سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :11

 

 

جواب:  لطيف ساڃاھھ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو.

سوال:  ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  پھريون ڇاپو ڊسمبر 2000ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ مصنف ڪنھن کي ارپيو آھي؟

جواب:  گھنور خان ۽ وزير حسين سوڍر کي.

سوال:  شاھھ لطيف جي مقالن تي مبني ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“جو مقدمو شاھنواز سوڍر ڪھڙيءَ تاريخ تي لکيو؟

جواب:  ٻھ ڊسمبر 2000ع تي.

سوال:  ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ۾ شاھھ سائين متعلق ڪيترا مقالا ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  ٻاويھھ مقالا.

سوال:  ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻھ سئو ٽياسي صفحن تي.

سوال:  ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ ڪتاب ڪنھن سھيڙيو؟

جواب:  ڊاڪٽر درشھوار سيد.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  جولاءِ 1995ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ جو پيش لفظ ۽ مھاڳ ڪنھن ۽ ڪڏھن لکيو؟

جواب:  درشھوار سيد، اٺ جولاءِ 1995ع تي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“۾ گھڻا مقالا ڏنل آھن؟

جواب:  اٺ.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي.

جواب:  ھڪ سئو چوئيتاليھھ صفحن تي.

سوال:  ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟

جواب:  ٻھ سئو  اٺونجاھين عرس جي موقعي تي.

سوال:  ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ ڪنھن جي نگراني ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  شھناز ايس حامد جي نگراني ۾.

سوال:  ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ جي ايڊيٽر جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  شھناز قريشي ۽ آفتاب ابڙو.

سوال:  مھراڻ اڪيڊمي 2005ع تائين شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح ۽شعر بابت ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا؟

جواب:  اوڻيھھ ڪتاب.

سوال:  ڪتاب ”تحقيقات لطيف“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر نواز علي شوق جو.

سوال:  ڪتاب ”تحقيقات لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  جنوري 2005ع ۾.

سوال:  مھراڻ اڪيڊمي شاھھ سائين بابت ڪتاب نمبر ٻھ سئو ڇھھ ڪھڙي نالي سان شايع ڪيو؟

جواب:  تحقيقات لطيف.

سوال:  ڪتاب ”تحقيقات لطيف“ ۾ ڪيترا چونڊ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  ايڪيھھ مقالا.

سوال:  ڪتاب ”ڪشف الابيات“ جي سھڙيندڙ جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.

سوال:  ڪتاب ”ڪشف الابيات“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  سيپٽمبر 1995ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو“ جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟

جواب:  پروفيسر محمد سليم ميمڻ.

سوال:  ڪتاب ”احوال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ جو ٽيون ڇاپو 1910ع ۾ ڪھڙي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو؟

جواب:  وڪٽوريھ پريس سکر مان.

سوال:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي متعلق لکيل ڪتاب ”تحفھ غريب“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  مرزا قليچ بيگ جو.

سوال:  ڊاڪٽر درشھوار سيد پنھنجي دور ۾ ڀٽائي چيئر مان شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر، موسيقيءَ تي مقالن جا ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟

جواب:  ست ڪتاب.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو“ ڀٽائي چيئر لاءِ ڪنھن سھيڙيو؟

جواب:  آزاد قاضيءَ.

سوال:  Social Content in Shah Jo Risalo ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  سيپٽمبر 1998ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”ڇپر جي ڇولي“ شاھھ سائين جي ڪھڙيءَ سورميءَ جي حوالي سان لفظن جي معنيٰ ڏنل آھي؟

جواب:  سسئي جي حوالي سان.

سوال:  ڪتاب ”ڇپر جي ڇولي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  جون 1999ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”ڇپر جي ڇولي“ جو مھاڳ  ڪنھن لکيو؟

جواب:  ڊاڪٽر فھميده حسين.

سوال:  ڪتاب The book of Shah Abdul Latif ڪنھن لکيو؟

جواب:  پروفيسر جرڊ ليڪي.

سوال:  ڪتاب ”دي بڪ آف شاھھ عبدالليف“ جرڊ لپڪيءَ ڪھڙي ٻوليءَ ۾ لکيو؟

جواب:  جرمن ٻوليءَ ۾.

سوال:  شاھھ صاحب جي ٻھ سئو ستٽيھين عرس مبارڪ جي موقعي تي محڪمھ اطلاعات کاتي اردوءَ ۾ ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟

جواب:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و افڪار.“

سوال:  اردو ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و افڪار“ جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟

جواب:  احمد مقصود حميدي، ٻارنھن سيپٽمبر 1981ع ۾.

سوال:  سنڌ اطلاعات کاتي شاھھ صاحب جي ٻھ سئو اٺٽيھين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟

جواب:  ڪتاب ”نذر لطيف“.

سوال:  ممتاز مرزا واري اردو ڪتاب ”فڪر لطيف“ ۾ ڪيترا مقالا ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  ڏھھ مقالا

سوال:  قيصر نيازيءَ جو ڪھڙو مقالو اردو ڪتاب ”فڪر لطيف“ ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  مقالو ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور ان ڪي شاعري“

سوال:  ڪتاب ”فڪر لطيف“ ۾ اسماعيل سيٺيءَ جو ڪھڙو مقالو شايع ٿيو؟

جواب:  مقالو ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي.“

سوال:  محڪمھ اطلاعات جي ڪتاب ”عرفان لطيف“ ۾ نذرانھ عقيدت ڪنھن لکي؟

جواب:  سيد بشير حسن.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي مثال شاعر“ جو مھاڳ ڪنھن ۽ ڪھڙي تاريخ تي لکيو؟

جواب:  عبدالغفار سومري پھرين سيپٽمبر 1993ع تي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي مثال شاعر“ ڪڏھن ڇپيو؟

جواب:  1993ع تي.

سوال:  ڪتاب ”گوھر لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  آڪٽوبر 1986ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي ٻھ سئو پنجويھھ عرس جي موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي ڪھڙو ڪتاب شايع ڪرايو؟

جواب:  ڪتاب ”لطيفي تحريڪ“.

سوال:  ڪتاب ”لطيفي تحريڪ“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  فيبروري 1977ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”عرفان لطيف“ مصنف بشير شاد جو ٽيون ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1998ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”عرفان لطيف“ مصنف بشير احمد شاد، انتساب ڪنھن جي نالي آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي نالي.

سوال:  ڪتاب عرفان لطيف جا ٻھ اکر ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪھڙي تاريخ تي لکيا؟

جواب:  ايڪٽيھھ مارچ تي.

سوال:  مصنف محمد خان غنيءَ جو ”عرفان لطيف“، ڪتاب محڪمھ اطلاعات ڪڏھن شايع ڪرايو؟

جواب:  1966ع ۾.

سوال:  محمد خان غنيءَ جو لکيل ڪتاب ”عرفان لطيف“ ڪيترن حصن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻن حصن تي.

سوال:  محمد خان غنيءَ وارو ڪتاب ”عرفان لطيف“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٽياسي صفحن تي مشتمل آھي.

سوال:  ڪتاب ”ھٻڪار“ ۾ شاھھ سائين متعلق ڪيترا مضمون ڏنل آھن؟

جواب:  ڇھھ مضمون.

سوال:  شاھھ سائين جي مضمونن تي لکيل ڪتاب  ”ھٻڪار“  ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1959ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”ھٻڪار“ جي شروع ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو بيت ڏنل آھي؟

جواب:  بيت:   سـامـونـڊي آئـيـا، ھـر ھـنـڌ ٿـي ھـٻـڪار،

احسان ڪري اپار، اجھي اڄ عيان ٿيا.

سوال:  ايم اي عالماڻي جو لکيل ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ھڪ سئو اٺٽيھھ صفحن تي.

سوال:  ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو نئون روپ ۽ فلسفو بيان ڪيل  آھي؟

جواب:  ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سورٺ ۽ سر آسا جو.

سوال:  ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“ ۾ سر کنڀات جو نئون روپ ڪھڙي عنوان سان ڏنل آھي؟

جواب:  پرواز خيالات.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بيمثال شاعر“ جو ديباچو ڪنھن ۽ ڪڏھن لکيو؟

جواب:  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (وزير تعليم) چوڏھن آگسٽ 1993ع تي.

سوال:  ممتاز مراز جو اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”فڪر لطيف“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟

جواب:  ٻھ سئو ستيتاليھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.

سوال:  ممتاز مرزا جو اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”فڪر لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1991ع ۾.

سوال:  اطلاعات کاتي وارن شاھھ سائينءَ جي ٻھ سئو ايڪيتاليھھ ورسيءَ تي ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟

جواب:  پيغام لطيف.

سوال:  شاھھ عبداللطيف يادگار ڪميٽيءَ شاھھ صاحب جي ٻھ سئو سالھ ورسيءَ جي موقعي تي ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟

جواب:  ڪتاب ”ياد لطيف.“

سوال:  ڪتاب ”ياد لطيف“ جو ديباچو ڪھڙيءَ تاريخ تي ۽ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ٻاويھھ آڪٽوبر 1953ع تي نبي بخش خان بلوچ.

سوال:  ”شاھنامو رسالو“ شاھھ سائين جي ڪھڙي ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟

جواب:  ٻھ سئو اٺاويھين ورسيءَ جي موقعي تي.

سوال:  اردو ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و افڪار“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  ڊسمبر 1981ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”دي بڪ آف شاھھ عبداللطيف“ شاھھ لطيف چيئر ڪڏھن شايع ڪرايو؟

جواب:  مئي 2000ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”زندگيءَ جو سفر رومي، شاھھ ۽ اقبال“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  عبدالغفور ڀرڳـڙيءَ.

سوال:  ڪتاب شاھھ لطيف جي موسيقي ڪيترن حصن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻن حصن تي.

سوال:  ھي ڪتاب ڪھڙي اداري ڇپرايو آھي؟

جواب:  شاھھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.

سوال:  اردو ڪتاب ”شاھھ لطيف ڪي شاعري اور فڪر“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  ڊسمبر 1994ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”تحقيق جو طريقي ڪار“ ڀٽائي چيئر ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  جولاءِ 1995ع ۾.

سوال:  ڪتاب شاھھ لطيف تي ببلو گرافي ڪنھن کي ارپيو ويو؟

جواب:  صوفي شاھھ عنايت شھيد جھوڪ واري کي.

سوال:  تنقيدي ڪتاب ”شاھھ جو رسالو منھنجي نظر ۾“ پھريون ڀيرو سنڌ ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  فيبروري 1995ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ جو رسالو منھنجي نظر ۾“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو.

سوال:  ڪتاب ”قدم ڪاپڙين جا“ جو ٻيو ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  2003ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”قدم ڪاپڙين جا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  فقير امداد علي سرائيءَ جو.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ جا سرمور“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  منوھر مٽلاڻي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ جا سر مور“ سنڌ ۾ ڪھڙي اداري شايع ڪيو ۽ ڪڏھن شايع ڪيو؟

جواب:  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992ع ۾.

سوال:  ڪتاب شاھھ جا سر مور ڪيترن عنوانن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ستن عنوانن تي.

سوال:  ڊاڪٽر ايس ايم جھانگياڻي شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪڏھن ڪئي؟

جواب:  1976ع ۾.

سوال:  ٿيسز ”شاھھ عبداللطيف ۽ سندس دور“ دھليءَ مان ڪڏھن شايع ٿي؟

جواب:  1986ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”ڀٽائي تي بھتان“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  جنوري 1998ع ۾.

سوال:  مئي 1968ع تي نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل مضمون ”شاھھ جي سر سورٺ جي ساک“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  تيرٿداس ھوتچند جو.

سوال:  شاھھ متعلق لکيل مقالن تي مبني ڪتاب ”نرتي تند نياز سين“ ڪڏھن شايع ڪيو ويو؟

جواب:  فيبروري 1988ع مطابق ١٤٠٨ھھ ۾.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو“ ڀٽائي چيئر ڪڏھن شايع ڪيو؟

جواب:  مئي 1997ع ۾.

سوال:  ڀٽائي تحقيقي جرنل شمارو پھريون ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  جولاءِ 1991ع ۾

سوال:  ڪتاب ”ڀٽائي تحقيقي جرنل“ پھرئين ۾ ڪيترا مقالا ۽ مضمون ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  يارنھن مقالا ۽ مضمون.

سوال:  ڪتاب شاھھ جو شعر ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  پرسو جيارام گدواڻي.

سوال:  ڊاڪٽر تنوير عباسي شاھھ لطيف جي شاعري تي ڪھڙي نالي سان ڪتاب لکيو؟

جواب:  شاھھ لطيف جي شاعري.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف جي شاعري“ پھريون ڀيرو ڪڏھن ڇپيو؟

جواب:  1976ع ۾.

سوال:  ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڪھڙي اداري ڇپرايو؟

جواب:  شاھھ عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي.

سوال:  ھن ڪتاب جو ناشر ڪير ھو؟

جواب:  سيد غلام مصطفيٰ شاھھ.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف جي شاعري“ جو آخري وڌايل ۽ سنواريل ڇاپو ڪڏھن ڇپيو؟

جواب:  جنوري 1995ع ۾.

سوال:  ھي نئون ڇاپو ڪھڙي ادارري ڇپرائي پڌرو ڪيو؟

جواب:  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

سوال:  ڪتاب ”پيغام لطيف“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  جي ايم سيد جو.

سوال:  ھي ڪتاب ڪيترن فصلن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻارھن فصلن تي.

سوال:  ھن ڪتاب جي پھين ڇاپي لاءِ پبلشر طور ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟

جواب:  محمد عثمان ڏيپلائيءَ.

سوال:  ڏيپلائي صاحب ھي ڪتاب ڪھڙي اداري پاران ڇپرايو؟

جواب:  ”سلسلھ انسانيت“ پاران.

سوال:  ھي ڪتاب شاھھ تي لکيل ٻين ڪتابن کان ڪيئن مختلف آھي؟

جواب:  ھن ڪتاب ۾ پھريون ڀيرو شاھھ صاحب جو اڀياس ھڪ وطن دوست ۽ ترقي پسند شاعر طور پيش ڪيو ويو آھي.

سوال:  ڇا محترم جي ايم سيد جو شاھھ تي ٻيو بھ ڪو ڪتاب آھي؟

جواب:  ھا، شاھھ جون وايون ۽ ڪافيون.

سوال:  ڪتاب شاھھ عبداللطيف ھڪ مطالعو شاھھ لطيف چيئر لاءِ ڪنھن سھيڙيو؟

جواب:  آزاد قاضي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ھڪ مطالعو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  مئي 1997ع ۾.

سوال:  ڪتاب شاھھ عبداللطيف ھڪ مطالعو جو مھاڳ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ڊاڪٽر تنوير عباسي.

سوال:  ”شاھھ سچل سامي“ ڪتاب سنڌ جي ڪھڙي دانشور جو لکيل آھي؟

جواب:  محمد ابراھيم جويو.

سوال:  ھن ڪتاب جا ڪيترا ڇاپا ڇپجي چڪا آھن؟

جواب:  ڇھھ ڇاپا.

سوال:  ھن ڪتاب جا آخري ٻھ ڇاپا ڪھڙي اداي ڇپرايا؟

جواب:  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ، سچل، سامي“ ۾ ڇا بابت مواد ڏنل آھي؟

جواب:  سنڌ جي ٽن لافاني شاعرن شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جي سماجي تاريخ ڏنل آھي.

سوال:  شاھھ جي شاعريءَ جو سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي تقابلي جائزي تي ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو.

سوال:  ان ڪتاب جو نالو ڇا آھي؟

جواب:  لطيفي لات.

سوال:  شاھھ صاحب جي سير و سفر بابت ڪھڙو ڪتاب لکيل آھي؟

جواب:  لطيفي سير.

سوال:  ڪتاب ”لطيفي سير“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ جو.

سوال:  ڪتاب ”شاھاڻو شاھھ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  لال چند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جو.

سوال:  شاھھ لطيف تي انب گوپانگ جو ڪھڙو ڪتاب شاھھ لطيف چيئر 1999ع ۾ شايع ڪرايو؟

جواب:  ڇپر جي ڇانو.

سوال:  لطيف سائينءَ جي ڪھڙي شارح جي خواھش ھئي تھ لطيف سائين جي ڪلام تي ڪتاب ”لطيفي ٻوليءَ“ ۾ شايع ڪرايان مگر سندس اھا خواھش پوري نھ ٿي؟

جواب:  سيد نجف علي شاھھ ڪمتر نقوي جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com