سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :5

 

شاھھ جي شاعري

 

سرن، بيتن ۽وائين بابت ڄاڻ

سوال:  ڪتاب عڪس لطيف ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو اردو ترجمو ڏنل  آھي؟

جواب:  فقط ھڪ سر ڪلياڻ جو.

سوال:  آغا تاج محمد سر ڪلياڻ جي ڪيترن بيتن جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو؟

جواب:  ستھتر بيتن جو.

سوال:  غلام محمد شاھواڻي ۽ محمد بخش واصف جو لکيل سر سامونڊي ڇاپو ٻيو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  ھي ڪتاب 1966ع ۾، آر ايڇ احمد پبلشر پاران ڇپيو.

سوال:  شاھھ صاحب جي سر ڏھر تي ديوان مان سنگھھ ڪھڙوڪتاب ڇپرايو؟

جواب:  جيون ماٿر.

سوال:  ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ 1972ع ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي سر بابت ڪتاب شايع ڪرايو؟

جواب:  سر کنڀات ھڪ مطالعو.

سوال:  سر ڪيڏاري ۾ شاھھ سائين ڪيترن بيتن ۾ قرآني آيتون استعمال ڪيون آھن؟

جواب:  پنجن بيتن ۾.

سوال:  شاھھ جي بيتن جو براھوي زبان ۾ ترجمو 1986ع ۾ ڪنھن ڪيو؟

جواب:  عبدالقيوم بروھيءَ.

سوال:  سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت شيخ اياز، اردو ترجمي سان شاھھ جي رسالي ۾ ترتيب ڏنا؟

جواب:  سورنھن بيت.

سوال:  شاھھ سائين نار جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر ڏھر ۾.

سوال:  شاھھ سائين گنگا نديءَ جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر بلاول ۾.

سوال:  1984ع ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي سر تي ڀٽ شاھھ ادبي ڪانفرنس ۾ مضمون ۽ مقالا پڙھيا ويا؟

جواب:  سر ليلا چنيسر.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ ”جنگ“ جي معنيٰ ڇا آھي؟

جواب:  بھادر.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ گھوڙي لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو  آھي؟

جواب:  اولاق – ڪيڪان.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ آيل لفظ  ”اولاق“ ڪھڙيءَ ٻوليءَ جو لفظ آھي؟

جواب:  ترڪي ٻوليءَ جو.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي ۾ ڪل ڪيتريون وايون آھن؟

جواب:  ٻھ سئو پنجونجاھھ وايون.

سوال:  حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي لکيل اسلامي چوٿين ڪتاب ۾، شاھھ سائين جا ڪيترا بيت ڏنل آھن؟

جواب:  پنجيتاليھھ بيت.

سوال:  ”اسلامي چوٿون ڪتاب“ جو ٻيو ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  سال 1935ع ۾.

سوال:  1863ع ۾ گولڊ اسمٿ شاھھ لطيف جي ڪھڙي قصي جا بيت ڇپرايا؟

جواب:  سسئي پنھونءَ جا.

سوال:  جنات عدن جو ذڪر شاھھ سائين ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر سورٺ ۽ رام ڪليءَ ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي 249 ھين عرس واري موقعي تي ڪھڙي سر تي مقالا پڙھيا ويا؟

جواب:  سر کاھوڙي تي.

سوال:  شاھھ سائين وانگر پنجاب جي ڪھڙي شاعر جو محبوب سر سسئي ھو؟

جواب:  خواجھ غلام فريد جو.

سوال:  لطيف سائينءَ لاڙ تان ڀيرو ڪرڻ وقت ڪھڙا سر جوڙيا؟

جواب:  سر گھاتو، سر ڪاموڏ، سر سامونڊي، سر سسئي، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوھياري، سر حسيني.

سوال:  ايم مجيب ڪھڙي ڪتاب ۾ شاھھ لطيف ۽ سورٺ جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ڪتاب ھندستاني مسلمان.

سوال:  نياز ھمايونءَ شاھھ صاحب جي ڪيترن بيتن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟

جواب:  ستھتر بيتن جو.

سوال:  ميمڻ عبدالغفور جو لکيل ڪتاب شرح سر ڏھر ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1978ع ۾.

سوال:  علي خان ابڙي شاھھ لطيف جي ڪھڙي سر تي ڪتاب لکيو؟

جواب:  سر سامونڊيءَ تي.

سوال:  ھنديءَ ۾ عمر مارئي ڊرامو ڪنھن لکيو؟

جواب:  گورڌن ڀارتيءَ.

سوال:  ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي تحقيق مطابق شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن ۾ مجازي شعر چيل آھي؟

جواب:  سر کنڀات، پورب، رپ ۽ سر آسا ۾.

سوال:  وائي:   تن تڪئا ڇڏا، جي ايھي وره وڌائيا

ڪھڙي سر جي آھي؟

جواب:  سر رام ڪليءَ جي.

سوال:  ڪھڙي سر ۾ لطيف سائينءَ سلوار واري اڳٺ جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  سر ديسيءَ ۾.

سوال:  سيد سليمان شاھھ کي ڪھڙا راڳ پسند ھئا، جيڪي شاھھ لطيف جي رسالي جا سر آھن ۽ راڳ بھ آھن؟

جواب:  ڪوھياري ۽ راڻو.

سوال:  باگوجي واري شاھھ جي رسالي ۾ آخري ڪھڙو بيت ترتيب ڏنل آھي؟

جواب:          پائي پاند ڳچيءَ، ڪر نت نيازي،

اڳـيــان احـمــد جــي آڻـــج آزي.

سوال:  شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ آيل لفظ آرڻ جي معنيٰ ڇا اھي؟

جواب:  جنگ جو ميدان.

سوال:  شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ  ’آڪو‘ جي معنيٰ ڇا آھي؟

جواب:  ڪچو گھڙو يا ڪچو دلو.

سوال:  شاھھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ اک جي ڦلي لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  موريسر.

سوال:  شاھھ صاحب ٿر ۾ ٿيندڙ گاھھ واري ميدان لاءِ ڪھڙو لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  لفظ ويءُ.

سوال:  ”خوني ڊرامي“ ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ صاحب جا بيت ڪھڙي شخصيت استعمال ڪيا؟

جواب:  احمد ڇاڳلا.

سوال:  ھفتيوار ”سنڌو“ ۾ شايع ٿيل مضمون سر ماروي ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ابن الياس سومري جو.

سوال:  1989ع ۾ شاھھ جي ڪيترن سرن جا بيت چونڊ ڪري ”شاھھ جو رسالو“ شايع ڪيو ويو؟

جواب:  ٽن سرن جا بيت.

سوال:  فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڪيتريون وايون ڏنل آھن؟

جواب:  ايڪٽيھھ وايون.

سوال:  فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت آھن؟

جواب:  چار سئو سترنھن بيت.

سوال:  ھڪ سئو تيرنھن وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟

جواب:  مرحوم مير علي محمد خان ٽالپر واري قلمي نسخي ۾.

سوال:  ارڙھن سئو بيت ۽ ڇوويھھ وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟

جواب:  مرحوم ميان عبدالڪريم طيب ٺٽويءَ واري قلمي نسخي ۾.

سوال:  ڪھڙي ڪاتب شاھھ جي قلمي نسخي ۾ سر مومل راڻو جا ڪل پندرنھن بيت ترتيب ڏنا؟

جواب:  فقير ابوبڪر.

سوال:  ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب بي. اي جي پڙھائيءَ دوران، شاھھ سائينءَ جو ڪھڙو سر صبح جو سوير روزانو پڙھندو ھو؟

جواب:  سر مارئي.

سوال:  درشھوار سيد شاھھ جي رسالي جا ڪھڙا سر ترجما ڪيا؟

جواب:  سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات.

سوال:  قاضي محمد قانع شاھھ جي رسالي جو اٺون سر ڪھڙو ترتيب ڏنو؟

جواب:  سر ڪيڏارو.

سوال:  ’نھائينءَ کان نينھن سک منھنجا سپرين‘ ھن سٽ ۾ اختر ھالائي جي تحقيق مطابق ’نھائينءَ‘ جي معنيٰ ڇا ٿيندي؟

جواب:  ڪنڀارن جي آوي.

سوال:  بيت مڪمل ڪيو؟

پرچي ويٺو پاڻ تڏھن مرڪن مڇي واريون؟

جواب:  مڪمل بيت:

تــڙ تــمــاچــي آيــو، وري ٿــي وراڻ،

ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، ھئي رات ڏينھن رھاڻ،

پرچي ويٺو پاڻ تڏھن مرڪن مڇي واريون.

سوال:  شاھھ جي ھيءَ وائي ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟

وائي: پکا پنھوار ڪنڌئين، آءُ ئي سندن سڃاڻان.

جواب:  نون سٽن تي مشتمل آھي.

سوال:  شاھھ جي وائي: ’واري آڻ، واري آڻ، ڪوھيارو ڀنڀور ۾.‘

ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟

جواب:  پنجن سٽن تي.

سوال:  فضل رحيم سومري شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟

جواب:  پنجن سرن جو.

سوال:  1980ع ۾ فضل رحيم سومري شاھھ سائين جي ڪيترن بيتن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟

جواب:  ھڪ سئو ٻٽيھھ بيتن جو.

سوال:  سر پورب کي عربيءَ ۾ ڪھڙو نالو ڏنو ويو آھي؟

جواب:  لحن الشرق.

سوال:  ڪتاب ھٻڪار جي شروع ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو بيت ڏنل آھي؟

جواب:  بيت:   سـامــونـڊي آئـيـا، ھـر ھـنـڌ ٿي ھٻڪار،

احسان ڪري اپار، اجھي اڄ عيان ٿيا.

سوال:  ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“ ۾ شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جو فلسفو بيان ڪيو ويو آھي؟

جواب:  پنجن سرن جو.

سوال:  سسي نيزي پاند، ھن عنوان سان ڊاڪٽر بشير شاد، شاھھ سائين جي ڪھڙي سر جون روحاني رمزون ۽ سچي سالڪ جا پار پتا بيان ڪيا آھن؟

جواب:  سر يمن ڪلياڻ.

سوال:  ”ڀينر آءُ ڀلياس“ ھن عنوان سان ڊاڪٽر بشير شاد شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جي بيتن جي تشريح ڪئي؟

جواب:  سر آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوھياري ۽ سر حسيني.

سوال:  ڊاڪٽر بشير شاد سر سورٺ ڪھڙي عنوان سان ترتيب ڏئي، ان جون روحاني رمزون ڪتاب ’عرفان لطيف‘ ۾ بيان ڪيون؟

جواب:  عنوان ’جھونا ڳڙھھ جھرندو‘.

سوال:  ڊاڪٽر بشير شاد سر ڏھر، ڪھڙي عنوان سان ’عرفان لطيف‘ ۾ ترتيب ڏنو؟

جواب:  عنوان: ’توجا ڀائين اڇ‘

سوال:  ڊاڪٽر بشير احمد شاد ’عرفان لطيف‘ جي پھرئين ڇاپي ۾، شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جي فڪر بابت روحاني خيال سان سمجھاڻي ڏني؟

جواب:  اٺاويھن سرن جي فڪر بابت.

سوال:  ڊاڪٽر بشير احمد شاد، عرفان لطيف جي ٽئين ڇاپي ۾، شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جي فڪر بابت روحاني خيال سان سمجھاڻي ڏني؟

جواب:  ٽيھن سرن بابت.

سوال:  ڄيٺمل پرسرام جو لکيل ڪتاب ”شاھھ جون آکاڻيون“ ڪنھن نئين سر ترتيب ڏئي 1985ع ۾ شايع ڪرايو؟

جواب:  مشتاق مسرور باريچي.

سوال:  ”اسين تئان آھيون، جتي کھنبو ناھھ.“ ھن سٽ ۾ ’کھنبو‘ لفظ معنيٰ ڳاڙھو رنگ، توھان اھو ٻڌايو تھ ھن سٽ ۾ ’کھنبو‘ ڇا جي باري ۾ تشبيھھ طور ڪمل آيل آھي؟

جواب:  نفس جي باري ۾.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻڪريءَ جي ڦوڪيل کل لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو اھي؟

جواب:  سيڻاھھ.

سوال:  سر پرڀاتيءَ کي عربيءَ ۾ ڇا چئبو آھي؟

جواب:  لحن وقت السحر.

سوال:  سر ڪارايل جو عربيءَ ۾ نالو ٻڌايو؟

جواب:  لحن الوز.

سوال:  سالياني مخزن ”ھڳاءُ“ 1987ع واري پرچي ۾، مضمون سر سارنگ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  گل حسن لغاريءَ جو.

سوال:  لاکيڻي لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ سون جي سوداگر لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  ھيم ھيڙائو.

سوال:  شاھھ صاحب وارياسي سفر جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  شاھ ديھھ لوتڪي يا لوتڙي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  لطيف سائين جو بيت مڪمل ڪيو؟

امل اساري پئي، ڀوري ڀڳئي جان.

جواب:  مڪمل بيت:

امل اساري پئي، ڀوري ڀڳئي جان،

ٻئي اڌ ھٿ ڪري، سري صرافن وان،

تھ سو تنھني تئان، سڄو ڪرائين سيگھھ مان.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ ”ديون“ جي معنيٰ ٻڌايو؟

جواب:  دٻدٻو.

سوال:  کائڻ واري سوپاريءَ جو ذڪر شاھھ سائينءَ ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر مومل راڻو ۾.

سوال:  شاھھ سائين معراج جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر کنڀات،  سر سورٺ ۽ سر بلاول ۾.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي رسالي ۾ ڪيترين زبانن جا لفظ استعمال ڪيا آھن؟

جواب:  ڇھن زبانن جا. سنڌي، ھندي، سرائڪي، عربي، پارسي ۽ بلوچي.

سوال:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي نفس اماره کي ڇا سان تشبيھھ ڏني آھي؟

جواب:  اٺ (جانور) سان.

سوال:  شاھھ سائين جو ھي بيت ڪيترين سٽن تي مشمل آھي؟

بيت: فڪر ۾ فنا ٿي، ھئڻ ھاريائون.

جواب:  ستن سٽن تي مشتمل آھي.

سوال:  بيت مڪمل ڪيو؟

اٿيو روزو رسول ' کي، سانگي ڪن سوال؟

جواب:  جھـڻ پـيـن جـھـنگل رھن، مارو ڪاھن مال،

اٿيو روز رسول ' کي، سانگي ڪن سوال،

ھھڙا جنين حال، تن سين سڱ ڪرين ٿو سومرا.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪافي، ’منھنجا ڪيچي قول ڪري ويا‘ ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟

جواب:  پنجن سٽن تي.

سوال:  ڪڇ واي گنج شريف ۾ ڪيترا سر آھن؟

جواب:  ڇٽيھھ سر.

سوال:  شاھھ سائين جي رزميھ شعر ۾ ڇا جو ذڪر ھوندو آھي؟

جواب:  لڙاين، بھادرن جي عجيب داستانن ۽ قربانين جو.

سوال:  شاھھ سائين جو بيت مڪمل ڪيو.

اپاڙي جي ان جو مٿي تي موڙيون

جواب:  مڪمل بيت:

گند جنين جي گوڏ ۾، ڪلھن تي ڪوڻيون،

اپاڙي جي ان جون، مٿي تي موڙيون،

اچن سنڀوڙيون، سمي جي سلام تي.

سوال:  شاھھ سائين جي بيت جي سٽ

”لالائي جو لطيف چئي، پرھھ نھاريا پي“

ھي سٽ ڪھڙي سر جي آھي؟

جواب:  سر ديسيءَ جي.

سوال:  شاھھ سائين جو ھي بيت ڪيترن سٽن تي مشتمل آھي؟

سٽ: لڪن مان لطيف چئي، نميو ڪري نھار.

جواب:  پنجن سٽن تي.

سوال:  شاھھ صاحب جو بيت:

کنيو قرآن ڪڇ ۾ ٿا رليا رلائين، مڪمل ڪريو؟

جواب:  ملان ملان م چئو، اھي آھيڙي آھين،

مرونءَ سندي ماھھ تي، ٿـا ماڻـڪ مٽـائــيـن،

کـنـيـو قـرآن ڪـڇ ۾، ٿـا رلـيـا رلائـين،

انھن تي آھين، لعنتون لطيف چئي.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ اڇي رنگ جو ذڪر اٽڪل ڪيترا دفعا ملي ٿو؟

جواب:  اٽڪل سترنھن دفعا.

سوال:  ڀٽ ڌڻيءَ سائي رنگ لاءِ فارسيءَ جو لفظ سبزا، ڪھڙي سر ۾ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪيترن بيتن ۾ ڳاڙھو رنگ، اھڃاڻ طور استعمال ٿيل آھي؟

جواب:  اٽڪل نوي بيتن ۾.

سوال:  شاھھ سائين سر مارئي ۾ ڪيترن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  اٺن گاھن جي قسمن جو (آراڙي، چيھو، ڊامڻ، سائون، ڳنڍير، للر، لنب، مکڻي)

سوال:  سر مارئي ۾  شاھھ عبداللطيف ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  لاڻي، ڦوڳ، اڪ، کوٽونبا، ڪانڊيرو، گلاب، للر، وونئنڻ.

سوال:  سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  لاڻي ۽ ڪپور جو.

سوال:  حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سر ڏھر ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ٻن وڻن جو (ڪنڊي ۽ ڏاڙھون)

سوال:  شاھھ سائين نار جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر ڏھر ۾.

سوال:    سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com