سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :9

            


 

شاھھ جي شاعريءَ ۾ حيوانن، پکين،

وڻن، ٻوٽن ۽ گاھن بابت ڄاڻ

سوال:  شاھھ سائين سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن جانورن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  تقريبا تيرنھن جانورن جو.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ ڪتن لاءِ ڪھڙا نالا ڪتب آندا آھن؟

جواب:  جنبور، ڪارايي، ڪلاج، موتيئڙو، کينھو وغيره.

سوال:  شاھھ سائين سر سھڻيءَ ۾ ڪجھھ مڇين جو بھ ذڪر ڪيو آھي. توھان ڪن بھ ٻن مڇين جا نالا ٻڌايو؟

جواب:  لوھڻي ۽ ٿيلھي.

سوال:  شاھھ سائينءَ منڍ ۾ عشق کي ڪھڙي جانور سان تشبيھھ ڏني آھي؟

جواب:  نانگ سان.

سوال:  نانگ بلائن جو ذڪر شاھھ سائينءَ جي ڪھڙي سر ۾ ملي ٿو؟

جواب:  سر ڪارايل.

سوال:  شاھھ سائينءَ ٻھ يتيم ڪتا پاليا ھئا، سندن نالا ٻڌايو؟

جواب:  موتي ۽ ليمون.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ تاڙي پکيءَ جا ڪھڙا نالا بيان ڪيا آھن؟

جواب:  سارنگ، چاتڪ، ٻاٻيھو ۽ مينھڻ.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي پکي جو ذڪر ڪيو آھي؟ جيڪو عقاب جھڙو ٿيندو آھي.

جواب:  ھماءُ پکي جو.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل لفظ ’چيھو‘ ۽ ’چکي‘ ڇا جا نالا آھن؟

جواب:  چيھو پکيءَ جو نالو (چيھو گاھھ) چکي ڍنڍ.

سوال:  سر رپ ۾ شاھھ سائينءَ ڪانگ کي ٻين ڪھڙن نالن سان سڏيو آھي؟

جواب:  ڪانءُ، کيناتو، ڪانگڙا، ڪانگا، ڪانگل ۽ زاغ.

سوال:  شاھھ سائينءَ سر معذوريءَ ۾ ڪھڙن پکين جا نالا بيان ڪيا آھن؟

جواب:  ڪوئل، چتون، ڪونج ۽ باز.

سوال:  ٿري ماڻھو مانڌاڻي جا داڻا ڪھڙي فصل جي اٽي سان ملائي استعمال ڪندا آھن؟

جواب:  جوئر ۽ ٻاجھريءَ سان

سوال:  ڀٽ ڌڻيءَ سر مارئي ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ڇھن وڻن جو.

سوال:  واريءَ جي دڙي تي مينھن جي موسم ۾ ڦٽندڙ کنڀيءَ کي لطيف سائينءَ جي دور ۾ ڇا چيو ويندو ھو؟

جواب:  ڦنگي.

سوال:  سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون).

سوال:  ٿر ۾ ڪھڙي ٻوٽي جي ميوي جو ذائقو، کٽمٺڙي جھڙو ٿيندو آھي؟

جواب:  کاٽو نبو.

سوال:  ڍاٽڪيءَ ٻوليءَ ۾ پيرن کي ڇا چيو ويندو آھي؟

جواب:  ماچڪ.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ کھھ ھڪ قسم جو گاھھ آھي ان جو قد ڪيترو ٿيندو آھي؟

جواب:  فٽ کن.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ مانڌاڻو ھڪ قسم جو گاھھ آھي، ان جو قد ڪيترو ٿيندو آھي؟

جواب:  پنج انچ ڊگھو.

سوال:  سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙي مشھور گل جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  کٽڻھار گل جو.

سوال:  شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  اڪ، کٽڻھار، تور.

سوال:  شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  چندن، سرکنڊ (صندل)، کٿوري، اگر.

سوال:  گيدوڙي يا ليسوڙي لاءِ شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  گوندا.

سوال:  شاھھ سائين سر مارئي ۾ ڪيترن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  اٺن گاھن جو ذڪر (آراڙي، چيھو، ڊامڻ، سائون، ڳنڍير، للر، لنب، مکئي)

سوال:  سر مارئي ۾  شاھھ عبداللطيف ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  لاڻي، ڦوڳ، اڪ، کوٽوبنا، ڪانڊيرو، گلاب، وغيره.

سوال:  سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  لاڻي ۽ ڪپور جو.

سوال:  حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سر ڏھر ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ٻن وڻن جو.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڪھڙي گاھھ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن کي کائڻ سان ٿر جو مال کير ۽ مکڻ وڌائيندو آھي؟

جواب:  لنب گاھھ.

سوال:  شاھھ صاحب سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ڏھن وڻن ۽ پنجن ٻوٽن جو.

سوال:  سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون).


 

شاھھ جي شاعريءَ ۾ رنگن جو ذڪر

سوال:  شاھھ سائين لاک جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر مومل راڻو، مارئي ۽ سر سارنگ ۾.

سوال:  شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائيءَ ۾ ڳاڙھي رنگ لاءِ لفظ کنھنبو ڪتب آندو آھي؟

جواب:  وائي: آئي مند ملار کنھنبا ڪنديس ڪپڙا

(سرسارنگ)

سوال:  شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  سياھي.

سوال:  ڪلھن تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي آھي ان جو ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي.

جواب:  سر مومل راڻو ۾.

سوال:  شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائي ۾ ھندن جي ھوليءَ جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  وائي:   زاريءَ  ســا  زاري،  الــو!  ڪــوھــيــارل ســاڻ،

ھندوئن جيئن ھولي، ڪري مون ڌوڙ مٿي تان واري.

سوال:  حضرت شاھ عبداللطي ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪاري رنگ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آھي؟

جواب:  اٽڪل ٻٽيھھ ڀيرا.

سوال:  شاھھ سائين ’لاک‘ جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر مومل راڻو، سر مارئي ۽ سر سارنگ ۾.

سوال:  اھو ڪھڙو رنگ آھي، جيڪو شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ خوشحالي، آسودگي ۽ آباديءَ جي اھڃاڻ طور استعمال ٿيل آھي؟

جواب:  سائو رنگ.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي محبوب لاءِ ڪھڙو رنگ پسند ڪيو ھو؟

جواب:  ڳاڙھو رنگ (لالڻ)

سوال:  شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  سياھي.

سوال:  ڪلھن تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي آھي، ان جو ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي.

جواب:  سر مومل راڻو.

سوال:  ڪھڙي سٽ ۾ شاھھ صاحب ”اڇو“، ”اڇاھھ“ ۽ اڇائي“ ٽي دفعا ڌار ڌار لفظ استعمال ڪري، اڇي رنگ جي اعليٰ ھجڻ جو تاثر ڏنو آھي؟

جواب:  سٽ: اڇو پيو اڇاھھ تھ اڇا ئي ابھو.

سوال:  شاھھ صاحب ڪھڙي رنگ کي پاڪيزگيءَ جو رنگ ڪوٺيو آھي؟

جواب:  اڇي رنگ کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com