سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :9

 

سسئي ۽ پنھون

 

راجا دلو راءِ جي زماني ۾، ڀانڀر واھھ جي ڀر تي، نانيا (نائون) نالي ھڪ ٻانڀڻ رھندو ھو. پاڻ ۽ سندس گھرواري، جنھن جو نالو منڌر ھو، سي ٻئي اولاد لاءِ سڪايل ھئا. نيٺ پيريءَ ۾ کين ھڪ نياڻي ڄائي، جا سونھن ۾ چوڏھينءَ جي چنڊ کي بھ شه ڏيئي ويئي. پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو تھ سندس انگ ڪنھن مسلمان سان اڙيل آھي. اھڙيءَ شھرت ۽ بدناميءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ، نائونءَ ۽ سندس ناريءَ انھيءَ بي بھا موتيءَ کي وڏي افسوس سان صندوق جي سپ ۾ درج ڪري، درياءَ ۾ داخل ڪيو. صندوق لھرن ۾ لڙھندي، قضا سان اچي ڀنڀور جي ڀرسان ڪناري تي نڪتي. انھيءَ شھر ۾ محمد نالي ھڪ ڌوٻي رھندو ھو، جنھن کي ”لالا“ بھ ڪري سڏيندا ھئا. سندس ھٿ ھيٺ پنج سئو ڪاريگر ڪمائيندا ھئا ۽ چڱيءَ پونجيءَ وارو ھو. پر ويچاري کي اولاد پٽيءَ ڪونھ ھو. جڏھن ڪاريگرن جي نظر ان پيتيءَ تي پئي، تڏھن ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي، پنھنجي استاد وٽ کڻي آيا. ڌوٻيءَ صندوق کولي، جان کڻي ڏسي تھ ھڪ سدا سھڻو ٻار منجھس ستو پيو آھي. ٻار کي ڪڍي پنھجي گود لاتائين ۽ مٿس سسئي نالو رکيائين، جنھنجي معنى آھي: چنڊ.(1) سندس زال سسئيءَ کي گھڻي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳي. جڏھن عمر رسيدي ٿي، تڏھن سندس نينھن جي نيزن ڪيترن نيازمندن جي دلين کي گھائي وڌو. سڀ ماڻھو سندس موھڻيءَ مورت تي مفتون ٿي پيا ۽ جيڏانھن ويندي ھئي تيڏانھن سندس چنڊ جھڙي منھن جي چوڌاري، ڪتيءَ جي تارن وانگر ميڙ ڪري بيھندا ھئا. گاذر جون اکيون بھ، سسئيءَ کي ڏسيو، پيون ٺرنديون ھيون ۽ ھن جي سک ۽ آرام لاءِ ھر ڪا ڪوشش ڪندو ھو. سندس لاءِ ھڪ عاليشان محلات اڏايائين، جنھن جي چوڌاري ھڪ وڏو باغ رکايائين. سسئي انھيءَ باغ ۾ پنھنجي سيليھن سان گڏجي آتڻ ۾ ويھي ڪتيندي ھئي.

ان زماني ۾ ڪيچ مڪران جا قافلا ڀنڀور جي شھر مان لنگھي، ٺٽي ۽ ٻين ملڪن ڏانھن واپار ڪرڻ لاءِ ويندا ھئا، ۽ سسئيءَ جي سونھن جون ھاڪون ٻڌندا وتندا ھئا. نيٺ ڪن وڃي اھا خبر ڪيچ جي حاڪم آريءَ ڄام جي پٽ پنھونءَ کي سڻائي. ٻڌڻ شرط، پنھونءَ جي دل ديواني ٿي پئي ۽ ھڪدم واپاريءَ جو ويس ڪري، ھڪ وڏو قافلو سنڀرائي، مشڪ ۽ انبر جا انبار ساڻ ڪري، اچي ڀنڀور ۾ وارد ٿيو. کٿوريءَ ۽ خوشبوءِ سان سارو شھر واسجي ويو. سسئيءَ کي جڏھن اھڙي سرھي ساٿ جي اچڻ جي خبر پئي، تڏھن عطر سودڻ جي ارادي سان، ھار سينگار ڪري، سھيلين سميت، پنھونءَ جي منزل تي وئي. سسئيءَ جي صورت ڏسي، پنھونءَ جو ھينئڙو ھيڪاري ھٿن مان ڇنائي ويو. ھوڏانھن وري سسئيءَ کي بھ،، پنھونءَ جي پيشاني پسڻ شرط، پريت جو پيچ پئجي ويو، جيئن رمضان ڪنڀر چيو آھي:

چارئي عين چڀي ويا، ۽ ڳجھيءَ رمز ڳتا،

جئن چندن وڻ۽ چانڪو، تئن پرت پيچ پيا،

ھوءَ ھنجي عشق الوٽ ڪي، ھو ماريو محبتا،

ھوءَ ملڻ لءِ ماندي مري، ھو جالي ڪين جدا.

سسئيءَ نيٺ پنھنجي اندر جو آواز ھڪ سکيءَ سان اوريو، جنھن کي منٿ ڪيائين تھ ”ڪابھ تجويز ويڙاھي، ابي کي ريھي ريبي، منھنجون پنھونءَ سان سڱ ڪراءِ.“ سھيليءَ وڃي ڌوٻيءَ سان ڳالھھ ڪئي، ۽ پنھونءَ جي شرافت ۽ دولتمنديءَ جي ساراھھ ڪئي. پر ڌوٻيءَ انڪار ڪيو ۽ چيائين تھ ”ھڪڙو تھ پنھون پرديسي آھي ۽ ٻيو تھ اسان جي ذات جو نھ آھي.“ پر سکيءَ کيس پڪ ڏني تھ پنھون پڻ ذات جو گاذر آھي ۽ چيائينس تھ ”جيڪڏھن ويساھھ نٿو اچيئي تھ کيس آزمائي ڏس.“ کٽيءَ اھا ڳالھھ قبول ڪئي. پوءِ پنھونءَ کي گھرائي، آزمائش وٺڻ لاءِ ھن کي چيائين تھ ”ھڪ کيپ ڌوئي اچ.“ پنھونءَ جا نازڪ ھٿ ڦرھي تي ڪپڙن سٽيندي لڦون ٿي پيا. نيٺ ڪپڙن کي چيري ڦاڙي اچي کٽيءَ جي گھر نڪتو، ۽ ملول ٿي ڪنڊ ۾ ويھي رھيو. سسئيءَ کيس دلداري ڏيئي چيو تھ ”ڀولو نھ آھي. ھاڻ ڇا ڪر جو ھر ھڪ ڦاٽل ڪپڙي جي تھھ ۾ ھڪ سوني مھر وجھي ڇڏ، تھ ڪٿان بھ شڪايت ڪانھ ايندي.“ پنھون ائين ڪري، ڪپڙا مالڪن کي پھچائي آيو ۽ ڪنھن وٽان بھ ڌوٻيءَ کي ڪا دانھن ڪانھ رسي. ھاڻ ڌوٻي کي تسلي ٿي، جنھن کيس سسئيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليو.

انھيءَ وچ ۾، ھڪ پاڙي ۾ رھندڙ سونارڻ جي دل پنھونءَ تي سرڪي ويئي، جنھن پنھنجيءَ طمع پوري ڪرڻ لاءِ سسئيءَ جي ست جي برخلاف وڃي پنھونءَ جا ڪن ڀريا. انھن ڏينھن ۾ رواج ھوندو ھو تھ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪو ٺِڪر ڀڄندو ھو، تھ ھن کي پنھنجي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ، باھھ جي مچ مان لنگھڻو پوندو ھو. پنھونءَ بھ سسئيءَ کي پاڻ موکڻ لاءِ، انھيءَ پرک مان پار لنگھڻ واسطي اشارو ڪيو. سسئي، جا سون وانگر سچي ھئي، سا انھيءَ باھھ مان پاڻ اڳي کان بھ اجري ٿي نڪتي. آخر وڏي تجمل ۽ طومان سان ھنن ٻنھي عاشقن جي شادي ملھائي وئي. پوءِ ڌوٻيءَ پنھونءَ کان جنڊو پاڙو لکائي ورتو ۽ پنھون بھ وطن وڃڻ جو خيال لاھي، ڌوٻڪو ڌنڌو ڪندو رھيو.

پنھونءَ جو ڀاءُ چنرو، جو ساڻس ساٿ ۾ آيو ھو، سو سندس انھيءَ روش تي گھڻو ئي پوسريو. پر جڏھن ڏٺائين تھ ڪو چار ڪونھي، تڏھن ساري ماھيت وڃي آري ڄام جي اڳيان پيش ڪيائين. آري ڄام جو پنو ئي لھي ويو ۽ پنھون جو سندس دادلو پٽ ھوندو ھو، تنھن جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو. پھريائين ھڪ قاصد روانو ڪيائين، جنھن جي ھٿان پنھونءَ کي چوائي مڪائين تھ ”جيڪڏھن ھڪدم اچي حاضر نھ ٿيندين تھ منھنجو جيئڻ محال آھي.“ جڏھن قاصد ڀنڀور ۾ پھتو، تڏھن ڇا ڏسي، تھ پنھون پرٽن سان گڏيو پارچا پيو پڇاڙي. ھيءَ روئداد ڏسي، قاصد جا ڳچ ڳري پيا ۽ درد مان دانھن ڪري چيائينس:

اي ڪامل ڪم نھ سندوءِ، جنءَ پھس پڇاڙيين پوتيين.

پر پنھون پوئتي ھلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. قاصد نااميد ٿي، موٽي وڃي آري ڄام کي سربستو سماچار پھچايو. آري ڄام ٻڌڻ شرط مورڇا ٿي ڪري پيو. رئڻ ۽ راڙي ڪري اھڙو لاغر ۽ ضعيف ٿي ويو، جو سندس ساھھ ڇٽي وڃڻ جو امڪان ھو. پيءُ کي اھڙي جوکائتي حال ۾ ڏسي، سندس ٽن پٽن چنري، ھوتيءَ ۽ نوتيءَ کيس آٿت ڏيئي چيو تھ ”ڪوبھ حيلو وسيلو ڪري، ڄاڻ تھ پنھونءَ کي ساڻ وٺي، اچي ٿا توھان وٽ رسايون.“

پوءِ ٽيئي خان اٺن تي سوار ٿي، سگھوئي اچي ڀنڀور پھتا. سسئيءَ ۽ پنھونءَ کين گھڻو آڌر ڀاءُ ڏنو ۽ پاڻ وٽ مھمان ڪري، سندن گھڻي خاطرداري ڪيائون. وچ جي خبر نھ رھين تھ ڪا ھنن جي من ۾ مدي آھي. ڪيترا ڏينھن سندن اچڻ جي خوشيءَ ۾ جلسا ۽ جشن ڪيائون. ھڪ رات جو ڳچ ويرم تائين مجلس ۾ مشغول رھيا. سسئيءَ ويچاريءَ کي پنھونءَ جي اوسيئڙي ۾ پلنگ تي جاڳندي جاڳندي، ننڊ کڻي وئي. ھوڏانھن وري ڀائر پنھونءَ کي غافل ڏسي، ويا کيس شراب جا پٽ پياريندا، تان جو نشي ۾ اھڙو الوٽ ٿي ويو، جو پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نھ رھيس. آڌيءَ رات کان پوءِ سندس ڀائر اٺ گنگائي، کيس بي خبريءَ جي حالت ۾ کڻي، ساڙيھھ ڏانھن سٽيندا ويا.

پوئينءَ رات جو، جان سسئيءَ جي اک کل تھ ڇا ڏسي تھ پنھون پلنگ تي ٺھي ئي ڪونھ. حيرت ۾ پئجي ھيڏان ھوڏانھن دريافت ڪري ڏٺائين تھ اوطاقون ۽ اوتارا سڀ سڃا ٿيا پيا آھن. معلوم ڪيائين تھ ڏير کيس ويساھي، پنھونءَ کي زوريءَ ڀڄائي وٺي ويا آھن، پوءِ وٺي گھوڙا گھوڙا ڪيائين، جنھن تي ھن جا مائٽ ۽ پاڙيسري اچي مڙيا. پر ھن ڪنھن جي ڪين مڃي. ويس وڳا ڦٽا ڪري، لاڳاپا ۽ لاڳ لاھي، ڪلھي ڦاٽل ڪنجرو وجھي، اڪيليائي اڪيلي اٺن جا پير کڻندي، پنھونءَ جي پٺيان ڪاھيندي ويئي. چاليھن ڪوھن جي پنڌ بعد، اچي پٻ جبل جي ويجھو پھتي. اڃ ۽ ٿڪ سببان ماندي ٿي ڪري پيئي ۽ ڇڙھيون ھڻڻ لڳي. قدرت خدا جي، جو انھيءَ ھنڌان ھڪ صاف پاڻيءَ جو چشمو(2) ڀڙڪو ڏيئي ڦٽي نڪتو. تحفة الڪرام وارو چوي ٿو تھ ”مون معتبر ماڻھن کان ٻڌو آھي تھ اھو چشمو اڃا تائين جاري آھي(3) ۽ ڪڏھن بھ سڪي نٿو، ۽ ٻيو تھ مينديءَ جي ٽاري، جا پرڻي رات سسئي دستور موجب، ھٿ ۾ ڪري ستي ھئي ۽ جا ساڻس ھن سفر ۾ ھمراھھ ھئي، سا انھيءَ چشمي جي ڀر تي ڪري ٽنبيائين. انھيءَ ٽاريءَ مان ھڪ سرسبز مينديءَ جو وڻ اڀري پيو. جو اڃا تائين انھيءَ ڦٽيل عاشقياڻيءَ جي نشاني آھي.“ ذرو ساعت وسرام وٺي، وري اڳتي کڙي کنيائين ۽ پٻ جبل وارو مشھور لڪ ”پٻوڻي ناڪو“ لنگھي اچي، ھاڙي جبل جي پاڙ وٽ ڦوڙنديءَ جي ڀر ۾ پھتي. پر پاڻيءَ جي اٿل سببان اڳتي اپڙي نھ سگھي. نھايت نااميد ٿي، پوئتي ھٽي ۽ ڳچ پنڌ بعد، اچي ماباڙ نيءِ جي ويجھو رسي. ھاڻ واھيري جي ويل اچي ٿي ھئي. پريان پھاڙ تي، ھڪ ايل پنھوار جي جھوپڙي ڏسي، کانئس وڌي پڇيائين تھ، ”ادا! اتائين ڪو وئو ساٿ سڄڻ جو؟“ سسئيءَ جھڙي سھڻيءَ صورت کي ھيئن اڪيلو ڏسي، ايل پنھوار جي دل ھرکي وئي ۽ ڏانھنس بڇڙي نظر ڪرڻ لڳو، سسئيءَ پاڻ کي جوکي ۾ ڏسي، پنھونءَ جي سار ۾ زار زار رنو. سندس سوز وارين صدائن ڏونگر بھ ڏاري وڌو، پر ھن ڪٺور تي ڪوبھ اثر نھ ٿيو. نيٺ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبھ چارو نھ ڏسي، ايل پنھوار کي پاڻ وٽان ٽارڻ جي بھاني، آزي ڪري چيائينس تھ ”آءٌ ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل آھيان. ڀلائي ڪري، پھريائين ڪو کير چڪو پيارينم.“ ايل پنھوار خوش ٿي، ڌڻ ڏانھن ڊوڙيو، ھن جو پاسي ٿيڻ ۽ سسئيءَ جو رب کي سوال ڪرڻ. ٻئي ھٿ کڻي، ٻاڏائي چيائين، ”اي ستار! ھن بيوسيليءَ جو وسليو ٿيءُ!“ ھن اڃا دعا مس پوري ڪئي تھ پھاڙ ڦاٽي پيو، جنھنن ۾ اندر گھڙي وئي. پوءِ جبل، جبل جھڙو ٿي پيو. پر سسئيءَ جي چنيءَ جو پاند ٻاھر رھجي ويو. ايل پنھوار، جڏھن کير ڏھي پوئتي موٽيو، تڏھن ھي رنگ ڏسي، تپرس ۾ پيو ۽ الاھي قدرت جو اھڙو اھڃاڻ پسي، توبھھ تائب ٿيو. پوءِ انھيءَ ھنڌ، ھڪ پٿرن جو ميڙ ڪري، قبر جو لوڙھھ ٺاھي ڇڏيائين.(4)

(ٻئي پاسي) رستي تي، جڏھن پنھون نشي جي خمار مان سجاڳ ٿيو، تڏھن پاڻ کي اٺ تي جڪڙيل ڏسي، ڏاڍا جڪ کاڌائين. ڀائرن کي ڀڄي وڃڻ لاءِ گھڻو ئي واجھايائين، پر ھنن سان پڄي نھ سگھيو. نيٺ آڻي سندس ٻانھن آري ڄام جي حوالي ڪيائيون. پر پنھون، سسئيءَ جي وڇوڙي ۾ اھڙو تھ ڳرندو سڙندو ويو، جو پڻس کي سندس مرڻ جو خوف ٿي پيو. لاچار پنھونءَ کي رخصت ڏنائين تھ ڀنڀور موٽي، سسئيءَ کي بھ ساڻ وٺي اچي آستاني ٿيءُ. پوءِ ھي يار بھ سٽيندو ڀنڀور ڏانھن راھي ٿيو. جڏھن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگھائو ٿيو، تڏھن سندس روح کي ھڪ ازغيبي اڌمو آيو. اھڙي رڻ پٽ ۾ تازي لوڙھھ مان چنيءَ پاند ٻاھر نڪتل ڏسي، دل ۾ سنسو پيدا ٿيس تھ نڄاڻا ھيءَ سسئيءَ جي قبر آھي. اتفاقا، اھو ايل پنھوار بھ اتي اچي سھيڙيو، جنھن سڄي ماجرا کيس بيان ڪري سڻائي. ٻڌندي ئي شرط، اٺ تان ٽپو ڏئي لھي پيو ۽ ڀائرن کي چيائين تھ ”ذرو ويرم ترسو تھ ھن قبر جي زيارت ڪري وٺان.“ پوءِ قبر جي ڀر ۾ ويھي زار زار رنائين ۽ خدا جي در وينتي ڪيائين تھ ”اي وڇوڙين کي ملائيندڙ سچا ڌڻي!  مونکي پنھنجي محبوب سان ھيڪاندو ڪر.“ سندس عرض اگھاڻو. وري بھ جبل ڦاٽي پيو ۽ پنھون وڃي پنھنجي پرينءَ کي ھميشه لاءِ مليو.

تحفة الڪرام وارو چوي ٿو تھ ”ھيءُ حيرت جھڙو احوال عام خلق جي وات ۾ آھي، ۽ حال ۽ قال جا صاحب ھي جوڙو، جي ھڪ ٻئي جا عاشق بھ ھئا ۽ معشو بھ ھئا، تنھنجي قصي کي سندي بيتن ۽ حسيني سر ۾ ڳائيندا آھن ۽ انھيءَ مجازي عشق مان حقيقي عشق جو راز پروڙيندا آھن. مطلب تھ انھن ٻنھي عاشقن جي تاثير ھيٺ، وجد ۽ سماع جا صاحب گد گد ٿي ويندا آھن. مير معصوم شاھھ بکريءَ ھن قصي کي مثنويءَ ۾ نظم ڪري، مٿس ’حسن و ناز‘ نالو رکيو آھي،  قاضي مرتضى سورٺيءَ کٽياڻن واري، محمد شاھھ بادشاھھ جي ڏينھن ۾، ھن قصي کي ھڪ خاص طرز ۾ نظم ڪيو ھو. اھو صاحب ڳالھھ ٿو ڪري تھ اسماعيل نالي ھڪ ملتان جو درويش، ھنن ٻن عاشقن جي زيارت لاءِ آيو. اٺ کي پري بيھاري، ٽي ڏينھن فاقو ڪڍيائين، انھيءَ مراد سان تھ من ھنن جو ديدار نصيب ٿئيم. ٽن ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڪراڙي زال ٻھ ٽي مانيون ۽ پاڻيءَ جو ھڪ وٽو کڻي وٽس آئي. ان کي چائين تھ ”جيسائين سسئيءَ ۽ پنھونءَ کي نھ ڏسندس، تيستائين نھ کائيندس ۽ نھ پيئندس.“ زال وراڻي ڏني تھ ’سسئي مان آھيان، باقي پنھون ڏسڻ جي پچر ڦٽي ڪري ڇڏ، ڇو تھ زماني تي ڀروسو نھ آھي. آءٌ اڳي ئي ڏيرن جي ڏڌل آھيان.‘ درويش وراڻي ڏني تھ ’آءٌ ڪيئن اعتبار ڪريان تھ تون سسئي آھين؟ ڇو تھ سسئي نھايت خوبصورت ۽ جوان ھئي، مگر تون ڪراڙي آھين.‘ سسئيءَ ھڪدم پاڻ کي پنھنجي جوڀن جي جمال ۾ ظاھر ڪيو. اتي وري بھ درويش چيس تھ جيسين پنھونءَ جو ديدار نھ ڪندس، تيسين ماني پاڻي حرام آھي.‘ گھڻي رد بدل بعد، سسئيءَ قبر جي اندر وڃي، پنھونءَ کي چيلھھ تائين ٻاھر ڪڍيو. پر ھن کي پنھنجي ٻک ۾ سوگھو جھلي بيٺي، تھ متان اڳي وانگر ڪو کيس ڌتاري کڻي وڃي. اھڙيءَ طرح ڪيترن الله وارن سسئيءَ ۽ پنھونءَ جي ملاقات ڪئي آھي.“

ھن قصي ۾ سمايل تمثيل

جھڙيءَ طرح سھڻي ۽ ميھار جي ڳالھھ ۾ تمثيل رٿيل آھي، تھڙيءَ طرح سسئيءَ ۽پنھونءَ جي قصي ۾ بھ ھڪ وڏي تمثيل رکيل آھي. تفاوت رڳو ھي آھي جو سھڻيءَ جي ڳالھھ ۾ دنيا ۽ طريقت جي سفر جي ڏاکڙن کي درياءَ سان ڀيٽيو ويو آھي ۽ سسئيءَ جي ڳالھھ ۾ دنيا ۽ طريقت جي مشڪلاتن کي رڻ پٽ سان مشابھت ڏني وئي آھي. سسئيءَ مان مراد آھي سالڪ، جو پنھنجي پنھونءَ، يعني حقيقي محبوب جي ڳولا ۾ آھي. ڀنڀور ۽ ان جا ڀاڻ، دنيا ۽ دنيا جون نعمتون آھن. ڪيچ محبوب جو مڪان آھي، جتي پھچڻ لاءِ پھريائين تھ ڏاگھن، ڏيرن ۽ ڏونگرن جھڙن ٽن زبردست دشمنن، يعني نفس، دنيوي تعلقات ۽ خوديءَ جي چنبن کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو آھي. جيئن سسئيءَ ڪيترين دور ۽ دراز منزلن، جھڙوڪ وندر، وڻڪار، پٻ، ھاڙھي وغيره مان لنگھي، نيٺ وڃي ملڪ الموت ماڻي ٿي، تيئن سالڪ کي بھ صوفي طريقت جون ست ماٿريون يا منزلون لنگھي پار پوڻو آھي. ھي ست ماٿريون آھن: طلب، عشق، معرفت، استغنا، توحيد، حيرت ۽ فقر. آخرين منزل تي رسڻ بعد، سالڪ محبوب جي ھستيءَ ۾ حل ٿي، ھميشه جي حياتي حاصل ڪري ٿو.

حوالا

1.           سسئي، سنسڪرت: ششي = چنڊ

2.          اھڙي ساڳي ڳالھھ حضرت اسماعيل عليه السلام ۽ بيبي ھاجره بنسبت پڻ ڪندا آھن. جڏھن بيبي حاجره، حضرت اسماعيل عھ کي ھڪ ھنڌ ويھاري، پاڻ پاڻيءَ جي تلاش ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن پي ڊڪي ۽ ڊوڙي، تڏھن حضرت اسماعيل عليه السلام ڇڙھيون ھڻڻ لڳو ۽ خدا جي قدرت سان انھيءَ ھنڌان پاڻيءَ جو چشمو ڦٽي نڪتو، جو ھاڻ زم زم جي نالي سان پڌرو آھي.

3.          اھو چشمو اڄ ڏينھن تائين قائم آھي. لس ٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي يا لڪ جي ڀر ۾ آھي ۽ ’سسئيءَ وارو چودو‘ ڪري چوندا اٿس.

4.          اھو پھاڙ ماباڙ نيءِ جي پيٽ ۾ آھي. جڏھن لٺ يا لڪڻ سان ٺوڪبو اٿس، تڏھن منجھانئس اھڙو آواز نڪرندو آھي جھڙو ڪنھن ڪنجھي جي برتن وڄائڻ مان. چوندا آھن تھ اھو آواز سسئيءَ جي درد وارين دانھن جو پڙاڏو آھي. انھيءَ پھاڙ کي ’سسئيءَ وارو وٽو‘ سڏيندا آھن.


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com