سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :3

 

سوال:  ھي ڪنھن جو قول آھي؟ ٻئي ڪنھن جو مخالف نھ ٿجي پر پنھنجي نفس جو دشمن ٿجي.

جواب:  حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جو.

سوال:  جنھن وقت ابڙا شاھھ صاحب سان وڙھڻ لاءِ لٺيون کڻي آيا تھ، شاھھ صاحب ابڙن کي ڪھڙو پاراتو ڏنو؟

جواب:  ھوندا ھميشھ پر اوج نھ ڪندا ابڙا.

سوال:  شاھھ صاحب قادري طريقي جو ذڪر ۽ تلقين ڪنھن کان ورتي؟

جواب:  پنھنجي والد شاھھ حبيب کان.

سوال:  شاھھ حبيب کي ڪھڙي بزرگ جي زيارت ڪرڻ وقت قبر مان آواز آيو تھ اي حبيب! وڃي لطيف کي ونڊ ڏي؟

جواب:  مخدوم سرور نوح جي قبر مان.

سوال:  ڪھڙي شھر ۾ شاھھ لطيف ڏھھ سال چلھ ڪشي ڪئي ھئي؟

جواب:  مٽيارين جي موسيٰ پاڙي ۾.

سوال:  شاھھ صاحب جي دور ۾ لقب ”شھباز ڪوھستان“ ڪنھن کي ڏنو ويو؟

جواب:  مير عبدالله خان کي.

سوال:  ھاڪڙي جي ساڄي طرف ڪھڙي پٽ ۾ لطيف سائينءَ چلو ڪڍيو ھو؟

جواب:  چوٽياريءَ جي پٽ ۾.

سوال:  لاکيڻو لطيف جڏھن بھ ٿرپارڪر جي سفر تي نڪرندو ھو تھ ڪھڙي طرف کان سفر شروع ڪندو ھو؟

جواب:  اولھھ کان اوڀر طرف.

سوال:  1740ع ڌاري شاھھ سائين جوڳين سان گڏ سفر تي ڪيڏانھن ويو ھو؟

جواب:  ھنلاج.

سوال:  ھنگلاج ياترا وقت شاھھ سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  ايڪونجاھھ سال.

سوال:  شاھھ سائين مولانا رومي جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  ٽن بيتن ۾.

سوال:  شاھھ سائين تي ڪھڙن ٽن بزرگن جي علميات جو اثر ٿيو؟

جواب:  مخدوم بلاول، مخدوم نوح، ۽ عبدالڪريم بلڙي واري جو.

سوال:  شاھھ سائين عبدالرحيم گرھوڙي سان ڪل ڪيتريون ملاقاتون ڪيون؟

جواب:  چار.

سوال:  شاھھ عبداللطيف جي تڙ ڏاڏي شاھھ ڪريم جي مرشد جو نالو ڇا ھو؟

جواب:  سلطان ابراھيم ادھم.

سوال:  شاھھ سائين جي دوست مخدوم ٺارو شاھھ جو اصل نالو ڇا ھو؟

جواب:  مخدوم محمد معين.

سوال:  ڪوٽڙي ڪبير ڏانھن ويندي شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟

جواب:  مخدوم محمد صديق قريشيءَ سان.

سوال:  شاھھ سائين ملتان ۾ ڪھڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟

جواب:  مخدوم ڀاون شاھھ سان.

سوال:  شاھھ سائينءَ، شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي روضي لاءِ ڪاشي ڪٿان آندي ھئي؟

جواب:  ملتان مان ٻيڙيءَ رستي.

سوال:  شاھھ عنايت رضوي نصرپور وارو جنھن سان شاھھ سائين جو واسطو بھ رھيو اصل ڪٿان جو ھو؟

جواب:  روھڙيءَ جو.

سوال:  شاھھ صاحب ڪڏھن وفات ڪئي؟

جواب:  ١٤ صفر ١١٥٥ ھجري مطابق 1752ع تي.

سوال:  لطيف سائينءَ کي وفات کان پوءِ غسل ڪنھن ڏنو؟

جواب:  ميان ولي محمد ولد آخوند نور محمد ڀٽيءَ.

سوال:  شاھھ صاحب جي وصيت موجب کين ڪٿي دفن ڪيو ويو؟

جواب:  وصيت موجب کين محمود شاھھ جي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو.

سوال:  شاھھ صاحب جي تربت مٿان ڪھڙي سنڌ جي حاڪم عاليشان قبو اڏايو؟

جواب:  ميان غلام شاھھ ڪلھوڙي (جنھن شاھھ صاحب جي دعا سان جنم ورتو ھو)

سوال:  ميان غلام شاھھ ڪھڙي سن ۾ شاھھ جي قبر مٿان قبو اڏايو؟

جواب:  ١١٦٧ھھ مطابق 1754ع ۾.

سوال:  ھي قبو ڪھڙي رازي جوڙي راس ڪيو؟

جواب:  سنڌ جي مشھور رازي عيدن ھي قبو جوڙي راس ڪيو.

سوال:  عيدن رازو اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو؟

جواب:  سکر جو.

سوال:  سنڌ جي ڪھڙن ٽالپر حڪمرانن، شاھھ جي درگاھھ جي وقت بوقت سار سنڀال لڌي؟

جواب:  ٽالپر راڄ ۾ مير نصير خان ان قبي ۽ مسجد جي سٺي مرمت ڪرائي. مير نصير خان جي وڏي ڀاءُ مير نور محمد قبي اڳيان اڱڻ ۾ وڏو کوھھ کوٽايو ۽ سندس سئوٽ مير محمد خان روضي کي چانديءَ جو دروازو لڳرايو.

سوال:  شاھھ صاحب ماکوڙي يا ماکاڻيءَ جي ڪھڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟

جواب:  سيد الھھ وسايو سان.

سوال:  شاھھ صاحب ڪنھن کي دعا ڪندي چيو تھ”ھي اسان جون سڪون لاھيندو“؟

جواب:  مخدوم امان الله کي.

سوال:  کڏي شريف جي جنھن بزرگ سان لطيف سائين روح رھاڻ ڪندو ھو، ان جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  پير ھوندل شاھھ.

سوال:  ميين وھين جي مقام ۾ شاھھ لطيف ڪھڙن بزرگن جي قبرن تي قل پڙھيا ۽ دعا گھري؟

جواب:  درويش ٻڍو درس، اسماعيل شاھھ بخاي ۽ مرزا مغل بيگ.

سوال:  شاھھ محمود جي درگاھھ تي، شاھھ صاحب قل پڙھي ۽ دعا گھري پوءِ ڪجھھ شعر بھ چوندو ھو. ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟

جواب:  نصرپور ۾.

سوال:  نصرپور جي ڪھڙن، ڪوري بزرگن سان، شاھھ صاحب جي تمام گھڻي دوستي ھئي؟

جواب:  عنايت ڪوري ۽ دوسو ڪوريءَ سان.

سوال:  نصرپور شھر کان ٻاھران اتر طرف ميل کن جي پنڌ تي شاھھ لطيف، ڪھڙي بزرگ جي مقبري تي حاضرير ڀريندو ھو ۽ دعا بھ گھرندو ھو؟

جواب:  گل شاھھ غوريءَ جي مقبري تي.

سوال:  شاھھ صاحب ڪھڙي بزرگ جو آزمودو وٺڻ لاءِ کيس چيو تھ، اڄ اسين پلو کائينداسين؟

جواب:  عنايت ڪوريءَ جو.

سوال:  دڙي شھر جي ڪھڙي سردار شاھھ لطيف جي تمام گھڻي خدمت ڪئي، تنھن تي راضي ٿي لطيف سائينءَ کيس دعا ڪئي؟

جواب:  سردار دريا خان دل.

سوال:  ميان صاحبڏني فاروقيءَ جي ڪھڙي فقير کي شاھھ سائين فيض ڏنو ھو؟

جواب:  چنيح فقير اڄڻ کي.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي جي ڇھين باب ۾ شاھھ جي وڏڙن مان ڪنھن جو احوال ڏنل آھي؟

جواب:  شاھھ ڪريم جو.

سوال:  لاکيڻو لطيف ”بڊام“ جي ڪھڙن بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري، پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي سما ننگر جي کنڊرن ۾ پھتو؟

جواب:  جھڏي فقير، خاڪي پير ۽ ڦل فقير جي مزارن تي.

سوال:  شاھھ صاحب مشائخ ھوٿي جي ڪھڙن ٻن پٽن جي مقبرن تي حاضري ڀري؟

جواب:  احمد ۽ محمد تي.

سوال:  شاھھ سائين ھڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڪنھن ڏانھن ڏياري موڪليو ھو؟

جواب:  ميين محمد صابر ولھاريءَ ڏانھن.

سوال:  مشائخ ھوٿيءَ جي قائم ڪيل قديم مدرسي ۾ شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟

جواب:  مخدوم محمد صابر ولھاريءَ سان.

سوال:  لطيف سائين ”وارياسو ديھھ“ ۾ ڪھڙي سيد بزرگ جي اولاد سان رھاڻ ڪئي؟

جواب:  سيد دوسن شاھھ جي اولاد سان.

سوال:  شاھھ لطيف، لطف الله قادريءَ جي رسالي جو مطالعو ڪٿي ڪيو؟

جواب:  اگھم ڪوٽ يا اگھاماڻو ۾.

سوال:  ٻارن کي پاڙھين ويٺو يا کارين ويٺو؟ لطيف سائين ھي لفظ ڪنھن کي چيا ھئا؟

جواب:  ميين محمد صابر ولھاريءَ کي.

سوال:  شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟

جواب:  ولھار علائقي جي.

سوال:  شاھھ سائين بمڀي ميھار جي مقبري تي حاضري ڏني، ان بزرگ جو  مقبرو ڪٿي آھي؟

جواب:  ڪامارو شريف واريءَ ايراضي ۾.

سوال:  ڪھڙي بزرگ جي مرقد تي شاھھ عنايت ۽ لطيف سائين گڏ ويا ھئا؟

جواب:  ڳاڙھو صدر ولد ڪيوڙي اوٺي جي مرقد تي.

سوال:  شاھھ عنايت رضوي ۽ شاھھ لطيف ٿيٻن جي ڳوٺ جي ڀرسان ڪھڙي بزرگ سان ڪچھري ڪئي؟

جواب:  سيد سمن شاھھ سان.

سوال:  ڪھڙي سفر ۾ لطيف سائين جون اکيون اٿي (خراب ٿي) پيون ھيون؟

جواب:  سماواتي سفر دوران جنھن وقت مخدوم صابر سان مليو ھو.

سوال:  مخدوم صابر جي خاندان مان، ڪھڙن بزرگن سان شاھھ لطيف ملاقات ڪئي؟

جواب:  ميون معروف ۽ مييون مقبول سان.

سوال:  شاھھ صاحب سيد مير محمد عطا سان ڪھڙيءَ ھنڌ تي ڪچھري ڪندو ھو؟

جواب:  اوطاق جي مٿئين طبقي ۾.

سوال:  شاھھ سائين ڪنھن جي صلاح مصلحت سان پنھنجي شاعريءَ ۾، قرآن شريف جون آيتون شامل ڪندو ھو؟

جواب:  مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ واري جي صلاح سان.

سوال:  شاھھ صاحب نقشبندي طريقي جو فيض ڪنھن کان ورتو؟

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري کان.

سوال:  شاھھ صاحب کاھي راھوءَ جي ڪھڙي بزرگ سان ملڻ ايندو ھو؟

جواب:  قاضي محمد ڪامل اول سان.

سوال:  شاھھ لطيف کي ڪنھن ڏسي فرمايو:

لطيف جو ڏيئو روشن ٿيندو؟

جواب:  سخي سيد ھاشم شاھھ.

سوال:  سيد ھاشم شاھھ جي وفات وقت لطيف سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  ارڙھن سال.

سوال:  شاھھ لطيف بلا شاھھ کان ڪيترا سال پوءِ ڄائو؟

جواب:  نو سال.

سوال:  لطيف سرڪار بلا شاھھ کان ڪيترا سال اڳ وفات ڪئي؟

جواب:  پنج سال اڳ.

سوال:  عمر ۾ بلا شاھھ وڏو ھويا شاھھ عبداللطيف؟

جواب:  بُلا شاھھ.

سوال:  فرينڪلن بنجمين جي ڄمڻ وقت شاھھ سائين ڪيترن سالن جو ھو؟

جواب:  سترنھن سالن جو.

سوال:  آسٽريا جي موسيقار موزارٽ جي ڄمڻ کان شاھھ سائين ڪيترا سال اڳ ھي فاني جھان ڇڏيو؟

جواب:  چار سال اڳ.

سوال:  عظيم شاعر، ڊراما نگار، ناول نويس، جرمن سائنسدان گوئٽي جي ڄمڻ وقت شاھھ سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  سٺ سال.

سوال:  لنڊن جي مشھور شاعر ملٽن جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ شاھھ سائين جو جنم ٿيو؟

جواب:  پندرنھن سال پوءِ.

سوال:  جرمنيءَ جي موسيقار باچ کان شاھھ سائين ڪيترا سال پوءِ ڄائو؟

جواب:  چار سال پوءِ.

سوال:  امير محمود جي وفات وقت شاھھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟

جواب:  پنجٽيھن سالن جو.

 سوال: جرمنيءَ جي موسيقار باچ کان شاھھ سائين ڪيترا سال اڳ وفات ڪئي؟

جواب:  ٻھ سال اڳ.

سوال:  مرزا اسد الله غالب جي جنم کان ڪيترا سال اڳ شاھھ سائين ھي جھان ڇڏيو؟

جواب:  چوئيتاليھھ – پنجيتاليھھ سال اڳ.

سوال:  لطيف سرڪار جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ برقيات جي مؤجد فيريڊيءَ جو جنم ٿيو؟

جواب:  اوڻيتاليھھ سال پوءِ.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com