سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :8

            


 

شاھھ جا سورما، سورميون،

ڏھيسر، ڏاتار ۽ ذاتيون

سوال:  سر ڍول مارئيءَ ۾ شاھھ لطيف ڪھڙن ٽن اھم ڪردارن کي ڳايو آھي؟

جواب:  ڍولا (سورمو) مارو (سورمي) امره سمره (بادشاھھ) کي.

سوال:  شاھھ صاحب جو سورھيھ پنرو بڊاماڻي کي ڪيترا ڀائر ھئا؟

جواب:  ٻھ ڀائر.

سوال:  شاھھ سائين سر بلاول ۾ ڪھڙن حاڪمن جو ذڪر ڪيو آھي؟

سوال:  شاھھ سائين جي سورمي راجا چنيسر، ديول ڪوٽ تي ڪيترو عرصو حڪومت ڪئي؟

جواب:  ارڙھن سال.

سوال:  شاھھ عبدالليف ِڀٽائي يورپي ڦورن لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  ڦلنگي.

جواب:  دھليءَ جي حاڪم علاؤالدين ۽ سنڌ جي سخي جادم جکري جو.

سوال:  سر ديسيءَ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  برفت، بروھي، جت، ھوت.

سوال:  ڀٽ ڌڻيءَ مينءَ ذات جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر ڪاموڏ ۾.

سوال:  شاھھ سائينءَ جي سورمي چنيسر جو تعلق ڪھڙي ذات سان ھو؟

جواب:  شاھھ جو سورمو چنيسر ذات جو داسڙو ھو.

سوال:  شاھھ جا سورما چنيسر ۽ عمر ڪھڙي ذات سان واسطو رکندڙ ھئا؟

جواب:  شاھھ جا سورما عمر ۽ چنيسر ذات جا سومرا ھئا.

سوال:  شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل جو تعلق ڪھڙيءَ ذات سان ھو؟

جواب:  مومل جو تعلق ”گجر“ ذات سان ھو.

سوال:  سر ديسيءَ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  برفت، بروھي، جت، ھوت.

سوال:  شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ سسئي لاءِ ڪيترا وصفي نالا بيان ڪيل آھن؟

جواب:  پنجويھن کان وڌيڪ.

سوال:  لاکيڻي لطيف سسئيءَ وارن سرن ۾ پنھونءَ کي ڪيترن نالن سان ڳايو آھي؟

جواب:  سورنھن نالن سان.

سوال:  شاھھ سائينءَ جي ڪھڙي سورميءَ جي زيارت لاءِ ملتان مان درويش اسماعيل آيو ھو؟

جواب:  سسئي لاءِ.

سوال:  شاھھ سائين جي سورمي سسئي ڏوراپي طور پاڻ کي ڪھڙين ذاتين کان گھٽ سمجھيو آھي؟

جواب:  سمن، سومرن، جتن ۽ اوٺن کان.

سوال:  سر ڪاموڏ ۾ شاھھ سائين مھاڻن جي ڪھڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  گندرا، ماڱر، جھٻير، ملاح، مھاڻا وغيره.

سوال:  ڀٽ ڌڻيءَ مينءَ ذات جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر ڪاموڏ ۾.

سوال:  شاھھ سائينءَ جي سورمي چنيسر جو تعلق ڪھڙي ذات سان ھو؟

جواب:  شاھھ جو سورمو چنيسر ذات جو داسڙو ھو.

سوال:  شاھھ جا سورما چنيسر ۽ عمر ڪھڙي ذات سان واسطو رکندڙ ھئا؟

جواب:  شاھھ جا سورما عمر ۽ چنيسر ذات جا سومرا ھئا.

سوال:  شاھھ سائينءَ جي سورمي عمر سومري جو اصل نالو ڇا ھو؟

جواب:  فخر الدين عمر بن ڀونگر.

سوال:  شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل جو تعلق ڪھڙيءَ ذات سان ھو؟

جواب:  مومل جو تعلق ”گجر“ ذات سان ھو.

سوال:  شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل کي ڪيتريون ڀينرون ھيون؟

جواب:  اٺ ڀينرون.

سوال:  مومل جي ڀينرن جا نالا ڪھڙا ھئا؟

جواب:  سومل، سجھان، سوڍي، مرم، مرادان، ڪوڏي، ڪونداھي ۽ مارکي.

سوال:  شاھھ جي ڪھڙين ٻن سورمين جو تعلق عمرڪوٽ سان ھو؟

جواب:  مارئيءَ ۽ مومل جو.

سوال:  14 فيبروري 1994ع تي شاھھ سائين جي ڪھڙي سورميءَ جي ورسي ملھائي وئي؟

جواب:  سھڻي ميھار جي.

سوال:  شاھھ لطيف جي سورمي مارئي جو ميلو ڪنھن جي ڪوشش سان پھريون ڀيرو ڀالوا ۾ لڳو؟

جواب:  مير محمد بخش خان ٽالپر جي ڪوشش سان.

سوال:  شاھھ جي سورمي مارئي جو پھريون ڀيرو ميلو ڪڏھن لڳو؟

جواب:  1967ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ۾ پنجون مقالو شاھھ جي ڪھڙي ”سورمي“ جي ڪردار بابت ڏنل آھي؟

جواب:  مارئيءَ جو ڪردار.

سوال:  ولي سروريءَ، شاھھ جي سورمي چنيسر تي ڪھڙو مضمون لکيو؟

جواب:  چنيسر جي چت.

سوال:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين قومن کي ڳايو آھي؟

جواب:  لڳ ڀڳ ٽيھھ قومن کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com