آهن ۽ ٻي موجودات ان جو پاڇو آهي. پاڇي جو مدار پرتوي تي آهي ۽ پرتوي جو مدار سج جي وجود تي آهي. اهو آهي مثال خدا تعاليٰ، حضرت محمد ﷺ ۽ ٻيءَ موجودات جو. هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته هيءَ سموري روشنائي سج کان آهي ته سچ چيائين.(176) پر جيڪڏهن ائين چوي ته هيءَ روشني سج جي آهي ۽ اهو نظر ڪو نه ٿو اچي تڏهن به سچ چيائين.

جيئن چيو اٿن:

عالمي چيست بر زخي جامع

صورت خلق حق درو واقع

عالمي نيست ولي هست نما

حق هست ولي نيست نما.

]هي عالم ڇا آهي؟ هڪ گڏيل برزخ، جنهن ۾ مخلوق ۽ حق ٻنهي جي صورت واقع آهي. عالم آهي ئي ڪو نه، پر لڳي ٿو ته آهي، حق آهي پر ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي![

سمجهاڻي: جيڪڏهن ٻرندڙ اُماڙي هٿ ۾ کڻي چوڌاري ڦيرائبي ته باهه جو هڪ گهيرو نظر ايندو. سڀڪو سمجهندو ته اهو باهه جو گهيرو يا دائرو آهي، پر جيئن ئي ان کي ڦيرائڻ بند ڪبو ته اها ئي اماڙي، نظر ايندي. هي عالم يا جهان پڻ انهيءَ باهه جي گهيري وانگر آهي جيڪو ماڻهن کي ائين نظر اچي ٿو. پر اصل ۾ اهو ئي آهي جو پاڻ آهي.

فرمايائون ته ڪثرت کي نظر ۾ نه آڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سڀ وحدت آهي. خدا ذات جي ڪري احد آهي ۽ صفات جي ڪري واحد.

سمجهاڻي: جيڪڏهن انب جي ککڙي پوکبي ته ڪجهه وقت کان پوءِ ان منجهان انب جو ٻوٽو پنن ۽ ٽارين سوڌو ظاهر ٿيندو. اهڙيءَ طرح مختلف قسم پيدا ٿين ٿا. ليڪن سڀني جو اصل يا منڍ اها ککڙي يعني ٻج آهي، جيڪا شروع ۾ پوکي وئي، ۽ وڻ ٿيڻ کان پوءِ ان کي ڳولهبو ته هرگز نه ملندي.

فرمايائون ته جيڪي ظهور ٿئي ٿو، سو سڀ اهو ئي آهي.(همه اوست) انهن لباسن ۾ پاڻ کي پڌرو ڪيو اٿس. هي خلق جي مٿان جيڪي نالا آهن، سي سڀ سندس نالا آهن.

آن پادشاه اعظم دربسته بود محڪم

پرشيده دلق آدم ناگاه برسر آمد

]اهو عظيم بادشاهه جيڪو پنهنجي جڳهه تي محڪم ۽ مضبوط هو اوچتو آدم جي لباس ۾ اچي ظاهر ٿيو.[

ان کان پوءِ قاضي قادن رحه جا بيت پڙهيائون:

[79]

”لا“ لاهيندي ڪن کي  ”لا“ موراهين ناهه،

بالله ري پريان، ڪٿ نه ڏسجي ڪي ٻيو. (177)

]لا جو لفظ چئي ڪنهن ڪنهن جو انڪار ڪندي. ”لا“ دراصل آهي ئي ڪو نه. خدا جو قسم، پرين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر ئي ڪو نه ٿو اچي![

[80]

“لا“ مَ لوڌي ڪڍ، الامَ لاهه لک سين،

جو مظهر سندو ماڙهئين، تنهن ڪيئن ڪري وڍ.

”لا“ واري لفظ کي ڇڏي نه ڏي، ۽ ”الا“ جي لفظ کي پڻ هڪ لمحي لاءِ نه وسار. اهو جيڪو انسانن جو مظهر آهي، تنهن کي ڪيئن ٿو الڳ ڪري سگهين!؟

بيت

سائر ڏيئي لت، اچي نيچي ٻوڙئي،

هيڪائين هيڪ ٿئو، ويئي سڀ جهت.

]درياءَ اٿل ڏيئي سڀ هيٺانهيون مٿانهيون ٻوڙي ڇڏيون. هر طرف هڪجهڙو ٿي ويو، ۽ سڀ طرف گم ٿي ويا.[

انهيءَ بيت جي جواب ۾ حضرت جن وري فرمايو:

[81]

سائر ڏيئي نه لت، اوچي نيچي سڀ کي،

نابودي نا ٿئي، اي ناديدي جهت .

]درياءَ سڀ ڪنهن هيٺاهينءَ مٿاهينءَ کي لت نٿو ڏئي. ڪو به طرف نابود نٿو ٿئي، پر ڏسڻ ۾ نٿو اچي.[

سمجهاڻي: جڏهن درياهه ڪنهن طرف پالوٽ ڪندو آهي ته اتي بيٺل ساوڪ يا گاهه اهڙيءَ طرح لٽجي ويندو آهي جو ڪجهه نظر نه ايندو آهي. دراصل انهيءَ پالوٽ جي ڪري اها ساوڪ ختم ڪو نه ٿي ويندي آهي، يعني نابود نه ٿيندي آهي، ان کي هستي آهي، البت رڳو نظرن کان اوجهل ٿي ويندي آهي.(178)

فرمايائون ته وليءَ تي اهو نالو ان ڪري پيو جو اهو خدا جو نالو آهي. پر ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي ڪو نه ٿا ته اهو نالو هن پاڻ کي ڏنو آهي. يعني آدم جي صورت ۾ اظهار ڪيو اٿس ۽ پنهنجين صفتن جي پوشاڪ به هن کي ڍڪائي اٿس. انهيءَ ڪري، مريد کي کپي ته هر شيءَ کي، خدا جي طرفان ڪري ڄاڻي ۽ پنهنجي پير جي طرفان نه سمجهي.

سمجهاڻي: پاڻي اصل ۾ هڪ قسم جو آهي، پر جڏهن اهو گدري يا ڇانهين ۾ پهچي ٿو تڏهن اهو ميوو رسي تيار ٿئي ٿو. پر کائڻ وقت هر ڪو چوندو آهي ته هي گدرو آهي يا انب، ۽ اهو خيال نه ڪندو آهي ته جيڪڏهن پاڻي نه هجي ها ته اهي ميوا هرگز پچي تيار نه ٿين ها. مطلب ته اصل ۾ اهو ساڳيو پاڻي آهي، پر جڏهن مختلف نوعن ۾ ظهور ڪيائين، تڏهن هر هڪ مان جدا جدا لذت ۽ مزو آيو. پر  انهيءَ ڪري ماڻهو اصل کان غافل ٿي ويا.

فرمايائون ته بندو اوزار آهي ۽ حق تعاليٰ  ان جو هلائيندڙ يا فاعل آهي.

سمجهاڻي: نڙ وارو جڏهن نڙ وڄائيندو آهي، تڏهن ماڻهو سمجهندا آهن ته نڙ ٿو وڄي. پر اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي زور ۽ فن سان نڙ مان آواز ڪڍندو آهي، سو خواب خيال ۾ به ڪو نه هوندو اٿن، ۽ ڀائيندا آهن ته آواز ئي نڙ مان ٿو نڪري !

چيائون ته جيڪو مريد اهو سمجهي ٿو ته سڀ ڪجهه پير ڏئي ٿو يا ان کان ملي ٿو، اهو بلڪل غلط ٿو سوچي جيڪي ڪجهه ملي ٿو سڀڪجهه خدا جي طرفان آهي ۽ ان کان سمجهڻ گهرجي.

فارسي بيت:

روا باشد انالحق از درختي - چرانبود روا از نيڪبختي.

فرمايائون ته بي صورت (مطلق) صورت (خلق) ۾ ظهور ڪيو، تنهن ڪري ان بي صورت ذات مطلق کي صورت(خلق) ۾ ڏسڻ گهرجي. اصل ۾ صورت (خلق) آهي ئي ڪو نه. ساڳي بي صورت آهي. پر بي صورت کي صورت کان سواءِ ڏسي نه سگهبو.

سمجهاڻي: مختلف رنگ جي شيشن ۾ پاڻي وجهبو ته هر هڪ شيشي ۾ پاڻي انهيءَ رنگ جو ڏسڻ ۾ ايندو. جيتوڻيڪ اصل ۾ پاڻي اهو ئي ساڳيو آهي.

چيائون ته خدا تعاليٰ فرمايو ته اول ارادو ڪيم (179) ته پنهنجي صفت پڌري ڪريان، ان ڪري عالم پيدا ڪيم. وري جڏهن ارادو ڪيم ته پنهنجي ذات ظاهر ڪريان، تڏهن آدم کي پيدا ڪيم ۽ ان کي پنهنجو آئينو بنايم، ته جيئن پاڻ کي انهيءَ ۾ ڏسان.

[82]

ڪاجا پر پرين، سا نه سئي نه ٻڌي,

متيون سڀ منجهن، انهيءَ ڏٺئي قضيي.

]دوست جي روش ۽ هلت اهڙي آهي، جيڪا نه ڪنهن ٻڌي آهي نه سمجهي آهي. اهڙي حالت ڏسڻ سان عقل ۽ مت سڀ ختم ٿي وڃن ٿا.[

فرمايائون ته ڇا جو مغز ڇا جي کل، سڀڪجهه اهو ئي آهي !

سمجهاڻي: جهڙيءَ ريت هڪ باغائي جيڪو باغ لڳائيندو آهي، ان کي خبر هوندي آهي ته ڪهڙو ٻج پوکيائين ۽ ان مان ڪهڙو وڻ ۽ ڪهڙو ميوو پيدا ٿيندو. اهڙيءَ طرح عارف جو مثال به ان جهڙو آهي جنهن کي هڪ وقت سڀ ختم خبر پوندي آهي ته اول ۾ خدا جي ذات هئي جنهن پنهنجو ظهور ڪيو ۽ پوءِ جڏهن سڄي موجودات کي فنا ڪندو ته ڪجهه نه بچندو. ليڪن سندس ذات هميشہ کان آهي، باقي رهندي.

چيائون ته خدا تعاليٰ جو فرمان آهي: ”ال آن کماکان“ يعني ”هاڻي به ائين آهي، جيئن اڳي هو.“

سمجهاڻي: درياءَ جي پاڻيءَ تي حباب يا جرڦوٽا ظاهر ٿيندا آهن. سي درحقيقت حباب ڪونهن. بلڪ انهن کي اهو نالو ڏنو ويو آهي. اصل ۾ درياءَ آهي، باقي ٻين جو وجود ڪونهي.

فرمايائون ته ڏسڻ ۾ ٻه آهن، پر اصل ۾ اهي ٻه هڪ آهن.

سمجهاڻي: جڏهن ڪو خالي گنبذ ۾ آواز ڪڍندو آهي ته ٻئي طرف کان ساڳئي قسم جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. سڀ سمجهندا آهن ته اهو ٻئي ڪنهن جو آواز آهي. پر حقيقت ۾ اهو ته پهرئين آواز جو پڙاڏو هوندو آهي.

چيائون ته خداوند تعاليٰ جو فرمان آهي: ڪنت کنزاً مخفياً فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق: ”آءُ هڪ لڪل خزانو هوس، گهريم ته سڃاڻجان، پوءِ هن خلق کي پيدا ڪيم.“(180)

[83]

پاڻهي سلطان، پاڻهي ڏي سنيهڙا،

پاڻ ڪر پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.

]پاڻ ئي بادشاهه آهي ۽ پاڻ ئي نياپا ٿو موڪلي. پنهنجي انت جي به کيس خبر آهي ۽ پاڻ کي پاڻ سڃاڻي ٿو.[

چيائون ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته: يا ايهالذين آمنو..اي ايمان وارؤ....اتي به پاڻ ڏي خطاب اٿس، ٻئي ڪنهن ڏانهن نه ڀائنجو.

[84]

اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،

هاڻي وڃ گمان، صحيح سڃاتا سپرين.

]جن جي اسان کي سڪ آهي، سي ته اسين پاڻ آهيون. هاڻي اي گمان پري ٿيءُ، جو اسان پنهنجي محبوب کي صحيح سڃاتو آهي.[

فرمايائون:لافاعل في الوجود الالله. يعني ”الله کان سواءِ موجودات ۾ ٻيو ڪو غافل نه آهي“ چيائون، اهو به فرمان خداوندي آهي ته آءٌ جهڙيءَ طرح انسان سان گڏ آهيان، اهڙيءَ طرح ٻي ڪنهن مخلوق سان نه آهيان.

فارسي بيت

عالم نبود ولي حق بود

بعد از ظهور حق عالم شود

]هي جهان ڪو نه هو ته حق هو، حق جي ظهور کان پوءِ هي جهان ٿيو.[

چيائون ته حضرت رسالت مآب صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو قول آهي:

’اَنا احمد بلا ميم‘ يعني آءٌ ميم کان سواءِ احمد آهيان.

بيت فارسي

زد خنده که من بعکس خوبان جهان،

در پرده عيان باشم بي پرده نهان .

فرمايائون: الحقيقہ ساري ”في الاکوان“ يعني ذات حقيقت هر شيءِ ۾ سير ڪندڙ يا موجود آهي.

سمجهاڻي: برسات پوڻ سان جيڪڏهن برسات جو قطرو سپ جي پيٽ ۾ ويندو آهي ته اهو موتي بنجي پوندو آهي. پر جيڪڏهن نانگ جي وات ۾ پوندو آهي ته زهر ٿي پوندو آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪلراٺي زمين (181) تي پوندو آهي ته لوڻ ڄمي پوندو آهي. جيتوڻيڪ برسات جو پاڻي ساڳيو آهي پر مختلف هنڌن تي پوڻ سان ان جو اثر يا نتيجو به مختلف ٿئي ٿو، بلڪ جنهن شيءِ جو جهڙو ظرف آهي، ان مان اهو نتيجو يا اثر نڪري ٿو.

فرمايائون ته تنزيہ ۽ تشبيہ ٻئي ساڳي ڳالهه آهن، حالانڪه ٻئي مختلف نالا آهن. تنزيہ عين تشبيہ آهي ۽ تشبيہ عين تنزيہ آهي. پر فقير کي تنزيہ ۽ تشبيہ ٻئي پروڙڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته پکي هڪ پکڙانڊيءَ سان اڏامي ڪو نه سگهندو. تشبيہ جو مطلب آهي ته موجودات ۾ جيڪي اکين سان ڏسجي، ڪنن سان ٻڌجي يا جيڪو به قول ۽ فعل صادر ٿئي، سو سڀ خدا جي ذات کان ڄاڻجي، تنزيہ جو مطلب آهي ته هيءُ جهان ۽ منجهن جيڪي ڪجهه ظهور ۾ اچي ٿو، سو ٻئي کان نه ڄاڻجي، پر ائين سمجهجي ته جيڪي به جهان ۾ موجود آهي، سو سڀوئي اهو آهي، ٻيو ڪجهه نه آهي.

سمجهاڻي:جيئن ڪو ماڻهو پري کان رڃ ڏسي سمجهندو آهي ته اهو پاڻي آهي، پر جڏهن ويجهو ويندو آهي ته خبر پوندي اٿس ته ڪجهه نه هو. هيءُ جهان پڻ رڃ وانگر آهي، پر ماڻهو ان کي وڏي شيءِ سمجهن ٿا. حقيقت ۾ ڪي ڪين آهي. جيڪي آهي سو اهو آهي.

فرمايائون ته خدا تعاليٰ پير يا مرشد جي اک سان ڏسي ٿو. ان کي هرگز غير کان نه ڀائنجو.

[85]

جنهن سر سندو نور، جيلاه سو سونهون ٿئي،

تيلاه لڀن سپرين، ڳالهه لهجي مور.

”اهو جنهن چشمي جو نور آهي، تنهن ڏانهن ئي رهنمائي ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت سپرين لڀي ٿو. ڳالهه جو اصل مقصد ائين لهجي ٿو.“

فرمايائون ته قرب جا ٻه قسم آهن. هڪڙو قرب فرائض ٻيو قرب نوافل. قرب فرائض جو مطلب آهي ته شيءِ ۽ ان جي فعل ڪندڙ ٻئي حق تعاليٰ آهي. قرب نوافل جو مطلب آهي، ته بندو پاڻ اها شيءِ هجي ۽ فاعل خدا تعاليٰ !

سمجهاڻي: جڏهن ڏيئو روشن هوندو آهي ته ماڻهو ان جي وٽ ۽ تيل طرف ڌيان نه ڏيندا آهن، حالانڪ تيل ۽ وٽ کان سواءِ اهو روشني ڪري نٿو سگهي. پر عام ماڻهو وري به ائين سمجهندا آهن (182) ته اها روشني ڏيئي منجهان پئي نڪري.

فرمايائون: ڪُل قولِ قول الله وکُل فعل فعل الله. يعني سڀڪو قول خدا جو قول آهي، ۽ سڀڪو فعل خدا جو فعل آهي.

سمجهاڻي: جڏهن دهلاري، دهل تي ڏونڪو هڻندو آهي ته جيڪو آواز نڪرندو آهي، ان لاءِ ماڻهو سمجهندا آهن ته اهو دهل ٿو آواز ڪري، اهو خيال ئي نه ڪندا آهن ته جيڪڏهن ان جو اندر خالي ۽ پورو نه هجي ته اهو آواز جيڪر پيدائي نه ٿئي ! چيائون ته انسان جو پيٽ به ائين پورو آهي. پوءِ جيڪڏهن ان مان ڪو آواز نڪري ٿو ته اهو انهيءَ کان سمجهڻ نه گهرجي. بلڪ ان آواز جو ڪندڙ اصل ڪو ٻيو آهي.

سمجهاڻي: جڏهن ڪو ماڻهو سکڻي يا خالي واهڙ جي ڪناري تي بيهي سڏ ڏيندو آهي ته ان جو پڙاڏو تري کان ايندو آهي. پر ماڻهو سمجهندا آهن ته اهو آواز ڪنهن ٻيٽاريءَ جي رهاڪو جو آهي. جيڪڏهن اهو واهڙ ڀريل هجي ها ته هوند اهڙو آواز هرگز نه نڪري ها.

فرمايائون: ”سبحان من اظهر الاشياءِ وهو عينها“ پاڪائي جڳائي ان کي جنهن شين کي پڌرو ڪيو آهي ۽ پاڻ انهن جو عين آهي.

[86]

سوئي هيڏان، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي،

تنهين سندي سوجهري سوئي سو پسي.

”اهو ئي هيڏانهن آهي، اهو ئي هوڏانهن آهي. اهو ئي دل ۾ وسي ٿو، اهو ئي پنهنجي سوجهري سان پاڻ کي پسي ٿو“.

فرمايائون ته عارف ٻن قسمن جا آهن.. هڪڙا ”عارف قبل شيءِ“ (شيءَ کان اڳ سڃاڻو) ۽ ٻيا ”عارف بعد شيءِ“ (شيءِ کان پوءِ سڃاڻو). عارف قبل شيءِ ان کي چئجي جيڪو اول خدا تعاليٰ کي سڃاڻي ۽ پوءِ شين ۾ نظر ڪري ۽ مظاهر ڄاڻي. عارف بعد شيءِ اهو آهي جيڪو پريائين شين جو مشاهدو ڪري ۽ ان کان پوءِ انهن شين کي خدا جو مظهر ڄاڻي.

فرمايائون تصوف يا سلوڪ جي تحصيل ڪنهن کان نه ٿي آهي. سڀ ان جي ڄاڻڻ (183) ۾ عاجز ٿيا آهن. پر جيڪڏهن ڪو دعويٰ ڪري ته اهو علم حاصل ڪيو آهي ته اهو غلط ٿو چوي.

[87]

آهي اهڃائو، پير پريان جو جيڏيون،

جنين ساڃائو، تنين تان نه پروڙيو.

 ]اي سرتيون، پرين جو پير بي نشان ۽ بغير اهڃاڻ جي آهي. جن سڃاتو، تن کي پڻ ڪا سمجهه نه آئي.[

فرمايائون ته مون کي هڪ فقير ٻڌايو ته باطل کي باطل نه چئو. ڇو ته اهو پڻ خدا جي نالن مان هڪ نالو آهي.

سمجهاڻي: جهڙيءَ طرح دريا جي اندر لهر ۽ پاڻي ٻه جدا شيون لڳن ٿيون يا مٿن جدا نالا آهن، پر  اصل ۾ ته ٻئي هڪ آهن.

چيائون ته خدائي فرمان آهي ته: ”کَل شيءِ انا“ ”هر شيءِ آءُ آهيان“.

سمجهاڻي: جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي آڱرين تي حساب ڪندو آهي ۽ ويهن تي پهچندو آهي ته چوندو آهي ته ويهه ٿيا. اهڙيءَ طرح ويندو آهي ڳڻيندو ۽ سئو تي پهچي چوندو آهي ته سئو ٿيو، پوءِ هزار تي ۽ آخر هڪ لک تائين وڃي پهچندو آهي. مطلب ته اهڙيءَ طرح ويندو آهي مٿي چڙهندو. شروع به هڪ کان ڪيائين ۽ پڄاڻي به وڃي هڪ(لک) تي ڪيائين.

سمجهاڻي: جڏهن ڪو باغائي زمين ۾ ٻج، پوکڻ خاطر پوريندو آهي ته گويا اهو بالقوه وڻ هوندو آهي. ليڪن جڏهن اهو ٻوٽو وڌي وڏو ٿيندو آهي ۽ منجهس ڪئين ٽاريون ۽ ميوا نڪرندا آهن ته ان کي بالفعل وڻ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح انهيءَ ٻج منجهان پورو وڻ ظاهر ٿيندو آهي ۽ منجهس ٽاريون، پن ۽ ميوا به هوندا آهن ۽ آخر ۾ وري اهو ساڳيو ٻج به ظاهر ٿي پوندو آهي، جيڪو پهرين زمين ۾ پوريو ويو هيو. خدا جو مثال به ائين آهي. اهو ئي هيو، هوندو ۽ اڳتي رهندو. گويا سڀڪجهه اهو آهي.(همہ اوست).

مثال: هڪڙو ماڻهو دريا اندر پاڻيءَ ۾ بيٺو هو ته ٻاهر بيٺل شخص کانئس پڇيو ته پاڻي ڪيترو اونهو آهي؟ هو چوڻ (184) لڳو ته هتي گهٽ آهي، پر ٿورو پريان گهڻو اونهو آهي. انهيءَ تي ٽئين شخص چيو درياهه هڪڙو ساڳيو آهي، تون ٻاهر نڪري ڏس ته توکي سڄو هڪ نظر ايندو.

چيائون ته جڏهن ماري پکي ڦاسائڻ لاءِ ڍنڍ ۾ لهندو آهي، ته مٿي تي پکيءَ جي شڪل ٺاهي رکندو آهي ته جيئن اصل پکي ان کي ڏسي دلبي ۾ اچي ڦاسي پون. پوءِ واقعي ائين ٿيندو آهي ۽ اهي پکي انهيءَ شڪاريءَ کان بي خبر ٿي ۽ انهي پکيءَ جي شڪل کي اصلي پکي سمجهي ڦاسندا ويندا آهن. مطلب ته آخر ائين حقيقت جي خبر ڪو نه پوندي اٿن.

فرمايائون ته فرمان خداوندي آهي: خلق آدم عليٰ صورت: ”انهيءَ ذات انسان کي پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو آهي.“ ساڳئي وقت اهو به چيائون ته جيڪي آهي، هو ۽ جيڪي ٿيندو، سو سڀ هن ٽن گزن واري انساني صورت ۾ واقع ۽ ثابت آهي.

فارسي بيت

ڪاري ڪه از خدا ميسر نمي شود

ما خود خدا شويم بر آريم ڪارما.

]اهڙو ڪم جيڪو خدا جي طرفان ميسر نٿو ٿئي. اچو ته اسان پاڻ خدا ٿي پنهنجو اهو ڪم سر انجام ڪريون! [

فرمايائون: خدا تعاليٰ جو فرمان آهي ان الله يامر کم ان تؤ دوا الامانات اليٰ اهلها(سورةِ 58:4) ”بيشڪ الله تعاليٰ حڪم ٿو ڪري، ته امانتون انهن کي موٽائي ڏيو جيڪي ان جا اهل آهن.“

چيائون ته جيڪا شيءِ آهي سا سڀ خدا کان سمجهو ۽ انهيءَ ڪري انهن جي نسبت به ڏانهس ڪريو.

چيائون ته پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جو فرمان آهي:”المؤمن مراةِ المؤمن“ يعني ”هڪ مؤمن ٻئي مؤمن لاءِ آئينو آهي.“ اتي مؤمن جون ٻه معنائون آهن. هڪڙي اها ته مؤمن خدا جو نالو آهي ۽ ٻيو مؤمن ٻانهي کي به چون ٿا. انهيءَ ڪري هڪ مؤمن ٻئي مؤمن جو آئينو آهي، يعني حق تعاليٰ آئينو آهي. گويا خدا تعاليٰ انهيءَ مؤمن ٻانهي ۾ ظهور ڪيو آهي، ۽ هن ۾ پنهنجي تجلي ڪئي اٿائين. ٻي معنيٰ هڪ مؤمن ٻئي مؤمن (185) لاءِ آئينو آهي جي معنيٰ اها آهي ته حق تعاليٰ پنهنجي لاءِ پاڻ آئينو آهي. مطلب ته سڀ اهو آهي، جيڪي ڪجهه آهي، اهو پاڻ آهي.

فرمايائون ته شيخ ابو طالب مڪي رحمة الله عليہ جو قول آهي ته ”انا اول من ربي بسنتين“ يعني ”مان پنهنجي رب کان ٻه سال اڳ هئس“. ان کان پوءِ هي هندي بيت پڙهيائون:

اي سمنا گاٺ پريم ڪي، پڙي جو ڪيسي بير،

ايهه کولي کلي نهين، سڀ جڳ رهئا اڌير.

]اي سمن، پريم جي ڳنڍ اهڙي سوگهي ٻڌل آهي، جو کولڻ سان پڻ کلي نٿي. سارو جهان ان جي کولڻ ۾ عاجز ٿي پيو.[


 

باب ڇهون 

نبين، ولين ۽ بزرگن جون حڪايتون ۽ دقيق نڪتا

اهل فن جو اڳواڻ، شڪ شبهن جو پارکو اهل حقائق جو شيخ، خلق کان گوشي گذاريندڙ، واڍوڙين جو سپہ سالار، زهد ۽ تقويٰ وارن جو سرمايو، اوتادن جو ڏيئو، عابدن جي شمع، اهل سنت جو شيخ، اهل بدعت جو ٽوڙ، جوانمردن جو سرور، روشن دلين جو سج، ولين جو واقف، ولايت ۽ طريقت جي زين، توڪل ڪندڙن جو پيشوا، زماني جو ساٿي، نرم ۽ نياز نوڙت وارو، سٻاجهو انسان يعني حضرت سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو.

ڄاڻڻ گهرجي ته هي نقل جيڪي حضرت جن بيان ڪيا آهن، اهي انتهائي شوق ۽ محبت جاڳائيندڙ آهن. بلڪ ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ايترو متاثر ٿي سگهي ٿو، جو عشق ۽ محبت جا شعلا سندس دل تائين پهچي وڃن. انهيءَ ڪري اسان هنن حڪايتن کي شعلن جي عنوانن تحت پيش ڪيو آهي. اميد ته طالب انهن جي پڙهڻ سان خدا جي دوستي(186) ۽ محبت جي اها روشني ۽ گرمي حاصل ڪندا.

هن باب ۾ ٽي فصل آهن. پهرئين ۾ نبين سڳورن جون حڪايتون ۽ آخرت جو احوال، ٻئي ۾ بزرگان سلف جو ذڪر ۽ دقيق نڪتا ۽ ٽئين ۾ سنڌ جي بزرگن ۽ ولين جا نقل نظير بيان ٿيل آهن.

فصل پهريون

نبين سڳورن جون حڪايتون ۽ آخرت جو احوال

شعلو: فرمايائون ته نبي ڪريم محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جڏهن معراج تي ويندي آسمان تي پهتا. ڏٺائون ته اٺن جي هڪ اڻ کٽ قطار آهي جيڪا برابر اڳتي وڃي رهي آهي ۽ هر اٺ جي مٿان ٻه صندوقون ٻڌل آهن. پاڻ جبرئيل کان جيڪو ساڻن گڏ هو. تنهن کان پڇيائون ته هي ڇا آهي. هن عرض ڪيو ته سائين، جڏهن کان وٺي خداوند تعاليٰ مون کي پيدا ڪيو آهي، مان اٺن جي قطار کي ائين ڏسندو رهيو آهيان. بيشڪ قطار جي منڍ ۽ پڄاڻيءَ جي خدا کي خبر آهي. اهو ٻڌي رسول خدا جي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته جيڪر انهن صندوقن کي کولي ڏسجي ته انهن ۾ ڇا آهي.(187) حڪم نازل ٿيو ۽ جبرئيل عليہ السلام هڪ اٺ کي هُشائي صندوق کي کڻي کوليو ته ان مان ڪڪڙ جي آني جهڙي ڪا شيءِ نڪتي. جيئن پاڻ ان کي نهايت غور سان ڏسڻ لڳا ته انهيءَ آني جي اندر کين پورو جهان نظر آيو. اتي کين هڪ اهڙو شهر به ڏسڻ ۾ آيو جتي جمعي جو ڏينهن هو. پاڻ انهيءَ شهر ۾ داخل ٿيا ۽ مسجد ۾ اچي جمعي نماز پڙهيائون. اتي کين محسوس ٿيو ته منبر تي چڙهي جيڪو شخص وعظ نصيحت ڪري رهيو هو، اهي پاڻ هئا. ۽ سندن اڳيان ويٺل صحابي ٿي معلوم ٿيا. اهو ڏسي پڪ ڪرڻ خاطر جبرئيل عليہ السلام کانئن پڇيو ته قبلا، اهو وعظ ڪندڙ ڪير شخص آهي ۽ اهي ٻيا ويٺل شخص ڪير آهن. پاڻ فرمايائون ته سڀني هنڌن تي وعظ ڪندڙ آءٌ آهيان ۽ اهي ٻيا منهنجا ساٿي صحابي آهن.

ان کان پوءِ پاڻ چوٿين آسمان تي ويا جتي واريءَ جو هڪ تمام وڏو درياءَ کين نطر آيو. جبرئيل کان پڇيائون ته اهو درياءُ ڪيترو وسيع آهي؟ جبرئيل عرض ڪيو ته ان جي ويڪر توڙي اونهائي پنج سئو سالن جو فاصلو آهي. ليڪن ان جي ڊيگهه جي خبر خدا کي آهي. مون کي جڏهن کان خدا تعاليٰ خلقيو آهي ته آءٌ انهيءَ درياءَ کي ائين ڏسندو اچان. انهيءَ درياءَ جو هر هڪ داڻو پنهنجي ليکي هڪ جهان آهي، جنهن کي خدا تعاليٰ خلقيو آهي.

شعلو:فرمايائون ته جڏهن پيغمبر خدا معراج جي رات الاهي قرب ماڻيو ۽ فَکان قَاب قَوسَين يعني جڏهن ٻن ڪمانن کان به گهٽ فاصلو رهجي ويو، واري درجي تي فائز ٿيا. تڏهن الله تعاليٰ کين ٻه شيون ڏيکاريون هڪ طرف رسو ۽ سُيون سبڻ جون ته ٻئي طرف موتين جا کوه. ان کان پوءِ خدا وندا تعاليٰ کين مختيار ڪيو ته پاڻ هڪ طرف جو انتخاب ڪن. پاڻ انهن موتين طرف (188) اک کڻي به نه ڏٺائون، بلڪ رسي ۽ سُئيءَ کي قبول ڪيائون. وري آواز آيو ته اي محمد صلي الله عليہ وسلم اسان لاءِ ڪهڙو تحفو کڻي آيو آهين؟ پاڻ حيران ٿي ويا، پر اوچتو دست قدرت سندن سيني تي هيءَ دعا لکي ڇڏي. جيئن سندن نظر اُن دعا تي پئي ته پاڻ فرمايائون ته اها دعا کڻي حاضر ٿيو آهيان. اها دعا هيءَ آهي: اللهم انا نسئلڪ فعل الخيرات وترڪ المنکرات و حب المساکين و تغفرلنا و تر حمنا فاذا اردت بقوم فتنة فتوفنا غير مفتون ونسئلڪ حبک وحب من يحبڪ وحُب عما يقربنا اليٰ حبڪ يا ذولجلال والاڪرام برحمتڪ يا ارحم الراحمين.  ”اي الله، آءٌ توکان چڱا ڪم گهران ٿو ۽ برن ڪمن کان بچڻ چاهيان ٿو. مون کي مسڪينن جي محبت ڏي، اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن قوم بابت فتني جو ارادو اچي ته اسان کي وفات ڏي.

اسين تنهنجي محبت طلب ڪريون ٿا ۽ انهن جي محبت گهرون ٿا، جن سان تون محبت ڪرين ٿو. اسان کي اهڙي عمل جي چاهنا ڏي جنهن سان تنهنجي محبت کي ويجهو رسجي. اي عزت ۽ عظمت جا صاحب، پنهنجي رحمت سبب، اي گهڻي رحمت ڪرڻ وارا!“

فرمايائون ته هڪ ڏينهن ڪو سائل حضرت پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جن وٽ آيو ۽ نهايت نماڻائي سان عرض ڪرڻ لڳو ته منهنجي حاجت روائي ڪريو. ڇو ته آءٌ ڏاڍو مجبور ٿي پيو آهيان. خدارا منهنجي مدد ڪريو. پاڻ ڪجهه دير کان پوءِ ان شخص کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته اچ ته تنهنجي مدد ڪريون. انهيءَ دم وحي نازل ٿيو ۽ خدا تعاليٰ جي درگاه مان عتاب کڻي آيو ته اي محمد صلي الله عليہ وسلم اهو شخص ڪنهن ڪم لاءِ آيو ۽ تو انهيءَ وقت اٿي فوراً هن جي مدد نه ڪئي، بلڪ هن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪيئي. انهيءَ عرصي اندر هن شخص جي دل ۾ وسوسو ۽ سوچ پيدا ٿي ۽ سندس دل ۾ ڏک ٿيو ته الائجي ڇو دير ڪئي اٿن ۽ الائجي ڪهڙو جواب ڏيندا. جيڪڏهن اها تقصير ڪنهن ٻئي پيغمبر کان سرزد ٿئي ها ته (189) جيڪر ان کان پنهنجي دوستيءَ جي خلعت واپس وٺون ها ۽ ان کي اهڙيءَ طرح جدائي جي جنجال ۾ وجهون ها.

اها حڪايت بيان ڪري حضرت جن چوڻ لڳا ته جڏهن کان مون اهو واقعو ٻڌو آهي، تڏهن کان سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن ڪو مون کان اهو سوال ڪري ته سندس ڏندڻ ڪانهري ٻيلي ۾ رهجي ويو آهي ۽ اهو آڻي ڏي، ته جيڪر آءٌ انهيءَ ۾ هرگز دير نه ڪريان. بلڪ فوراً روانو ٿيان، پوءِ جيستائين هلي سگهجي يا پهچي سگهجي.

شعلو:حضرت رسالت مآب جن جڏهن معراج تي ٿي ويا ۽ هڪ هنڌ ريتيءَ جو هڪ وسيع درياءَ نظر آين جبرئيل جيڪو ساڻن گڏ هو، تنهن کان پڇيائون ته ان درياءَ جي انت جي ڪا توکي خبر آهي؟ هن جواب ڏنو ته ان درياءَ جي نه ابتدا جي خبر اٿم نه انتها جي! البت ايترو ٻڌو اٿم ته ان جي اونهائي ۽ وسعت هڪ هزار سالن جو مفاصلو آهي. ان کان پوءِ حڪم الاهي تحت ريت جو هڪ داڻو کڻي جبرئيل کين ڏيکاريو ته ان هڪ داڻي اندر هن پوري ڪائنات جهڙي ٻي دنيا کين نظر آئي. آواز آيو ته اي محمد صلي الله عليہ وسلم بيشڪ اسان هر داڻي اندر هڪ عالم تخليق ڪيو آهي ۽ تون به انهيءَ عالم اندر آهين. ان کان پوءِ پاڻ اڃان مٿي عالم بالا طرف اُسهيا، تان جو اهڙي هنڌ پهتا جتان اڳتي هلڻ کان جبرئيل عاجزي ڏيکاري ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته جيڪڏهن هتان کان اڳتي وڌندس ته سڙي خاڪ ٿي ويندس. پاڻ فرمايائونس ته اسان سان هڪ قدم اڳتي هل. ليڪن انهيءَ هڪ قدم ۾ به ستر هزار سالن جو مفاصلو طي ڪري ورتائون. اتي وري جبرئيل عرض ڪيو ته آءٌ هلڻ کان عاجز آهيان جو هاڻ اهو سڀ ڪجهه منهنجي وس کان ٻاهر آهي. ليڪن آءٌ حيران آهيان ته توهان کي واٽ جي ڪا خبر ڪونهي، پر توهان برابر(190) مٿي وڃي رهيا آهيو. ان تي پاڻ فرمايائون ته برادر جبرئيل، جڏهن حڪم الاهي موجب تون عرش کان زمين طرف اچي رهيو هئين ته تو واٽ تي ڪو لقاءُ ڏٺو؟ جبرئيل وراڻيو ته انهيءَ دوران مون هڪ مور کي چار ڀيرا عالم بالا کان هيٺ ايندي ڏٺو ۽ وري مٿي پڻ ويندي ڏٺو. انهيءَ تي حضرت رسالتمآب صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته اهو مور آءٌ هئس. منهنجي آمدو رفت پروردگار جي درٻار ۾ ائين جاري آهي، جو مون درٻار خداونديءَ ۾ عرض ڪيو ته اي پروردگار آءٌ تنهنجي حڪم تي هر وقت حاضر آهيان، پر منهنجو به سوال قبول ڪر. آواز آيو ته جيڪي گهرندين سو ملندو. جڏهن جبرئيل عليہ السلام حضور جن کان اهي گفتا ٻڌا ته بلڪل خاموش ٿي ويو ۽ ڪجهه نه ڪڇيو.

ان کان پوءِ رسول پاڪ صلعم جن اڃان اڳتي وڌيا تان جو ذات خداونديءَ ايڏو نزديڪ آيا جيئن بصر جو ٻاهريون پردو. اتي وري آواز آيو ته اي احمد مرسل! جيڪڏهن آءٌ گهران ته اهو حجاب به هٽائي ڇڏيان. ليڪن اسين چاهيون ٿا ته تون قيامت جي گهڙيءَ تائين ان روش تي قائم رهين ۽ ان جي پڄاڻي نه ٿئي. اهو آواز جيڪو هينئر تون ٻڌين ٿو، تڏهن به تون ائين ٻڌندين ۽ اهو سلسلو ڪڏهن ختم نه ٿئي.

شعلو: رسول الله صلعم جي زماني جو قصو آهي ته ڪو سوداگر سفر تي ويل هو. هڪ ڏينهن ان جي زال خواب ڏٺو ته سندس گهر جو ٿنڀو ڪري پيو آهي. جڏهن سجاڳ ٿي ته ڏاڍو پريشان ٿي ۽ اها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪيائين. سڌو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ اچي خواب واري سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌايائين (191) عرض ڪيائين ته ان خواب جي تعبير ٻڌايو. پاڻ چيائونس ته تنهنجو مڙس سفر تي ويل آهي، پر اهو سلامتيءَ سان موٽي ايندو. ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو سوداگر واقعي سفر تان صحيح سلامت واپس آيو. وري ٻيهر اهو سوداگر ساڳيءَ ريت سفر تي ويو ۽ سندس گهر واري ساڳيو خواب لڌو. هينئر وري اها عورت پاڻ سڳورن وٽ آئي ۽ ساڳي ڳالهه بيان ڪيائين. پاڻ کيس تسلي ڏنائون ته سندس مڙس خيريت سان واپس ايندو. ان کان پوءِ ٽيهر اهو ساڳيو سوداگر سفر تي روانو ٿيو ۽ جوڻس ساڳيو خواب لڌو، يعني پنهنجي گهر جو ٿنڀو ڪريل ڏٺائين. ليڪن هن ڀيري عورت دل ۾ سوچڻ لڳي ته ٻه دفعا رسول خدا کان ان خواب جو تعبير معلوم ڪيو اٿم. هينئر ڪنهن ٻئي کان ٿي پڇان. اهو سوچي هوءَ ڪنهن ٻئي شخص وٽ آئي ۽ ان کي پنهنجي خواب جي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. انهيءَ شخص اهو تعبير ڪري ٻڌايس ته تنهنجو مڙس زنده سلامت ڪو نه موٽندو. عورت جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته دل جي سور وچان لڇندي اچي پاڻ سڳورن وٽ حاضر ٿي ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳي ته سائين مون ٽيون ڀيرو به اهو ساڳيو خواب ڏٺو آهي، ان جي تعبير ڪريو. رسول پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن ساڻس مخاطب ٿي پڇيو ته ڪنهن ٻئي کان ان خواب جو تعبير معلوم ڪيو اٿئي ڇا؟ عورت هائوڪار ڪئي. پڇيائونس ته ان ڇا چيو؟ عورت ٻڌايو ته چوي ٿو ته منهنجو مڙس زنده سلامت نه ايندو. اهو ٻڌي پاڻ به چيائون ته ها واقعي ائين ٿيندو. چون ٿا ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها خبر آئي ته اهو سوداگر واقعي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. ڪل نفس ذائقِة الموت يعني هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي.

شعلو: هڪ ڏينهن رسول پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن واٽ وٺيو پئي(192) ويا ته هڪڙو شخص گڏين جنهن کي مٿي تي ڪاٺين جي ڀري هئي. اهو شخص پاڻ سڳورن کي نه سڃاڻندو هو، سو ڇا ڪيائين جو اها ڪاٺين جي ڀري کڻي حضور پاڪ جي مٿي تي رکيائين ته جيئن کيس اها گهر تائين کڻائي هلن. اڃان ٿورو اڳتي مس هليا جو هڪ ٻيو شخص جيڪو پاڻ سڳورن کي سڃاڻيندو هو، رستي ۾ ملين. انهيءَ شخص هن ڪاٺين واري کي چيو ته اي بيعقل ڇُسا انسان، هي  ته خدا جو رسول ۽ حبيب آهي، جنهن جي مٿي تي تو پنهنجي ڪاٺين جي ڀري رکي آهي. اهو ٻڌي اهو شخص ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ٻئي ڄڻا گڏجي پاڻ سڳورن کان معافي گهرڻ لڳا. خاص ڪري اهو ڪاٺين وارو شخص چوڻ لڳو ته مون پاڻ سڳورن کي نه سڃاتو، جنهن ڪري اها گستاخي ڪئي اٿم. هاڻي اها ڀري واپس ڏيو. انهيءَ تي پاڻ فرمايائون ته اسين انهن ماڻهن مان نه آهيون جيڪي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڏين. آخر پاڻ سڳورن اها ڪاٺين جي ڀري انهيءَ شخص جي گهر آڻي پڄائي ۽ واٽ تي ان کي هٿ لائڻ به نه ڏنائون.

شعلو: هڪ ڏينهن پيغمبر عليہ الصلواة والسلام سان گڏ پاسي ۾ حضرت علي ڪرم الله وجہ به ويٺو هو جو جبرئيل عليہ السلام جو اچڻ ٿيو. اڃان جبرئيل خدمت ۾ اٿي مس بيٺو جو حضرت علي رضي الله عنہ جي مٿس نظر پئي. نظر پوڻ شرط جبرئيل ان هنڌ بيهوش ٿي ڪري پيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته پاڻ سڳورن مخاطب ٿي پڇيس ته ڪهڙي سبب بيهوش ٿي وئين؟ جبرئيل جواب ڏنو ته هن کان هڪ دفعو اڳ به اهڙي حالت مان گذريو آهيان. پڇيائونس ته اهو ڪيئن؟ جبرئيل چوڻ لڳو ته ڪو وقت هو جڏهن خدا تعاليٰ مون کان سواءِ اڃا ٻيو ڪو ملائڪ پيدا نه ڪيو هو ۽ آءٌ آسمانن جو سير ڪري رهيو هوس، جڏهن چوٿين آسمان تي پهتم ته اتي هڪ اڻ کٽ درياءَ ڏٺم جنهن ۾ هن نينگر جهڙي صورت واري غسل ٿي ڪيو، ۽ ان وقت هو پنهنجي مٿي کي مهٽي صاف ڪري رهيو هو(193) پر جڏهن سندس نظر منهنجي مٿان پئي ته بيهوش ٿي ڪري پيس. اڄ هي ٻيو دفعو ائين ٿيو آهي. اهو ٻڌڻ شرط پاڻ سڳورن فرمايو ته اهو غسل ڪرڻ وارو انسان حضرت علي رضي الله عنہ هو.

شعلو: هڪ دفعي حضور پاڪ صحابين سان گڏ ويٺا هئا جو جبرئيل اچي حاضر ٿيو. سندس هٿ ۾ پکي ۽ هڪ ڪاتي هئي. چوڻ لڳو، يا رسول الله، خدا تعاليٰ فرمايو آهي ته هن پکيءَ کي انهيءَ ڪاتيءَ سان اهو شخص حلال ڪندو جيڪو خدا تعاليٰ کي چڱيءَ پر سڃاڻي ٿو. پاڻ سڳورن ته ان پکيءَ ۽ ڪاتيءَ کي هٿ نه لاتو. البت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ ڏانهن ڏسڻ لڳو، پر هن ڪو ارادو نه ڏيکاريو. ان کان پوءِ حضرت عمر رضي الله عنہ ڏي اشارو ڪيائون، ليڪن هو به اڳتي ڪو نه وڌيو. وري جڏهن حضرت عثمان رضي الله عنہ جو وارو آيو ته هن پڻ ڪهڻ جو ڪو خيال نه ڏيکاريو. آخر ۾ جڏهن حضرت عليءَ جو وارو آيو ته هن فوراً اها ڪاتي کڻي پکيءَ کي حلال ڪيو. اهو ڏسي سڀ حيران ٿيڻ لڳا. ايتري ۾ آواز آيو ته اي مٺا مرسل، اسان جي سڃاڻڻ جو جيستائين تعلق آهي ته اهو حق علي رضه الله عنہ ادا ڪيو آهي!

شعلو: امت محمدي جي ڪن بزرگن آسمان ۾ وڃي پنهنجا حجرا اڏيا هئا ۽ اتي ويهي خدا کي ياد ڪندا هئا. پر هر وقت خدا کان سوال ڪندا هئا ته اي خداوند، اسان کي پنهنجي پيغمبر جو ديدار ڪراءِ! خداوند تعاليٰ پڻ انهن جي سوال کي قبوليت بخشي هئي ته توهان کي پنهنجي پيغمبر جو ديدار نصيب ٿيندو. آخر جڏهن پيغمبر عليہ الصلواة والسلام معراج واري رات قرب الاهي ۾ ٿي ويا ۽ انهن حجرن وٽان اچي گذريا ته حڪم آيو ته (194) انهن حجرن طرف وڃن. پاڻ ڪريم جن حجرن وٽ پهچي ڪڙو کڙڪايو. اندران آواز ته در ڪير ٿو کڙڪائي؟ پاڻ فرمايائون ته خاتم الانبيا ۽ پيغمبرن جو سردار. انهن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ دروازو نه کليو. انهيءَ تي پاڻ سڳورا حيران ٿيا ته ڇا ماجرا آهي؟ جبرئيل عليہ السلام چوڻ لڳو ته تواضع منجهان جواب ڏيو ته دروازو کلندو. پاڻ وري دروازو کڙڪايائون ته وري آواز آيو ته ڪير آهي. هينئر پاڻ جواب ڏنائون ته خادم الفقراءَ. انهيءَ آواز تي دروازو کليو ۽ سڀ آنحضرت صلعم جن جي ديدار سان مشرف ٿيا ۽ سندن هٿ چمڻ لڳا ته جيئن پاڻ ويهن. اتي جبرئيل عليہ السلام ان جو هڪ داڻو ڪڍي حضرت جن جي طرفان انهن بزرگن لاءِ مهماني طور پيش ڪيو. پاڻ سڳورن پاڻيءَ سان ڀريل برتن گهرايو ۽ ان ۾ اهو داڻو مهٽي کڻي وڌائون. ٿوريءَ دير ۾ اهو داڻو پاڻي ۾ ملي هڪ ٿي ويو ۽ پوءِ انهيءَ پاڻي منجهان سڀني کي ڍڪ ڍڪ پياريائون. اهو ڏسي اهي بزرگ چوڻ لڳا ”صدقتَ يا رسول الله صدقت يا حبيب الله انت خادم الفقراءَ“  يعني اي خدا جا رسول تون سچو آهين، اي خدا جا حبيب تون سچو آهين. تون واقعي خادم الفقراءَ آهين“.

شعلو: روايت آهي هڪ ڏينهن اميرالمؤمنين عمر خطاب رضي الله عنہ حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي پٺيان نماز پئي پڙهي. جڏهن فارغ ٿيا ته پاڻ سڳورن کانئس پڇيو ته اي عمر، تو اسان وانگر نماز پڙهي؟ اهو ٻڌي عمر رضه حيران ٿي چوڻ لڳو ته (195) يا رسول الله، توهان جهڙي نماز پڙهڻ جي ڪنهن کي طاقت آهي. انهيءَ تي پاڻ فرمائڻ لڳا ته جيڪو شخص پنهنجي نماز ۾ هيءَ دعا پڙهندو ته ان ڄڻ مون جهڙي نماز پڙهي: استغفرالله ربي من ڪل ذنب اذنبتہ عمداً اوخطا اوِسراً وعلانية واتوب اليہ من الذنب الذي اعلم ومن الذي لا اعلم وانت علام الغيوب ولاحول ولا قوة الا بالله العلي العظيم: ”اي منهنجا رب، مون کي بخش ڪر اهي سڀ گناهه جيڪي مون ڄاڻي ٻجهي يا ويسر ۾ کلم کلا يا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيا آهن. مان تنهنجي آڏو توبہ ڪيان ٿو انهن سڀني ڏوهن کان جن جي مون کي ڄاڻ يا خبر آهي ۽ انهن ڏوهن کان به جن جي مون کي خبر ناهي. بيشڪ تون غيب جو زبردست ڄاڻندڙ آهين. تو کان سواءِ هيٺ مٿي ۽ چوگرد ٻي ڪا قوت ناهي بيشڪ الله جي ذات تمام وڏي ۽ عظمت واري آهي.“

شعلو: جڏهن ڪعبِة الله جڙي راس ٿيو ته ان جي وچ تي جيڪو ٿنڀو بيهاريائون ته اهو ماپ کان ڪجهه وڌي ويو، ڇو ته ان کي پوريءَ ريت نه ڪاٽيو هئائون. انهيءَ وقت جبرئيل عليہ السلام حضرت رسول پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته خداوند تعاليٰ جو فرمان آهي ته انهيءَ وڌيل ٿنڀي جي چوٽي کي وڍي ان مان ڪاسو ٺاهي حضرت علي رضه الله عنہ حوالي ڪريو ته جيئن ان ۾ فقيرن لاءِ گدائي جو سامان ڪٺو ڪن.

شعلو: حضرت موسيٰ عليہ السلام کي حڪم پهتو ته حضرت يوسف عليہ السلام جو تابوت جيڪو نيل نديءَ ۾ ڪٿي پوريل آهي ان کي ڪڍي بيت المقدس ۾ وڃي نئين جاءِ تي رکو. حضرت موسيٰ عليه السلام (196) پڇائون ۽ ڳولا ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته اها لاش واري صندوق ڪٿي دفن ٿيل آهي. آخر گهڻي وقت ۽ پڇائن کان پوءِ هڪ پوڙهي بيوه عورت جنهن کي اها خبر هئي تنهن ٻڌايس ته فلاڻي جڳهه تي پوريل آهي. حضرت موسيٰ عليہ السلام اها صندوق ڪڍرائي بيت المقدس ڏانهن روانو ٿيو. جيئن واٽ تي مصر جي شهر ۾ داخل ٿيا ۽ هڪ وڏي دروازي منجهان گذري رهيا هئا ته اوچتو اها صندوق ماڻهن جي ڪلهن تان هيٺ ڪري پئي ۽ ٽڪرا ٽڪر ٿي پئي. حضرت موسيٰ عليہ السلام ڏاڍو پريشان ٿيو ته ايتري ۾ آيواز آيو ته اي موسيٰ عليہ السلام حضرت يوسف مصر جو بادشاهه ٿي گذريو هو تنهن ڪري آخر تائين سندس دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي. پر هينئر تون سندس لاش کي پيءَ ڏاڏي جي قبرستان ۾ کڻي ٿي وئين جيڪي اصل فقير ۽ اهل فقر جا هئا. انهيءَ دروازي وٽ جتي حضرت يوسف جو هاڻي سر ٽڪرايو آهي، اتي جڏهن پاڻ بادشاهه هو ته ٻي خلق خدا جي سندس آڏو ڪنڌ جهڪائي داخل ٿيندي هئي. جڏهن ته پاڻ حضرت يوسف شاهي درٻار ۾ مٿي تخت تي ڪنڌ مٿي ڪري ويهندو هو. انهيءَ واقعي جو مطلب آهي ته بادشاهيءَ وارو هر خيال سندس ذهن تان مٽجي وڃي ۽ انهن اهل فقر جهڙو ٿئي. جيئن سندس ابا ڏاڏا هئا.

شعلو: خدا تعاليٰ آدم عليہ الصلواة والسلام کان اڳ ٻارهن هزار آدم پيدا ڪيا هئا ڪن به ٻن جي وچ ۾ ٻارهن هزار سالن جو عرصو هوندو. مطلب ته جڏهن هڪڙو آدم هتان موڪلائيندو هو ته ان کان پوءِ ٻي جي اچڻ جو مدو ٻارهن هزار سال ٿي ويندو هو. اهِڙي  طرح هڪ آدم جي وڃڻ کان پوءِ ان جو اولاد ٻارهن هزار سالن تائين مٿي رهيو. آخر حضرت آدم عليہ السلام مان اهڙو نسل پيدا ڪيائين. جنهن جو حساب ڪونهي ۽ اهو پورو نسل ست هزار سالن ۾ ظاهر ٿيو.(197)

شعلو: هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ عليہ السلام خدا جي درگاه ۾ ٿي ويو ته واٽ هڪ جوان نظر آيس، جيڪو هڪ عاليشان محل جي باغيچي ۾ عبادت ڪري رهيو هو ۽ خدا جي يادگيريءَ ۾ مشغول هو. حضرت موسيٰ جي سلام تي هن جواب ڏنو پر چوڻ لڳو ته اي موسيٰ عليہ السلام جڏهن خدا جي درگاهه ۾ وڃين ته منهنجي باري ۾ دعا ڪجانءِ ته خدا تعاليٰ پنهنجي محبت جو قطرو نصيب ڪري. حضرت موسيٰ عليہ السلام اها ڳالهه مڃي اڳتي وڌيو. پر جڏهن خدا جي درگاه ۾ پهتو تڏهن ذوق ۽ شوق وچان اها فرمائش وسري ويس. الله تعاليٰ فرمايس ته منهنجي دوست جو نياپو ته وساري ڇڏيئي. چيائين ته خداوندا تون بهتر ٿو ڄاڻين. حضرت موسيٰ ساڳي جڳهه تان اچي گذريو. ڏٺائين ته اهو محل اجڙ ٿيو پيو آهي، باغيچو سڪي ويران ٿي ويو آهي. اڃان وڌيڪ حيران ٿيو جڏهن ان نوجوان کي به اُتي نه ڏٺائين. ڪجهه مفاصلو طئي ڪرڻ کان پوءِ ڇا ڏسي ته اهو شخص بيهوش ۽ بي خبر زمين تي هيٺ ڪريو پيو آهي. ايتري قدر جو پنهنجي وجود جي به ڪا خبر ڪو نه اٿس. بلڪ ٻئي اکيون آسمان ۾ کتل هيس ۽ سندس جسم تي ڪيڙا پئي گهميا. حضرت موسيٰ عليہ السلام پريشان ٿي عرض ڪرڻ لڳو: يا خدا، اڳئين حالت ۾ جڏهن عبادت ٿي ڪيائين، تڏهن گهڻو بهتر هو. آواز آيو ته اي موسيٰ عليہ السلام جنهن کي پنهنجي محبت جو قطرو چکائيندا آهيون ته ان جو (198) اهڙو حال ٿيندو آهي. ان وقت جڏهن باغيچي ۾ عبادت ٿي ڪيائين تڏهن کيس محبت حاصل نه ٿي هئي.

[88]

سڄڻ ساعت هڪڙي، جي ٿئي اکينئون ڌار،

ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين.

[سڄڻ جيڪڏهن رڳو هڪڙي گهڙي اکين کان پري ٿو ٿئي ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ سڄي عمر کيس نه ڏٺو هجي.]

[89]

هنيون نه حاضر جن، پرين نه اکڙين ۾،

ٺلا ڍانڍا سکڻا، هونقِّن جاڙ جين:

]جن جي دل حاضر نه آهي ۽ پرين اکين ۾ نه اٿن. اهي خالي، سکڻا ۽ بيڪار آهن، تن جو جيئڻ اجايو آهي.[

شعلو: خداوند تعاليٰ حضرت دائود عليہ السلام کي فرمايو: اُريد او تريد لايڪون الاما ”اريد“ يعني آءٌ گهران يا تون گهرين. ليڪن ٿيندو اهو جو آءٌ گهرندس.

شعلو: هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ  عليہ السلام خدا جي درگاهه ۾ وڃي رهيو هو ته رستي تي هڪ درويش گڏيس. اهو درويش حضرت موسيٰ عليہ السلام کي عرض ڪرڻ لڳو ته اي خدا جا پيغمبر جيڪڏهن خداوند تعاليٰ جيڪو هر شيءِ تي ڪامل قدرت وارو آهي، جي درٻار ۾ پهچين ته منهنجي لاءِ سوال ڪجانءِ ته آءٌ خدا جي درٻار ۾ مقبول آهيان يا مردود!  حضرت موسيٰ عليہ السلام جڏهن درٻار خداوندي ۾ پهتو ته الاهي تجليءَ سبب انهيءَ ڳالهه جو هوش نه رهيس ۽ بلڪل ڀلجي ويو. آواز آيو ته اي موسيٰ فلاڻي درويش جو نياپو وسري ويئي. جواب ڏنائين ته تنهنجي ذات بهتر ڄاڻي ٿي. حڪم آيو ته ان درويش کي ٻڌائجان ته هو مردودن ۾ شامل آهي. اهو ٻڌي حضرت موسيٰ سخت حيران ٿيو ته ايڏي عبادت باوجود کين مقبوليت حاصل نه ٿي. واپسيءَ ۾ ان درويش سان ملاقات ٿيس پر اهو جواب ان کي نه ٻڌايائين. انهيءَ تي درويش چيس ته جيڪو ٻڌو اٿئي اهو چئي ڏي وڌيڪ خيال نه ڪر.(199)

آخر حضرت موسيٰ عليہ السلام ٻڌايس ته تون مردودن منجهان آهين. درويش اهو ٻڌي پڻ خوش ٿيڻ لڳو، جنهن تي حضرت موسيٰ وري تعجب ۾ پئجي ويو. درويش چيس انهيءَ ڪري خوش ٿو ٿيان ته مون کي ياد ته رکي ٿو. باقي مقبول يا مردود، انهيءَ سان منهنجو ڪهڙو واسطو. ڇو ته جيڪي ڪري ٿو، اهو سڀ پاڻ ڪري ٿو.

شعلو: حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي جڏهن چوٿين آسمان تي مقام مليو ته ان وقت سندس پيراهڻ يا چولي ۾ چار سئو پيوند يا ٿڳڙيون لڳل هيون. خداوند تعاليٰ پڇيس ته اي عيسيٰ، توکي خبر آهي ته اهو مقام توکي ڪيئن مليو؟ عرض ڪيائين ته خداوند تعاليٰ تون بهتر ڄاڻين ٿو. آواز آيو ته هتي توکي ڪا عبادت نه وٺي آئي آهي، بلڪ ان جو سبب اهي چار سو پيوند آهن جيڪي تنهنجي چولي ۾ لڳل آهن. انهيءَ ڪري توکي چوٿين آسمان تي مقام مليو آهي. پر جيڪڏهن تنهنجي چولي ۾ پنج سئو پيوند هجن ها ته توکي پنجين آسمان تي ۽ جيڪڏهن ڇهه سئو پيوند هجن ها ته ڇهين آسمان تي مقام ملي ها.

شعلو:روايت آهي ته جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي لشڪر تي فتحياب ٿيو ته سندس ساٿين عرض ڪيو ته هاڻي جڏهن خداتعاليٰ توهان تي پنهنجو فضل ڪيو آهي ته اسان کي فرعون ۽ سندس ساٿين جا خزانا، محل ۽ باغات هلي ڏيکاريو. انهن جي چوڻ تي حضرت موسيٰ گهوڙي تي سوار ٿي سندن وچ ۾ اچي بيٺو. ان تي ساٿين عرض ڪيو ته بادشاهه کي لشڪر جي وچ ۾ بيهڻ مناسب نه آهي. پاڻ گهوڙو ڊوڙائي (200) اچي لشڪر جي منڍ ۾ بيٺا. وري هنن عرض ڪيو ته پر بادشاهه کي انهيءَ هنڌ تي به بيهڻ نه گهرجي. پاڻ وري سڄي طرف وڃي بيٺا ته هنن وري ساڳئي قسم جي ڳالهه ڪئي. آخر ۾ وري لشڪر جي پوئين طرف اچي بيٺا، تڏهن به چيائون ته حضرت جن لاءِ اها جاءِ بلڪل مناسب ڪونهي،. حضرت موسيٰ عليہ السلام پريشان ٿي پڇيو ته آخر ڪٿي بيهان. جتي ٿو وڃان چئو ٿا اها مناسب جڳهه ناهي.

اها حڪايت بيان ڪري حضرت جن چوڻ لڳا ته خلق خدا جي ڳالهين کان ماڻهو ڪڏهن به آجو ٿي نٿو سگهي.

شعلو: حضرت نوح عليہ السلام جي زماني ۾ جڏهن خدا تعاليٰ کي جيڪو ڪمال قدرت وارو آهي، هن جهان کي نابود ۽ غرق ڪرڻو هو ته حضرت نوح عليہ السلام دعا گهري، اي خداوندا، تو مون سان وعدو ڪيو هو ته منهنجي اهل اولاد کي پناهه ۾ رکندين، هينئر منهنجي پٽ کي انهيءَ مصيبت مان نجات ڏي. آواز آيو ته اي نوح پنهنجي پٽ جي باري ۾ سوال ڪندين ته تون به ظالمن مان ٿي پوندين. اهو ٻڌي حضرت نوح خاموش ٿي ويو ۽ وري ڪجهه نه ڪڇيو. بلڪ دل ۾ پشيمان ٿيو ته اهڙو سوال ڇو ڪيم.

شعلو: حضرت آدم عليہ السلام کي جڏهن ڪڻڪ جي داڻي کائڻ جي پاداش ۾ هيٺ زمين تي آندو ويو ته هر وقت روئيندو رهيو ۽ اها دعا ٿي گهريائين: ربنا ظلمنا انفسنا وان لم تغفرلنا و ترحمنا لنکونن من الخاسرين (201). (اعراف:23) ”اي اسان جا رب، اسان پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ جيڪڏهن تون اسان کي نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته اسان ضرور نقصان پائينداسون.” انهن الفاظن کان پوءِ خدا تعاليٰ آدم کي مخاطب ٿي چيو ته اي آدم ظلم جي نسبت تون پاڻ ڏانهن ڪرين ٿو جهڙوڪ اهو گناه تو ڪيو آهي! آدم عرض ڪيو ته مالڪ ڄاڻان ٿو پر نٿو چوان. آواز آيو صحيح ٿو چئين ۽ ائين ئي چئج.

شعلو: هڪ ڏينهن حضرت سليمان عليہ السلام وٽ ٻه شخص پنهنجي حاجت واسطي آيا. هڪڙو پاڻ سان تحفي طور ڏندڻ کڻي آيو ۽ ٻيو خالي هٿين آيو. ٻنهي پنهنجو عرض پيش ڪيو. حضرت سليمان عليہ السلام خدا جي درٻار ۾ عرض ڪيو ته خداوندا منهنجي دل ۾ ان شخص واسطي جنهن ڏندڻ تحفي طور آندو آهي هن ٻي شخص جي مقابلي ۾ گهڻو خيال آهي. هاڻي جيڪڏهن واقعي منهنجي دل ۾ اهو خيال اچي ويٺو آهي ته تون ٻنهي جون حاجتون پوريون ڪر. ان کان پوءِ ٻنهي جون حاجتون في الفور پوريون ٿيون.

شعله: هڪ ڏينهن حضرت سليمان عليہ السلام، آصف بن برخيا ۽ بيبي بلقيس هڪ هنڌ ويٺا هئا ته هڪ عورت پنهنجو ڪچو ڄاول ٻار جنهن جي اڃان پوري شڪل صورت نه ٺهي هئي کڻي اچي حاضر ٿي. حضرت سليمان عليہ السلام ان عجيب صورت کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پنهنجي ساٿين ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو ته اڄ اسان جي دل ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو سچي نيت سان بيان ڪريون. شايد انهيءَ سچ جي برڪت سببان خدا تعاليٰ هن بيصورت کي صورت بخشي. ٽنهي اها ڳالهه قبول ڪئي. سڀ کان پهرين حضرت سليمان عليہ السلام چوڻ لڳو ته خداوندا، جڏهن به مون وٽ ڪي ٻه ڄڻا ايندا آهن  ۽ (202) هڪ ڄڻو ڪا سوکڙي کڻي ايندو، پوءِ ٻيو خالي هٿين ايندو آهي ته مان پهريين کي مانُ ڏيندو آهيان . جيڪڏهن مون اهو سچ ڳالهايو آهي ته پوءِ بي صورت کي صورت بخش.ان کان پوءِ واقعي انهيءَ بيصورت جسم جو ٽيون حصو صورت ۾ اچي ويو. آصف برخيا چيو ته خداوندا جيڪڏهن منهنجي دل ۾ اها تمنا سچي آهي ته حضرت سليمان کان پوءِ آءٌ بادشاهه ٿيان ته انهيءَ سچائي ڪري هن بيجان کي جان عطا ڪر. ان کان پوءِ انهيءَ جسم جو وڌيڪ ٽيون حصو صورت ۾ اچي ويو. آخر ۾ بيبي بلقيس چيو ته يا الاهي، جڏهن آءٌ ڪو مرد پري کان ڏسندي آهيان ته منهنجي دل ۾ جيڪا آرزو پيدا ٿيندي آهي، اها ڳالهه جيڪڏهن سچي آهي ته هن بي روح ۾ روح ڦوڪ. ان کان پوءِ واقعي اهو بي صورت جسم مڪمل صورت وٺي بيٺو ۽ منجهس زندگي جي لهر داخل ٿي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com