سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :4

 

شاھھ جي رسالي جي ترتيب،

تاليف ۽ ڇپائيءَ بابت ڄاڻ

سوال:  ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاھھ جي رسالي ۾ سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت ترتيب ڏنا؟

جواب:  ٽيونجاھھ بيت.

سوال:  مرشد لطيف جي قلمي نسخن ۾ شروع ۾ سر سسئي ترتيب ڏنل آھي مگر پھريون ڀيرو سسئي بدران سر ڪلياڻ ڪھڙي نسخي ۾ رکيو ويو؟

جواب:  راڳ نامي ۾.

سوال:  ڀٽائي جي ميڙي جي موقعي تي يعني جون 1997ع ۾ ڪنھن جو ترتيب ڏنل شاھھ جو رسالو پھريون ڀيرو شايع ڪيو ويو؟

جواب:  عثمان علي انصاري جو.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع ”شاھھ جو رسالو“ ڪھڙي سن ۾ لکي پورو ڪيو؟

جواب:  1985ع ۾.

سوال:  حڪيم محمد حيات قاضي قانع وارو شاھھ جو رسالو لکي ڪنھن کي ڏنو ھو؟

جواب:  مير امام بخش خان ٽالپر کي.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع شاھھ جي رسالي جو ٻيو قلمي نسخو لکي ڪڏھن مڪمل ڪيو؟

جواب:  1910ع ۾.

سوال:  ٽرمپ جيڪو شاھھ جي رسالي جو متن تيار ڪيو، سو ڪيترن صفحن تي مشمل ھو؟

جواب:  ٻارنھن سئو پندرنھن صفحن تي.

سوال:  ٽرمپ پھريائين شاھھ جي رسالي جا ڪيترا سر ترتيب ڏنا، جن مان فقط ڇويھن سرن تي رسالو شايع ڪرايائين؟

جواب:  پنجٽيھھ سر.

سوال:  شاھھ جي شارح ٽرمپ جو لاڏاڻو ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  پندرنھن اپريل 1885ع ۾.

سوال:  باگوجي ڪنھن کان گنج جو قلمي رسالو اتاريل وٺي ڇپائي پڌرو ڪيو؟

جواب:  سيد پير شاھ عرف فقير وزير علي شاھ کان.

سوال:  شاھھ جو رسالو سھڙيندڙ باگوجي پھريون ڇاپو ڪڏھن شايع ڪرايو؟

جواب:  پھريون ڇاپو 2000ع مطابق ١٤٢١ھھ ۾.

سوال:  باگو جيءَ شاھھ جو رسالو ڪيترن سرن ۾ ورھايو؟

جواب:  ٽيتاليھن سرن ۾.

سوال:  باگو جيءَ جي ترتيب ڏنل شاھھ جو رسالو جا ”ٻھ اکر“ ٽن شخصن لکيا ڪن بھ ٻن جا نالا ٻڌايو؟

جواب:  پروفيسر محمد اسماعيل ۽ الحاج محمد عيدن ناز ميراڻي.

سوال:  باگو جي وارو شاھھ جو رسالو ڪنھن جي نالي منسوب ٿيل آھي؟

جواب:  سندس پتا ڏانوجي جي نالي.

سوال:  باگو جي واري شاھھ جي رسالي جي شروعات ڪھڙي بيت سان ٿيل آھي؟

جواب:  مـــونــا جــن مــحــراب، جــســـم جــامـــع تـــن جــو،

قلبي نما قلب ڪري، تن کي ڪيائون طواف،

تحقيق جي تڪبير چئي، جسمان ڪيائون جواب،

تن ڪھڙو ڏوھھ حساب، جن ھنئڙي ھادي حل ٿيو.

سوال:  باگوجي شاھھ جي رسالي ۾ سر سينھن ڪيڏارو ڪائون نمبر ترتيب ڏنل آھي؟

جواب:  چوٽيھين نمبر تي.

سوال:  باگوجي شاھھ جي رسالي جو آخري سر ڪھڙو ترتيب ڏنو؟

جواب:  سر مت.

سوال:  شاھھ جو رسالو، سھڙيندڙ باگوجيءَ وارو رسالو ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ھڪ ھزار ھڪ سئو ٽيٽيھ صفحن تي.

سوال:  فقير ابوبڪر وارو شاھھ جو قلمي نسخو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڪنھن ڏنو؟

جواب:  سيد گل محمد شاھھ مٽيارويءَ.

سوال:  فقير ابوبڪر شاھھ ھي قلمي نسخو ڪھڙي ھجري سال ۾ لکي پورو ڪيو؟

جواب:  ذوالقعد ١٢٠٦ ھجري ۾.

سوال:  ھڪ سئو تيرنھن وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟

جواب:  مرحوم مير علي محمد خان ٽالپر واري قلمي نسخي ۾.

سوال:  ارڙھن سئو بيت، ڇوويھھ وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟

جواب:  مرحوم ميان عبدالڪريم طيب ٺٽوي واري قلمي نسخي ۾.

سوال:  ڪھڙي ڪاتب شاھھ جي قلمي نسخي ۾ سر مومل راڻي جا ڪل پندرنھن بيت ترتيب ڏنا؟

جواب:  فقير ابوبڪر شاھھ.

سوال:  فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي جو پھريون ايڊيشن ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  ڏھھ آڪٽوبر 1987ع مطابق ١٤ صفر ١٤٠٨ھھ تي.

سوال:  فقير ابوبڪر واري شاھھ جي رسالي جو مھاڳ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

سوال:  فقير ابوبڪر واري شاھھ جي رسالي جي ٻئي ايڊيشن جا ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟

جواب:  ميڊم مھتاب اڪبر راشدي.

سوال:  ڪھڙي شخص جي سئو سالھ ورسيءَ جي موقعي تي ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز پاران شاھھ لطيف جو رسالو شايع ڪيو ويو؟

جواب:  اسڪالر ارنسٽ ٽرمپ جو.

سوال:  ”رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي عرف انوار الاھي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  قاضير فقير محمد قانع جو.

سوال:  رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي عرف انوار الاھي ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  نو سئو اوڻيتاليھھ صفحن تي.

سوال:  قاضي قانع وارو شاھھ جو رسالو ڪيترن بابن ۾ ورھايل آھي؟

جواب:  ڇھن بابن ۾.

سوال: قاضي قانع واري شاھھ جي رسالي جو مقدمو ڪيترن صفحن تي ڏنل آھي؟

جواب:  ھڪ سئو اٺن صفحن تي.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا سر ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  ڪل ڇٽيھھ سر.

سوال:  سڀ کان پھريان الف ب وار شاھھ جو رسالو ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  ڊاڪٽر محمد عالم سومري.

سوال:  ڊاڪٽر محمد عالم سومري ڪھڙي شاھھ جي رسالي کي سامھون رکي الف ب وار شاھھ جو رسالو ترتيب ڏنو؟

جواب:  ڪلياڻ آڏواڻي جو ترتيب ڏنل ”شاھھ جو رسالو“ مڪمل کي.

سوال:  عبدالغفار گوھر ڪھڙن اديبن جا رسالا ڀيٽي الف ب وارو شاھھ جو رسالو ترتيب ڏنو؟

جواب:  علامھ آءِ آءِ قاضي ۽ غلام محمد شاھواڻي.

سوال:  اردو، سنڌي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ شاھھ جو رسالو سنڌ جي ڪھڙيءَ شخصيت سھيڙي تيار ڪيو؟

جواب:  ڊاڪٽر درشھوار سيد.

سوال:  شاھھ جو رسالو چئن ٻولين ۾ ڪنھن سھيڙي ڇپرايو؟

جواب:  ڊاڪٽر در شھوار سيد.

سوال:  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاھھ جي رسالي تي تحقيقي ڪم ڪڏھن مڪمل ڪيو؟

جواب:  2000ع ۾.

سوال:  ڊاڪٽر بلوچ تحقيق ڪري ڪيترن جلدن ۾ شاھھ جو رسالو ترتيب ڏنو آھي؟

جواب:  ڏھن جلدن ۾.

سوال:  ڊاڪٽر بلوچ جي ڪھڙي جلد ۾ فقط شاھھ جي شاعريءَ جو متن شامل آھي.

جواب:  اٺين ۽ نائين جلد ۾.

سوال:  شاھھ جو رسالو گنج لطيف سرڪار جي ڪائين عرس مبارڪ تي شايع ڪيو ويو؟

جواب:  ٻھ سئو ايڪونجاھين عرس جي موقعي تي.

سوال:  فضل رحيم سومري جو عربي ترجمو رسالة السيد عبداللطيف بتائي ڇاپو پھريون ڪھڙي ھجري سال ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  ربيع الاول سنھ ١٤٠٠ ھجري ۾.

سوال:  ڪتاب رسالة السيد عبداللطيف بتائي، مترجم فضل رحيم سومرو، ڇاپو پھريون 1980ع ۾ شايع ٿيو، ھي ڪتاب ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  اٺاسي صفحن تي مشتمل آھي.

سوال:  درشھوار سيد جو سھيڙيل شاھھ جو رسالو جلد پھريون، شاھھ لطيف چيئر ڪھڙين چئن ٻولين ۾ شايع ڪيو؟

جواب:  سنڌي، فارسي، انگريزي ۽ اردو.

سوال:  ميھار فقير واري شاھھ جي قلمي رسالي ۾ ڪيترا بيت آھن؟

جواب:  پنج ھزار ٽي سئو ستيتاليھھ بيت.

سوال:  ڪڇ ۾ شاھھ سائين جو قلمي رسالو گنج ڪنھن لکي پورو ڪيو؟

جواب:  حاجي عبدالمطلب جت.

سوال:  ڪڇ ۾ شاھھ سائين جو قلمي رسالو گنج شريف ڪھڙي سال ۾ مڪمل ڪيو ويو؟

جواب:  ١٣٣٦ ھجري ۾.

سوال:  شاھھ سائين جو ڪھڙو قلمي رسالو ٻارنھن سالن ۾ مڪمل ٿيو؟

جواب:  ڪڇ وارو گنج شريف.

سوال:  ڪڇ واري گنج شريف ۾ ڪيترا سر آھن؟

جواب:  ڇٽيھھ سر.

سوال:  1938-39ع ۾ سرود سسئي جي بيتن جو فارسي زبان ۾ ترجمو ڪنھن ڪيو؟

جواب:  ھدايت الله ھالائي.

سوال:  ھندي زبان ۾ شاھھ  لطيف جي ڪلام جو ترجمو ڪنھن ڪيو؟

جواب:  مني شنڪر دوديديءَ.

سوال:  ڊاڪٽر نواز علي شوق ٽرمپ واري شاھھ جي رسالي جو پيش لفظ ڪھڙي انگريزي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟

جواب:  ڏھھ مارچ 1966ع ۾.

سوال:  پير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني جو اردو ۾ لکيل رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  آگسٽ 2003ع ۾.

سوال:  ١٤٢٤ ھجري ۾ ”رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ“ اردو ٻوليءَ ۾ ڪنھن شايع ڪرايو؟

جواب:  پير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني.

سوال:  ڪتاب ڪشف الابيات ۾ ڪيترن رسالن جو مواد ڏنل آھي”

جواب:  يارنھن رسالن جو.

سوال:  ڪشف البيات جو مقدمو ڪنھن لکيو؟

جواب:  ڊاڪٽر درشھوار سيد.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي سالي جي سر حسيني ۾ ڪل ڪيترا بيت درج ٿيل آھن؟

جواب:  ڪل ٻھ سئو اٺونجاھھ بيت.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع شاھھ جي رسالي جي سر ڌناسري ۾ ڪيترا بيت ترتيب ڏنا؟

جواب:  اوڻونجاھھ.

سوال:  قاضي قانع واري شاھھ جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت آھن؟

جواب:  ڪل چار ھزار اٺاسي بيت.

سوال:  ڀٽ شاھھ ڪلچرل ڪاميٽيءَ شاھھ سائين جي ٽي سئو سالھ جشن ولادت جي موقعي تي ڪھڙو رسالو شايع ڪيو؟

جواب:  شاھھ جو رسالو، آڳاٽو قلمي نسخو، ڪاتب فقير ابوبڪر.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com