سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :15

 

شاھھ جي شارحن، محققن ۽ مرتبن بابت ڄاڻ

سوال:  شاھھ سائين جي شارح ارنسٽ ٽرمپ جو جنم ڪھڙي انگريزي تاريخ تي ٿيو؟

جواب:  تيرھن مارچ تي.

سوال:  ڪھڙي شخص جي سئو سالھ ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز پاران شاھھ لطيف جو رسالو شايع ڪيو ويو؟

جواب:  اسڪالر ارنسٽ ٽرمپ.

سوال:  ڊاڪٽر درشھوار سيد پنھنجي دور ۾ ڀٽائي چيئر مان شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر، موسيقي ۽ مقالن تي ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟

جواب:  ست ڪتاب.

سوال:  ڪتاب The book of Shah Abdul Latif ڪنھن لکيو ۽ ليکڪ ڪھڙي ملڪ جو ھو؟

جواب:  شاھھ جو پارکو پروفيسر جرڊ ليڪي جرمنيءَ جو ھو.

سوال:  شاھھ جو پارکو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ڄائو؟

جواب:  حيدرآباد ۾.

سوال:  شاھھ صاحب جو محقق ڪاڪو ڀيرومل چند آڏواڻي ڪڏھن گذاري ويو؟

جواب:  ست جولائي 1950ع ۾.

سوال:  شاھھ جي شيدائي شاھھ جي فلسفي کي عام ڪندڙ آغا تاج محمد کي ”خان صاحب“ جو لقب ڪڏھن عطا ٿيو؟

جواب:  1945ع ۾.

سوال:  آغا تاج محمد جو جنم ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو؟

جواب:  سورھن سيپٽمبر 1904ع تي ڳوٺ باگڙجيءَ ۾.

سوال:  شاھھ لطيف جي شاعري جي وڏو پارکو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ شعرن لکڻ جي ابتدا ڪڏھن ڪئي؟

جواب:  1953ع ۾.

سوال:  لطيف جي محقق ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪڏھن وفات ڪئي؟

جواب:  پنجويھھ نومبر 1999ع ۾.

سوال:  ڪھڙي اديب جي خواھش ھئي تھ لطيف، سچل ۽ ٻين جديد سنڌي شاعرن جو ڪلام يورپ تائين پھچائجي.

جواب:  تيرٿداس ھوتچند.

سوال:  ڪھڙو اديب مھرڻ رسالي ۾ مستقل طور ”ادب لطيف“ جي عنوان ھيٺ بھترين مضمون لکندو ھو؟

جواب:  جھامنداس ڀاٽيا.

سوال:  شاھھ جون آکاڻيون لکندڙ ڄيٺل پرسرام گلراجاڻيءَ جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ڇھھ جولائي 1948ع تي.

سوال:  سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي زبان ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪنھن ڪئي؟

جواب:  ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر.

سوال:  محقق شاھنواز سوڍر، شاھھ لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪنھن جي رھبريءَ ۾ ڪئي؟

جواب:  علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي جي رھبريءَ ۾.

سوال:  شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر درشھوار ڪڏھن وفات ڪئي؟

جواب:  ڇويھھ ڊسمبر 1997ع تي.

سوال:  شاھھ جي محقق مير عبدالحسين سانگي ڪھڙيءَ تاريخ تي وفات ڪئي؟

جواب:  ٻارھن جون 1924ع تي.

سوال:  شاھھ سائين جو ڪھڙو محقق ”غريب“ تخلص سان مشھور ھو؟

جواب:  ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.

سوال:  نجف علي شاھھ ڪمتر نقوي ڪيترا سال شاھھ عبدالليف جي رسالي ۽ سندس ڪلام جي معنيٰ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏوريندو رھيو؟

جواب:  پنجٽيھھ سال.

سوال:  شاھھ جي ڪھڙي شيدائيءَ جي اھا خواھش ھئي تھ مرڻ کان اول شاھھ جي رسالي جو ھڪ ڇاپي نسخو اکين سان ڏسان؟

جواب:  غلام محمد شاھواڻيءَ جي.

سوال:  شاھھ جي شيدائي ۽ نامياري وڪيل اي. ڪي بروھيءَ جو جنم ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  چوويھھ ڊسمبر 1915ع تي.

سوال:  شاھھ صاحب جو محقق بدر ابڙو ڪڏھن ڄائو ھو؟

جواب:  اوڻيھھ ڊسمبر 1953ع تي لاڙڪاڻي ۾.


 

 

شاھھ جي فقيرن، مريدن، عقيدتمندن

۽ فنڪارن بابت ڄاڻ

سوال:  ڪھڙو فقير شاھھ سائينءَ جي موجودگيءَ ۾ سندس ڪلام کان سواءِ ٻين صوفي بزرگن جو ڪلام ڳائيندو ھو؟

جواب:  تمر فقير.

سوال:  شاھھ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس دمبورو ڪھڙي فقير استعمال ڪيو؟

جواب:  تمر فقير.

سوال:  شاھھ صاحب جي خاص خليفي تمر فقير کي ڪھڙو اولاد ھو؟

جواب:  تمر فقير شادي ئي ڪانھ ڪئي ھئي.

سوال:  شاھھ صاحب جي لکپڙھھ ڪھڙا فقير ڪندا ھئا؟

جواب:  مير ھاشم علوي ۽ محمد رحيم فقير.

سوال:  شاھھ صاحب جي ان عورت عقيدتمند جو نالو ٻڌايو جنھن کي شاھھ جو گھڻو ڪلام ياد ھوندو ھو؟

جواب:  مائي نعمت.

سوال:  شاھھ صاحٻ جي ان مريد جو نالو ٻڌايو جيڪو فارسيءَ زبان جو ڄاڻو ھو؟

جواب:  ميون محمد صلاح.

سوال:  شاھھ جي ان مريد جو نالو ٻڌايو جيڪو شاھھ جي ڪچھريءَ ۾ مولانا روم جي مثنوي پڙھي ان جي معنيٰ بيان ڪندو ھو؟

جواب:  ميون محمد صلاح.

سوال:  ان شاھھ جي فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو درگاھھ تي ايندڙ پانڌيئڙن کي نماز سيکاريوندو ھو؟

جواب:  عارف فقير ٿيٻو.

سوال:  شاھھ صاحب جي ان فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو سندس جت ھو؟

جواب:  فقير عنايت وساڻ.

سوال:  شاھھ صاحب ويڙھي جھپ واري ڏھر مٿان اتر اولھھ طرف ھڪ ڄار جي ويڙ ۾ چلو ڪڍيو ھو، ان جاءِ تي پوءِ سندس ڪھڙن فقيرن چلھ ڪشي ڪئي؟

جواب:  يارو فقير ۽ پارو فقير.

سوال:  ست سال ھر جمعي جي رات پيرين پيادو شاھھ صاحب جي درگاھھ تي اچي ڪھڙو شخص حاضري ڀريندو ۽ راڳ ٻڌندو ھو؟

جواب:  دريا خان گھانگھرو.

سوال:  ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي فقير جو آھي؟

بيت:   جي تون آسائو آھين، تان ڀٽ تي ڪر ڀيرو،

سـونـھـاري سـيـد جو، ديـک وڃي ديرو،

تــرت ۾ تــيــرو، مــطــلــب مــڙوئــي ٿـئي.

جواب:  طيب فقير جو.

سوال:  شاھھ صاحب جي شان ۾ ھي بيت ڪنھن چيو آھي؟

بيت:   مـيـان صـاحـب پـيـر مـنـھـنـجا ڀلا ڀٽ ڌڻي،

تنھنجي آھي تڻي، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانھ ڪا.

جواب:  محمود فقير جو.

سوال:  ڀٽائيءَ جي ساراھھ ۾ ھي بيت ڪھڙي فقير جو آھي؟

بيت:   ٻنبڻيون پير ڪري، ستبه ڏانھن سعيد،

جمعون شاھھ جمال جو عبداللطيف عيد،

مٿـان مون مرشـيد، قـرض لاھھ قبي ڌڻي.

جواب:  بلال فقير جو.

سوال:  ضلعي بدين جي فقير ساجن چانگ، شاھھ لطيف ۽ ٻين ننڍن وڏن شاعرن جا ڪيترا بيت ۽ شعر ياد ڪيا آھن؟

جواب:  چار ھزار کان وڌيڪ.

سوال:  دڙي شھر جي ڪھڙي سردار شاھھ لطيف جي تمام گھڻي خدمت ڪئي تنھن تي راضي ٿي لطيف سائينءَ کيس دعا ڪئي؟

جواب:  سردار دريا خان دل.

سوال:  مراد فقير جو وصال ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  سورھن صفر ١٣٠٤ ھھ تي.

سوال:  شاھھ صاحب جي درگاھھ جو فقير الھورايو ڪڏھن گذاري ويو؟

جواب:  خميس ڏھھ شوال ١٣٧٤ھھ ۾.

سوال:  لطيفي درگاھھ جي مريد ميان ڀائي خان وساڻ جو وصال ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  جمع ٻاويھھ ذوالحج ١٣٣٩ ھھ ۾.

سوال:  لطيفي درگاھھ جي فقير ميان ڇٽو ولد آيل فقير جو وصال ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  چار ربيع الاول ١٣٦٧ھھ تي.

سوال:  لطيفي درگاھھ جي مجاور آچر فقير وساڻ جو وصال ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  پنجويھھ جمادي الاول ١٣٨٠ھھ يارھين وڳي اڱارو (عمر سئو سال) ۾.

سوال:  لطيف سائين جي مزار تي چلا ڪڍندڙ فقير محمد جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ١٢ جمادي الاول ١٣٧٦ھھ (1956ع) تي.

سوال:  ڪھڙي فقير جي مزار تي ٻھ ڊسمبر 1967ع ۾ شاھھ جي ورسي ملھائي وئي؟

جواب:  ٻيڙي فقير جي مزار تي.

سوال:  شاھھ جي پارکو ٻيڙي فقير جو لاڏاڻو ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  ٻھ جنوري 1977ع تي.

سوال:  راول فقير جي وفات کانپوءِ، لطيفي راڳ جي چارج ڪنھن سنڀالي؟

جواب:  لال فقير ۽ احمد فقير.

سوال:  ويڙھي جھپ واري ايراضيءَ ۾  لطيفي راڳ جو بنياد ڪنھن وڌو؟

جواب:  راول فقير.

سوال:  اسماعيل فقير کان پوءِ لطيفي راڳ جي چارج ڪھڙي فقير کي ملي؟

جواب:  درس باجيت فقير کي.

سوال:  شاھھ سائين جو فقير عارف فقير ٿيٻو ڪٿي دفن ٿيل آھي؟

جواب:  ڪامارو جي ڀرسان (ڳوٺ ميوو فقير ٿيٻو ۾)

سوال:  لطيفي راڳ جي اڳواڻ سيد جمن شاھھ ۽ سندس ساٿين ڪھڙي سال شاھھ جو راڳ پيرس ۾ ڳايو ۽ داد حاصل ڪيو؟

جواب:  2000ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي درگاھھ جا فقير، قربان لنجواڻي، خان محمد چانڊيو ۽ فقير قادر بخش فرانس جي دوري تي ڪھڙي سال ويا ھئا؟

جواب:  1988ع ۾.

سوال:  واھھ، واھھ جو شاھھ ڀٽائي آ، ھي ڪلام شاھھ سائين جي شان ۾ ڪنھن ڳايو آھي؟

جواب:  علڻ فقير.

سوال:  چاڪر چانڊيو جي آواز ۾ شاھھ لطيف جي ڪھڙي ڪافي پھريائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ٿي؟

جواب:  ٻول: ڪھڙو ڏوھھ ڏيان پنھنجي ڏيرن کي.

سوال:  ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪھڙي پروگرام ۾ چاڪر چانڊيو شاھھ لطيف جي پھريون ڀيرو ڪافي ڳائي؟

جواب:  نواءِ شوق پروگرام ۾.

سوال:  چاڪر چانڊيو کي لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟

جواب:  ايڪيھھ مئي 2000ع تي.

سوال:  شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ چاڪر چانڊيو ڪڏھن فوت ٿيو؟

جواب:  ٻھ نومبر اربع جي رات 2005ع مطابق اٺاويھھ رمضان ١٤٢٦ھھ تي.

سوال:  حسين بخش خادم کي شاھھ جي ڪلام کي بھتر انداز سان ڳائڻ سبب لطيف ايوارڊ ڪھڙي سال مليو؟

جواب:  1988ع ۾.

سوال:  لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ فنڪار حسين بخش خادم راڳ جي سکيا ڪھڙي استاد کان ورتي؟

جواب:  مصري فقير کان.

سوال:  1988ع ۾ آراضيءَ جي ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  حسين بخش خادم سروريءَ کي.

سوال:  ماسٽر اياز علي، لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام ٽي وي تي پھريون ڀيرو ڳايو؟

جواب:  ٻول: دوست پيھي در آيو.

سوال:  ڪھڙي سال ماسٽر اياز علي لطيف سائين جو ڪلام ”دوست پيھي در آيو“ ڪراچي ٽيليويزن تي ڳايو؟

جواب:  1967ع ۾.

سوال:  سنڌ جي عوامي فنڪار جلال چانڊيي کي ڪھڙي سال شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  1999ع تي.

سوال:  لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ عوامي فنڪار جلال چانڊيي ڪڏھن وفات ڪئي؟

جواب:  ڏھين جنوري 2001ع تي.

سوال:  شفيع محمد جمن لطيف جو ڪھڙو ڪلام ھر محفل ۾ ڳائيندو ھو؟

جواب:  ڪانگل نيئي تھ ڏيو، مون ڏکي جو ڏوراپو. . .

سوال:  شفيع محمد جمن کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟

جواب:  2002ع ۾.

سوال:  ريڊيو حيدرآباد تي شاھ سائين جون ڪجھھ وايون اردو ترجمي سان ڪنھن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آھن؟

جواب:  عابده پروين جي آواز ۾.

سوال:  وڌ ۾ وڌ شاھھ لطيف ايوارڊ ڪھڙيءَ فنڪاره  کي مليل آھن؟

جواب:  عابده پروين کي.

سوال:  ڪھڙي فنڪاره چيو تھ ”ھاڻي شاھھ لطيف ايوارڊ مون کي ڏيڻ بدران ٻين فنڪارن کي ڏنو وڃي“؟

جواب:  عابده پروين.

سوال:  عابده پروين کي شاھھ لطيف جي سورميءَ سھڻي سان منسوب ”سھڻي ايوارڊ“ ڪھڙي سال مليو؟

جواب:  1980ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ ٿيل ھڪ تقريب ۾ شاھ سائين جو ڪھڙو ڪلام برڪت عليءَ پھريون ڀيرو ڳايو؟

جواب:          لــڳــڙي آھــي تــنـوار، او يـار،

لونءَ لونءَ، مون کي لالڻ جي.

سوال:  پروگرام سنڌ سينگار ۾ شاھھ جو ڪلام ”راڻا جي رجپوت“ ڪنھن ڳايو ھو؟

جواب:  استاد امير علي.

سوال:  مٺا خان زرداي ڪھڙي سال ڀٽ شاھھ ۾ ميڙي جي موقعي تي راڳ جي محفل ۾ پھريون ڀيرو اسٽيج تي اچي گھڙو وڄايو؟

جواب:  1952ع ۾.

سوال:  مٺان خان زرداري کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟

جواب:  1989ع ۾.

سوال:  شاھھ لطيف ايوارڊ استاد محمن جمن کي ڪڏھن مليو؟

جواب:  1980ع ۾ (پھريون ڀيرو)

سوال:  محمد جمن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻا لطيف ايوارڊ مليا؟

جواب:  ٻھ لطيف ايوارڊ.

سوال:  سڀ کان پھريون شاھھ لطيف ايوارڊ سنڌ جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟

جواب:  محمد يوسف کي.

سوال:  محمد يوسف کي پھريون ڀيرو شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟

جواب:  ايڪٽيھھ مارچ 1980ع تي.

سوال:  موھن ڀڳت کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟

جواب:  1989ع ۾.

سوال:  شاھھ جي شيدائي فنڪار موھن ڀڳت جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ڏھھ مارچ 1995ع تي.

سوال:  استاد نياز حسين، شاھھ جي راڳ، وائيءَ جي سکيا ڪنھن کان ورتي؟

جواب:  سيد غلام شاھھ کان.

سوال:  فقير عبدالغفور سنگ واري انداز ۾ شاھھ صاحب جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي پنھنجي فن جو مظاھرو پيش ڪيو؟

جواب:  ٻھ سئو ارڙھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.

سوال:  فقير عبدالغفور پھريون ڀيرو ڪھڙي سال شاھھ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي فن جو مظاھرو  ڪيو؟

جواب:  ايڪيھھ اپريل 1970ع تي.

سوال:  لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ ڍول فقير جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ٻاويھھ جون 1992ع ۾.

سوال:  انائونسر عبداللطيف، شاھھ جي ڪلام جي معنيٰ ۽ مفھوم ڪھڙي فنڪار کي سمجھائيندو ھو؟

جواب:  ماسٽر محمد ابراھيم کي.

سوال:  انور وسطڙي کي پھريون ڀيرو لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟

جواب:  1993ع ۾.

سوال:  1993ع ۾ ڪھڙي بينن جي بادشاھھ کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  الله بچايو کوسو.

سوال:  آمريءَ جي ڪھڙي فنڪار کي 1992ع ۾ لطيف ايوارڊ مليو؟

جواب:  علڻ فقير کي.

سوال:  حيدرآباد شھر جي ڪھڙي مشھور موسيقار فنڪار کي 1986ع ۾ شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  استاد فيروز گل کي.

سوال:  شاھھ سائين جو بيت ”جا ڀونءَ پيرين مون، ساڀونءَ مٿي سڄيڻ“ ڪھڙي فنڪار جي قبر تي لکيل آھي؟

جواب:  ماسٽر محمد ابراھيم جي قبر تي.

سوال:  لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام محمد ابراھيم جي سڃاڻپ بڻيو؟

جواب:  ايندو سڄڻ سائين الا، منھنجو ايندو ڍولڻ سائين.

سوال:  شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ استاد منظور علي خان جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  9 سيپٽمبر 1980ع تي.

سوال:  فلم ”جيئي لطيف“ ۽ ”عمر مارئي“ جا گانا ڪنھن ڪمپوز ڪيا؟

جواب:  موسيقار محمد علي.

سوال:  لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ فنڪار سھراب فقير جو جنم ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  1934ع ۾.

سوال:  محمد جمن جي آواز ۾ ريڊيو تي سڀ کان پھريائين شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام رڪارڊ ٿيو؟

جواب:  ٻول: دوست پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو.

سوال:  محمد جمن قلم ڪالو ۾ شاھھ صاحب جو ڪھڙو ڪلام ڳايو؟

جواب:  آءُ جيھائي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين!

سوال:  ڪنھن جي آواز ۾ شاھھ جو ڪلام بنا سازن جي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي رڪارڊ ٿيو؟

جواب:  استاد محمد جمن جي آواز ۾.

سوال:  لطيف سائين جي ڪلاڪار محمد جمن جو لاڏاڻو ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  چوويھھ جنوري 1990ع صبح جو پنجين وڳي.

سوال:  ايس ايم لياري اسڪول ۾ ملھايل شاھھ عبدالليف ڀٽائي جي ڏھاڙي تي راڳ رنگ جو مقابلو ڪھڙي فنڪار کٽيو؟

جواب:  عبدالله پنھور.

سوال:  عبدالله پنھور شاھھ صاحب جو ڪھڙو ڪلام 1948ع ۾ ھڪ جشن ۾ ڳايو، جنھن تي کيس ڏھھ روپيا انعام مليو؟

جواب:  پيرين پوندي سان، چوندي سان، رھي وڃ رات.

سوال:  عبدالله پنھور کي شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام تمام گھڻو پسند ھو؟

جواب:  ٻول: آھيان ڏونگر ڏوري الا، ٻاروچل کي ڪا ٻاجھھ پئي.

سوال:  شاھھ جي ڪلاڪار عبدالله پنھور جو جنم ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  پھرين فيبروري 1937ع تي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف جي موسيقي“ جي نظرثاني ڪنھن ڪئي؟

جواب:  استاد محمد حسن.

سوال:  محمد يوسف کي ڪل ڪيترا شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنا ويا؟

جواب:  چار شاھھ لطيف ايوارڊ.

سوال:  لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ محمد يوسف جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  چوڏھن فيبروري 1997ع تي.

سوال:  ڪھڙو فنڪار شاھھ سائين خاطر پنھنجي مادري ٻولي وساري سنڌي ٻولي سکيو ھو؟

جواب:  عبدالله ڪڇي.

سوال:  عبدالله ڪڇي شاھھ سائين جي ڪلام جو صحيح اچار ڪنھن کان سکيو؟

جواب:  شاعر گوھر سروريءَ کان.

سوال:  عبدالله ڪڇي پھريون ڀيرو لطيف سائينءَ جو ڪھڙو ڪلام ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڳايو؟

جواب:  والي واري آڻ، الا! ٻاروچا ڀنڀور ۾.

سوال:  عبدالله ڪڇيءَ جي آواز ۾، لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام، گرامو فون تي پھريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو؟

جواب:  گلا ڪام ڪري، لا، لکيو تان نھ ٽري.

سوال:  شاھھ جي شيدائي عبدالله ڪڇيءَ جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  اٺين مئي 1998ع تي.

سوال:  شاھھ جو شيدائي باگوجي ڪڏھن وفات ڪئي؟

جواب:  1994ع ڌاري اٽڪل اسي ورھين ۾.

سوال:  فنڪار انور حسين وسطڙي شاھھ صاحب جو ڪھڙو ڪلام سڀ کان پھريائين ريڊيو تي ڳايو؟

جواب:  ٻول: جن ستي ساجن مليو.

سوال:  1993ع ۽ 1995ع ۾ ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ مليو؟

جواب:  فنڪار انور حسين وسطڙي کي.

سوال:  ”لطيف جي فقيرياڻي“ ڪھڙيءَ گلوڪاره جو لقب ھو؟

جواب:  بيگم فقيرياڻيءَ جو.

سوال:  شاھھ صاحب جي ڪلام سان عقيدت رکندڙ فنڪاره بيگم فقيرياڻي جر ولادت ڪڏھن ٿي؟

جواب:  1925ع ۾.

سوال:  شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ مائي ڀاڳيءَ ڪھڙي تاريخ تي وفات ڪئي؟

جواب:  ست جولاءِ 1986ع تي.

سوال:  شاھھ صاحب جي ڪلام سان عقيدت رکندڙ فنڪاره مائي ڀاڳي جو جنم ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو؟

جواب:  1921ع ٿر جي شھر مٺيءَ ۾.

سوال:  جمن چارڻ ڪھڙي شھر جو رھواسي ھو؟

جواب:  گمبٽ شھر جو.

سوال:  فنڪار الھڏنو جوڻيجو، شاھھ سائينءَ جي ڪافي، ”ٿيندو تن طبيب، دارون منھنجي درد جو“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٽيويھھ اپريل 1994ع ۾ ڪھڙي پروگرام ۾ ڳائي؟

جواب:  پروگرام ”لطيفي لات“ ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪافي ”سانگياڻي، باندياڻي، عمر ادا ڙي“ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پھريائين ڪھڙي فنڪار جي آواز ۾ رڪارڊ ٿي؟

جواب:  لکاني بلوچ جي آواز ۾.

سوال:  ڳوٺ الھداد چنڊ جي ڪھڙي فنڪاره کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  جيجي زرينھ بلوچ کي.

سوال:  زرينھ بلوچ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟

جواب:  1987ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي 201 عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪافي، ”آءُ ڪيئن وطن وساريان منھنجو ملڪ ملير“ ڪنھن ڳائي؟

جواب:  عبدالستار پيرزادي.

سوال:  سيد سليمان شاھھ کي ڪھڙا راڳ پسند ھئا، جيڪي شاھھ لطيف جي رسالي جا سر آھن ۽ راڳ بھ آھن؟

جواب:  ڪوھياري ۽ راڻو.

سوال:  مظھر حسين شاھھ جي وائي ڳائڻ جو فن ڪنھن کان سکيو ھو؟

جواب:  نور محمد شاھھ کان.

سوال:  مظھر حسين ڪھڙي سال شاھھ جي وائي ڳائڻ جو فن سکيو؟

جواب:  1985ع ۾.

سوال:  شھنيلا علي پي ٽي وي جي پروگرام پرک ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام پھريون ڀيرو ڳايو؟

جواب:  راڻل تو بن رات، مون کي ويٺي ورھھ لنگھي ويا.

سوال:  فقير عبدالغفور پھريون ڀيرو ڪھڙي سال، شاھھ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي فن جو مظاھرو ڪيو؟

جواب:  ايڪيھھ اپريل 1970ع تي.


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com