سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :14

ڄاڻڻ گهرجي ته حضرت جن جي ڳوٺ ۽ انهيءَ ميدان جي وچ ۾ ڪيترن ڏينهن جو فاصلو آهي، جيڪو پڻ لحظي ۾ طي ڪري پهتا. آخر گهڻي مدت ڪو نه گذري جو راڻي امر جي پٽ جي لشڪر ڀاڄ کاڌي ۽ پنيي جو لشڪر سندن پويان ڪاهي پيو (354) اهڙيءَ طرح حضرت جن جي برڪت سببان ڪمزور طاقتور تي غالب پيا ۽ فتح ماڻيائون.

هڪ مريد کان نقل آهي ته  هڪ ڏهاڙي حضرت جن پنهنجي ڳوٺ ۾ هئا ۽ آءٌ سندن خدمت ۾ حاضر هوس. اوچتو پاڻ چوڻ لڳا ”لشڪر ڪٿي آهي ۽ ڪٿي آهي سندس شهزادو، جيڪي پنهنجي ماڳ کان روانا ٿيا آهن.“ هڪ ڏينهن گذرڻ کانپوءِ واقعي شهزادو نصرپور جي نواح ۾ پليجن جي ڳوٺ وٽان گذرندو اچي خدمت ۾ پهتو. انهيءَ وقت حضرت جن پاڻ آرامي هئا. سڀني مصلحت خاطر طعام اڳ ۾ تيار ڪري ڇڏيو، بلڪ ان مريد کي سمجهائي ڇڏيائون ته جڏهن حضرت جن اسان کي پاڻ وٽ کاڌي کائڻ لاءِ سڏين ته اهو طعام کڻي اچي حاضر ڪجو ته جئن حضرت جن کي ڪا تڪليف نه ٿئي، مريد اها ڳالهه قبول ڪئي. جڏهن سڀئي حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ ان مريدکي سڏي چيائون ته وڃ طعام تيار ڪرائي اچ. اهو مريد ويو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ اهو ساڳيو تيار ٿيل طعام کڻائي پهتو. پاڻ ڏسي چيائون  ته هي به ٺيڪ آهي، پر پنهنجو رڌل طعام کڻي اچ. گويا انهيءَ سڄي واقعي جي بنا ٻڌائڻ جي کين خبر پئجي وئي.

نقل ٿا ڪن ته هڪ دفعي پاڻ هلڻ جهڙا نه هئا، پر سندن هڪ مريد گهڻو اصرار ڪيو ته سندس ڌيءَ ڏاڍي بيمار آهي، سو گهر تي هلي دعا گهرن. آخر کين کٽ تي کڻي ان ڳوٺ ۾ آيا. ان شخص کين پنهنجي گهر ۾ رهايو جنهن جي ڌيءَ سخت بيماريءَ ۾ مبتلا هئي. رات جو ڪجهه حصو مس گذريو هو ته پاڻ اٿي ويهي رهيا (355) ۽ مريدن کي چيائون ته اٿو ته هلون جو هتي رهڻ ڪونهي. ان مريد گهڻيو منٿون ڪيون ته ترسي پون پر پاڻ نه ترسيا. جلد ئي ٻاهر نڪري هلڻ لڳا. گهڻي دير نه گذري ته ان شخص جي ڌيءَ گذاري وئي. گويا ڪشف ذريعي کين معلوم ٿي چڪو هو ته هن جو وقت پورو ٿي چڪو آهي.

 چوڻ لڳا ته مريدن جي دل ۾ جيڪي وهي واپري ٿو ان جي اسان کي خبر هوندي آهي، پر الاهي رضا جي ڪري ڪجهه نه ڪڇندا آهيون.

هڪڙي مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن آءٌ حضرت جن وٽ ويٺو هئس ۽ موري ٿي کاڌم. مون کان موريءَ جي گهر ڪيائون ۽ چوڻ لڳا ته ڏي ته جئن وحدانيت الاهيءَ جو ذائقو وٺون. پاڻ پهريائين موريءَ جا هيٺيان ويڪرا پن کائڻ شروع ڪيائون ۽ چوڻ لڳا ته ان جي هر پن تي سورة قل هو الله احد لکيل آهي ۽ سندس آخري پن تي لفظ ”احد“ آهي.

هڪڙي مريد چيو ته آءٌ پنهنجي ڳوٺ ۾ هوس جيڪو مٽيارين جي پسگردائي ۾ هو. هڪ ڏينهن ڪنهن عورت اچي مون کي پيسا ڏنا ۽ دعا جي درخواست ڪئي. گهڻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن آءٌ حضرت جن جي جاءِ تي آيس جيڪا ڪافي مفاصلي تي هئي ته مون تي عتاب ڏيکاريائون. چوڻ لڳا ته هاڻي ان لائق ٿيا آهيو جو پئسا وٺي دعا ٿا ڪيو.

هڪڙي مخلص چيو ته آءٌ حضرت جن وٽ هوس ۽ پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ هئا. اوچتو ٻه دفعا پاڻ نور محمد، نور محمد چيائون. اهو فقير نور محمد ٺٽي جو ويٺل هو. بهرحال ٽن ڏينهن کان پوءِ نور محمد پاڻهي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو.

هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ ٺٽي شهر ۾ ترسيل هئا ۽ آءٌ سندن خدمت ۾ حاضر هوس. اوچتو خبر پئي (356) تي هڪڙي مغل سردار، يار محمود ٻارڻ کي جيڪو حضرت جن جي دوستن منجهان هو، ڪنهن ڏوهه سبب سندس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيو آهي. حضرت جن مونکي اشارو ڪيو تنهن ڪري آءٌ ۽ سندس فرزند گڏجي ان ڳوٺ طرف روانا ٿياسون. اسان پاڻ سان ٺٽي جي صدر نشين مولانا محمد جي سفارشي چٺي به ورتي. پر جڏهن ان مغل وٽ پهتاسون ته دربانن اسان کي اندر گهڙڻ ئي ڪو نه ڏنو، الٽو اسان کي ڇينڀ ڪڍيائون. اسان پاڻ کي ڏاڍو بيوس محسوس ڪيو ۽ دل ۾ خيال آيو ته خدا وارن درويشن سان ائين نه ٿيڻ گهربو هو. اسان اڃان اتي ئي بيٺا هئاسون ته اوچتو حضرت جن پاڻ سواريءَ تي آيا ۽ سڌو اندر مغل وٽ وڃي پهتا. اسان ڏاڍو خوش ٿياسون، جيتوڻيڪ حضرت جن اسان جي طرف نهاريو به ڪو نه. پاڻ جئن اتي پهتا ته مغل اٿي بيهي سندن تعظيم ڪئي ۽ محمود ۽ سندس ماڻهن کي حضرت جن جي آڏو آزاد ڪيائين. اسان تي جڏهن نظر پين ته چوڻ لڳا حقيقت ۾ فقير کي ائين چوڻ نه گهرجي ۽ نه ڪو فقيرن کي ائين ڪرڻ سونهي ٿو. اهي جملا پاڻ بار بار ورجايائون. تڏهن مون سمجهيو ته اهي لفظ مون کي چون ٿا، ڇو ته ٿوري دير اڳ واقعي اهڙا خيال منهنجي دل ۾ آيا هئا. بهرحال ان کان پوءِ اجازت وٺي اسان ٺٽي موٽي آياسون ۽ پاڻ پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته مون خواب ۾ پاڻ کي هڪ عاليشان سينگاريل عمارت اندر ڏٺو. اتي حضرت جن، نبي ڪريم صِلّي الله عليہِ وسلم جي خدمت ۾ مشغول هئا(357) ۽ پاڻ ڪريم جن ويٺل هئا. مون کي به  ڇڪ ٿي ته اندر وڃان. ڏسان ته هڪ ڏاڪڻ آهي جهن جي پهرين ڏاڪي تي آءٌ ويهي رهيس. حضرت جن پاڻ مٿي ويٺا هئا. مون کي ڏسي چيائون ته فلاڻن فقيرن کي سڏي اچ. مان انهيءَ خيال سان اٿيس ته دربانن مون کي چيو ته ڪجهه دير ترس ته نبي ڪريم صلعم جن کان اجازت وٺون. انهن جا اهي الفاظ ٻڌي حضرت جن پاڻ ڪريم صلعم جن  ڏي مرڪ واري انداز ۾ ملتجي ٿيا. اتي آءٌ خواب مان جاڳي پيس.

هڪ خادم کان نقل آهي ته هڪ دفعي آءٌ ڪنهن وڏي مرض ۾ مبتلا هوس ۽ پاڻ کي مرڻ جي ويجهو ٿي سمجهيم. انهيءَ حالت ۾ ڪجهه مريد ڀائر حضرت جن جي مقبري تي زيارت لاءِ ويا. اتي وڃي منهنجي باري ۾ شفا واسطي دعائون پنيائون. انهيءَ رات مون کي پاڻ وڌيڪ تڪليف ٿي ۽ سڀني ڀانيو ته اڄ منهنجي آخري رات آهي. اڃان منهنجي اک مس لڳي هئي ته خواب ۾ ڏٺم ته هڪ شخص چئي رهيو هو ته اڄ رات ڪو ماڻهو توکي ڪهڻ لاءِ وٺي ويندو. ڪجهه دير کان پوءِ واقعي هڪ شخص آيو جيڪو مونکي پاڻ سان گڏ هڪ جهنگ ۾ وٺي آيو ۽ اتي هڪ ليڪو ڪڍي ان جي اندر مونکي ويهاريائين. آءٌ  مرڻ جي جهوري ۽ ڳڻتيءَ ۾ هيس ۽ سوچي رهيو هوس ته هن مصيبت منجهان مونکي هاڻي سواءِ پنهنجي پير مرشد جي ڪير بچائي سگهندو. انهيءَ خيال ايندي محسوس ڪيم ته حضرت جن پاڻ منهنجي آڏو بيٺا آهن ۽ اهو شخص جيڪو مون کي جهنگ ۾ کڻي آيو هو غائب ٿي چڪو هو. ٿوري دير ۾ جڏهن آءٌ سجاڳ ٿيس ته پاڻ کي نوبنو ۽ تندرست محسوس ڪيم، ڄڻ ته مون کي بيماري ٿي ئي ڪو نه هئي.

هڪڙي مخلص چيو ته جڏهن حضرت جن کي رب تعاليٰ(358) پنهنجي جوارِ قرب ۾ جڳهه ڏني. يعني هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ته آءٌ ڏاڍو رنس ۽ پاڻ کي سخت غمگين محسوس ڪيم. آخر هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته مون کي چئي رهيا هئا ته مون کي مئل نه سمجهيو، بس فرق صرف هي آهي ته پهرين اسان هن هنڌ هياسون ۽ هاڻي هتي آهيون. بلڪ جيڪو صدق وچان اسان جي زيارت لاءِ ايندو ته هن کي گهڻو فائدو پهچندو ۽ ان جي هر مدعا پوري ٿيندي. انهيءَ ڪري وسوسو ۽ وهم نه ڪريو. انهيءَ کان پوءِ آءٌ خواب مان جاڳي پيس ۽ وري ڪڏهن اهڙو خيال  دل ۾ نه آيو.

هڪ مريد چيو ته هڪ ڀيري مون حضرت جن جي فرزندن جي ڪم جي باري ۾ سستي اختيار ڪئي، بلڪ  ڪجهه ٻين مريدن به اهڙو رويو اختيار ڪيو. ايتريقدر جو مون پنهنجي حجري کي ٻاهران قلف ڏئي، ٻئي هنڌان داخل ٿي اندر اچي سمهي رهيس ته متان ڪي مريد اچي مون کي تنگ ڪن. مون کي اتي ننڊ کڻي وئي ۽ خواب ۾ ڏٺم ته حضرت جن مون کي هٿ کان وٺي اٿاري رهيا آهن ۽ چئي رهيا هئا ته ٻيا ته سستي ڪن ٿا پر تون به ائين ٿو ڪرين. ايتري ۾ آءٌ سجاڳ ٿي پيس. ڏٺم ته حضرت جن جو فرزند حجري جي دروازي جي ٻاهران بيٺو آهي. آخر قلف کولرائي ٻاهر نڪري آيس ۽ سندن ڪم کي لڳي ويس.

هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته حضرت جن پاڻ ٻڌايو ته هڪ ڏهاڙي مون ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ گڏجي سماع ٿي ڪيو. مخدوم آجب جيڪو پنهنجي وقت جو عارف ۽ عالم هو ۽ اسان سان شفقت وارو رستو هيس، (359) تنهن هڪ ته اسان کي سماع کان منع ڪئي. ٻيو چوڻ لڳو ته جيڪڏهن حضرت جن نويڪلا ٿي سماع ڪن ته بهتر، ڇو ته ٻيا جيڪي سماع جي سمجهه نٿا رکن ۽ وڏي آواز سان سماع ڪن ٿا، انهن جي حلقي ۾ حضرت جن جو سماع ڪرڻ مناسب نٿو لڳي. اسان مخدوم جي انهيءَ ڳالهه تي آمنا صدقنا ڪئي، پر جڏهن رات گذري صبح  ٿيو ته مخدوم صاحب اسان وٽ اچي سهڙيو. مان ٻاهر نڪري وٽس مس آيس ته پاڻ چادر لاهي منهنجي پيرن تي رکيائين ۽ ڏاڍي معذرت واري انداز ۾ چوڻ لڳو ته گذريل رات مون نبي ڪريم صلّي الله عليہِ وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺو ته هڪ طرف وڃي رهيا آهن. سندن يارن کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته پاڻ سيد عبدالڪريم جو سماع ٻڌڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. جڏهن سجاڳ ٿيس ته انهيءَ خيال کان توبہ تائب ٿيو آهيان ۽ هينئر به انهيءَ ڪري هلي آيو آهيان ته پنهنجي تقصير لاءِ معافي وٺان.

هڪڙي خادم چيو ته هڪ ڀيري آءٌ ۽ هڪ ٻيو مريد ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڏاڏونءَ جي ڳوٺ ۾ اچي لٿاسون ۽ رات جنهاڻ جي ڳوٺ ۾ ترسياسون. صبح جو اتان اٿي ٺٽي جو رخ رکيم ۽ حضرت جن جي خدمت ۾ اچي پهتس. جڏهن سندن حجري تي پهتس ته پاڻ ستل هئا. مان سندن پيرانديءَ کان ويهي رهيس. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن پاڻ اٿيا ته سلام چئي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي کيڪاريائون ۽ چوڻ لڳا ته ڏاڏونءَ ۾ ٻيڙيءَ رستي پهچڻ کان پوءِ جنهاڻ ۾ رات رهي هتي پهتو آهين(360) منهنجي حيرانيءَ جي حد نه رهي ۽ عرض ڪيم ته قبلا جيڪي چئو ٿا بلڪل ائين آهي.

نقل آهي ته هڪ دفعي رات جي وقت پاڻ جهنگ منهن ڪري روانا ٿيا. مدرسي جو هڪ مولوي پڻ ٽوهه خاطر لڪي سندن پويان ويو ته ڏسان ته حضرت جن ڪيڏانهن ٿا وڃن. ڪجهه پنڌ کان پوءِ اوچتو جهنگ ۾ شينهن نڪري نروار ٿيو. انهيءَ مهل پاڻ ان شخص جي نظرن کان اوجهل هئا. شينهن کي ڏسي انهيءَ شخص وڏي رڙ ڪئي ته حضرت سائين هاڻي پهچو نه ته منهنجو خاتمو آهي. پاڻ ان شخص ڏانهن متوجهه ٿيا ۽ چوڻ لڳس ته ڇو اسان جي ڪڍ آئين ۽ ڇو هن ڏچي ۾ پاڻ کي وڌءِ !

هڪ مريد کان نقل آهي ته اوچتو اچي منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته حضرت جن ڪو مرتبو ۽ درجو قبول نٿا ڪن، بلڪ ٻين کي به منع ٿا ڪن ته هرگز قبول نه ڪيو. جيتوڻيڪ مون ٻڌو آهي ته وقت جو عارف شيخ ڀرڪيو رحمت الله عليہ هر روز خدا تعاليٰ سان ٽي هزار نوان سخن ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح وقت جي قطب مخدوم نوح جو قول آهي ته جيڪڏهن آءٌ خداوند تعاليٰ کان اک ڇنڀ جيترو وقت پري ٿيان ته سڙي مران. مون سوچيو، آخر انهن اهي مرتبا ڇو قبول ڪيا آهن. منهنجي دل ۾ اهو خيال گهر ڪري ويو ۽ هر وقت منهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه ڦرڻ لڳي، پر ڪنهن سان اها گفتگو به نٿي ڪيم. آخر هڪ ڏينهن جيئن آءٌ حضرت جن وٽ آيس ته پاڻ مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته تنهنجي دل ۾ جيڪو گمان آهي، ان جو جواب هي آهي ته اهي حضرات هڪ جدا گروهه سان تعلق رکن ٿا ۽ اسان هڪ اهڙي ٽولي سان آهيون، جيڪي مرتبا ۽ درجا قبول نٿا ڪن. اهو ٻڌي منهنجي مشڪل حل ٿئي وئي.

هڪ خادم کان نقل آهي ته حضرت جن پڇيو ته اهو ڪهڙو ولي آهي جنهن جي هڪ جست ۾ عرش جي ڪنگرن کان وٺي ملائڪ، زمين ۽ آسمان ۽ ريتيءَ جا داڻا، زمين تي اڀرندڙ نباتات (361) دريائن جو پاڻي، جملي جحيوانات ۽ پکي پکڻ، مطلب ته زمين ۽ آسمان جي درميان جيڪي ڪجهه  آهي، اهي سڀ پارڪري وڃي ٿو. مون عرض ڪيو ته حضرت جن پاڻ. في الفور مون کي چيائون ته نه، اهو بهاءَ الدين گودڙيو آهي.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته حضرت جن، بهاءَ الدين گودڙيو ۽ ڪي ٻيا دوست گڏجي ڪڪرالي طرف گهمڻ ويا. واپسيءَ ۾ کين هڪ هنڌ رات پئجي وئي. اتي کين بک به اچي لڳي، سو حضرت جن پاڻ پيٽ قوت لاءِ نڪري پيا. ڪجهه دير کان پوءِ کين هڪ شخص ڪونهون ڏنو، پر چيائين ته اهو شيخ پٺي جي باس ٿيل آهي. عام طور رسم اها آهي، ته پوءِ اها شيءِ ان پير جي هوندي آهي، جنهن جي سنڀال به هو پاڻ ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڏئي ڇڏيندو آهي ته اهو به سندس ذمي آهي. پر جيڪڏهن ڪو بزرگ اها شيءِ گهرندو آهي ته ان کي ڏئي به ڇڏيندا آهن. بهرحال حضرت جن انهيءَ ڪونهين کي حلال ڪري پچائي آڻي دوستن  جي آڏو رکيو. البت ان جي کل انهيءَ شخص کي ڏنائون ته جنهن اها باس باسي هئي. پوءِ پاڻ ٺٽي هليا آيا. رات جو انهيءَ شخص خواب ۾ شيخ پٺي کي ڏٺو، جيڪو کيس چئي رهيو ته صبح جو اها کل به کڻي وڃي حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ڪر، ڇو ته اها سندن مهرباني آهي جو اسان جو اهو تحفو قبول ڪيائون. جئن صبح جو اهو شخص سجاڳ ٿيو ته سڌو حضرت جن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ اها کل به پيش ڪيائين ۽ سموري ماجرا به عرض ڪيائين.

نقل آهي ته هڪ ڀيري اسان گهڻو پري نڪري وياسون، جڏهن واپس پهتاسين ته پاڻ پڇيائين ته ڪيڏانهن ويا هئو. عرض ڪيم ته سائين سماع ٻڌڻ (362) ويا هئاسون. فرمايائون ته ڇا جي لاءِ ويا؟ مطلب ته اها ڳالهه کين نه  آئڙي. ان کان پوءِ هڪ دفعي پاڻ تشريف فرما ٿيا. ٻئي دفعي آءٌ ڪجهه پنهنجن دوستن سان سنڀري وٽن وڃڻ لاءِ نڪتس واٽ تي بودن جي ڳوٺ ۾ اسان جو هڪ سنگتي هو جنهن وٽ آءٌ هميشه لسي يا ڌؤنرو يا کير پيئندو هوس. پر هن دفعي جڏهن آءٌ اتي پهتس ته ڪا شيءِ نه ملي. منهنجو اهو دوست چوڻ لڳو ته اڄ صبح جو کير جو وٽو ۽ ڌؤنري جي دکي حضرت جن جي خدمت ۾ موڪليا اٿم. مون سوچيو ته پڪ اڄ حضرت جن اسان کي اها لسي ۽ ڌؤنرو کارائيندا ۽ پوءِ چوندا ته سماع ڪريو ٿا يا نه ! جيڪڏهن هن سلسلي ۾ هڪڙو حڪم ڏنائون ته پوءِ منهنجو يقين  پختو ٿي ويندو. بهرحال ائين ئي ٿيو، جڏهن آءٌ سندن خدمت ۾ پهتس ته کائڻ لاءِ اهو ڌؤنرو ڏنائون ۽ سماع ڪرڻ جي موڪل ڏنائون، چوڻ لڳا ته ڀلي توهان کي حال پوي يا نه، پر شايد ٻين اهڙن سماع ڪندڙن جي برڪت سان توهان پنهنجي منزل تي پهچي وڃو، انهيءَ وقت پاڻ سندن چهري مان ڏاڍو خوش نظر ٿي  آيا، جنهن ڪري منهنجو يقين وڌيڪ پختو ٿي ويو.

نقل آهي ته جڏهن حضرت جن کي حضرت ميان جلال جي هن فاني جهان مان رحلت جي خبر پئي ته کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ وڏي آهه ڀري چوڻ لڳا ته ويچارو جلال مجذوب ٿي گذاري ويو.

هڪ مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن آءٌ پنهنجي ڪنهن دوست سان حضرت جن ڏانهن(363) عازم سفر هوس. واٽ تي منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه وڏو سير سفر ڪجي. مون جڏهن پنهنجي ساٿيءَ سان اها ڳالهه ڪئي ته هن پڻ قبول ڪيو. جڏهن اسين سندن خدمت ۾ حاضر ٿياسين ته اسان کي ڏسي چوڻ لڳا ته فقير لاءِ پيرن جو سفر هلاڪت جو سبب بنجي ٿو. البت جيڪڏهن کيس دل جو سير حاصل ٿئي ۽ پوءِ ڀلي پير ڊگها ڪري سمهي پوي ته هن کي زمين آسمان جو سير حاصل ٿي ويندو. ان کان پوءِ مون ظاهر سير و سفر ترڪ ڪري ڇڏيو.

هڪ مخلص بيان  ڪيو ته، مون تفسير حسينيءَ جو مطالعو ٿي ڪيو ۽ جڏهن بهشت وارين آيتن تي پهتس ته منهنجي دل ۾ بهشت جو خيال ويهجي ويو، جڏهن رات ٿي خواب ۾ حضرت جن کي ڏٺم جو چئي رهيا هئا ته آيتون پڙهڻ سان جنت جي خيالن ۾ گم ٿي ويو آهين. آءٌ مونجهاري ۾ پئجي ويس. ايتري ۾ پاڻ مون کي هٿ کان جهلي بهشت جي دروازي تي وٺي آيا ۽ ڏيکاري چوڻ لڳا ته ڏس اجهو اهو اٿئي بهشت، جنهن لاءِ توکي ايڏي سڪ ۽ ڇڪ هئي. چوڻ لڳا. خدا جو ذڪر ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي طلب ڪرڻ گهرجي، جڏهن آءٌ سجاڳ ٿيس ته منهنجي دل مان بهشت جي آرزو ختم ٿي چڪي هئي.

نقل آهي ته مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جو پٽ پنهنجي والد جي رحلت کان چار سال پوءِ حضرت جن جي خدمت ۾ آيو. هو چوي ٿو ته جڏهن منهنجي نظر حضرت جن جي چهري مبارڪ تي پئي ته، مون کي لڳو ته سندن جسم شڪل ۽ عضوا سڀ بلڪل مخدوم نوح جيان آهن(364). ڪافي دير آءٌ وٽن ويٺو رهيس ته مونکي مخدوم صاحب ۽ سندن شڪل ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيو. البت جڏهن آءٌ کانئن موڪلائڻ لڳس ته مون کي پنهنجي اصل شڪل ۾ نظر آيا.

نقل آهي ته هڪ ميهار جهنگ ۾ مينهون ٿي چاريون، اوچتو مٿس الاهي جذبو طاري ٿي ويو ۽ هو واريءَ جي مٿان ڪري پيو، واءُ لڳڻ جي ڪري مٿس واري وري ٿي وئي ته وري ٻي رخ ۾ گهلڻ سبب لهي به ٿي وئي. هڪ ڏينهن حضرت جن ان پسگردائي ۾ گدرن جي باغ وٽان اچي مٽيا ته ان جي مالڪ ڪجهه گدرا آڻي وٽن حاضر ڪيا ته جئن پاڻ واپرائن. اتي اهو درويش به ويٺو هو. پاڻ پنهنجي هٿن سان گدرا ڪٽي ان کي ڏنائون ٿي ته جئن هو کائي. پر هن آخر تائين ڪجهه نه کاڌو. ڪو نه ڪو بهانو ڪري ٽاريندو رهيو، اٿڻ وقت پاڻ رنج ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جي هٿ مان وٺي نٿو کائين. باقي انشاءَ الله اسان کان پوءِ ان جون کلون به کائي ويندين. چون ٿا ته حضرت جن جي وڃڻ کان پوءِ هن شخص کي ايڏي اچي بک لڳي، جو واقعي سڀ کلون به کائي ويو. بلڪ ائين به چون ٿا ته جيستائين جيئرو هو ڪيترا به طعام کائيندو هو، پر ڪڏهن به پيٽ نه ڀريس ۽ نه بک گهٽيس.

هڪڙي مريد بيان ڪيو ته هڪ ڏينهن آءٌ حضرت جن جي خدمت ۾ ويٺو هوس ته پاڻ نهايت شفقت ڀرئي انداز ۾ مون کي ٻڌائڻ لڳا ته، خدا جي ملڪ ۾ هڪ اهڙو زمين ٽڪر به آهي، جنهن جي وسعت اسي سالن جو پنڌ آهي. اها زمين بلڪل هموار ڪنڊن ڪرڙن کان پاڪ آهي. بلڪ ان ۾ بيٺل فصل جا سنگ اهڙا آهن جو جيڪڏهن ماڻهو صرف هڪڙو کائي ته سندس ڍؤ ٿي وڃي. مون عرض ڪيو ته سائين اها سر زمين ڌرتيءَ تي آهي. چيائيون ته نه. عرض ڪيم ته ڀلا آسمان تي آهي. وراڻيائون نه (365). بلڪ اها سر زمين اهڙي هنڌ آهي جتي سج چنڊ جي روشني ڪا نه ٿي پهچي. البت اتي رحمت جو مينهن وسي ٿو ۽ ملائڪ ان ۾ ٻج ڇٽن ٿا. پوءِ ان جو ڦل نصيب وارن کي نصيب ٿئي ٿو.

هڪڙي خادم چيو ته هڪ ڏينهن مون کي دل ۾ اچي وهم پيو ته حضرت جن وٽ جيڪي آندو وڃي ٿو سو کائي وڃن ٿا ۽ نيڪ بد جي تميز نٿا ڪن. رات جو مون ڏٺو ته خواب ۾ مونکي چئي رهيا هئا ته هر وقت جڏهن به ڪو کاڌو اسان جي آڏو آندو ويندو آهي ته اسان نيڪ ۽ بد جي تميز ضرور ڪندا آهيون. مان جڏهن سجاڳ ٿيس ته، پنهنجي وهم تي پشيمان ٿيس.

نقل آهي ته هڪڙو مريد ڪنهن بزرگ جي زيارت لاءِ گهران نڪتو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جو پيءُ کيس ڳوليندو حضرت جن جي خدمت ۾ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو ته پنهنجي پٽ کي منهنجي حوالي ڪريو ته واپس موٽي وڃان. حضرت جن چيس ته اڳئين نماز تائين صبر ڪر جو مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته هو تنهنجي خاطر هيستائين هتي اچي رسندو. مون کي پڪ آهي ته هو ضرور ايندو. ايتري ۾ ٻاهران ڪنهن وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو ته فلاڻو اچي ويو. اهو آواز ٻڌي حضرت جن ڏاڍو خوش ٿيا. آخر اهو مريد حاضر ٿيو ۽ قدم بوسيءَ جو شرف حاصل ڪري پنهنجي پيءُ سان گڏجي ٺٽي روانو ٿيو.

هڪڙي مريد بيان ڪيو ته، حضرت جن جي رحلت کان پوءِ اسان ٻيڙيءَ ۾ سوار(366) ٿي ٺٽي طرف اچي رهيا هئاسون ته واٽ تي اڻائي واءَ ۾ ڦاسي پياسون. لهرن جي زور سبب ٻيڙي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي ۽ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي چڪو هو. ذهني طور ٻڏڻ لاءِ تيار هئاسون، پر اوچتو حڪم الاهيءَ سان واءُ سڻائو ٿي پيو ۽ اسان ڪناري تي اچي پهتاسون. اتي لهي رات گذارڻ لاءِ هيٺ سمهي پياسون. اسان ۾ صالح نالي هڪ مريد هو جنهن خواب ۾ ڏٺو ته حضرت جن پاڻ ان جڳهه تي اچي پهتا آهن ۽ اسان جي مٿن کان بيٺا آهن. صالح کين عرض ڪيو ته قبلا هتي ڪيئن  آيا آهيو. پاڻ چيائون ته مريد پريشاني ۽ تڪليف ۾ هئا، انهن جي خبر گيريءَ واسطي هتي آيا آهيون. صالح جئن ننڊ مان سجاڳ ٿيو ته سڀني کي اها ڳالهه ڪري ٻڌايائين ۽ وري سمهي پيو. ٻيهر به ننڊ ۾ ڏٺائين ته حضرت جن کيس ساڳي ڳالهه چئي رهيا هئا. هوڏانهن وري جڏهن صالح ننڊ مان جاڳيو ته مريدن کي ساڳي ڳالهه ٻڌايائين. مطلب ته ائين ڪيترا دفعا ٿيو ۽ صالح ساڳي ڳالهه پئي ورجائي.

نقل آهي ته هڪ ڏهاڙي ڪي ماڻهو وٽن دانهن کڻي آيا ته سندن ڳائو مال فلاڻو ڏاڍو مڙس زوريءَ ڪاهي ويو آهي. سو اسان جي لاءِ ان ڏاڍي مڙس ڏي ميڙ ٿي هلو ته جيئن اسان جو مال موٽائي ڏي. پاڻ اٿي انهن سان گڏجي هليا، جتي اهو ڏاڍو مڙس رهندو هو. جڏهن ان شخص ٻڌو ته حضرت جن روانا ٿيا آهن ته پاڻ صبح جو سوير اٿي انهن ماڻهن جي کيتن طرف ويو جتي هنن جو ان ٻارين ۾ پيو هو. هن جي نيت هئي ته ان کي ساڙائي ڇڏي. جڏهن اها خبر حضرت جن کي ٻڌايائون ته پاڻ خاموش ٿي اتي ويهي رهيا. (367) هوڏانهن هن شخص پهرين ٻار ساڙائي جيئن ٻنيءَ طرف ويو ته سندس گهوڙي سرڪشي ڪئي ۽ هو زمين تي ڪري پيو ۽ سندس عضوا ضربجي پيا. ان کان پوءِ وري کيس هوش آيو ته هي سڀ ڪجهه حضرت جن جي ڪرامت سبب آهي. آخر پاڻ کي چادر ۾ ويڙهائي پاڻ کڻائي حضرت جن وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ پنهنجي  پشيمانيءَ جو اظهار ڪيائين. ان کان سواءِ فوري طور ديڳيون لهرائي سڀني مريدن خادمن کي کارايائين ۽ اهو سڀ جهليل مال موٽائي ڏنائين. حضرت جن اها رات وٽس مهمان رهيا ۽ ٻئي ڏينهن واپس ٿيا.

هڪ مريد بيان ڪيو ته آءٌ هر دفعي جڏهن ٺٽي کان حضرت جن جي زيارت لاءِ ايندو هوس ته رستي تي بگهڙن ۽ سوئرن جو ڏاڍو ڊپ ٿيندو هو ۽ پڻ اهو ته ڪٿي نانگ بلائون کائي نه وجهن. هڪ ڏينهن مون خواب ۾ ڏٺو ته حضرت جن چئي رهيا هئا ته جيڪو اسان جي زيارت لاءِ ايندو ان کي اهي بلائون ڪو نقصان نه پهچائينديون ۽ نه ڪو انهن کان ڊڄڻ گهرجي. ان مريد چيو ته انهيءَ کان پوءِ آءٌ جڏهن به سندن حاضريءَ ۾ ويندو هوس ته سوئر بگهڙ ۽ نانگ بلائون رستي جي چوڌاري ڏسندو هوس، پر مون کي ڪو ڊپ ڊاءُ نه ٿيندو هو ۽ نه ئي وري مون کي ڪڏهن ڪو نقصان پهچايائون.

نقل آهي ته پير لاکو جيڪو بگهاڙ ۾ مدفون آهي، اتي ماڻهو هڪ ٻئي کي سنهن ڏينهن لاءِ ايندا هئا. جيڪڏهن سنهن وارو ماڻهو سچو هوندو هو ته ان کي ڪجهه  نه ٿيندو هو، پر جيڪڏهن ڪوڙو هوندو هو ته اتي رت ٿي ڇڙندو هو. اها خبر جڏهن حضرت جن کي پئي ته پير لاکي جي قبر تي آيا ۽ اتي اچي چوڻ لڳا ته اي لاکا، ماڻهو جيئري پنهنجي نفس کي ماري ڇڏين ٿا، پر تون مرڻ کان پوءِ به کين نٿو ڇڏين. چون ٿا، ان کان پوءِ ائين ٿيڻ بند ٿي ويو، بلڪ جيڪڏهن ڪنهن سندس قبر سان به هٿ چراند ٿي ڪئي ته ان کي ڪجهه نٿي ٿيو.(368)

چون ٿا ته چيٽ جا فصل پچي تيار ٿيندا هئا ته ڪي ماڻهو انهن ٻنين منجهان سنگ چوري ڪري پيٽ قوت ڪندا هئا، انهيءَ پرڳڻي جا جاگيردار مغل هئا، سو تن ڇا ڪيو جو، انهن ماڻهن کي جهلي شيخ ڀرڪيي جي اڱڻ تي کين خاڪ پياريائون ته جيئن اڳتي چوري نه ڪن. آخر اهي ماڻهو جڏهن بلڪل لاچار ٿي پيا ته حضرت جن وٽ اچي عرض ڪرڻ لڳا ته هينئر بک ٿا مرون، شيخ ڀرڪيي جي خاڪ کاڌي اٿئون، پر سڄي عمر ائين گذري آهي. هاڻي ڇا ڪريون؟ پاڻ چيائون ته وڃي ساڳي ڪار ڪريو.توهان کي شيخ ڀرڪيي جي خاڪ ڪجهه ڪو نه ڪندي. چون ٿا ان کان پوءِ هو ساڳي ڌنڌي کي لڳي ويا ۽ خاڪ جو مٿن ڪو اثر نه ٿيو.

نقل آهي ته سيد ابراهيم جيڪو پرڏيهي پير جي نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن جي قبر حضرت جن جي پسگردائي ۾آهي، ان جي چوڌاري وڻن جو گهاٽو جهنگل هو. چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو اٺ يا ٻڪري انهن وڻن ۾ چڪ هڻندو هو ته اتي جو اتي ڦٿڪي ساهه ڏيندو هو. حضرت جن کي جڏهن اها خبر پئي ته پاڻ سندس قبر تي اچي چوڻ لڳا ته اي ماڻهن جا پير، انسان جيئري پنهنجي نفس کي ماري ڇڏين ٿا، تون مرڻ کان پوءِ جيئرن کي ٿو مارين. چون ٿا: ان کان پوءِ توڙي جو ماڻهو اتان وڻ وڍي هليا ويندا هئا، تڏهن به کين ڪجهه نه ٿيندو هو.

چون ٿا ته هڪ دفعي پاڻ ڪنهن طرف وڃي رهيا هئا، ساڻن هڪ نامراد مريد گڏ هو، جنهن جي اصليت زهريلي ڪنڊي وانگر هئي. پاڻ جڏهن جهنگل ۾ ڪافي پنڌ هليا ته(369) اهو مريد ڏاڍي بک لڳڻ ڪري ڇتو ٿي پيو ۽ چيلهه سان ٻڌل خنجر ڪڍي حضرت جن تي الاري چوڻ لڳو ته ڪجهه به ڪريو پر مون لاءِ کاڌو پيدا ڪريو. پاڻ مشڪي ڏانهس ڏسندا رهيا ۽ چوڻ لڳا ته هتي کاڌو ڪٿان ايندو. انهيءَ تي اهو نڀاڳو چوڻ لڳو، نه ته آءٌ توهان جي ران جو ٽڪر ڪپي کائيندس. چوڻ لڳا، اهو به تنهنجو  آهي. پاڻ ائين مشڪندا رهيا ۽ ان کي ڪجهه نه چيائون. آخر گهڻي ردڪد کان پوءِ کيس چيائون ته چڱو ٿوري دير صبر ڪر. تڏهن اهو شخص ٿوري دير لاءِ کانئن پري ٿيو ۽ پاڻ هيٺ ليٽي پيا. ايتري ۾ هڪ شخص ظاهر ٿيو جيڪو کاڌي جو تس ڀري کڻي آيو ۽ ان شخص ويهي اهو کاڌو. ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي راه وٺي روانا ٿيا.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن ميان جلال مخدوم نوح عليہ الرحمة جي پٽ حضرت جن کان پڇيو ته ماڻهو چون ٿا ته توهان مخدوم نوح جي زيارت لاءِ نه، پر بهاءَ الدين گودڙيي سان ملاقات لاءِ اتي وڃو ٿا. پاڻ چيائون ته هائو، تو صحيح ٻڌو آهي، ڇو ته مون کي بهاءَ الدين ۾ مخدوم نوح جو ظهور نظر اچي ٿو، جيڪو ٻئي ڪنهن ۾ نظر نٿو اچي.

هڪڙي ڏاهي مريد کان نقل آهي ته مون هڪ دفعي خواب ۾ ڏٺو ته آءٌ مري ويو آهيان ۽ مون کي مٽ مائٽ دفن ڪرڻ لاءِ قبرستان کڻي آيا آهن. جيئن قبر کوٽي تيار ڪيائون ته ڏٺم ته اها نانگ بلائن ۽ وڇن سان ڀري پئي آهي. (370) جڏهن مون کي قبر ۾ لاهڻ لاءِ ويجهو آندائون ته ڏاڍو دلگير ٿيس ته انهن بلائن کان ڪيئن بچندس. اڃان انهيءَ پريشانيءَ ۾ هوس جو پري کان هڪ سوار کي ايندو ڏٺم. پڪ ٿيم ته اهي حضرت جن آهن، پاڻ جڏهن اتي پهتا ته منهنجي پريشاني کي ڏسي منهنجن مائٽن کي چوڻ لڳا ته هن کوٽيل قبر کي مٽيءَ سان ڀري ڇڏيو ۽ هن جي ٻيءَ جاءِ تي قبر کوٽيو. مون کي ڏسي چوڻ لڳا ته تنهنجي قبر هن جاءِ تي ٿيندي ۽ تون پريشان نه ٿيءُ، اهي لفظ ٻڌي منهنجي پريشاني ختم ٿي وئي ۽ آءٌ خوشيءَ جي عالم ۾ جاڳي ويهي رهيس.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن مريد حضرت جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته قبلا، ٻڌو اٿئون ته وقت جي هڪ بادشاهه جنهن جو نالو سليم هو، تنهن چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪو اصل فقير نظر اچي ته جيڪر پاڻ کي ان جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيان ۽ ويهي الله الله ڪريان. اهو ٻڌي پاڻ چيائون ته جيڪڏهن واقعي سندس دل ۾ خدا جي طلب آهي ته هتي ايترا فقير آهن جو هن کي جتي آهي تتي فيض رسائي سگهن ٿا.

هڪ مخلص کان نقل آهي ته ڪنهن ڪم خاطر آءٌ ڏاڍو پريشان هيس ۽ ڪا واٽ نظر نٿي آئي. يار دوست به مون کان بيزار نظر ٿي آيا. پاڻ کي بلڪل تنها ٿي محسوس ڪيم.  آخر جمعي جي ڏينهن جڏهن آءٌ جمعي جو خطبو ٻڌي رهيو هوس ته، دل ۾ خيال آيو ته، جيڪڏهن ههڙي وقت ۾ حضرت جن منهنجي مدد ڪن ته ڏاڍو سٺو، اڃان انهن خيالن ۾ گم هوس ته، منهنجون اکيون زوريءَ ٻوٽجي ويون. ڇا ٿو ڏسان ته منهنجي آڏو هڪ ڪاري هيبتناڪ بلا آهي. آءٌ ٿوريءَ دير لاءِ خوفزده ٿي ويس، پر پاڻ اڳتي وڌي ان بلا کي کڻي زمين تي سٽيائون ۽ مون کي چوڻ لڳا ته هاڻي ڪنهن قسم جي ڀؤ نه ڪر. جڏهن اک(371) کلي ته حضرت جن کي نه ڏٺم. بهرحال آءٌ نماز ادا ڪري گهر موٽي آيس. ان کان پوءِ جلد ئي منهنجي اها مشڪل حل ٿي وئي ۽ اهي تڪليف ۽ ڏک خوشي ۾ تبديل ٿي ويا.

نقل آهي ته، هڪ ڏينهن ڪو فقير سهي سنڀري حضرت جن جي خدمت ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿيو. پر وٽس اهڙي ڪا شيءِ نه هئي، جا ساڻ کڻي اچي خدمت ۾ پيش ڪري، جڏهن ته ٻين وٽ ڪجهه نه ڪجهه موجود هو. دل ئي دل ۾ محسوس ڪرڻ لڳو ته ڪهڙو منهن کڻي وڃي حاضر ٿيندس. بهرحال جڏهن اهو فقير خدمت ۾ پهتو ته حضرت جن کيس ڏسي چيو ته جيڪڏهن فقير وٽ اهڙي ڪا شيءِ نه جي جو پنهنجي پير وٽ کڻي اچي، ته ٻيو نه گهٽ ۾ گهٽ ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي. ڇو ته فقيرن جو اهو ئي مرڪ آهي.

نقل آهي ته، حضرت جن پنهنجي زمين جا پروانا مهر هڻائڻ واسطي پنهنجي ڪنهن قاصد ذريعي ٺٽي جي حاڪم مصطفيٰ خان وٽ ڏياري موڪليا. اهو قاصد بيان ٿو ڪري ته جڏهن اهي پروانا تيار ٿي مهر هنيل مليا ته آءٌ فوري طور حضرت جن جي خدمت ۾ پهچائڻ واسطي روانو ٿيس. آءٌ بيحد خوش هوس، ايتري قدر جو رستي جي خبر به نٿي پئي ۽ آخر هڪ هنڌ اوجهڙ ۾ وڃي ڦاٿس جتي ڪيترا وڇون ۽ نانگ بلائون هئا، جن مون کي ڏنگي وڌو. مون پنهنجو  پاڻ تان آسرو کڻي ڇڏيو. رڳو اهو فڪر هيم ته ڪيئن به ڪري اهي سندون ۽ پروانا حضرت جن وٽ پهچن. واٽ تي جيڪي ماڻهو گڏيا تن منهنجي حالت ڏسي چيو ته اِجهو ٿو تنهنجو خاتمو ٿئي. آءٌ کين چوڻ لڳس ته مون کي مرڻ جو ڪو ڊپ ڪونهي. مون کي صرف اهو فڪر آهي ته اهي ڪاغذ ڪيئن به ڪري حضرت جن کي ملن  ته مون کي اطمينان ٿيندو. منهنجي اها حالت ڏسي انهن ماڻهن کي رحم آيو ۽ هنن (372) مون کي گهوڙي ڏني ته جئن آءٌ حضرت جن وٽ پهچي سگهان. بهرحال اهڙي حالت ۾ جڏهن آءٌ حضرت جن جي ڳوٺ ۾ پهتس ته پاڻ اتي ڪو نه هئا. بلڪ ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ ويل هئا. گهوڙيءَ کي اتي ڇڏي وري پنڌ ڇڪيم ته اهي سندون پهچايان. اتي مون کان وري رت وهڻ لڳو ۽ هاڻي پڪ ٿيم ته ڄاڻ ٿو مران.

اهڙي حال ۾ مون تي جڏهن سندن نظر پئي ته ڏاڍي همدردي ڪيائون ۽ پڇڻ لڳا ته رستي تي ڪهڙي تڪليف آئي اٿئي. عرض ڪيم ته واٽ تي بلا ڏنگيو اٿم. اهو ٻڌي پاڻ پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي زخم تي گهمايائون ته انهيءَ جي برڪت سان منهنجو زخم ٺيڪ ٿي ويو ۽ ان زهر جو اثر به ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي ڳوٺ آيا ته آءٌ به سندن همراهه هوس، اڃا ڪجهه پنڌ مس هليس ته مون کي بک ساڻو ڪري وڌو ۽ هلڻ کان لاچار ٿي ڪري پيس.  بهرحال دل جو سور دل ۾ ئي پي ٿي ويس ۽ حضرت جن کي نٿي ٻڌايم. اهڙيءَ طرح جهڙي تهڙي حال سان ٿڙندو ٿاٻڙندو اڳتي هلندو رهيس. پر مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته حضرت جن پنهنجي باطن جي روشنيءَ سبب منهنجي دل کان واقف آهن. اهڙي حال ۾ جڏهن اسان هڪ جهنگل مان گذري رهيا هئاسون ته هڪ عورت اوچتو ظاهر ٿي، جنهن حضرت جن کي سڃاڻي وڏي آزي ڪري چوڻ لڳي ته اڄ رات مون وٽ ترسو ۽ مون وٽ مهمان ٿيو ۽ مون کي اهو شرف بخشيو. پاڻ اها ڳالهه قبول نه ڪيائون. ليڪن ٿوري دير ۾ اها عورت ٻه مانيون ۽ ڪجهه ساڳ پنهنجي رئي جي پلؤ سان ڍڪي کڻي آئي. اهو ڏسي مون کي سڏي چيائون ته هن مان کائي پيٽ قوت ڪر ته جئن اڳتي هلڻ جهڙو ٿئين (373). مون اهي مانيون کاڌيون ته ڪجهه جان ۾ جان آئي ۽ آءٌ پاڻ کي سگهارو محسوس ڪرڻ لڳس ۽ آخر اچي منزل تي پهتاسون.

نقل آهي ته  ڪو شخص حضرت جن جي وفات کان پوءِ مريد ٿيو. ليڪن پاڻ کي چوڻ لڳو ته ڪاش جيڪر سندن حياتيءَ ۾ دست بيعت ڪري مريد ٿيان ها ته ڪيترو نه بهتر ٿئي ها. انهيءَ خيال ۾ گم هو ته سندس اک لڳي وئي، خواب ۾ حضرت جن کي ڏٺائين. پاڻ سندس هٿ هٿ ۾ وٺي چوڻ لڳا ته جيڪڏهن زندگيءَ ۾ توکي اهو موقعو نه ملي سگهيو ته هينئر ان جو فائدو وٺ، ليڪن وسوسو ۽ وهم نه ڪر، ڇو ته تون اسان سان ملي چڪين.

هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ ڀيري مون ڏٺو ته حضرت جن قبلي کي ڇڏي ٻئي طرف منهن ڪري نماز  پڙهي رهيا آهن. دل ۾ خيال  ڪيم ته کين ٻڌايان، پر خاموش رهڻ بهتر سمجهيم ۽ ڪنڊ وٺي ويهي رهيس. جڏهن فارغ ٿيا ته چوڻ لڳا مان ڪنهن ٻئي طرف منهن ڪري نماز پڙهي رهيو هوس، تو ڇو ڪو نه ڪڇيو. ائين چئي فرمايائون: فاينما تولو فثم وجہ الله:”پوءِ توهان جنهن طرف منهن ڪريو ٿا اوڏانهن خدا جي ذات آهي“ (القرآن).

نقل آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ ڪيترن ماڻهن کي زنجيرن ۾ ٻڌل ۽ قيد ۾ بند ڏسي آيا. جڏهن پنهنجي حجري ۾ داخل ٿيا ته بار بار ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار پئي ڪيائون. جڏهن سندن آڏو کاڌو آندو ويو تڏهن به چوڻ لڳا ته افسوس اسان ته طعام کائي رهيا آهيون پر اسانجا ڀائر قيد ۾ بند ۽ گرفتار آهن. چون ٿا ته ڪجهه دير کان پوءِ انهن سڀني ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيائون.

نقل ٿا ڪن ته ڪو مريد شهر ۾ رهندو هو ۽ کيس ڪافي عيال هو. هميشه انهيءَ پريشانيءَ ۾ مبتلا رهندو هو ته شهر ۾ رهجي يا ٻهراڙيءَ ۾ وڃي خدا تعاليٰ کي ياد ڪجي. هڪ رات حضرت جن کي خواب ۾ ڏٺائين جيڪي چئي رهيا هئس ته تون ڀلي شهر ۾ ئي رهه (374) ۽ ٻهراڙيءَ جو رخ نه ڪر. خداوند تعاليٰ ته شهر ۾ به ملي سگهندو. جڏهن سجاڳ ٿيو ته دل ۾ سڪون ۽ قرار محسوس ڪيائين.

نقل آهي ته هڪ ڀيري حضرت جن مسجد ۾ نه ويا ۽ پنهنجي ڪجهه مريدن سان گڏجي نماز پڙهيائون ۽ پاڻ امامت ڪيائون. هڪڙو مريد جيڪو مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ويو هو، سو جڏهن واپس آيو ته دل ۾ خيال ڪيائين ته عجب آهي جو حضرت جن سنت جماعت کي ڇڏي هتي نماز پڙهي آهي. پاڻ ان مريد کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته جماعت نماز پڙهڻ سان آهي، ليڪن اڪيلائي ۾ خدا کي ياد ڪرڻ فرض آهي.

هڪڙي مريد کان نقل آهي ته هڪ دفعي آءٌ ٺٽي مان تيار ٿي، حضرت جن جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيس. جڏهن اتي پهتس ته خبر پئي ته پاڻ ڪنهن ٻئي طرف ويل آهن. لاچار نا اميد ٿي پوئتي موٽ کاڌم ۽ پناهه واهه جي ڪناري تي منجهي بيهي رهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. اوچتو هڪ طرف کان مٿي اگهاڙو سوار ايندي ڏٺم. پڪ ڄاتم ته حضرت جن پاڻ آهن. ليڪن انهيءَ وقت پاڻ الاهي جمال جي ساگر ۾ ايترو غرق هئا جو کين پنهنجي وجود جي به خبر ڪا نه هئي ته ڪو مٿو اگهاڙو اٿن. جئن مون تي نظر پين ته هي مصرع پڙهيائون:

هي گهاتوئن وياءَ، مون ڏورائين لکئا.

]مون پري کان سمجهيو ته اهي بهادرن جا ڄاوا آهن.[

ان کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ رخ رکيائون ۽ مون کي چيائون ته فلاڻي هنڌ ڪنهن شخص منهنجي مهماني ڪئي هئي (375). هن ڏاڍيون منٿون ڪيون ته اڄ مون وٽ منزل ڪيو، پر مون ان ڪري قبول نه ڪيو ته جئن ڳوٺ پهچي سگهان مان ان وقت ڏاڍو بکايل هوس، سو هڪڙي ماني جا هڙ ۾ ٻڌل هين، مون کي کائڻ لا ڪڍي ڏنائون.

نقل آهي ته هڪڙو مريد جيڪو نفل، نمازون ادا ڪندڙ ۽ تهجد گذار هو، حضرت جن وٽ آيو. دل ۾ خيال ڪيائين ته جيڪڏهن حضرت جن پاڻ چيو ته نفل ادا ڪندس ورنه ائين ويٺو رهندس. اهو مريد جڏهن وٽن پهتو ته پاڻ ان کي ٻڌايائون ته هڪڙو شخص هوندو هو، جيڪو نفل تمام گهٽ پڙهندو هو. ان کي ڪن ٻين ماڻهن چيو ته ڇو نفل نٿو پڙهين. جواب ڏنائين ته آءُ پنهنجي ٻنيءَ جي سنڀال ۾ رڌل رهان ٿو. اهي ماڻهو چوڻ لڳس ته پر ان سان نماز ادا ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ٻڌي اهو شخص چوڻ لڳو ته آءٌ زمين جي حقيقت کان واقف آهيان ۽ مون ڏٺو آهي ته جتي فصل گهاٽو ٿيندو آهي ته اتي سنگ ڪمزور ٿيندا آهن، پر جتي فصل ڪمزور هوندو آهي ته اتي سنگ مضبوط هوندا آهن.اهو ٻڌي ان مريد نفلن پڙهڻ تي زور ڇڏي ڏنو.

چون ٿا ته حضرت جن جي مريد کي ڪنهن طعنو ڏنو ته پاڻ چون ٿا ته اسان جي مريدن ۽ خير خواهن کي رزق جي تنگيءَ جو منهن نه ڏسڻو پوندو، پوءِ توهان ايڏي افلاس ۽ تنگدستيءَ ۾ ڇو آهيو؟ اهو ٻڌي مريد ڏاڍو دلشڪستو ٿيو ۽ فڪرات ۾ پئجي ويو. آخر خواب ۾ ڏٺائين ته حضرت جن کيس چئي رهيا هئا ته دلگير نه ٿيءُ ۽ خدا جي ورهاست تي راضي رهڻ سک. اهو جيڪي ڪري ٿو، ان تي استقامت رک.

نقل آهي ته هڪ دفعي رات جو حضرت جن پاڻ آرام ۾ هئا، جو سندن ڪي مهمان اچي پهتا. هن خادم کي ٻڪريءَ جي گوشت کائڻ جي فرمائش ڪئي، پر وٽن ڪو ٻڪر ڪو نه هو (376). پاڻ اڃان ليٽيل ئي هئا ته خادم اچي کين ٻڌايو ته فقيرن گوشت کائڻ جي فرمائش ڪئي آهي. ڪنڌ مٿي کڻي کيس چيائون ته ٺيڪ آهي، گوشت جو بندوبست ڪريو ۽ کين رڌي کارايو. پاڻ وري پاسو ورائي ليٽي پيا. اڃان ٿوري دير نه گذري ته هڪڙو شخص جنهن جي ڌيءَ کي ويم جا سور ٿيا هئا، پاڻي پڙهائڻ لاءِ حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته مون وٽ هڪ ٻڪري آهي جيڪا شيخ پٺي جي نذر ڪئي هيم، اها هاڻي توهان جي نذر ڪيان ٿو. پاڻ چيائون ته جڏهن تنهنجي مراد پوري ٿئي ته ڀلي ڏئي وڃ. هوڏانهن ان شخص جي پنهنجي گهر پهچڻ جي دير هئي ۽ جيئن پاڻي پياريائين ته مشڪل حل ٿي وئي. فوراً ٻڪري آڻي خدمت ۾ پيش ڪيائين، جنهن کي فقيرن ڪهي پچائي کاڌو.

نقل آهي ته هڪ ڀيري ڪو شخص وٽن اچي مهمان ٿيو. ڀانيائون ته طالب خدا بنجڻ جي ارادي سان آيو آهي، پاڻ شڪر بجا آندائون. ليڪن گهڻي دير کان پوءِ اهو شخص دنياوي مقصد خاطر دعا گهرائي روانو ٿيو. انهيءَ ڳالهه کي پاڻ پسند نه ڪيائون ۽ انهيءَ سبب ان شخص جي ڪا تواضع نه ڪيائون. اتفاق سان ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو شخص حضرت جن جي مريد سان ڪٿي ملاقي ٿيو ته هن مريد کيس چيو ته حضرت جن توکي ياد ڪندا رهن ٿا. چون ٿا ته ان کان پوءِ اهو شخص خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ دنيا کي ڇڏي سچو طالب خدا بنجي ويو.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن ڪڪرالي جي ڳوٺ ۾ ڪنهن جي گهر ٽڪي پيا ۽ اتي ڪجهه کاڌائون. ڪن ماڻهن کي جڏهن اها خبر پئي ته چوڻ لڳا، حضرت جن کي ڇا ٿيو آهي جو چورن جي گهر(377) ۾ رهن ٿا ۽ انهن جي ماني کائين ٿا. جڏهن کين اها خبر پئي ته پاڻ هي بيت پڙهيائون:

[99]

خرقانُ خوش ڪري، اچي ويٺاسون،

جائين ڏني حسن کي، تائين ڏيندين تون.

]خرقان وارن کي خوش ڪري اچي ويٺاسون، جتان حسن خرقانيءَ کي ڏنهء، تتان اسان کي به ڏيندين.[

والله اعلم بالصواب خاتمةِ الڪتاب.

 

ضميمو

تاريخ وفات ۽ ڪجهه ارشادات

حضرت سيد عبدالڪريم سنڌي رحمت الله عليہ جيڪو زماني جو قطب ۽ وقت جو عارف هو، جيڪو دلين جي دوا ڪندڙ ۽ عيبن کي ڍڪيندڙ هو، جيڪو توڪل ڪندڙن جو سرواڻ ۽ حقيقت وارن جو اڳواڻ هو، جيڪو زاهدن جو پيشوا، پرهيزگارن جو امام هو، الاهي اسرارن جو درياءُ ۽ مهربانين جي کاڻ هو. اهو حضرت عبدالڪريم اوليائين جو اڳواڻ، طريقت جي صحرا جو سياح، ڪرامتن جي درياءَ جو تارو، حقيقت جي ولايت جو سلطان، حلقئه ارباب ذوق جو پيش امام ۽ اصحاب شوق جو شيخ هو. پاڻ پنهنجي اولاد جي حق ۾ جيڪي ڪجهه فرمايائون ، اهو هتي پيش ڪجي ٿو. ڄاڻڻ گهرجي ته سندس اهل اولاد وغيره جو مرتبو ۽ مقام گهڻو مٿانهون آهي ۽ ان جو پورو بيان ڪرڻ به مشڪل آهي، پر برڪت ۽ فضيلت جي  لحاظ کان ڪجهه گفتا ۽ سخن جيڪي پاڻ فرمايائون هتي بيان ڪجن ٿا. هن جا ٻه فصل آهن. پهرئين فصل ۾ حضرت جن جي وفات جو ذڪر ۽ ٻئي ۾ اهي سخن ۽ گفتا جيڪي پنهنجي اولاد جي باري ۾ چيائون. ]378[

فصل پهريون:

سندن رحلت جو وقت مغرب يعني سانجهي، آچر جو ڏينهن، تاريخ ستين ذوالقعد سنه هڪ هزار ٻٽيهه هو ۽ لاڏاڻي وقت پنهنجي گهر ۾ هئا. اول کين ڪهڙو مرض لاحق ٿيو. ان بابت ڪا خبر نه پئي آهي. البت هڪ مخلص چيو ته مون کانئن ٻڌو ته پاڻ چيائون ته منهنجي وجود مان چوويهه سالن کان چار پنج مرض ڪڏهن به ختم نه ٿيا آهن. حضرت جن جو مقبرو مبارڪ جنت ثاني شال الله تعاليٰ سندن مرتبي کي اعليٰ ِعليين ۽ طابَ ثَراهُ جي مقام تائين پهچائي، پنهنجي ڳوٺ سيد پور ۾ آهي. اهو ڳوٺ ڪاتيارن جي ڳوٺ جي ويجهو ۽ بهرام پور ۾ آهي، جيڪو سنڌ جو هڪ پرڳڻو آهي ۽ اهو درياءَ جي ڪناري تي آهي. هاڻي هر مهيني جي پهرين سومر تي سندن فردوس مثال بهشت ثاني روضي مبارڪ تي ڪيترا اولياءَ بزرگ، مريد، خادم ۽ ٻي ڪيتري خلق اچي گڏ ٿئي ٿي. اتي سماع ٿئي ٿوً ۽ وڏو مجموعو گڏ ٿئي ٿو. پري پري کان ڪيترا ماڻهو غريب توڙي امير زيارت ۽ برڪت حاصل ڪرڻ خاطر اچن ٿا ۽ فيض پرائن ٿا. ڪن ڪامل بزرگن جو چوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو ڪامل يقين سان اچي حضرت جن جي زيارت ڪندو، ان کي اوترو فائدو ٿيندو جيترو سندن حياتيءَ ۾ ٿئي ها.

فصل ٻيو:

اهي سخن ۽ ارشادات جيڪي پنهنجي اولاد جي باري ۾ چيائون ۽ انهن جا نالا ۽ تفصيل جيڪي سندن اولاد ۾ شامل آهن ]379[ انهن مان پهريون خداوند تعاليٰ جو برگزيدو بندو ۽ الاهي عنايتن سان نوازيل ۽ حضرت جن جي فيض سان ڀريل حضرت سيد لال شاهه هو. ليڪن هن جڏهن ڌرتيءَ تي قدم رکيو ۽ سندس پيشاني مبارڪ تي ولايت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا، بلڪ هو اڃا ٻاروتڻ ۾ ئي هو ته وفات ڪري ويو ۽ وڃي حق سان واصل ٿيو. حضرت جن سندس لاڏاڻي تي هي الفاظ چيا ته،”اتي منهنجي جگر جا ٽڪرا، حضرت ڪريم نبي عليہ الصلاةِ والسلام جي خدمت ۾ اسان جا سلام عرض رکجان!“

نقل آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ ڪجهه مريدن سان گڏجي ڪنهن طرف وڃي رهيا هئا. اتفاقاً سندن گذر انهيءَ مقام وٽان ٿيو، جتي سندن نينگر مدفون هو. پاڻ بنا ٻڌائڻ جي ان طرف رخ رکيائون ۽ مريدن پنهنجو دڳ ورتو. جڏهن ڪافي دير ٿي ۽ سندن مريد سڏ پنڌ اڳي وڌي ويا ته هو اتي بيهي سندن راه تڪڻ لڳا. جڏهن پاڻ اتي اچي پهتا ته مريدن عرض ڪيو ته قبلا ڪهڙي طرف نڪري ويا هئا. جواب ڏنائون ته مقام ۾ ويو هئس. اتي پنهنجي نينگر کي ڏٺم، جيڪو ٻين ڇوڪرن سان راند کيڏي رهيو هو. مان پاڻ انهيءَ راند ڏسڻ ۾ مشغول ٿي ويس. ۽ هن کي ڏسي رهيو هوس، پر هو مون کي ڏسي نه سگهيو.

ٻيو فرزند جيڪو اسرار طريقت کان واقف، انوار شريعت  تي عامل، جذبه ربوبيت سان سرشار]380[ عبوديت جو ادب يافته ۽ درگاهه خداوندي جي مقامات تي فائز هو، اهو حضرت سيد عبدالرحيم عليہ الرحمةِ هو، هو دين جي وڏن بزرگن مان هو ۽ سندس ڪرامتون ۽ فضيلتون ايتريون گهڻيون آهن، جو لکڻ کان ٻاهر آهن. هو سماع کي ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ اڪثر پاڻ سماع ۾ مشغول رهندو هو.

نقل ٿا ڪن ته حضرت مخدوم نوح  عليہ الرحمةِ جو پٽ حضرت ابراهيم جيڪو پاڻ ڌڻيءَ جي پسنديده ٻانهن مان هو، چوندو هو ته جڏهن سيد عبدالرحيم مخفي جهان مان ظاهري دنيا ۾ پير رکيو ته مون خداوند تعاليٰ جو شڪر بجا آندو ته حضرت جن جي جيئري ئي هن جهان ڇڏي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو.

ٽيون فرزند جيڪو سخا ۽ حيا جو صاحب، جمال ۽ جلال جو آئينو، سونهارو ۽ عزت ۽ شرف وارو حضرت سيد جلال رحمةِ الله  عليہ هو. هو بيحد حسين هو ۽ عبادت به گهڻي ڪندو هو. زبان کي ڪهڙي مجال جو تعريف ڪري ۽ قلم کي ڪهڙي طاقت جو حق ادا ڪري. چون ٿا ته هڪ دفعي جڏهن هو هالڪنڊيءَ مان روانو ٿي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو ته واٽ تي چورن هٿان شهيد ٿي ويو. ]381[ اهو واقعو به حضرت جن جي حياتيءَ ۾ ٿيو.

چوٿون فرزند جيڪو متقين ۽ زاهدن جو اڳواڻ هو، حضرت سيد برهان هو. هو عبادت ۾ يگانو ۽ قوت ۾ نهايت سگهارو هو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي هو درياءَ جي ڪناري تي بيٺو هو ۽ چئي رهيو هو ته مون کي ڪو هتان چوري درياءَ ۾ ڪيرائي. چون ٿا ته ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿيا، پر کيس پنهنجي جاءِ تان جتي بيٺو هو چوري نه سگهيا. ظاهر آهي ته جنهن کي خداوند تعاليٰ پاڻ اهڙي سگهه ڏئي ۽ ان جي پاڻ مدد ڪري ۽ اهو پاڻ عبادت الاهي جو به حق ادا ڪندو هجي، ان کي ڪير ٿو لوڏي سگهي يا ان جي برابري ڪري سگهي. زبان سندن حق ادا ڪرڻ کان گونگي آهي،  ۽ قلم جو گهوڙو معذور آهي. هن جي وفات به حضرت جن جي زندگيءَ ۾ ٿي.

پنجون فرزند راه طريقت جو پانڌيئڙو ۽ راه حقيقت جو واقف، مجذوب وحدت، معروف ۽ مشهور سيدالله مجذوب هو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن حضرت جن واٽ وٺي وڃي رهيا هئا ته جو کين هڪ مجذوب ملي ويو. هن کانئن هڪ درهم گهريو ۽ کين چوڻ لڳو ته هڪ درهم عيوض پٽ ڏيان ٿو. حضرت جن چيو ته مون کيس هڪ درهم ڏنو. جڏهن گهر پهتس ته ٻڌايائون ته پٽ ڄائو آهي. ويجهو وڃي ڏٺم ]382[ ته بلڪل انهيءَ ديواني شخص جي مهانڊي نظر آيم.

جڏهن وڏو ٿيو ته منجهس عادتون به اهڙيون ئي ظاهر ٿيڻ لڳيون. مطلب ته مٿس انهيءَ ديواني جو پورو اثر نظر اچڻ لڳو. ان جي باري ۾ حضرت جن چوندا هئا ته بيشڪ کيس ايمان جي ڪامل صفائي نصيب ٿي آهي. جيتوڻيڪ مشڪلاتون به گهڻيون ڏٺائين، پر سير سفر به جهجها ڪيائين. هن رسالي جي تصنيف وقت زنده هو ۽ هن مصنف کيس ڏٺو هو.

ڇهون فرزند جيڪو صاحب هدايت ۽ ولايت هو، اڪابر ۽ ابرار جو پسنديده هو. رحمان ۽ رحيم جو مٿس راضپو هو. راه يقين وارن جو پيشو ۽ اهل دين جو مقتدا، خدا ۽ رسول جو پيارو سيد دين محمد هو. خدا شل سندس ڄمار ڊگهي ڪري، حضرت جن جي حياتيءَ ۾ ئي عزت ۽ شوڪت جو صاحب بنجي ويو. وڏو مالدار هو ۽ سڀني ڀائرن ۾ غني هو. عمدا ڪپڙا پائيندو هو ۽ گهوڙي تي سواري ڪندو هو. حضرت جن کيس گهڻو ڀائيندا هئا ۽ شفقت ڏيکاريندا هئا.

نقل آهي ته حضرت جن سڪرات جي وقت جڏهن پاڻ الاهي عشق جي نشي ۾ سرشار هئا ته اوچتو مٿو مٿي کڻي جهيڻي آواز ۾ دين محمد جو نالو وٺي سڏ ڪرڻ لڳا. مريد خادم جيڪي موجود هئا تن جواب ڏنو ته دين محمد هتي ڪونهي ٻاهر آهي. اهو جواب ٻڌي پاڻ وري غش ٿي ويا. ٿوري دير کان پوءِ ميان دين محمد اچي حاضر ٿيو ۽ هٿ ٻڌي بيهي رهيو. ڪجهه دير بعد جڏهن پاڻ وري هوش ۾ آيا ته دين محمد دين محمد پڪاريائون ]383[. مريدن جواب ڏنو ته دين محمد حاضر آهي. پاڻ خوش ٿيا ۽ شفقت ڀري نظر سان کيس ڏٺائون. ان کان پوءِ جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائون. ايتري ۾ سڀ ماڻهو روئڻ لڳا، پر دين محمد کي جيڪي ملڻو هو مليو. هو هٿ ٻڌي اتي جو اتي بيٺو رهيو.

جڏهن حضرت جن کي دفن ڪري واپس آيا ته ماڻهو ۽ مريد خادم پهريائين ته منجهي پيا ته حضرت جن جي جاءِ ڪير والاريندو. اڃان انهيءَ فڪر ۾ هئا ته ڏٺائون ته دين محمد جو مٿو ڪوڙيل آهي ۽ کيس ٿڳڙيل لڳل ڪارو لباس پهريل آهي. هو جڏهن ڪلهن تي ڪفني رکي ۽ ڪاري چادر اوڍي اچي ماڻهن جي ميڙ ۾ ويٺو ته الاهي نشي ۾ مست لڳي رهيو هو. ماڻهن سمجهيو ته دنيا جون سڀ ڳالهيون ترڪ ڪري چڪو آهي. ان ڪري مريد خادمن سڀني کيس حضرت جن جو قائم مقام تسليم ڪيو ۽ سندس تعظيم و تڪيم ڪرڻ لڳا.

حضرت جن چوندا هئا ته دين محمد کي خدا تعاليٰ ڪاوڙ ۽ ڏمر کان پالهو پيدا ڪيو آهي. بلڪ جيڪڏهن ڪٿي جنگ جهيڙو هجي ته اتي دين محمد کي وٺي وڃو ته انشاءَ الله ماٺ ميٺ ۽ امن امان ٿي ويندو. هي رسالو سندس حياتيءَ ۾ تڪميل کي پهتو ۽ هي فقير سندن زيارت کان مشرف به ٿيو.

ستون فرزند خادم الفقرا، غريبن جي پناه، نسيم وصال جو همدرد ۽ حريم جلال ]384[ جو محرم سيد سادات ميران سيد حسين هو، جنهن جي باري ۾ حضرت جن سڪرات جي وقت ۾ فرمايو ته جڏهن ڪو اسان جي يارن منجهان ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي ته سيد حسين وٽ وڃي پنهنجي مشڪل بيان ڪري. پوءِ جڏهن هو دعا گهري ته توهان آمين چئجو ته انشاءَ الله توهان جو مقصد پورو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته هن جي دعا قبول ٿيندي آهي.

نقل آهي ته پاڻ سيد حسين جي باري ۾ چوندا هئا ته هو خادم الفقراء آهي، پر اسان امير المؤمنين امام حسين رضي الله عنہ جي محبت ۾ هن جو نالو حسين رکيو آهي.

اٺون فرزند سندن نظر شفقت جو پاليل ۽ ڪماليت جو صاحب سيد عبدالقدوس هو. هو ننڍپڻ ۾ حضرت جن جي زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو. حضرت جن چوندا هئا ته هڪ ڏينهن مون الله تعاليٰ کان دعا گهري ته مون کي اهڙو پٽ ڏي، جو هن کان آءٌ تنهنجون رمزون پڇان ۽ هو مون کان اهي ڳالهيون پڇي ان کان پوءِ سيد عبدالقدوس ڄائو.

جڏهن هو وڏو ٿيڻ لڳو ته واقعي منجهس اهي وصفون ظاهر ٿيڻ لڳيون. ايتريقدر جو نننڍي هوندي ڇوڪرن کي گڏ ڪري راند ڪرڻ بجاءِ انهن کي چوڌاري ويهاري ذڪر ڪرائيندو هو.

نائين، ڏهين ۽ يارهين نياڻين جي اولاد هئي، جيڪي پنهنجي پر ۾ بيبي مريم ۽ بيبي رابعه ثاني هيون. حضرت جن جي مٿن خاص نظر شفقت هئي.هن فقير جي زبان انهن پرده دار هستين جي تعريف کان عاجز ۽ قلم ]385[ انهن ستر وارين عورتن جي وصف کان قاصر آهي. بهرحال حضرت جن پنهنجي زندگيءَ ۾ اولاد جي باري ۾ جيڪي فرمايو، اهي بيشڪ ان جو نمونو نظر اچن ٿا. باقي حضرت جن جي اولاد جو اولاد گهڻو آهي، سو جيڪڏهن انهن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ ويهبو ته هي ڪتاب تمام طويل ٿي پوندو. انهيءَ ڪري اسان صرف سندن فرزندن جو ذڪر آندو آهي. والله اعلم بالصواب.

پورو ٿيو.

هٿان خادم فقراءَ احقرالعباد

ضياءَ الدين بن گل محمد تاريخ 29

اوڻٽيهين مهينو رمضان المبارڪ 1228 هجري. ]386[

تشريحي حوالا

صفحو 51، لا احصيٰ.......نفسڪ

حديث جي مشهور ڪتابن مسند احمد بن حنبل ۽ صحيح مسلم موجب هيءَ حديث آهي، جيڪا حضرت علي رضي الله عنہ کان روايت ٿيل آهي. صحيح حديث ۾ ”انت“ لفظ ”ڪما“ کان اڳ ۾ آيل آهي، يعني لا احصيٰ ثناءُ عليڪ انت کما اثنيت عليٰ نفسڪ“ يعني ”آءٌ تنهنجي ثنا نٿو ڪري سگهان. جئن تون پنهنجي ثنا کي ڄاڻين ٿو“. لڳي ٿو هتي ڪاتب جي سهو کان ”انت“ لفظ پنهنجي جاءِ تي نه آيو آهي.

مولانا جاميءَ پنهنجو مشهور ڪتاب لوايح جو آغاز پڻ هن حديث سان ڪري ٿو. ليڪن ان ۾ ڪجهه وڌيڪ الفاظ آيل آهن. ان کان علاوه اها حديث مولانا روميءَ جي مثنوي ۽ فخرالدين عراقي جي ”لمعات“ ۾ پڻ آيل آهي. گلزار ابرار جي مصنف پڻ هن حديث جو حوالو ڏنو آهي.

]فهرست تفسير، ڪشف الاسرار 353، لمعات 399، لوايح جامي از تسبيحي 1، گلزار ابرار 13[

صفحو 51.(ديباچو)

سبحان خالقي که صفاتش ز کبريا

هي اشعار فارسي زبان جي مشهور صوفي شاعر فريدالدين عطار (540 هه – 627هه) جي پهرين قصيدي مان ورتل آهن. جيئن ڪتاب جي مقدمي ۾ ان طرف اشارو ڪيو ويو آهي ته سنڌ هنڌ جي صوفي فڪر تي عطار جي شاعري ۽ سندس نثري تصنيف ”تذڪرة الاولياءَ جو وڏو اثر آهي. عطار جي ٻي مشهور تصنيف ’منطق الطير‘ آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ اختصار ’پکين جي پارليامينٽ‘ نالي سان غلام حسين جلباڻي ڪيو ۽ اهو ننڍڙو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي. عطار جي ٻين منظوم تصنيفن ۾ ’اسرار نامه‘، الاهي نامه‘، ’مصيبت نامه‘ ۽ مختار نامه‘ شامل آهن.

جيتوڻيڪ عطار ڏانهن ٻيون تصنيفون پڻ منسوب ڪيون ويون آهن. ليڪن تحقيق جي لحاظ سان اهو انتساب غلط آهي.

(’ديوان عطار‘، بديع الزمان فروز انفر، ص 41، ’مختار نامه‘، محمد رضا شفيعي ڪدڪني، ص 32)

صفحو 52. فمنهم ظالم .......بالخيرات (122:28)

عوارف المعارف واري هن آيت جي تشريح ۾ چئن قسمن جا قول آندا آهن. هڪ بزرگ مطابق هن آيت ۾ ظاهر مان مراد زاهد، مقتصد مان مراد عارف ۽ سابق مان مراد عاشق الاهي آهي.

ٻئي قول مطابق ظالم اهو آهي، جيڪو مصيبت وقت گهٻرائي ٿو، مقتصد يا معتدل اهو آهي، جيڪو مصيبت وقت صبر ڪري ٿو، ۽ سابق يعني سبقت وارو اهو آهي جيڪو مصيبت کي لذت سمجهي ٿو.

ٽئين قول موجب ظالم اهو آهي، جيڪو غفلت سان پر عادت جي ڪري عبادت ڪري، مقتصد اهو آهي، جيڪو خوف ۽ لالچ سبب عبادت ڪري ٿو ۽ سابق اهو آهي جيڪو هيبت ۽ احسان سان خدا جي عبادت ڪري ٿو.

چوٿون قول آهي ته ظالم اهو آهي، جيڪو خدا جو ذڪر محض زبان سان ڪري ٿو، مقتصد جيڪو خدا جو ذڪر قلب يا دل ۾ ڪري ٿو ۽ سابق اهو آهي جيڪو ڪڏهن به خدا کي نٿو وساري.

]عوارف المعارف، صفحو 109، فصوص الحڪم 103[

صفحو 52. خداوندي که بي شبه است ومانند

هي ساڳيا اشعار ”تاريخ معصومي“ جي آغاز ۾ پڻ آندل آهن. ان جو هڪڙو سبب اهو آهي ته تاريخ معصومي جنهن جو مصنف مير معصوم بکري آهي، جيڪا هن 1009 هه ۾ لکي پوري ڪئي، ان جو هڪ نقل بيان العارفين جي مصنف محمد رضا سال  1045 هه ۾ ڪتابت ڪيو. انهيءَ ساڳي نسخي کي علامه دائود پوٽي بنيادي نسخو قرار ڏئي، تاريخ معصوميءَ جو فارسي ايڊيشن تيار ڪيو. وري انهيءَ ساڳي تاريخ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل آهي.

گويا بيان العارفين کان ست سال پوءِ محمد رضا اهو نسخو ڪتابت ڪيو. مير معصوم پاڻ شاعر هو. ٿي سگهي ٿو ته هي شعر سندس هجن. ليڪن ”مير معصوم بکري“ ڪتاب ۾ ڪو نه آهن، جنهن ۾ حسام الدين راشديءَ مير معصوم جي سوانح ۽ ڪارنامن سان گڏ سندس شاعريءَ کي به جمع ڪيو آهي. مخدوم امير احمد مٿيان فارسي اشعار هيٺين ريت سنڌي ۾ منظوم ڪيا آهن.

خدا، جنهن جو نه آ ڪو مٽ نه مانند

آ قدرت سان رئيس جو به خاوند

اهو مالڪ نه جنهن جو ڪو به همتا

سندس هستيءَ تي شاهد جمله اشيا.

]تاريخ معصومي سنڌي - ڇاپو ٽيون 1985ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، صفحو 36 ۽ 37 مير معصوم بکري تصنيف سيد حسام الدين راشدي 279[

صفحو 60، مخدوم نوح (911/1505- 998/1589ع)

مخدوم نوح جو احوال سڀ کان پهرين سنڌ جي اولين تذڪري حديقة الاولياءَ ۾ ملي ٿو، جيڪو مصنف سال 1016 هه / 1607ع ۾ تصنيف ڪيو. هڪ هنڌ سندس انداز بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پاڻ مخدوم نوح سان مليو هو. مخدوم نوح جي قران فهميءَ جو ذڪر سڀني تذڪرن ۾ موجود آهي. ڏانهنس منسوب قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو ڪجهه سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي.

جئن مقدمي بيان ۾ ڪيو ويو ته مخدوم نوح جي ملفوظات ”رساله فتحيه“ نالي سندس پوٽي سنه 1019 هه ۾ مرتب ڪئي. ان کان پوءِ دليل الذاڪرين جيڪو 1106 هه/ 1695ع ۾ حاجي پنهور مرتب ڪيو، تنهن ۾ پڻ مخدوم نوح جي سوانح ۽ وقت جي بزرگن جو تذڪرو موجود آهي.

ان کان سواءِ مخدوم نوح جو ذڪر گلزار ابرار، تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان طريقت ۾ پڻ ملي ٿو. تازو قاضي محمد شوڪت علي مخدوم نوح جي چونڊ ملفوظات سوانح سميت مرتب ڪري شايع ڪرايا آهن. ڪجهه ملفوظ بيان العارفين ۽ هن ڪتاب ۾ مشترڪ آهن، جن جي مناسب هنڌن تي نشاندهي ڪئي ويندي.

(حديقة الاولياءَ 131 - 139، تحفة الڪرام 383 -388)

صفحو 60، سيد ميران يوسف بکري

تحفة الڪرام موجب هو بکر کان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. ميران محمد جو نپوريءَ سان عقيدت رکندڙ هو. تحفة الڪرام واري به تقريباً ساڳيو احوال بيان العارفين تان ورتو آهي. البت وڌيڪ سندس اولاد جو به ذڪر ٿيل آهي. معيار سالڪان طريقت ۾ پڻ مير علي شير اهو ساڳيو احوال ڏنو آهي، جتي مشاهيرن ۽ صوفين جو احوال هر صديءَ جي حوالي سان الڳ ڏنل آهي. (تحفة الڪرام، صفحو 504)

صفحو 61، شيخ پٺو (وفات 680 هه/ 1282ع)

حديقة الاولياء جي مصنف عقيدت وچان شيخ پٺي جو سڄو احوال منظوم ڪيو آهي ۽ اها مشهور روايت آندي آهي، جنهن مطابق قلندر شهباز عثمان مروندي، شيخ زڪريا ملتاني ۽ شيخ صدرالدين ٽيئي گڏجي ٺٽي ۾ شيخ پٺي وٽ آيا. ان کان پوءِ شيخ زڪريا جو مريد ۽ خليفو بنيو.

تحفةِ الڪرام جي مصنف تقريباً ساڳيو احوال معيار سالڪان طريقت ۾ آندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com