سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :9

ذڪر جلي جي باري ۾ ڪنهن پڇيو. فرمايائون ته تمام گهڻو بهتر آهي. سوال ڪندڙ چوي ٿو ته اهي الفاظ ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي دل ذڪر جلي سان تمام گهڻو هلڻ لڳي(132)

پڇيائون ته اسان جڏهن مسجد ۾ وڃي ويهون ٿا ته رسمي دانشمند اسان کي ورائي وڃن ٿا ته توهان علم ڇو نٿا پڙهو ۽ اجايو پنهنجو وقت ڇو ٿا وڃايو. اسان انهن کي ڪهڙو جواب ڏيون؟ فرمايائون ته انهن سان هرگز بحث نه ڪجو ۽ نه انهن کي جواب ڏيو. بلڪ کين چئو ته اسان جي باري ۾ دعا ڪريو ته خدا تعاليٰ اسان کي هدايت جي راه نصيب ڪري.

پڇيائون ته رب جي يادگيري ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي؟ جواب ڏنائون ”بيداري ۽ سجاڳي“!

پڇيائون ته جيڪڏهن ذڪر ڪندڙ اهڙو آهي جو ٻين ماڻهن سان گفتگو ڪري ٿو، تڏهن کانئس الله جو اسم خطا نٿو ٿئي، ان کي گفتگو ڪرڻ گهرجي يا نه؟ چيائون ته ڀلي ڪري ان کي روا آهي.

پڇيائون ته ڇا واقعي مرد اهو آهي جو الله جي يادگيري به ڪري پر ٻيا ڪم ڪاريون به سر انجام ڏيئي؟ جواب ڏنائون ته هائو، اهو واقعي مرد آهي. پڇيائون ته فقر جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ جواب ڏنائون ته فقر ۾ ٽي حرف آهن. ”ف“ مان مراد فنا آهي، ”ق“ مان قرب ۽ ”ر“ مان مراد رويت حق آهي.

پڇيائون ته جيڪي بزرگ عرش ۽ ڪرسيءَ وٽان گذر ڪري اچن ٿا، اهي ان کي جسماني اکين سان ڏسن ٿا يا دل سان پسن ٿا؟ جواب ڏنائون ته اهو دل جو پسڻ آهي.

پڇيائون ته فڪر ذڪر ڇا آهي؟ چيائون ته فڪر اهو آهي، جو الله جي اسم وٺڻ وقت اها نيت ڪري ته ان جو نالو ٿو وٺان جيڪو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ٿو، پاڻ کي ڄاڻي ٿو ۽ پاڻ کي ياد ڪري ٿو.

پڇيائون ته ماڻهو چون ٿا ته خدا تعاليٰ پاڻ کي سهڻين صورتن ۾ ظاهر ڪيو آهي، پوءِ هي بد يا خراب صورتون ڪيئن آهن؟ جواب ڏنائون ته ان جو مطلب آهي ته هي سمورو جهان خوبصورت آهي جنهن ۾ خدا پنهنجو ظهور ڪيو آهي.

پڇيائون ته ٻڌو اٿئون ته ڪنهن پير ڪامل مٿان هلڻ جو آخري وقت آيو جو خدا عزوجل (133) طرفان کيس آواز آيو ته تون اسان جي درگاهه ۾ قبول ناهين. انهيءَ مهل ئي پير پنهنجي مريد کي چيو ته مون کان پري ٿي وڃو جو منهنجي ڪئي ڪمائي قبول نه ٿي آهي. اهو مريد اخلاص جي وڏي درجي تي پهتل هو، جنهن ڪري هن پنهنجي طرفان ڪا گهٽتائي نه ڪئي. خدا تعاليٰ جي رحمت ته بي انتها آهي پوءِ ان پير جو اهڙيءَ طرح محروم ٿيڻ جو ڇا مطلب آهي؟ جواب ڏنائون ته اهو سڀ صحيح آهي. خدا تعاليٰ پنهنجي دوستن سان پاڻ گفتگو ڪري ٿو ۽ ان مان مراد آهي ته منهنجي ذات کان سواءِ ٻين وٽ تون تڙيل آهين ۽ مون کان سواءِ ٻين وٽ پري آهين !

پڇيائون ته فلاڻو شخص هي بيت پڙهندو ٿو وتي. ۽ اسان حيران آهيون ته ان جي ڇا معنيٰ آهي؟

[64]

وائي وڃيم شال، ڪنين سين ڪين سڻان،

ڀَلو ڪري ڀال، ته اکين سين انڌو ٿيان.

]شل، زبان کان گونگو ٿيان ۽ ڪنن کان ٻوڙو ٿيان، خدا تعاليٰ ڀلائي ڪري ته اکين کان انڌو ٿيان.[

فرمايائون ته سچ چيو اٿس. اهو خدا جو دوست آهي. ڇو جو چيو اٿن: العارف لاينظر غيره ولايسمع غيره ولايتفکر غيره: ”عارف خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي نه ڏسي ٿو، نه ٻڌي ٿو، ۽ نه ڪي ٻئي جو خيال ڪري ٿو.“

چيائون ته فرموده خدا عزوجل آهي ته ان الذين قالوا ربنا الله ثم استقاموا تتنزل عليهم الملائڪة الا لاتخافوا ولا تخزنوا (سوره:30:41) ترجمو: بيشڪ جن چيو ته اسان جو رب الله پاڪ آهي ۽ پوءِ ان تي قائم رهيا، تڏهن انهن تي ملائڪ نازل ٿيا جن چيو نه ڊڄو ۽ نه غمگين ٿيو. انهيءَ آيت ۾ ان لاتخافوا لاتخزنوا جي بشارت دنيا ۽ آخرت ۾ ڪهڙيءَ ريت آهي؟ فرمايائون ته هن دنيا ۾ بشارت مان مراد خداوندي مشاهدو آهي ۽ آخرت مان مراد حق سان ويجهڙائي آهي.

پڇيائون ته شيخ ڀرڪيي چڪي رحمةِ الله عليہ فرمايو آهي ته: خدا تعاليٰ (134) وٽ ستر آسمان آهن، ان جو ڇا مطلب آهي؟ جواب ڏنائون ته آسمان ته ست آهن، باقي اهي ستر حجاب آهن جيڪي ٻانهي ۽ خدا جي وچ ۾ آهن.

پڇيائون ته هي جو بزرگ چون ٿا پهرين فنافي الشيخ ۽ پوءِ فنافي الله ان جو ڇا مطلب آهي؟ چيائون ته فنافي الشيخ جو مطلب آهي ته پهرين پير جا ظاهري ۽ باطني اخلاق ۽ اطوار پاڻ ۾ جذب ڪري يا اختيار ڪري.

پڇيائون ته امير المؤمنين ۽ امير المسلمين حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جو ارشاد آهي ته :من يقول الله لايعرف الله ومن يعرف الله لايقول الله يعني جيڪو شخص زبان سان الله جو نالو وٺي ٿو، اهو الله کي نٿو سڃاڻي سگهي، پر جيڪو الله کي سڃاڻي ٿو سو وري زبان سان نالو نه وٺندو! پر ڪيترا بزرگ ۽ ولي ته الله جو نالو وٺن ٿا، پوءِ ان جو ڇا مطلب ٿيو؟ جواب ڏنائون ته جن خدا کي سڃاتو آهي، اهي الله جو نالو وٺن ٿا، پر نالي وٺڻ وقت ان جي نسبت پاڻ ڏانهن نٿا ڪن.

پڇيائون ته ارشاد خداوندي آهي: واعبد ربڪ حتيٰ ياِتيَڪ اليقين (99:15) ”تيستائين پنهنجي رب جي عبادت ڪر جيستائين توکي يقين حاصل ٿي وڃي.“ گويا يقين حاصل ٿيڻ کان پوءِ عبادت ڇڏي ڏجي؟ فرمايائون ته عبادت ڪرڻ گهرجي، پر ان جي نسبت پاڻ ڏانهن نه ڪرڻ گهرجي.

پڇيائون ته مشهور بزرگ سيد رڪن الدين متعلوي جو قول آهي ته ذڪر کي پير به آهن ته کنڀڙاٽيون پڻ، ان جو ڇا مطلب آهي؟ جواب ڏنائون ته ذڪر جون کنڀڙاٽيون بک آهي ۽ هيڪلائي ذڪر جا پير ۽ ماٺ يعني خاموشي ان جا پَرَ آهن. پڇيائون ته عارف لا الہٰ الا الله ڇا لاءِ چون ٿا؟ جواب ڏنائون ته تعظيم جا لفظ چون ٿا.(135)

پڇيائون ته بزرگ چون ٿا ته خدا جو اصلي نور سياه آهي. ان جو ڇا مطلب آهي؟ فرمايائون ته اصلي نور سياه ناهي. پر جڏهن اصلي نور ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي مقابلي ۾ ٻي جيڪا شيءَ اچي ٿي اها ڪاري لڳي ٿي. انهيءَ نسبت سان اصلي نور کي ڪارو يا سياهه سمجهن ٿا.

باب ٽيون

حلم، تواضع، مجاهدي ۽ سخاوت جي بيان ۾

طريقت جو سالڪ، محبت جو غريق، اهل معرفت جو سرواڻ، اهل شريعت جو اڳواڻ، پيشوا ڪامل، سعادت جو سج، صوفين جي صف جي پيش امام، عارفن جي احوال جو ڳجهه، طريقت جي سالڪن جو رهنما، اهل تحقيق جي جانين جي سونهن، طريقت ولايت تي گامزن، مڙني اهل هدايت وارن جي سونهن، صوفين جي ملڪ جو والي، محبت وارن جو شهنشاهه، دين اسلام جو امام ۽ استاد، اوليائن جو اڳواڻ، اهل صفا وارن کي نصيحت ڪندڙ، علم ۽ عمل جو ڪعبو، حلم ۽ پرهيزگاريءَ جو نچوڙ، هدايت جي عزت، ولايت جو متوڪل، راهه يقين جو پيشوا، دين مقدم جي طريقت جو رهنما، زاهدن جو منڍ، عابدن جي عظمت، (عالم عامل، عارف ڪامل، تونگر قانع) قبه عزت جو ولي، پرده وحدت جي شمع، سچن جو صبح، ذات حليم جو فرمان پهچائيندڙ يعني سيد عبدالڪريم هن سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه فرمايو آهي.

هنن باب ۾ ٻه فصل آهن. پهرين فصل ۾ حلم، تواضح ۽ مجاهدي جو بيان آهي ته ٻئي فصل ۾ سخاوت(136)

فصل پهريون

حلم، تواضع ۽ مجاهدي جي بيان ۾.

ڄاڻڻ گهرجي ته حضرت جن جي حلم ۽ سخاوت جو ايترو ذڪر آهي جو ان کي تحرير ۽ تقرير ۾ آڻڻ مشڪل آهي. تاهم مريدن جي دلين ٺارڻ واسطي ڪجهه نقل جيڪي ٻڌڻ ۾ آيا آهن، سي بيان ڪجن ٿا. هڪ بزرگ کان نقل آهي ته اهڙن شخصن تي تعجب آهي جيڪي حضرت جن جي صحبت ۾ رهيا آهن، پر جڏهن انهن وٽ طعام پيش ڪيو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن ان ۾ لوڻ سرس آهي ته اها ڳالهه به چئي ڏين ٿا ۽ ان تي صبر نٿا ڪن.

حضرت جن جي وڏن ساٿين کان نقل آهي ته حضرت جن جوانيءَ جو گهڻو عرصو هن طرح گذاريو. صبح جو وڏي اسر اٿي مسجد ۾ ٻانگ ڏيندا هئا ۽ پوءِ اتيئي حق جي ياد ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندا هئا، تان جو جماعت ڪٺي ٿيندي هئي. نماز کان پوءِ ورد پڙهندا هئا ۽ جڏهن سج نيزي جيترو مٿي ايندو هو ته اشراق ادا ڪندا هئا. ان کان پوءِ گهر اچي طعام پچائڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. ايتري قدر جو عورتن وارا ڪم جهڙوڪ: ٿانو ڌوئڻ، ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي باهه تي رکڻ، ۽ چانور چاڙهڻ ۽ اهي تيار ڪري پنهنجي فرزند اڳيان رکندا هئا. جڏهن کائي خوش ٿيندا هئا، تڏهن گهر کان ٻاهر قدم رکندا هئا. ليڪن تڏهن وري ڪاسو هٿ ۾ کڻي شهر جو چڪر هڻي جيڪو فقر ملندو هون سو آڻي فقيرن آڏو رکندا هئا. فقير جڏهن کائي بس  ڪندا هئا ته هر ڪلهي تي کڻي، ڏاندن جو جوڙو ڪاهي، پنهنجي ٻنيءَ تي ايندا هئا. اهڙيءَ طرح زمين کيڙڻ کانپوءِ ڍڳن جي (137) گاهه خاطر جهنگ جو رخ ڪندا هئا. زوال يا ٻنپهرن کان اڳ گهر جو رخ ڪندا هئا ۽ اهو گاهه پٺو آڻي ڍورن جي اڳيان رکندا هئا. اتي ئي وضو ساري ٻه رڪعتون نفل جون پڙهي، ٻنپهرن جي ٻانگ ڏيندا هئا. بهرحال  ٻپهريءَ جي نماز سنت جماعت سان ۽ گهڻي سڪون آرام سان ادا ڪندا هئا، جنهن کان پوءِ وري ساڳيو هر ڪلهي تي رکي، ڍڳن جو جوڙو ڪاهي، ٻنيءَ جي ڪم ڪار تي ويندا هئا، ٽپهريءَ وقت وري به گاهه ڪري، ڏاندن کي پاڻي پياري گهر ٻڌي، مسجد ۾ اچي نماز پڙهندا هئا. تنهن کان پوءِ اتي ئي سانجهي ۽ سمهڻي جي نماز ادا ڪري بعد ۾ گهر ايندا هئا. مختصراً اهو سندن معمول هو ۽ وري ٻئي ڏينهن به ائين ڪندا هئا. البت گدائي ڪري فقيرن کي جڏهن کاڌو کارائيندا هئا ته پاڻ انهيءَ فڪر ۾ رهندا ته متان ڪو فقير بکيو رهجي وڃي، ۽ ان صورت ۾ پنهنجو حصو به ان کي ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ ڪجهه نه کائيندا هئا.

جڏهن سڀ فرزند ۽ مريد خادم کائي پي خوش ٿي سمهي پوندا هئا ته پاڻ وضو ڪري نفل ادا ڪندا هئا. پوءِ ڳوٺ کان ٻاهر نڪري راهوٽ شهر جو رخ ڪندا هئا. واٽ تي ننڍن ڳوٺن مان لنگهندي مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي ۽ وٽ چڪائڻ لاءِ ڀتر رکندا هئا. بلڪ ڪنهن مسجد ۾ ڪو ستل هوندو هو ته ان کي زور پڻ ڏيندا هئا، اهڙي طرح جيڪڏهن واٽ تي ڪو واهڙ ٽپڻو هوندو هون ته ان کي تري پار پوندا هئا، تان جو جابلو رستو طي ڪري مشهور بزرگ ۽ درويش شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي مقبري تي ايندا هئا، انهيءَ ساڳي هنڌ ستين جي زيارت ڪري، پوءِ مڪلي تي ايندا هئا، جتي هر بزرگ ۽ وليءَ جي مقبري تي ڪجهه نه ڪجهه پڙهندا هئا.(138)

مطلب ته پنهنجي ڳوٺ کان وٺي شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي مزار تائين واٽ تي جيڪي بزرگ يا مقام ايندا هئا، تن جي زيارت ڪندا هئا. مڪليءَ کان پوءِ ٺٽي شهر ۾ اچي شهر جي مسجد ۾ وڃي وضوءَ لاءِ پاڻي ۽ وٽ لاءِ ڀتر گڏ ڪري رکندا هئا، بلڪ اتي ڪو ستل ڏسندا هئا ته ان کي زور پڻ ڏيندا هئا. ٺٽي مان نڪرڻ کان پوءِ پير آر جو رخ رکندا هئا، جيڪو ڪلان ڳوٺ ۾ آهي، اتان ٿي شيخ پٺي جنهن جي قبر ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي آهي، اتي ايندا هئا. واپسيءَ ۾ بٺوري پرڳڻي جي ڪيترن ماڳن ۽ ڳوٺن مان گذري رات جو پوئين پهر صبح صادق ٿيڻ کان اڳ جڏهن ٻيو لوڪ اڃا ننڊ ۾ ستل هوندو هو ته پاڻ پنهنجي ڳوٺ واري مسجد ۾ پهچي صبح جو ٻانگ پاڻ ڏيندا هئا، ايتري قدر جو ماڻهو چوندا هئا ته شايد حضرت جن کي ننڊ ئي نٿي اچي، بلڪ لڳي ٿو ته هو مسلسل جاڳندا رهن ٿا جو هميشہ هن وقت ٻانگ ڏين ٿا. فجر نماز  پڙهڻ کان پوءِ وري ساڳيو معمول جنهن جو مٿي بيان ٿيو، ان ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. مطلب ته جوانيءَ جا ڏهاڙا حضرت جن انهيءَ طور طريقي سان گذاريا جو اڪثر اوقات مجاهدن ۽ بزرگن جي زيارت ۾ مشغول رهيا. وڏي ڳالهه ته انهيءَ احوال جي ڪنهن کي خبر نه پئي سواءِ چند اهڙن دوستن ۽ رفيقن جي جيڪي کين تمام ويجها هئا.(139)

هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو گمان ڪري ٿو يا عجب کائي ٿو ته آخر هڪ رات ۾ اهو سڄو فاصلو ڪيئن ٿو طي ڪري سگهجي. ان کي شايد اها خبر ناهي ته انهيءَ کان وڌيڪ عجيب و غريب ڳالهايون ٿي گذريون آهن. مثلاً ڪي اهڙا بزرگ به ٿي گذريا آهن جو انهن جو هڪ قدم اوڀر ۾ هو ته ٻيو اولهه ۾!

نقل آهي ته هڪ دفعي حضرت جن پنهنجن فرزندن ساڻ گمرگ جي ڳوٺ جيڪو سن علائقي ۾ آهي، اتان پلو ماني کائي، پنهنجي ڳوٺ واپس اچي رهيا هئا. سڀيئي گهوڙين تي سوار هئا. اهو ڏينهن ڏاڍو گرم هو ۽ سج جي تپش ڏاڍي تاس ٿي لاتي. وٽن پاڻيءَ سان ڀريل ڪوزو هو ۽ جنهن کي واٽ تي اڃ ٿي ورايو تنهن ان منجهان پاڻي پئي پيتو. جڏهن مٽيارين جي ويجهو مانجهو ڳوٺ وٽ پهتا ته کين سخت اڃ اچي ورايو پر تڏهن به ڪنهن کي ڪين چيائون. آخر سندن حالت غير ٿي وئي ۽ سندن بدن مان طاقت موڪلائي وئي. لاچاري ٿي پڇيائون ته ڪنهن وٽ پاڻيءَ ڍڪ آهي. جواب ڏنائون ته اسان واٽ تي پاڻي پئي پيتو تڏهن توهان چيو ئي ڪو نه ! توهان هيتري اڃ الائي ڇو ٿي برداشت ڪئي. فرمايائون ته ان ڪري ته مبادا توهان لاءِ پاڻي کٽي پوي ! مٿي مذڪور ڳوٺن جي درميان پڻ وڏو فاصلو آهي!(140)

چون ٿا ته شروعاتي ڏهاڙن ۾ حضرت جن سخت تنگي ۽ بک ۾ گذر ڪندا هئا. ايتري قدر فاقا ڪڍندا هئا جو سندن فرزند پورهئي ۽ بک جي ڪري ماندا ٿي ويندا هئا. کين فقط هڪ سُئا مينهن هوندي هئي جنهن جي کير مان قوت گذر ڪندا هئا. هڪ دفعي جڏهن فاقن کان لاچار ٿي پيا ته پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، ٻي ڪنهن ڳوٺن ۾ وڃي رهيا، جتي وري هڪ ڏينهن سندن مينهن کي هڪ شينهن کائي پورو ڪيو. انهيءَ صورتحال تي حضرت جن جي اهلِ عيال وارا سخت پريشان ٿيا، وٽن ڪا شيءِ نه رهي جو کڻي پيٽ گذر ڪن. آخر سندن هڪ فرزند پورهئي جي ڳولها ۾ ٻاهر نڪري پيو ۽ اهڙي هنڌ اچي پهتو جتي جَو پئي ڪٽيائون، هن به پنهنجو پٽڪو ۽ چادر هڪ طرف رکي، ڏنڊو کڻي جَو سٽڻ بيٺو ته من ڪجهه اُجورو جڙي پوي. هو اڃان ان ڪم ۾ مشغول هو ته ڪو شاهينگ سندس پٽڪو ۽ چادر کڻي رمندو رهيو. جڏهن جَوَ صاف ڪري واندو ٿيو ۽ ٻه ٽويا اُجوري جا وٺي ان جڳهه تي آيو جتي ڪپڙا رکيا هئا، ته اهي نه ڏسي ڏاڍو دلگير ٿيو. لاچار اهي جون جا ٻه ٽويا ساڻ کڻي گهر پهتو. مطلب ته انهن ڏينهن ۾ بک ۽ تنگيءَ جو اهو عالم هو جو ان کي وڌيڪ بيان ڪرڻ مناسب نٿو لڳي.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته حضرت جن پنهنجي فرزندن سان ٻنيءَ ۾ ِکر چونڊڻ ويا. کر چونڊيندي هو ڪافي پري نڪري(141) ويا ۽ وچ ۾ جهنگ جي ڪري ڪا خبر نٿي پئي. آخر حضرت جن آواز ڏيڻ شروع ڪيا پر ڪو جواب نه آيو. پاڻ ڏاڍا پريشان ٿيا، آخر ڇا ٿيو جو ڪو جواب نٿو اچي. خدا خير ڪري. آخر ڳولهيندي وڃي پٽ کي لڌائون ۽ پڇيائون ته جواب ڇو نه ٿي ڏنئه. چيائين ته بک جي ڪري ايتري ڪمزوري ۽ هيڻائي وٺي وئي هئي جو آواز نٿي نڪتو. پوءِ حضرت جن جلدي جلدي ڪري ان جا ڪجهه داڻا مهٽي صاف ڪري کيس فوري طور کارايا ته جيئن هوش ۾ اچي. مطلب ته انهيءَ ڳوٺ ۾ اهڙين تنگ حالتن ۾ گذر ڪندا رهيا، پر ڪڏهن به ڪنهن کي ان حال جي خبر نه ڏنائون. ماڻهو ڀائيندا هئا ته خوش پيا گذارين. جيتوڻيڪ ان وقت ماڻهو سندن ڏاڍي عزت ڪندا هئا، پر پاڻ ڪڏهن ڪنهن سان به اها شڪايت نه ڪيائون. هر ڪو ايئن سمجهندو هو ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿا گذارين ۽ کين ڪنهن قسم جي تڪليف ناهي.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته سندن فرزند ڪنهن جي ٻنيءَ تي وڃي جَوَ صاف ڪري اجوري طور اڌ ٽويو جَوَن جو گهر کڻي آيو. اڃان اهي جَوَ رڌي ڪري کائڻ لاءِ آڏو ڪري ويٺو ته حضرت جن گهر اچي نڪتا. چوڻ لڳا ته مسجد ۾ هڪ فقير ويٺو آهي جيڪو بک کان بيحال آهي. گهر ۾ ڪا کائڻ جي شيءِ ميسر هجي ته ان کي ڏئي اچجي، ڇو ته هو به اسان وانگر بکايل آهي.(142)

اهو ٻڌي سندن فرزند ميان دين محمد جيڪو کانئن پوءِ سجاده نشين ٿيو، اها جَوَن واري ماني کڻي حضرت جن کي ڏني ته ڀلي اها فقير کي کارائن ۽ چوڻ لڳو ته اسان صبر ڪري وينداسون. اهو ڏسي حضرت جن ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اها ماني کڻي فقير کي پيش ڪيائون. جڏهن گهر موٽي آيا ته پنهنجي فرزند کي چيائون ته اميد اٿئون ته اڳتي بک توهانجي ويجهو نه ايندي ۽ نه ڪڏهن اثر ڪندي. بلڪ قدرت توهان کي توهان جي حال تي وڌيڪ استقامت بخشيندي. چون ٿا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حضرت جن جون ٻنيون جيڪي هن کان اڳ بلڪل برباد پيون هيون، اهڙو اچي آباد ٿيون جو هميشہ لاءِ خوش گذارڻ لڳا. بلڪ هيءُ بيت اڪثر جهونگاريندا هئا:

[65]

پِنندي پرينءَ سين، ويلا ڪندي وَتُ،

ڪو پائيندءِ مانيون، ڪو پائيندءِ ڀَتُ.

]پرينءَ سان پنندي، وقت گذاريندي رهه. ڪو مانيون ڏيندءِ ته ڪو وري ڀت ڏيندءِ![

هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن کي ڏاڍو ضعيف ڏٺم عرض ڪيم ته قبلا جيڪڏهن ٿورو گيهه واپرايو ته شايد قوت بحال ٿئي ۽ اها هيڻائي ختم ٿي وڃي. جواب ڏنائون ته پڇاڙيءَ ۾ ڪهڙو گيهه کائينداسين، هاڻي اسان کي اهڙا ڏس نه ڏي. ان کان پوءِ هي حڪايت بيان ڪيائون ته هڪ ڏينهن (143) پنهنجي ڳوٺان ٻن علم جي طالبن سوڌو ٺٽي وڃي رهيا هئاسون. اسان ٽئي هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار هئاسون. واٽ تي هڪ شخص مهمانيءَ طور ٻه ٽويا چانورن جا ۽ پاءُ کن گيهه جو ڏياري موڪليا. انهن علم جي طالبن ڇا ڪيو جو اهو سمورو گيهه چانورن ۾ وجهي رڌي تيار ڪيائون. اهو سڀ ڏسي مون ڀانيو ته جيڪڏهن آءٌ اهو طعام کائيندس ته مون کي تڪليف ٿيندي. پنهنجي دل ۾ سوچيم ته مون کي اهڙو طعام جيڪو گيهه ۾ تيار ڪيو اٿن هروڀرون کائڻ نه گهرجي. انهيءَ ڪري آءٌ سمهي رهيس. پر جڏهن طعام تيار ٿيو ته مون کي سڏڻ لڳا ته آءٌ به اهو کاوان. چيومان ته مون کي ڇڏي ڏيو. ليڪن هو چوڻ لڳا ته اهو گيهه حلال آهي ۽ کائڻ کان ڪنهن منع به ڪو نه ڪئي آهي. پوءِ آخر ڇو نه ٿا کائو. لاچار ٿي عذر پيش ڪيم ۽ تڏهن وڃي گيهه کائڻ کان جان خلاصي ٿي.

نقل ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن حضرت جن چيو ته پورا چوويهه ورهيه ٿيا آهن جو اسان جي جسم مان چار يا پنج مرض وڃن ئي ڪو نه ٿا.

نقل آهي ته پاڻ فرمايائون ته هڪ ڏينهن آءٌ گجرات ملڪ جي شهر احمد آباد ۾ هُيس. اتي مون هڪ فقير کي ڏٺو. دل گهڻو چيو ته جيڪر اهو فقير مون سا ڪي خدائي ڳالهيون ڪري پر هو بلڪل خاموش رهيو ۽ ڪجهه نه ڪڇيائين. آخر گهڻي دير کان پوءِ آءٌ اٿي کڙو ٿيس، ته اهو فقير هي بيت پڙهڻ لڳو:

[66]

هيڪو جو اکر ونگڙو، گُر تِسُي ڏي،

انڌاري گهر ِديوَلا، ِڦر ڦر (144) جوت ڪري .

]هڪڙو ڏکيو اکر جيڪو گرو يا مرشد توکي ڏئي يا سيکاري، اهو ائين آهي جيئن ڪو ڏيئو اونداهي گهر ۾ ڦر ڦر ڪري روشني ڪري.[

نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن گدرو کائي بس ڪيو ته کين قيء آئي. جڏهن گهڻا دفعا ائين ٿيو ته پاڻ گدري کائڻ جو معمول بنائي ڇڏيائون. مطلب ته جڏهن به گدرو کائين ته کين قيء ضرور ايندي هئي پر تڏهن به پاڻ نه مڙيا. ڪافي وقت کان پوءِ قيءَ اچڻ بند ٿي وئي ته پاڻ وري گدرو کائڻ بند ڪري ڇڏيائون. چيائون ته اهو ان ڪري ڪيوسين جيئن نفس جي مخالفت برقرار رهي.

چون ٿا ته هڪ سال سنڌ ۾ اچي ڏڪار ۽ قحط پيو. ماڻهن ويچارن جا ڏيل ڏٻرا ٿي ويا، پر حضرت جن پاڻ وڌيڪ تازا توانا ۽ بت ۾ ڀرجي ويا ۽ خوش نظر اچڻ لڳا.

نقل آهي ته حضرت جن فرمايو ته مون سڄي عمر ۾ صرف هڪ دفعو پنهنجي پٽ کي چماٽ هنئي، پر اڄ تائين دل مان اهو افسوس ختم نه ٿيو آهي ته ڇو چماٽ هنئي مانس. اصل شرافت ته روح جي آهي نه جسم جي. ڪهڙي خبر ته منهنجي انهي فرزند جو روح مون کان وڌيڪ افضل آهي.

چون ٿا ته هڪ دفعي حضرت جن جي ڪنهن مريد کان خطا صادر ٿي پئي جيڪا بي ادبي جهڙي هئي. آخر حضرت جن کي اها خبر پئي ۽ کين مريدن عرض ڪيو ته هاڻي ان مريد تي توجه ۽ شفقت جي نظر نه ڪريو. فرمايائون ته جيڪڏهن هن کان ڪا خطا ٿي آهي ته ڇا ٿي پيو. اسان انهيءَ سبب ڪري هن تان شفقت ڇو کَڻون !

چون ٿا ته آخري عمر ۾ حضرت جن پاڻ طعام ۾ سڻڀ ۽ اهڙيون ٻيون شيون هر گز نه وجهندا هئا ۽ نڪي اهڙو کاڌو(145) کائيندا هئا. ليڪن ٻيا ماڻهو ائين ڪندا هئا جو سندن کاڌي ۾ سڻڀ وجهي ڇڏيندا هئا.

نقل آهي ته حضرت جن فرمايو ته جيڪڏهن اسان کي ڪو ايذاءَ رسائي يا بي ادبي ڪري ته اسان پورو هڪ سال ان کي ڪجهه نه چونداسين، ٻي روايت موجب پاڻ چاليهه سال چيائون ته يعني ايتري وقت تائين اسان ان کي ڪا تڪليف نه ڏينداسين، بلڪ ان کي فرحت ڏينداسون.

نقل آهي ته هڪ دفعي ڄاموٽ جعفر سمي جا پٽ راه خدا جي ارادي سان نڪتا ۽ پاڻ کي خدا جي مشغولي ۾ وقف ڪرڻ لڳا. حضرت جن کي جڏهن اها خبر پئي ته پنهنجن ڪن ساٿين سان گڏجي ان طرف روانا ٿيا ۽ انهن کي هڪ مسجد ۾ ويٺل ڏٺائون، جتي هو جلي ذڪر ۾ مشغول هئا. تڏهن پاڻ پنهنجن ڪلهن تان چادر لاهي جهلي بڻائي کين هڻڻ لڳا. هوڏانهن سندن ساٿي کين خوب تيل لڳائي مالش ڪرڻ ۾ جُنبي ويا. پاڻ جڏهن اهو حال ڏٺائون ته چيائون ته جيڪي خدا جا طالب ٿيڻ گهرن ٿا انهن جي اها راه يا طريقو ناهي. بهرحال اها رات انهيءَ مسجد ۾ گذاري صبح جو پيرين اگهاڙين جوتا به نه کنيائون ۽ نه ڪنهن کي ٻڌايائون، اتان نڪري ڳچ فاصلو طي ڪري هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ اچي نڪتا. اتي ملا هارون نالي درويش جيڪو اڳيئي سندن واقف هو، ان وٽ آيا ۽ کيس چيائون ته اسان کي اهڙي جڳهه يا هنڌ ڏس جتي ڪو پهچي نه سگهي. هن کين ٻه ٽي هنڌ ٻڌايا، پر پاڻ پسند(146) نه ڪيائون. آخر کين هڪ اهڙي جهوپڙي پسند آئي جنهن ۾ اندر هڪ چُر يا غار هئي ۽ پاڻ ان ۾ لڪي ويهي رهيا. ملا هارون کي چيائون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي ڳولها ۾ اچي يا پڇا ڳاڇا ڪري ته اسان جو نالو کيس نه ٻڌائجو. هوڏانهن جڏهن اهي همراه جيڪي ساڻن گڏ آيا هئا ۽ جن کي مسجد ۾ ڇڏيو هئائون، سجاڳ ٿيا ۽ حضرت جن کي مسجد ۾ نه ڏٺائون ته سندن ڳولا ۾ نڪتا. هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ کين ڳولهيندا رهيا، پر حضرت جن ڪٿ به نظر نه آين. آخر نااُميد ٿي پنهجي ڳوٺ واپس هليا ويا. حضرت جن پورن ٽن ڏينهن ۽ راتين کان پوءِ ٻاهر نڪتا ۽ پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

نقل آهي ته هڪ دفعي  حضرت جن جي فرزندن سان ڳوٺ جي چڱي مڙس جي ڇوڪرن جو جهڳڙو ٿي پيو. ايتري قدر جو سندن گهر به ڊاهي پٽ ڪيائون. سندن فرزند اها دانهن کڻي وٽن آيا ۽ سڄي ماجرا ڪري ٻڌايائون، پر پاڻ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي ماٺ ۾ رهيا ۽ کين ڪاوڙ يا غصو ڪو نه آيو.  آخر ڳوٺ جا چند دڪاندار جيڪي سندن پٽن جي طرفداري ڪري رهيا هئا، اهي ساڳي دانهن کڻي حاضر ٿيا. چوڻ لڳا ته اسان پنهنجا ڳوٺ انهيءَ ظلم زيادتيءَ جي ڪري ڇڏي اچي توهان جي ڳوٺ ۾ رهيا آهيون، پر هتي به اهي ڏاڍن مڙسن جا ڇوڪرا اسان کي پيا آزارين ۽ اسان جا جهڳا به سلامت ناهن. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي حضرت جن وراڻيو ته جيڪڏهن هو (147) توهان جا گهر به سلامت نٿا ڇڏين ته پوءِ هي جڳهه ڇڏي اهڙي هنڌ وڃي رهو جتي سلامتي سمجهو. مطلب ته انهيءَ سڄي واقعي ۽ زيادتي کان پوءِ به کين ڪنهن قسم جو غصو نه آيو.

چون ٿا ته حضرت جي ڳوٺ ۾ هڪ غير مسلم رهندو هو. پر هو جڏهن به بيمار ٿيندو هو ته حضرت جن سندس عيادت ڪرڻ لاءِ ضرور ويندا هئا.

نقل آهي ته اوائلي ڄمار ۾ حضرت جن والده جي خدمت ۾ گهڻو وقت گذاريندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جڏهن پاڻ مزدوريءَ خاطر ٻين سان گڏجي جهنگ ۾ ويندا هئا ته اڪثر ڪري سنڌي بيت نهايت خوش الحانيءَ سان چوندا هئا. سندن خوش الحانيءَ جو اهو عالم هو جو مزدور کين چوندا هئا ته توهان جي حصي جو ڪم اسين ٿا ڪريون، اوهان رڳو ويهي دائودي آواز ۾ بيت ٻڌايو. اهڙيءَ طرح حضرت جن ويهي بيت پڙهندا هئا ته ٻڌندڙ انهن مان خط حاصل ڪندا هئا ۽ ان سان گڏ ڪوڏر جو ڪم به جاري رکندا هئا. آخر هڪڙو ڏينهن اهڙو به ايندو هو جڏهن سڀئي مزدور نه رڳو پنهنجو بلڪ حضرت جن جي حصي وارو ڪم به پورو ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح هر مزدور کي حضرت جن لاءِ ڪوڏر جا ڪجهه لپا هڻڻا پوندا هئا ۽ انهيءَ سان سندن سڀ ڪم مڪمل ٿي ويندو هو ۽ حصي جي مزدوري وٺي گهر موٽي ايندا هئا.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪو مريد کير ۽ پيهون ملائي تن ۾ مٺاڻ وجهي حضرت جن جي خدمت ۾ آيو. ان وقت پاڻ ننڊ مان مس اٿيا هئا. ان مريد پنهنجي هٿن سان ان مان ذرو کڻي سندن وات ۾ وڌو. انهيءَ تي (148) پاڻ پڇيائون ته تون ڪير آهين ۽ هي لقمو ڇا جو آندو اٿئي.؟ مريد وراڻيو ته کير ۾ پيل پيهون آهن. پاڻ اهو ٻڌندي ئي گودڙيءَ مان پيل ڪوڙو بصر ڪڍيائون ۽ اهو کائڻ لڳا. ان کان پوءِ جيترا دفعا انهيءَ مريد کين مٺا پيهون کارائڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڻ ان جي مٿان اهو ڪوڙو بصر پئي کاڌائون. اهو ان ڪري ته جيئن مٺاڻ جو ذائقو زائل ٿيندو رهي.

چون ٿا ته حضرت جن جڏهن به وقت جي قطب مخدوم نوح رحه عليہ الرحمة جي زيارت لاءِ ويندا هئا ته هميشہ مخدوم جي پٽن کان اوبر گهري کائيندا هئا.

نقل آهي ته هڪ ڏهاڙي ڪن ماڻهن جو حضرت جي فرزندن سان سخت جهڳڙو ٿي پيو ۽ گارگند تائين وڃي نوبت پهتي. اڃا جهڳڙو ختم ئي نه ٿيو هو جو حضرت جن پاڻ معمول موجب گدائي وارو ڪاسو هٿ ۾ کڻي انهيءَ گهر تي اچي پهتا. اهو ڏسي سندن فرزند اڳيان ڦري آين ۽ کين منٿون ڪرڻ لڳا ته ڪجهه دير ته ترسو ۽ ويچار ڪريو، ڪجهه اسان جو خيال ڪريو ته ڪهڙن ماڻهن جي در تي ٿا وڃو. ليڪن پاڻ هڪ ڪن کان ٻڌي ٻي کان ڪڍي ڇڏيائون. آخر هنن کان پاڻ ڇڏائي انهيءَ گهر وارن جي در تي آيا ۽ جيڪي وٺڻو هون سو وٺي روانا ٿيا.

نقل آهي ته حضرت جن پاڻ بيان ڪندا هئا ته شاديءَ کان پوءِ پنهنجي گهر واريءَ سان ايتري قدر اندر ۾ رنج ناخوش رهندو هوس جو ان جو بيان ڪرڻ صحيح نٿو لڳي. جڏهن به ٻاهران ٿي گهر ايندو هوس، تڏهن ائين سمجهندو هوس ڄڻ دوزخ ۾ داخل ٿيو هجان. اهڙي رنجش جي حالت ۾(149) به مون کي منجهائس ڪيترا ٻار ڄاوا. پر انهيءَ سموري عرصي دوران خدا کان سواءِ ٻي ڪنهن تي پنهنجو حال ظاهر نه ڪيم.

ڄاڻندڙ ٿو ڄاڻي ته منهنجي دل ۾ ڇا وهيو واپرندو هو، پر ڪوشش ڪري ِاها رنجش لڪائيندو هوس. ايتري قدر جو ڪڪرالي جي شهر مان جيڪڏهن هڪڙو درهم به ملندو هو ته اهو به ڳنڍ ۾ ٻڌي گهر اچي پنهنجي گهرواريءَ کي ڏيندو هوس. اهو صرف ان ڪري ته جيئن اهو نه سمجهي ته ڪو آءٌ کانئس ناخوش آهيان، بلڪ جيئن سمجهي ته ويچاري کي هڪڙو درهم مليو آهي سو به مون لاءِ کڻي آيو آهي. جيستائين جيئري هئي تيستائين ڪنهن سان به پنهنجو راز نه کوليم. هاڻي جڏهن مرهيات ٿي وئي آهي ته اهي لفظ واتان ڪڍيا اٿم.

نقل آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو حضرت جن جا هٿ کاڌي کائڻ واسطي ڌورائيندو هو ته پاڻ هيءَ دعا پڙهندا هئا: غفرالله ذنوبک وسترالله عيوبک يعني خدا توهان جا گناهه بخش ڪري ۽ توهان جا عيب ڍڪي.

نقل آهي ته سڪرات جي وقت حضرت جن پنهنجي فرزندن کي گهرايو ۽ چوڻ لڳا ته اڳين بزرگن جو طريقو اهو هوندو هو ته اهڙي وقت ۾ هو پنهنجن مريدن کي به جمع ڪندا هئا ۽ پوءِ پنهنجن پٽن کي چوندا هئا ته دعا ڪريو. ان تي ڪن چيو ته توهان به ائين ڪريو. اهو بهتر آهي. پاڻ فرمايائون ته اهي بزرگ ڀلارا هئا ۽ اسين ته اڃا مريد به نه سونهئون.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن اڻ پڙهيل مريد کي چيائون ته ڪجهه پڙهيو آهين؟ هن جواب ڏنو ته صرف الحمد ۽ قل هو الله پڙهيو اٿم. کيس چيائون ته پوءِ پيش امام ٿي ۽ پاڻ ان جي پٺيان نماز پڙهيائون.

چون ٿا ته هڪ رات جو پاڻ ويٺا هئا جو سندن مريد (150) ڏيئو ٻاريو. پاڻ فوراً ان کي وسائي ڇڏيائون. فرمايائون ته ڏيئو ان کي ٻارڻ گهرجي جيڪو هوشيا هجي، اسان ته غفلت ۾ آهيون.

چون ٿا ته پاڻ مجلس ۾ هجن يا اڪيلا پر ڪڏهن به ٻئي کي پاڻي پيارڻ لاءِ نه چوندا هئا. اُڃ لڳڻ وقت هميشہ پاڻ اٿي دلي يا گهڙي مان پاڻي ڀري پيئندا هئا ۽ ٻي ڪنهن کي تڪليف نه ڏيندا هئا.

هڪ مريد کان نقل آهي ته حضرت جن پاڻ کي اڪثر گهڻو بکيو رکندا هئا. هڪ دفعي رات جو مون وٽ اچي نڪتا. دل گهريو ته کين طعام پيش ڪريان. اندر اچي ڪوٺيءَ ۾ هيڏي هوڏي ڏٺم ته طاق تي ويڙهيل پڙي رکيل ڏٺم. ڀانيم ته ان ۾ ڪا مٺائي وغيره آهي. سا کولي سموري انهيءَ کاڌي جي مٿان کڻي وڌم ۽ آڻي سندن اڳيان رکيم. نه ڄاڻ ته ان ۾ ڪا ڪوڙي سُتي ڦڪي رکيل هئي. حضرت جن سمورو طعام کائي ٿالهي خالي ڪري ڏني ۽ ڪجهه به نه پڇيائون. حالانڪ ٻين موقعن تي اڪثر ڪري ٿالهيءَ ۾ ڪجهه اوبر ڇڏي ڏيندا هئا جڏهن صبح ٿيو ۽ مون پنهنجي لاءِ دوا جي ڳولا ڦولا ڪئي ته ڏٺم ته دوا واري پڙي ٺهي ئي ڪو نه. ڏاڍو پشيمان ٿيس ته رات واري پڙيءَ ۾ مٺائي نه پر اها ڪوڙي ڦڪي هئي. انهيءَ خوف وچان حضرت جن وٽ حاضر ٿيس ۽ معذرت ڪري معافي طلب ڪيم. اهو سڀ ٻڌي پاڻ فرمايائون ته مون کي خبر ڪونهي ته رات ڇا کاڌو اٿم.

نقل آهي ته حضرت جن هميشہ پاڻ وضو ساريندا هئا. ۽ ڪڏهن ڪنهن مريد کي نه چيائون ته مون کي وضو ڪراءِ مطلب ته ڪنهن کي ڪڏهن اها تڪليف نه ڏنائون.

هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن اسان حضرت جن سان گڏجي ڪنهن طرف وڃي رهيا هئاسون ته واٽ تي ٻه عورتون اچي کين چنبڙيون(151) ته اسان جي گهر هلي دعا ڪريو. اسان گهڻي ڪوشش ڪئي ته انهن کان جان ڇڏايون پر انهن عورتن حضرت جن کي نه ڇڏيو ۽ پنهنجي گهر وٺي ويون ۽ دعا گهرايائون. انهيءَ سموري وٺ پڪڙ ۾ حضرت جن ڪجهه نه ٿي ڪڇيو، رڳو پئي مُشڪيا. بهرحال چڱي دير کان پوءِ مون کين هٿ مان ورتو ۽ انهن عورتن کان جان ڇڏائي ٻاهر آياسين. پاڻ ان وقت تائين مشڪي رهيا هئا ۽ ڪنهن قسم جي ناگواريءَ جو اظهار نه ڪيائون.

حضرت جن جي فرزند کان نقل آهي ته هڪ دفعي آءٌ ساڻن گڏ هوس جو اسان پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ٻئي ڳوٺ طرف وڃي رهيا هئاسون. حضرت جن کي فقيراڻو لباس پيل هو. البت مون کي سفيد چادر اوڍيل هئي. جڏهن درياءَ جي پتڻ تي اچي پهتاسون ته پاتڻي اڳئي موجود هو ۽ اسان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺاسون. ٿوري دير کان پوءِ ٻيڙي هلائيندڙ ملاح پئسا گهريا ۽ جڏهن حضرت جن جو وارو آيو ته پاڻ خاموش رهيا. هوڏانهن ملاح نه ڪئي هم نه تم چڙ ۽ غصي وچان حضرت جن جي مٿي تي ٻڌل ريشمي دستار کي سٽ ڏيئي لاهي وڌائين ۽ پنهنجي چيلهه سان ٻڌائين. اوچتو جڏهن ٻيڙي وچ تي پهتي ته چڪڻ ۾ ڦاسي پئي. ملاح ٻيڙيءَ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي لاهڻ شروع ڪيو ۽ کين چيائين ته رسي سان ٻيڙي ڇڪين. حضرت جن کي پڻ چيائين ته لهي ٻيڙيءَ کي ڇڪيو. اتي مون کي غصو آيو ته جيڪر ملاح کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٺيڪ ڪجي پر پاڻ مون کي منع ڪيائون. بلڪ پاڻ هيٺ لهي ٻين ماڻهن سان گڏ ٻيڙيءَ کي ڇڪڻ لڳا. آخر جڏهن ٻئي ڳوٺ پهتاسون ته نماز جو وقت ٿي چڪو هو. اسان سڌو مسجد ۾ اچي نماز ادا ڪئي. اتي اسان جو ميزبان (152) جيڪو انهيءَ ڳوٺ جو چڱو مڙس هو اچي پهتو. هن جڏهن حضرت جن جو مٿو اگهاڙو ڏٺو ته يڪدم دستار آڻي حاضر ڪيائين. انهيءَ دوران مون وري ان ملاح واري سڄي ڳالهه ان چڱي مڙس کي ٻڌائي. جنهن تي هن ان ملاح کي گهرائي ڇنڊ پٽي، بلڪ کيس موچڙا هڻڻ وارو هو. جڏهن حضرت جن کي اها خبر پئي ته پاڻ ان کي منع ڪيائون ته انهيءَ ملاح ڪو گناهه نه ڪيو آهي. بلڪ قصور اسان جو آهي جو هن پنهنجو حق گهريو ۽ اسان ان کي نه ڏنو. هاڻي ان کي تڪليف ڏيڻ ڪنهن ريت مناسب ڪونهي. ان تي انهيءَ ملاح پشيمانيءَ جو اظهار ڪيو ۽ معافي گهرڻ لڳو. چوڻ لڳو ته مون حضرت جن کي نه سڃاتو. ان کان پوءِ ملاح ويندو رهيو. باقي ان شخص اسان جي ڏاڍي خدمت ڪئي.

نقل آهي ته گهڻو ڪري حضرت جن جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ويندا هئا ته اُن جو ڍيرو ڪتڻ لاءِ هٿن ۾ هوندو هون. جيڪڏهن ڪو مستحق نظر ايندو هون ته اهو سمورو ڪتيل سٽ اتي ڪوريءَ کي ڏيندا هئا ته جيئن ان مستحق شخص جي پوشاڪ ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪنهن جو گهر ڊٺل ڏسندا هئا ته ان جي ٺهرائڻ ۾ مدد ڪندا هئا. مطلب ته ڪوشش ڪري هر مسلمان جي حاج پوري ڪندا هئا ۽ تيستائين اتان اڳتي نه وڌندا هئا.

حضرت جن جي فرزند کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي ٻئي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيا هئاسون. جڏهن انهيءَ ڳوٺ جي ويجهو پهتاسون ته اچي ٿڌ ورايو. سياري جي موسم هئي. سيءَ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. تيز ٿڌي هوا لڳي رهي هئي. آخر مون کي ديوار جي اوٽ ۾ ويهاري پاڻ جهنگ ڏي راهي ٿيا، ٿوري دير ۾ ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻي اچي پهتا ۽ هيٺ رکي منهنجي آڏو باهه جو مچ کڻي ٻاريائون. (153) پوءِ پاڻ به باهه جي آڏو ويهي رهيا. آخر سياري جي رات ائين گذاري صبح جو ٺٽي طرف راهي ٿياسون.

نقل آهي ته هڪڙي دفعي حضرت جن جي خادم پيرن کي زور ڏيندي سندن هڪ آڱر ڀڃي وڌي. باوجود سور جي ان کي ڪجهه به نه چيائون. ۽ نه وري منع ڪيائونس. پوءِ جڏهن اهو خادم پاڻ اتان هليو ويو تڏهن ڏاس ۽ مٽي گهرائي آڱر کي ٻڌائون، تڏهن وڃي ٻين کي معلوم ٿيو ته ان خادم هٿان سندن آڱر ڀڄي پئي آهي.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن ڪنهن طرف وڃي رهيا هئا ۽ ڪيترا مريد خادم ساڻن گڏ هئا. واٽ تي جنهن به کين ڏٺو ٿي ته ڏاڍي عزت ۽ تعظيم سان پيش ٿي آيو. حضرت جن کي اها ڳالهه سٺي نٿي لڳي. ان ڪري ڇا ڪيائون جو مريدن کي چيائون ته توهان اڳ ۾ ٿي هلو ته اسان توهان جي پٺيان ٿا هلون. اهو ڏسي ڪو به ماڻهو ڏانهن ڪو نه لڙيو. اڳتي هلي مريدن کي چوڻ لڳا ته ڏِٺَو سڀڪو توهان جي ڪري اسان کي عزت پيو ڏئي. جيڪڏهن توهان نه هجو ته جيڪر اسان کي ڪو سڃاڻي ئي ڪو نه. اسان جي گرفتاريءَ جو سبب توهان آهيو. ائين چئي ڏاڍيون نصيحتون ڪيائون. آخر فرمايائون ته ”الجاه جيفِة و طالبها ڪلاب“ يعني جاه يا مرتبو مردار يا ڍونڍ آهي ۽ ان جو طالب ڪُتا آهن.

نقل آهي ته مينهوڳيءَ جي موسم ۾ حضرت جن مَنَهه يا پيهو ٺاهي، سڄي اهل عيال ۽ ٻارن کي مٿي سمهاريندا هئا. گهڻو ڪري پاڻ چادر کي پکو يا جهلي ٺاهي پيا کين هڻندا هئا ۽ ان ڪري سمهڻيءَ جي نماز کان وٺي صبح تائين جاڳڻ سان گڏ اها ئي ڪارڪندا هئا.

نقل آهي ته حضرت جن جهنگل ۾ وڃي خشڪ سر ۽ ڪانا (154) ڪپي انهن جو ترهو ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ ان کي ترڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. جڏهن اهو ٻڌندا هئا ته دريا جي فلاڻي طرف ڪو بزرگ يا درويش آهي ته انهيءَ ڪانن واري ترهي تي تري ويندا هئا.

چون ٿا ته جڏهن ڏڪار پوندو هو ته حضرت جن جهنگل ۾ وڃي ازدها نانگ پڪڙي ايندا هئا، ۽ پوءِ ان کي هٿن ۾ جهلي ماڻهن جي ميڙ ۾ ڏيکارڻ لاءِ آڻيندا هئا ته جيئن ماڻهن کان گدائي ۾ ڪجهه ملي سگهي. پوءِ جيڪي ڪجهه ملندو هون، اهو آڻي فقيرن جي آڏو رکندا هئا.

روايت آهي ته حضرت جن جڏهن به ڪنهن ضعيف يا هيڻي کي ڏسندا هئا ته ان جي حاج پوري ڪرڻ لاءِ وٽس ضرور ويندا هئا. هڪ دفعي هڪ عورت کي ڏٺائون جيڪا تڏو ٺاهي رهي هئي. کين ڏاڍو ترس آيو ۽ پاڻ ان وٽ وڃي اٿاري سندس جڳهه تي ويٺا ۽ تڏي ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويا. اوچتو وقت جي حاڪم مرزا جاني بيگ جو امير قاسم چرڪس اتان اچي لنگهيو. کين ڏسي هٿ ٻڌي بيهي رهيو. ليڪن حضرت جن تيستائين ڏانهن ڪو توجه نه ڏنو جيستائين اهو تڏو ٺاهي پورو نه ڪيائيون.

چون ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي عورتون پنهنجون پراڻيون چادرون يا گنديون حضرت جن وٽ کڻي اينديون هيون ته اهي سبي ڏين. پاڻ ڪجهه نه ڪڇندا هئا، بلڪ اهي واقعي سبندا هئا. انهيءَ ڪري سندن حجري جي هڪ ڪنڊ ۾ اهڙن پراڻن ڪپڙن جو ڍير لڳل هوندوهو.

نقل آهي ته حضرت جن هميشہ فقرائي يا گدائي واري کاڌي کي بهتر سمجهندا هئا ۽ اهو کائيندا هئا. اهو ئي سبب هو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو کير ۽ پيهون آڻيندو هو ۽ ٻيو ماڻهو(155) گدائي ڪيل کاڌو ته پاڻ کير ۽ پيهون کي هٿ به نه لائيندا هئا. بلڪ اهو گدائي وارو طعام کائيندا هئا.

چون ٿا ته جڏهن ڪو ماڻهو حضرت جن کي پنهنجي گهر دعوت تي سڏيندو هو ۽ پاڻ اهو سمجهندا هئا ته اتي پڪ ڪئين قسم جا طعام تيار هوندا ته اتي وڃڻ کان اڳ پاڻ ڪنهن فقير کي گدائي لاءِ روانا ڪندا هئا. پوءِ اهو فقير گدائي وارو کاڌو کڻي انهيءَ دعوت واري هنڌ پهچندو هو. پاڻ دعوت کان اڳ انهيءَ کاڌي مان کائيندا هئا ته جيئن دل جو حرص مري البت پوءِ مهمانيءَ وارو کاڌو الله جو نالو وٺي کائڻ شروع ڪندا هئا.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن مريد سندن خدمت ۾ جليبيون آنديون.  جڏهن کين اها خبر پئي ته پنهنجي ماڻهوءَ کي موڪلي بصر گهرائي ورتائون. پوءِ اهي ڪوڙا بصر ۽ جليبيون گڏي پئي کاڌائون.

روايت آهي ته پاڻ چيائون مون کي کير ۽ چانورن جو ڀت ڏاڍو پسند آهي پر مون ڪڏهن پنهنجي مرضيءَ مطابق تيار ڪري نه کاڌو آهي.

چون ٿا ته حضرت جن گهڻو ڪري مهمانن جي اوبر ٿيل کاڌو کائيندا هئا.

روايت آهي ته جڏهن به بهاءَ الدين گودڙيو وٽن اچي مهمان ٿيندو هو ته موڪلائڻ وقت پاڻ ان کي پنهنجي گهوڙي تي سوار ڪندا هئا ۽ پاڻ اڳيان ٿي هلندا هئا.

چون ٿا ته حضرت جن رڍن جي اُن پاڻ ڪتيندا هئا ۽ ان مان پنهنجي کٿي پاڻ تيار ڪندا هئا.

نقل آهي ته حضرت جن فرمايو ته مون جڏهن اهو ٻڌو ته طالب کي کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ته مون کاڌو کائڻ بلڪل ڇڏي ڏنو.(156) انهيءَ دوران هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليہ الرحمة جي مجلس ۾ وڃڻ ٿيو. پاڻ طعام ڏياري موڪليائون جو مون نه کاڌو. جڏهن کين اها خبر پئي ته مون ڪجهه نه کاڌو آهي ته مون کي سڏرايائون ۽ چيائون ته کاڌو کائڻ گهرجي ڇو ته خداوند تعاليٰ جو فرمان آهي: ”ڪُلوا واشربوا ولاتسر فوا“ يعني کائو پيو پر اسراف نه ڪريو. ان کان پوءِ مون کائڻ جي عادت کي اپنايو.

هالن جي پريي مڙس سيد لوڏيه کان نقل آهي ته هڪ دفعي سانجهيءَ جو وقت هو جو مون ڏٺو ته حضرت جن کي ڪاٺين جي ڀري مٿي تي آهي ۽ پاڻ مسجد ۾ داخل ٿي رهيا آهن. آءٌ سندن پويان لڳو آيس ۽ اچي کين عرض ڪيم ته قبلا هتي ڪاٺيون ڪو نه هيون جو ايترو پري کان بار کڻي آيا آهيو. جواب ڏنائون ته رستي تي خيال آيو ته اڄ رات هن مسجد ۾ رهبو. تنهن ڪري پاڻ سان ڪاٺيون گڏ کڻي آيس ته اهي ٻاري رات گذاربي.

چون ٿا ته حضرت جن مرد خواه عورت جيڪو به کين هلڻ لاءِ منت ڪندو هو ته پاڻ ان ڏانهن هلي ويندا هئا ۽ ڪو عذر نه ڪندا هئا.

نقل آهي ته حضرت جن فرمايو ته جيڪڏهن ڪو شخص اسان کي خدا واسطي اچي اهو چوي ته منهنجو ڏندڻ فلاڻي ڪانهري ٻيلي ۾ وسري ويو آهي، جيڪو هڪ ڏينهن جي پنڌ تي آهي ته جيڪر ان کي کڻي اچڻ لاءِ ضرور وڃون ۽ ڪا سستي نه ڪيون.

نقل آهي ته ڪنهن شخص جو ڏاند چورائجي ويو. گهڻي جستجو ۽ تلاش کان پوءِ هن ڏاند جو پتو لڳايو ته فلاڻي ڏاڍي مڙس وٽ بيٺو آهي جنهن ڏاند ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو شخص حضرت جن وٽ آيو ته خدارا منهنجي واهر ڪريو ۽ مون کي هن کان ڏاند واپس ڪرائي ڏيو. حضرت جن اٿي کڙا ٿيا ۽ ان سان گڏجي ان ڏاڍي مڙس وٽ آيا.(157) ان شخص جڏهن حضرت جن کي ڏٺو ته چوڻ لڳو توهان پاڻ ڏاند جهڙي معمولي ڳالهه لاءِ هلي آيا آهيو. حضرت جن فرمايو ته جيڪڏهن ڪو مون کي ڏندڻ جهڙي خسيس شيءِ لاءِ وٺي ويندو تڏهن به آءٌ ويندس، هي ته ڏاند جو مسئلو آهي. اهڙيءَ طرح چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن ڪم سانگي کين ڪو وٺي ويو. تڏهن پاڻ بيمار هئا. ايتري قدر جو واٽ تي هلڻ کان بيحال ٿي ڪري پيا. تڏهن مريدن کي چيائون ته ڀلي مون کي ان شخص وٽ کڻي هلو، جنهن ۾ ڪم آهي، ۽ جنهن کي سفارش ڪرڻي آهي.

نقل آهي ته جيڪڏهن پاڻ مجلس ۾ ويٺا هوندا هئا ۽ اتي ڪنهن غير مسلم جو پٽ اچي کين چوندو هو ته توهان کي اسان جو پيءُ ٿو سڏي ته پاڻ فوراً اٿي ان سان ويندا هئا. پر جيڪڏهن اهڙيءَ طرح ٻيو دفعو به کين ڪو اچي ان طرح چوندو هو ته پاڻ ان سان به گڏجي ويندا هئا. بلڪ هڪ کان وڌيڪ دفعا گهرائڻ تي به وڃڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا. پوءِ ڀلي اهو ڇوڪرو ڪوڙ ڳالهائيندو هجي يا سچ !

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن مجلس ۾ ويٺا هئا جو وضو سارڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ حجري جي طرف اچڻ لڳا جتي مريد خادم ويٺا هئا. پاڻ اڃان اڪيلا ئي بيٺا هئا ته هڪ عورت اچي کين عرض ڪيو ته سائين خدا واسطي منهنجي گهر ۾ پنهنجا پير گهمائي اچو. حضرت جن اهي لفظ ٻڌڻ سان ساڻس گڏ هلڻ لڳا ۽ ان جي گهر اچي پهتا. هوڏانهن مريدن جڏهن حضرت جن کي نه ڏٺو ته ٻاهر نڪري پيا. ڏٺائون ته پاڻ اچي رهيا آهن. عرض ڪيائون ته قبلا، ڪيڏانهن تشريف فرما ٿيا هئا. چيائون ته(158) دروازي تي بيٺو هئس جو هڪ عورت اچي مون کي پنهنجي گهر وٺي وئي. هينئر اتان ٿي پيو اچان.

چون ٿا ته جڏهن به ڪو ڳالهائڻ وقت ساڻن بحث ڪندو هو يا رد ڏيندو هو ته پنهنجي ڳالهه کي هيٺ ڪري، هن جي ڳالهه کي قبول ڪندا هئا.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته حضرت جن شخص جيو عليہ الرحمة جنهن جو مقبرو مڪليءَ تي آهي، ان جي زيارت لاءِ ويا. اهو ڏينهن ميلي جو هيو ۽ وڏي خلق آيل هئي. ماڻهن جڏهن حضرت جن کي ڏٺو ته وٺي مٿن ڳاهٽ ڪيائون ۽ سندن هٿ چمڻ ۽ پيرين پوڻ لڳا. جيتوڻيڪ کين اها ڳالهه سٺي ڪو نه ٿي لڳي ته ڪو ماڻهو سندن هٿ چمن، پر لاچار خاموش رهيا ۽ ”يا مُعز يا معز يا معز“ پڙهندا رهيا.

چون ٿا ته جڏهن به ڪنهن بزرگ يا درويش جي اچڻ جو ٻڌندا هئا ته پاڻ سڀني کان پهريائين ان جي زيارت تي ويندا هئا.

ڳالهه ٿا ته ڪن پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ جڏهن گهڻو ضعيف ٿي چڪا هئا ته هڪ عورت اچي فرياد ڪئي ته فلاڻي شخص منهنجي پٽ کي بيگناهه قيد ڪري رکيو آهي. خدا جي واسطي هلي مون کي منهنجو پٽ ڇڏائي ڏيو.

حضرت جن سوار ٿي ان عورت جي مدد لاءِ نڪتا. اڃا نصريه سومرن جي ڳوٺ وٽ مس پهتا جيڪو بٺوري جي ڀرسان آهي ته پاڻ بيحال ٿي گهوڙي تان ڪري پيا. اهو ڏسي ان عورت عرض ڪيو ته سائين توهان پنهنجي ڳوٺ واپس وڃو ۽ اڳتي نه هلو. پاڻ فرمايائون ته تون وڃ، هاڻي تنهنجو ڪم اسان جي هلڻ کان سواءِ ٿي ويندو. ان کان پوءِ اها عورت هلي وئي ۽ ان جو(159) پٽ واقعي آجو ٿي گهر موٽيو. هيڏانهن پاڻ جو جلدي واپس آيا ته مريدن پڇيو ته قبلا، توهان ان عورت جي ڪم سانگي نه ويا ڇا؟ پاڻ جواب ڏنائون ته آءٌ بلڪل ويس پر واٽ تي گهوڙي تان ڪري پيس. انهيءَ ڪري ان عورت مون تي ترس کائي مون کي موڪل ڏني ۽ آءٌ موٽي آيس.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي وٽن ڪو سوالي آيو ته منهنجي مينهن فلاڻو ڏاڍو مڙس زور زبردستيءَ ڪاهي وڃي پنهنجي ڳوٺ بڪار ۾ جهلي آهي. توهان منهنجي مدد ڪريو ۽ ان شخص ڏانهن ميڙ ٿي هلو. پاڻ جڏهن اتي پهتا ته اهو ظالم شخص بظاهر ڏاڍي عزت سان مليو. جيتوڻيڪ سمجهي ويو ته مينهن جي لاءِ آيا آهن. چوڻ لڳو ته اسان جو فائدو گناهه ۽ ڏوهه ۾ رکيل آهي ۽ توهان ميڙ ٿي اچي. اسان جو نقصان ٿا ڪريو، ٺيڪ آهي، هن دفعي توهان جي ڪري، مينهن موٽائي ڏيان ٿو، ٻيهر اهڙي تڪليف نه ڪجو. پاڻ فرمايائون ته ائين هرگز نه چئو. اسان وٽ جيڪو به خدا واسطي مدد لاءِ ايندو. اسان ان سان گڏ ضرور اينداسون. توهان ڀلي پنهنجن نوڪرن کي چئو ته اسان کي اچڻ نه ڏين ۽ دروازي تي لٺيون وهائي ڪڍن. ليڪن اسان ضرور اينداسون.

نقل ٿا ڪن ته هڪڙيءَ رات جو ڳوٺ جاڌنار درياءَ جي ڪناري تي باهه ٻاري سمهي پيا. اسر جي مهل حضرت جن اتي وهنجڻ لاءِ آيا. سياري جي موسم هئي. سو سرديءَ کان بچڻ لاءِ باهه جي ڀرسان بيهي تؤ وٺڻ لڳا. ڌنارن ڏٺو ته ڪو ماڻهو بيٺو آهي سو اچي مٿن لٺين جا وسڪارا ڪيائون. پاڻ ان وقت ڪجهه نه ڪڇيا ۽ ائين ئي بيٺا رهيا. جڏهن صبح ٿيو ته روشنيءَ ۾ حضرت جن کي سڃاتائون ۽ سندن پيرن تي ڪري پيا ته اسان کي معافي ڏيو، جو اسان توهان کي ڪين سڃاتو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه اڻ ڄاڻائي ۾ ٿي ويو آهي. (160) اسان کان واقعي بي ادبي ٿي آهي ۽ اسان کي معاف ڪيو. پاڻ فرمايائون ته مون کي اهي لٺيون توهان نه هنيو آهن، جنهن هنيون آهن، اهو ڄاڻي ٿو، وچ تي توهان جو ڪو ڪم ناهي.

[67]

ڏوه نه ڏمرئوءِ، ڏٺئه جي ڏاتار منهن،

ماڻڪين هٿ ڀري، آڏو اسرئوءِ،

]هو ڪنهن جي ڏوهه سبب نه ڏمرئو، جيڪڏهن تو ڏاتار جو منهن ڏٺو ته هو پاڻ ماڻڪن سان هٿ ڀري آڏو پيو اچي![

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ رات پاڻ حجري ۾ باهه ٻاري سمهي رهيا. ائين ڪندي هڪ شخص سمهڻ لاءِ اندر داخل ٿيو. پاڻ سري ٻي جڳهه تي سمهيا ۽ پنهنجي جڳهه ان کي ڏنائون. اوچتو هڪ ٻيو شخص به اندر داخل ٿيو پاڻ وري پنهنجي جڳهه ان جي حوالي ڪيائون. اهڙيءَ طرح ٽيون شخص آيو، تان جو ڪل ڏهه ماڻهو ٿي ويا. پر پاڻ هر وقت پنهنجي جاءِ انهن جي حوالي ڪندا رهيا، ته جيئن اهي باهه جي ويجهو ٿي سمهن. آخر صبح ٿيو ۽ ڏٺائون ته پاڻ ڏهن ئي شخصن کان آخر ۾ ستل آهن.

هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ دفعي رات جو وڏو پهر گذري چڪو هو جو آءٌ حضرت جن وٽ آيس. ڏٺم ته پاڻ نماز ۾ بيٺا آهن، جهن ڪري خاموش ٿي ڪنڊ وٺي ويهي رهيس. البت هر گهڙيءَ ڏانهنس گهوريندو رهيس. تان جو صبح اچي ٿيو. پوءِ پاڻ جلدي نماز مڪمل ڪري فارغ ٿيا. چوڻ لڳا ماڻهو الائجي ڪيئن ٿا تهجد ادا ڪن. اسان کي ته هڪ رڪعت ۾ ئي رات پوري ٿي وڃي ٿي. خبر ناهي اهي تهجد ڪيئن ٿا پڙهن !

هڪ مريد کان نقل آهي ته آءٌ مسلسل ڪيئي راتيون حضرت جي خدمت ۾ ايندو رهيس. هر رات حضرت جن کي نفل نماز ۾ مشغول ۽ زار زار روئندي ڏٺم. پاڻ ايڏي تضرع سان بيٺل هوندا هئا جو هڪڙي (161) رڪعت ۾ سڄي رات گذري ويندي هئي. صبح جو اٿي جڏهن حجري کان ٻاهر ايندا هئا ته سڌو درياءَ جو رخ ڪندا هئا. جيڪڏهن وٽن گهوڙو موجود هوندو هو ته ان تي چڙهي نه ته گڏهه تي سوار ٿي گهر ايندا هئا.

چون ٿا ته حضرت جن گهڻو ڪري سمهڻيءَ جي وضوءَ سان صبح جي نماز پڙهندا هئا. پاڻ ائين به چيائون ته رات جو نفل جي پهرين رڪعت ۾ هڪ هزار ڀيرا قل پڙهون ٿا ۽ ٻي رڪعت ۾ ست سئو ڀيرا ته رات وهامي وڃي ٿي.

نقل آهي ته حضرت جن ڪڏهن به گهڻي بک کان سواءِ طعام جي ويجهو نه ويندا هئا. بلڪ جڏهن کاڌو سندن آڏو ايندو هو ته مريضن وانگر آهستي آهستي ٻن آڱرين ذريعي کائيندا هئا ۽ ٿالهيءَ کي پڻ چٽي صاف ڪندا هئا.

فصل ٻيو

خدمت ۽ سخاوت جي بيان ۾

ڄاڻڻ گهرجي ته حضرت جن جي سخاوت ۽ شرافت جو ايترو ذڪر آهي جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. بلڪ اها ناداني چئجي جيڪڏهن آءٌ اها دعويٰ ڪريان، ڇو ته مون کي ايتري اهليت ناهي جو سندن سخاوت جو مڪمل بيان ڪري سگهان. بهرحال پنهنجي وت آهر ان جو هتي ٿورو بيان ڪجي ٿو ته جيئن پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ، ۽ هن رسالي جا مطالعي ڪندڙ، هشت از خروار ان مان فائدو وٺن.

هڪ مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن آءٌ پاڻ هڪ ٻيو دوست گڏجي حضرت جن جي خدمت ۾ قدمبوسي لاءِ حاضر ٿياسون. اهو اڳين نماز جو وقت هو. اسان سڄي ڏينهن ۾ ڪجهه نه کاڌو هو، سو هينئر بک اچي بيحال ڪيو هو (162). سندن سامهون رات وارو گدائي ڪيل ڀت جو ڪاسو ڀريو پيو هو. ڪجهه حصو پاڻ کاڌائون ۽ ٻيو اسان کي کائڻ لاءِ پيش ڪيائون. رات جو رکيل ڀت جنهن ۾ ڏڌ پيل هو سو ڪجهه بوءِ ڪري ويو هو. پر ڇاڪاڻ ته حضرت جن جي اوبر هو تنهن ڪري کائڻ تي زور رکيوسون، پر کائي نه سگهياسون. پاڻ اهو ڏسي ڳالهه کي سمجهي ويا ۽ فوري طور مکڻ ۽ مانيون گهرائي اسان کي ڏنائون ۽ اهو ڀت وارو ڪاسو اسان کان واپس وٺي چوڻ لڳا ته اهو اسان لاءِ ڇڏي ڏيو. توهان ماني کائو. اسان مانيءَ کي جنبي وياسون، اسان کي چوڻ لڳو ته خدا ڪارڻ هٿ نه ڪڍو، اسان وري کائڻ شروع ڪيو، پر جڏهن به بس ڪرڻ تي اچون ته وري اسان کي چون ته کائو. آخر لاچار ٿي هٿ ڪڍيوسين ۽ بچيل مانيون ڳوٿريءَ ۾ وجهي عرض ڪيوسين ته قبلا اسان سڀ مانيون کائي پوريون ڪيون آهن ته پاڻ وري ٻيون گهرايائون. چيائون ته ٿالهي خالي پئي آهي ڪجهه به نه بچيو آهي. لاچار جيڪي اڌ کاڌل مانيون ڳوٿريءَ ۾ لڪائي ڇڏيون هيم اهي کولي کڻي آڏو ڦهلايم. تڏهن وڃي کين پڪ آئي ته اسان واقعي ڍؤ ڪري کاڌو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com