سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :12

شاھھ تي لکيل مقالا ۽ مضمون

 

سوال:  مقالو شاھھ جو رسالو ۽ قرآن ڪريم ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  ڊاڪٽر خالد ٽالپر.

سوال:  مضمون ”شاھھ جو ڪانگل“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  عنايت بلوچ جو.

سوال:  ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ ۾ ڪيترا مضمون ۽ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  يارنھن مضمون ۽ مقالا.

سوال:  تاج جويي ڪھڙي سال سڪرنڊ ۾ ڪتاب ”شاھھ، سچل، سامي“ تي ٿيل تنقيدي ڪچھريءَ ۾ مقالو پڙھيو؟

جواب:  1976ع ۾.

سوال:  مضمون ”شاھھ ڀٽائي ۽ شھباز جو شڪار“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  مولانا در محمد خاڪ.

سوال:  محبوب علي سمي جو مقالو ”شاھھ لطيف جي فڪر تي حملو“ سترھن ڊسمبر 1993ع ۾ ڪھڙي اخبار ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  اخبار ھلال پاڪستان ۾.

سوال:  22 جنوري 1994ع تي اخبار ”خادم وطن“ ۾ مضمون ”امن جو ماڳ ۽ سيد لطيف“ ڪنھن جو شايع ٿيو؟

جواب:  محمد راھمي جو.

سوال:  مقالو ”ڀٽائي لغات جو ماھر“ ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  وقار حسين ٻانڀڻ.

سوال:  لھرون محزن ۾ تقرير ”شاھھ ۽ سامي“ ڪھڙي اديب جي شايع ٿي؟

جواب:  نارائڻ داس ڀمڀاڻي جي.

سوال:  مقالو ”رڪ وھندي راند“ (سر ڪيڏاري ۾ سورھيائي جو قصو) ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاھھ.

سوال:  مقالو ”لطيف جو سر کاھوڙي“ ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  حافظ محمد بخش خاصخيلي.

سوال:  مقالو ”سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر“ (مختصر اڀياس) ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  ملڪ نديم

سوال:  مضمون ”مسلماني ڀٽ ڌڻي جي نظر ۾“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  علي نواز جتوئي.

سوال:  شاھھ سائين جي زندگيءَ ۽ ڪلام تي مبني اردو مضمونن جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”مفڪر مھران“، ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1963ع ۾.

سوال:  مقالو ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ايڪ آفاقي شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  محمد علي صديقي جو.

سوال:  مقالو “Latif’s Message of  Man Kind” ”لطيفس ميسيج آف مئن ڪائنڊ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  عبدالحليم شيخ جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ لطيف عظيم رھبر ۽ لافاني شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  نورالدين چنا جو.

سوال:  ڪھڙي اخبار ۾ فقير محمد لاشاري جو تحرير ڪيل مضمون ”شاھھ لطيف ھڪ سماجي مفڪر“ آچر 24 جولاءِ 1994ع تي شايع ٿيو؟

جواب:  ڪاوش اخبار ۾.

سوال:  مضمون ”لطيف تي حڪمرانن جي گھيرو“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  شبير نظاماڻي جو.

سوال:  مقالو ”شاھھ جي شاعريءَ ۾ فن جي اپٽار“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جو.

سوال:  مقالو ”سنڌ ۽ لطيف جو پيغام“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  شازيھ انصاريءَ جو.

سوال:  مضمون شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جا مختلف انداز ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  يوسف شيخ جو.

سوال:  مضمون ”لطيف سدا حيات شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  اياز لطيف پليجو.

سوال:  ”لطيف سائين سنڌ جا محقق ۽ غلطين وارو معاملو“ ھي مقالو ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  سيد سلطان شاھ ساقي جو.

سوال:  مضمون ”عورت جو مرتبو ۽ شاھھ سائين جي ڀيٽا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ياسين قربان کونھارو.

سوال:  1967ع ۾ خادم درس مارئي جي ميلي ۾ ڪھڙو مقالو پڙھيو ھو؟

جواب:  مقالو ”پکن سندي پريت“

سوال:  شاھ جي سورمي مارئي تي لکيل مقالو ”پکن سندي پريت“ پھريون ڀيرو ڪھڙي رسالي ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  ماھنامو ”اديون“ اپريل 1969ع ۾ شايع ٿيو.

سوال:  ڊرامو ”ماسوري ۽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ڪٿي تيار ڪيو ويو؟

جواب:  ملائيشيا ۾.

سوال:  ڊرامو ماسوري ۽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪڏھن ٽيليڪاسٽ ٿيو؟

جواب:  ڊسمبر 2004ع تي.

سوال:  شاھنواز سوڍر جو ”نئين زندگي“ رسالي ۾ سڀ کان پھريائين مقالو، شاھھ صاحب تي ڪھڙي عنوان سان شايع ٿيو؟

جواب:  ”شاھھ لطيف ۽ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۽ تجارت.“

سوال:  شاھنواز سوڍر جو مقالو ”شاھھ لطيف ۽ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۽ تجارت“ ماھوار نئين زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  فيبروري 1988ع ۾.

سوال:  شعبان بخت شاھھ لطيف جي ڪھڙين سورمين تي ناٽڪ لکيا؟

جواب:  ”سھڻي ميھار“ ۽ ”عمر مارئي“.

سوال:  مضمون ”سر پرڀاتيءَ ۾ سمايل راز“ آفتاب اخبار ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  23 ڊسمبر 1993ع.

سوال:  23 ڊسمبر 1993ع ۾ آفتاب اخبار ۾ شايع ٿيل مضمون ”سر ڀرڀاتيءَ ۾ سمايل راز“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ثاقب سومرو ابڙاني جو.

سوال:  مضمون ”سرتاج الشعراءَ شاھھ عبداللطيف“ جي ليکڪ جو نالو ٻڌائيندا؟

جواب:  حاجي الطاف حسين.

سوال:  ماھوار ”سنڌ سڀيتا“ ۾ 15 جنوري کان 15 فيبروري 2006ع تي شايع ٿيل مضمون ”سر ڪاپائتي ۾ شاھھ صاحب جو فڪر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  امداد مجيداڻي جو.

سوال:  اربع 25 جنوري 2006ع تي روزاني عبرت اخبار ۾ شاھھ لطيف جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ شايع ٿيل مضمون ”عشق ۽ انقلاب“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  اعجاز منگيءَ جو.

سوال:  مقالو ”ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو ڪوٽڙيءَ ۾ اچڻ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  الطاف اثيم جو.

سوال:  لطيف مخزن 1977-78ع واري شماري ۾ مضمون ”لاکو ڦلاڻي ۽ مھر راڻي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  حسين بخش ڪولاچيءَ جو.

سوال:  لطيف مخزن 1977-78ع واري شماري ۾ مضمون ”سو ڏيھھ پسندئينءَ مارئي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  پير علي محمد راشديءَ جو.

سوال:  مقالو ”ڀٽائيءَ جي سنڌ، دانشور ۽ شڪارين جو انتظار“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ارباب نيڪ محمد جو.

سوال:  مقالو ”شاھھ جي ٻولي ڀاشا وگيان“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ليلور چنداڻي جو.

سوال:  اي جي اتم جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھھ سچل ساميءَ“ ۾ ڪيترا مقالا ڏنل آھن.

جواب:  ڏھھ مقالا.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو“ ۾ ڪيترا مضمون ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  يارھن مضمون.

سوال:  مضمون ”ڀٽائي اڄ بھ سنڌين لاءِ ٻڌي ۽ ايڪتا جو تسلسل آھي“ ڪنھنجو لکيل آھي؟

جواب:  حميد سنڌيءَ جو.

سوال:  رسالو ”سرتيون“ نومبر 2004ع ۾ شايع ٿيل مضمون ”شاھھ جي ڪلام ۾ عورت جو ڪردار“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  سعيده شفيق ميمڻ جو.

سوال:  شاھھ جا مضمون فيچر جي صورت ۾ ڪھڙي ريڊيو اسٽيشن تان نشر ڪيا ويا؟

جواب:  ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان.

سوال:  ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ۾ مقالو ”شاھھ ۽ قسمت“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر اياز حسين قادري جو.

سوال:  مقالو ”شاھھ جو رقيب“ ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  اياز حسين قادري.

سوال:  مضمون ”شاھھ عبداللطيف جا آئيڊيل جوڳيئڙا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  نذير ناز جو.

سوال:  5 جولاءِ واري عبرت اخبار ۾ مضمون ”لطيف سنڌ سنڌي زبان ۽ پورھيت“ 1994ع ۾ ڪنھن جو شايع ٿيو؟

جواب:  شيخ ثناءُ الله جو.

سوال:  ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق“ مقالو ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  فوزيھ ابڙو جو.

سوال:  مضمون ”ڀٽائي گھوٽ جو ڪلام“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  جوھر بروھيءَ جو.

سوال:  مضمون ”لطيف سائين جي قومي تحريڪ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  طفيل مگسيءَ جو.

سوال:  ھفتيوار سنڌوءَ ۾ شايع ٿيل مضمون ”شاھھ لطيف عوامي شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڪريم عباسيءَ جو.

سوال:  ھفتيوار ”سنڌو“ ۾ شايع ٿيل مضمون، ”سر ماروي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ابن الياس سومري جو.

سوال:  ”ڀٽائي ڏانھن فرياد“ مضمون ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  مدھوش مير محمد پيرزادي جو.

سوال:  ”سنڌ ڇو نھ لطيف تي ناز ڪري“ مضمون ڪنھن لکيو؟

جواب:  حفيظ الله ڪورائيءَ.

سوال:  ارباب علي ڇڄڙي جو شاھھ لطيف متعلق ڪھڙو مضمون ھفتيوار سنڌوءَ ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  مضمون ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي بحيثيت قومي شاعر“

سوال:  ”لطيف ايوارڊ ھڪ جائزو“ مضمون 22 ڊسمبر 1981ع ۾ ڪھڙي اخبار ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  ھفتيوار برسات ۾.

سوال:  مقالو ”شاھھ جي ٻوليءَ تي ھندي ۽ پنجابي ٻولين جو اثر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر ھدايت پريم جو.

سوال:  مقالو ”شاھھ جي ڪلام ۾ سنڌي لباس ڏانھن اشارا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  احمد ڪيريو جو.

سوال:  ”لطيف جي ڪلام ۾ سجاڳي جو سڏ“ مقالو ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڪمال ڄامڙي جو.

سوال:  ڪتاب ”تحقيقات لطيف“ ۾ ڪيترا چونڊ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  ايڪيھھ.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ ۽ سنڌ“ جلد ٻيو جو مضمون ”حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور عشق رسول '“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر گوھر نوشاھيءَ جو.

سوال:  اردوءَ ۾ مقالو ”شاھھ لطيف آستانھ حسين پر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڪريم بخش خالد جو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com