سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :29

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي عشقيه داستانن ۾ هن قصي کي اهم جاءِ ڏيندي لکي ٿو:”هن  داستان کي عشقيه داستانن جي دفعي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته پرڻي کان اڳ ليلان ۽ چنيسر هڪ ٻئي تي اڪن ڇڪن هئا ۽ پرڻي کان پوءِ به باوجود شڪن شبهن جي ٻنهي جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت جو جذبو ڀريل آهي. سندن موت پڻ محبت واري جذبي سببان ٿئي ٿو. ته به هن ۾ عشق محبت پس منظر ۾ هليو ٿو وڃي بلڪه ڪردارن جا عمل شاعرن جو موضوع رهيا آهن.“

مختلف روايتن کي ڀيٽڻ کان پوءِ ليلان جو جيڪو ڪردار اڀري ٿو. سوهڪ ڏاهي، عقل واري ۽ سمجهدار عورت جو آهي. جيڪا شاديءَ کان اڳ پنهنجي سئوٽ چنيسر سان مڱيل تي هئي پر شادي ۾ رڪاوٽون پوڻ سبب چنير سان گڏجي ڪي شرط پورا ڪرڻ کان پوءِ ان سان شادي ٿيس، جنهن تان چنيسر سندس احسان مند هو. هو سندس طبيعت کي سمجهندو هو. سندس لاڏ ڪوڏ کڻندو هو ۽ مٿس تمام گهڻو اعتبار به ڪندو هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ بي حد پيار هو. ڪن روايتن ۾ وري ”ليلان هڪ رنگين مزاج، محفل نواز ۽ خود خيال زال آهي. جا اڪثر روايتن مطابق پنهنجي وسر سان وفادار آهي. مگر کيس سادو ۽ پنهنجي عقل کان آڪرو ٿي سمجهي ۽ گهر ڇڏي ٻاهر محفلون مچائي ٿي. هڪ طرف ڪونر کيس هار تي هرکائي چنيسر هٿان وڃائي ٿي ته ٻئي طرف سندس راز انداز جون مڙئي مخفي ڳالهيون چنيسر کي معلوم ٿين ٿيون. چنيسر سندس اوائلي خطائون ڍڪي ٿو. پر بالاخر مٿس هار تي ور مٽائڻ وارو حرف رکي کانئس منهن موڙي ٿو ۽ کيس شهر نيڪالي ڏي ٿو.“

چنيسر جي ڪردار جي باري ۾ سڀني کيس وڏو گردو ۽ برد بار ماڻهو ليکيو آهي. روايتن موجب ”هو ديول جو بادشاهه هو.“ پير حسام الدين واري اها ساڳي ڳالهه ورجائيندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو:”تاريخي ثابتيءَ موجب 1224ع ۾ ملڪ سنان الدين چنيسر ديبل ۽ سنڌ جي حڪمران هو اهو زمانو سومرن جي بادشاهي جو هو. هن قصي جي شروعات سومرن جي دور ۾ ٿي. سومرن جي بادشاهيءَ وارو دور سنڌ جي تاريخ جو روماني دور هو. اڪثر قصا انهي دور ۾ اسريا“ چنيسر جي اصل نسل بابت ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ٿيل آهي.”سنڌ جي عام روايتن ۾ چنيسر ذات جو داسڙو هو. شاهه ڪريم، شاهه عنايت، شاهه لطيف کيس داسڙو ڪوٺيو آهي. شاهه ڪريم جو بيت آهي:

جونري  اتي  جن  داغ  تنهنجو  داسڙا،

تون ڪيئن مٿان تن، چنيسر چت کڻين.

شاهه عنايت چوي ٿو:

دوس  منهنجا داسڙا هيءَ ڳالهه هينئن سين لاءِ.

۽شاهه لطيف جي سٽ آهي؛

ڪونرو ڪانڌ سندوءِ، دست ڪيو داسڙو.

داسڙا سماٽ آهن، چنيسر کي  راءُ ۽ ڄام پڻ سڏيو ويو آهي. جيڪو سمن کي سڏڻ جو انداز آهي. ان مان تصديق ٿئي ٿي ته چنيسر سمون هو.“ چنيسر جو پيءُ ڄام داسڙو هو.

هن قصي ۾ ڪي ڳالهيون سماجي لحاظ کان دلچسپ آهن. ليلان جي ڪردار بابت جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته عقل واري عورت هئي. ۽ ٻاهر مجلس ۾ وقت گذاريندي هئي. پر اها ڳالهه اڪثر راوين کي نه وڻي آهي ته ڪا عورت ڏاهي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري هن لاءِ لکيو اٿن ته ”پنهنجي عقل کي آڪرو ٿي سمجهي“ وري سندس ٻاهر وقت گذارڻ لاءِ لکن ٿا. ”ليلان چنيسر سان سچي هئي، سندس نيت کوٽي نه هئي پر عادت ڪسي هئي،  گهر محل ۾ گهٽ ٿي گهاريائين ۽ اڪثر ٻاهر وڃي محفلون ٿي مچايائين. جنهن ڪري ميار هيٺ آئي.“ انهيءَ ڏس ۾ سندس ڏهه اهو به هو ته ”ليلان شادي کان پوءِ به پنهنجي ڪنوارپڻي وارين سهيلين جي سٿ سان ساڳيا منڊل مچائيندي رهي. چنيسر کي ليلان تي پورو پڪو ڀروسو هو. جنهن ڪري سندس دل تي اهو گمان ئي ڪونه ٿي آيو ته ڪو ليلان کيس ذري جيترو به نظرانداز ڪيو هو. هو ليلان جي لاڏن ڪوڏن واري طبع کان پوري طرح واقف هو.  چنيسر کي ليلان جي سچائي ۽ وفاداريءَ تي پورو ڀروسو هو. انهي اعتبار ۽ ويساهن واري فضا ۾ سندن شادي جا پهريان سال خوشيءَ ۽ بي فڪريءَ ۾ گذريا. پر آخر ليلان جا لاڏ ڪوڏ گهڻن کي اکين ۾ ٿي آيا ۽ راز دارن وڃي راز کوليا.“

اهو زال مڙس جي وچ  اعتماد ۽ اعتبار جو رشتو، اها ويساهه جي ڳالهه  قائم رهي ها ته شايد ليلان جي خطا چنيسر جي نظر ۾ ايڏي وڏي نه بنجي ها. پر اهو اعتماد ”رازدارن راز کولي“ وڃائي ڇڏيو هو ۽ جيڪي الزام مٿس هينا ويا هئا سي يقين ۾ نه ايندڙ ڳالهيون آهن. هڪ ڌوتيءَ باهه ٻاري ته والن وارو جوڳي فلاڻي دريءَ کان اچي بيهندو آهي ۽ ليلان ان سان اکيون اٽڪائيندي آهي. ٻيو ته جکري وزير سان به ليلان جي من ميٺ آهي ۽ ٽيون ته ليلان هر چوڏهين جي رات جادوءَ جي زور تي تنهنجي ننڊ پڙهي گهوڙي تي سوار ٿي فلاڻي تلاءَ تي ويندي آهي ۽ اتان سهيلين سان گڏ بڙ جي وڻ تي چڙهي اڏامي وڃي، ويرناٿ جوڳيءَ وٽ محفلون مچائيندي آهي، چنيسر شڪ ۾ پئجي ويو ۽ آخر جاچ ڪندو رهيو.“

اهڙين ڳالهين تان چنيسر اڳيئي شڪ ۾ وڌو ويو هو ۽ سندن وچ ۾ جيڪو اعتبار ۽  ويساهه هو سو ختم ٿي چڪو هو ۽ ويچاري ليلان تي مڙس اڳ ئي ”جانچ“ ڪندو هو، اهو به ڪهڙي زال تي، جيڪا سندن ننڍي هوندي به راندين جي ساٿي ۽ سوٽ هئي ۽ سندس مڱڻي کان پوءِ جڏهن ”ليلان جي پيءُ چنيسر کي همت ۽ هشياري ۾ گهٽ پئي سمجهيو ۽ ائين پئي ڀانيائين ته ليلان چنيسر کان زور آهي، انهيءَ ڪري هنن ٻنهي جو جوڙ جڏهن ٺهي... چنيسر کي ليلان سان پرڻجڻ جا شرط وڌا ويا جيڪي پورا ڪرڻ ۾ هن مدد ڪيس. اهي ٿورا مٿس ليلان جا هئا.“ انهيءَ ڏاهيءَ ۽ عقلمند ليلان کي چنيسر جا افعال ته ساريا پيا هوندا تڏهن ته چيائين:

پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
مون چيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريتڙي.
 

سنڌ جي آڳاٽن اعليَ شاعرن ميين شاهه ڪريم ۽ شاهه عنايت جي بيتن ۾ قصي جون روايتون صرف چئن بيتن ۾ نظر اچن ٿيون. البته شاهه لطيف قصي جو ڳچ حصو بيتن ۾ آندو آهي. ۽ ان مان اهو غير ضروري حصو ڪڍي ڇڏيو اٿس. جيڪو ليلان جي ڪردار کي ڪسو ڪري، البت ليلان جو مڙس جي ڀيٽ ۾ هار کي اهميت ڏيڻ ناپسند ڪندي ان لاءِ کيس گهڻو ئي ننديو اٿس. سو هر ڪو سمجهدار ۽ سڄاڻ ماڻهو ڪندو. ڇاڪاڻ جو اها اهڙي غلطي آهي، جيڪا انسان، ۽ سو به هڪ جيون ساٿي، جو ملهه، يا قيمت ڪٿي کيس بي ملهه يا بي قيمت بنائڻ جي برابر آهي. چنيسر جي ڪردار کي جيتوڻيڪ هروڀرو مٿانهون ڪيو اٿس ۽ سندس ڪاوڙ جائز هوندي به معاف نه ڪرڻ تان گهڻو ڪونه چيو اٿس. پر تڏهن به ڪجهه بيت اهڙا آهن جيڪي ليلان جي وڪالت ڪن ٿا.

آڳاٽن اعليٰ شاعرن قصي جا جيڪي حصا ڳايا آهن تن مان ڪونرو جو ڪنهن ٻئي ملڪ مان اچڻ، پورهيت ٿي ليلان وٽ بيهڻ، هار تي ليلان کي هرکائڻ ۽ پوءِ هار جي بدلي ۾ چنيسر سان هڪ رات گهرڻ جو سودو ڪرڻ سڀني وٽ ساڳيو آهي. چنيسر جو ڳالهه جي اصليت جو پتو پوڻ کان پوءِ ڪاوڙجڻ ۽ ليلان کي دل تان لاهي ڇڏڻ جو واقعو پڻ ساڳيو آهي. البته ان کان پوءِ ليلان جي پنهنجي مائٽن ڏانهن هليو وڃڻ جو شاهه صاحب بيتن ۾ ڪو اهڃاڻ ڪونهي ڏنو ۽ نه ئي پڇاڙيءَ ۾ ليلان جي راڄ ۾ وڃي ليلان جي راڳ ۽ ناچ کان متاثر ٿي چنيسر جو منجهس دلچسپي وٺڻ ۽ سندس شڪل  ڏسڻ کان پوءِ شاڪ سببان ٻنهي جو مرڻ شاهه صاحب بيتن ۾ آندو آهي. ان ڪري روايتن وارو قصو ڏک انت tragic آهي پر شاهه صاحب وارو قصو ائين ناهي ، ان ۾ ملڻ جي اميد آهي، عام روايتن واري قصي ۾ ڪي ڳالهيون ڪونرو ۽ چنيسر جي ڪردارن تي به روشني وجهن ٿيون. مثال طور ڪونرو، هڪ ڪنواري ڇوڪري جڏهن چنيسر سان هڪ رات گهارڻ ٿي چاهي ۽ ان لاءِ پنهنجو نوَ لکو هار ڏيئي ليلان سان سودو ٿي ڪري ته نيڪ نيت ليلان کي ته سڀني لويو آهي پر ساڳئي تنگ نظر سماج جا فرد ڪونروءَ جي بدڪرداري يا بدنيتي لاءِ ڪجهه نه ٿا چون.... جيڪا هڪ پرائي مڙس کي محض هڪ سهيليءَ جي چئلينج ڪرڻ تي هٿ ڪرڻ ٿي چاهي. بلڪه ڪيترن ته کيس ساراهيو آهي ته هن هيرا جواهر ۽ موتي مڻيا ڇڏي چنيسر کي چاهيو. عام عورت لاءِ ته اها آئيڊيل ڳالهه چئبي پر ڪونروءَ جي نيت کي ڏسندي راوين جو رويو ليلان سان ناحق ۽ ناانصافيءَ وارو محسوس ٿئي ٿو.

مڃجي کڻي ته شادي هڪ سنجيدو سماجي رشتو آهي. جڏهن ته عشق هڪ جذباتي ۽ داخلي قسم جي شي آهي. ڪونرو ان جذباتي ڪيفيت جو شڪار ٿي هڪ ٺهيل ٺڪيل گهر، هڪ سنجيدي سماجي رشتي کي ٽوڙڻ جي نيت سان آئي هئي. جڏهن ته اهو سماجي رشتو به جذبات کان خالي ڪونه هو ان ۾ به عشق شامل هو. جيڪڏهن زال محبوبه به هجي يا محبوبه زال به هجي ته پوءِ ٽين ڌر جو ان وچ ۾ اچڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ عجيب ڳالهه آهي ۽ انهيءَ عجيب ڳالهه تي شاعر چپ آهن. هو نه چنيسر ۽ نه ڪونرو کي ڪجهه ٿا چون. صرف ليلان کي ٿا لوئين. اها ته ليلان سان ناانصافي ٿي.

چنيسر جي ڪردار کي به سڀني کڻي چوٽ چاڙهيو آهي”سڀڪا سهڻي سندس سهاڳ جي طمعدار رهندي هئي.“ انهيءَ بردبار وڏ گردي بادشاهه اڳيان جڏهن سندس وزير جکري ڪونرو جو ذڪر ڪڍيو ۽ ”سندس سونهن سوڀيا جو اهڙو چٽو نقشو ڪڍيائين جو چنيسر جو هنيون البت هرکجي ويو پر پنهنجي پٽ راڻي ليلا جو لحاظ ڪري جکري کي جواب ڏنائين.“ اهو هنيون هرکڻ ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟ جڏهن راويءَ پڇاڙيءَ وارو منظر بيان ڪن ٿا ته جکري جي شاديءَ جي موقعي تي ليلان اکڙي ڪڍي سامهون اچي ٿي ۽ هو به کيس ڏسي ٿو ته ”ليلان جو ناز ۽ نخرو ڏسي چنيسر کيس سڃاڻڻ بنا مٿس مفتون ٿي پيو، چيائينس”اي نازنين گهونگهٽ کولي منهن ته ڏيکار، پڪ اٿم ته جهڙو آواز مٺو اٿئي، تنهن کان وڌيڪ منهن مٺو هوندءِ!“ ليلان اکڙي لاهي چنيسر اڳيان نروار ٿي بيٺي، هن اتي جو اتي پران ڏنا ۽ ليلا به مورڇا ٿي ڪري پئي.“ هنن واقعن مان چنيسر جو ڪهڙو ڪردار ٿو اڀري؟ اهو ئي بادشاهن جي ڪرپٽ طبعيت، عياش ۽ عورتن جي حوالي سان ترڪڻي طبيعت وارو ڪردار، اهڙي طبيعت واري ماڻهوءَ جي زال کي سندس افعالن جي خبر ڪانه هوندي ڇا؟

ڍولا ڍيل م مون، ڪانڌ! ڪميڻي آهيان،
سڪ تنهنجي سپرين، ڀيري وڌيس ڀون،
مون ورُ تون ئي تون، تو ور! وهون ڪيتريون.
 

ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ،

مون کي ڇڏ مَ داسڙا!، ته وڃان نه وڻواند،

مون  ڳچيءَ  ۾  پاند،  تو  چنيسر  هٿ  ۾.

 

پاڻ گهڻين راڻين مان هڪ راڻي هئي. هو ضرور ٻين راڻين وٽ به ويندو هوندو. جيڪڏهن ليلان ان ۾ هڪ اضافو ڪيو ته ان ۾ هن کي زالن وارو حسد يا ساڙ ڪونه ٿيو هوندو. ڇو جو هوءَ ان ڳالهه تي هري پئي هوندي. تڏهن ڪونروءَ کي چوي ٿي.”هاڻي وڃي دلجاءِ ڪري ويهي رهه، رات جو آءُ پاڻيهي چنيسر کي آڻي تنهنجي ڪمري ۾ پهچائي وينديس. وري جڏهن چنيسر آيو ته چيائينس”ويچاري ڪونروءَ تولاءِ نالان آهي، اڄ رات وڃ اڪير لاهينس.“ ڇا دنيا ۾ ڪابه عورت عام حالتن ۾ پهنجي مڙس کي ائين چئي سگهي ٿي.؟

البت ليلان جي غلطي هار جي سلسلي ۾ وڏي چئبي جو چنيسر جهڙي هڪڙي”حسن ۽ دولت شان ۽ شوڪت ۾ بينظير، بادشاهه کي بس هڪڙي هار تي وڪڻي ڇڏيائين. بادشاهه جي انا کي ڇا ته چوٽ لڳي هوندي؟ جنهن جي وصل لاءِ وقت جي هر هڪ سهڻي خواهان هئي انهي جو ملهه بس ايترو؟ جڏهن چنيسر کي ڪونروءَ جي خواهش وزير جکري واتان اڳ ئي معلوم هئي ۽ وري هار جي سودي جي خبر ڪونروءَ جي ماءُ مرکيءَ واتان مليس ته ڪونروءَ جي ڪردار جي پستيءَ تي سوچڻ بدران ليلان جي غلطيءَ جي نتيجي ۾ ”ليلان دل تان ڪري پيس ۽ ڪونروءَ جو اهڙو قرب ڏسي مٿس موهت ٿي پيو.“

“Chanesar immediately made a royal proclamation that he would wed kaunro and make her his wife and queen, chanesars marriage was celebrated with all the pomp and dignity befitting royalty.

ڪونروءَ سان شادي ڌام ڌوم سان ڪيائين ۽ کيس پنهنجي پٽ راڻي بنايائين. ليلان ته قابل مذمت ٿي پر ڪونروءَ جي نيچ ڪردار ڏانهن ڇو نه ڌيان ويس؟ڪٿي ائين ته ڪونهي ته:

چنيسر جي چت ۾، ڪي جو اڳ هئو،
تهان پوءِ ٿيو، مڻئي تي مامرو.
 

راوين جي بيان ڪيل قصي ۾ جيڪي ناانصافيون آهن انهن مان گهڻين کي شاهه صاحب نظرانداز ڪيو آهي پر ڪجهه ڳالهيون شاهه صاحب ضرور اڀاريون آهن. مثال طور هو ليلان کي پڇتاءُ ۽ منٿ ميڙ ڪرڻ جو جيڪو سبق ٿو ڏي سو هڪ طرح سان ان ڳالهه جي مڃتا آهي ته ليلان گناهه ته ضرور ڪيو آهي پر اهو ناقابل معافي ڪونهي. کيس انهيءَ ڏهاڳ وسيلي مليل سبق کان به واقف ٿو ڪري:

گهوريو سو سهاڳ، جنهن ۾ پسين پاڻ کي.

ڏوري  لهه  ڏهاڳ،  جنهن  ڪر  لاهو داسڙو.

 

شاهه جي هن سر ۾ ٻن عورتن جو ذڪر آهي. جيڪي انساني نفسيات ۽ جذبات جي تقسيم  موجب  بلڪل هڪ ٻئي کان مختلف هيون. هڪڙي پنهنجي حيثيت، رتبي، حسن، ناز انداز، عقل، ڏاهپ ۽ مقبوليت واري هئي پر چنيسر جي چاهت جي نشي ۾ زندگيءَ جي حقيقتن کي وساري ويٺي هئي ۽ پنهنجي هڪ معمولي سڌ تي ڏهاڳ جو ڏک ڏٺائين. ڏهاڳ ڇا آهي؟ ڏهاڳ تي عورت ايڏو ڇو ٿي تڙپي؟ اهوهڪ سماجي مسئلو به آهي ته نفسياتي به! هن سماج ۾ سهاڳ کي پيار ۽ چاهت کان وڌيڪ معاشي ۽ سماجي تحفظ سبب ڇپر ۽ ڇانوَ سمجهي ان جي اهميت کي واضح ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان سماج ۾ عزت ۽ رتبو مان ۽ مريادا ڳنڍيل آهي. اهو هليو وڃڻ جي صورت ۾ ڏهاڳ ملي ٿو. يعني سماجي رتبو عزت ۽ مان ته ويا پر ان کان سواءِ سماجي ۽ معاشي تحفظ جو به مسئلو ٿي ٿو پوي. سنڌي سماج ۾ ڏهاڳ ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي. موت کان به وڌيڪ ڏهاڳ جو ڏک سمجهيو  ويندو آهي هر ڪا عورت ان کان ڊڄندي گذاريندي آهي.

تون ڪوٺين، تون ڊوهين، ڏئين تون ڏهاڳ،

دوست تنهنجو داسڙا، دل  اندر  مون  داڳ،

ڀانيان سڀ سهاڳ، جي  مون  ور  وهارئين.

 

سارو مسئلو آهي ور جي وهارڻ جو، جي ور نه وهاري ته سارو سماج ڪونه ويهاريندو ۽ ويري ٿي پوندو. پنهنجا پراوا، سهيليون، سرتيون، سڀ مهڻا ڏيندا، ليلان جڏهن سهاڳڻ هئي ته ڇاڪونه هوس:

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دائيين، ٻائيين، دربانن، پر ۾ ٿي پڇياس،
دهلين، دمامين، نقرين، ٿي وچ ۾ وهارياس،
هيس دادلي دوسن جي، کڻي هلڪي هار ڪياس،
تنهان پوءِ ٿياس، ڪانياري ڪانڌ جي.
 

ڏهاڳ اچڻ کان اڳ سرتين جو ميڙو گهر ۾ هئس.

وڏيري هياس، ميڙو مون گهر سرتين،
هٿ ڇهڻ هار جي، ڪڙي ڪانڌ ٿياس،
ڍولي ڍيلياس، آيم ڏنءُ ڏهاڳ جو.
 

ليلان کي جيڪو پنهنجي ڏاهپ تي يقين هو. چنيسر جي چاهت تي مان هو ۽ ننڍپڻ جي لاڏ ڪوڏ ۽ پيار تي ڀروسو هئس، اهي سڀ يقين، مان ۽ ڀروسا ٽٽي پيس، هڪ هار تي هرکڻ جي ڪري:

ٿڙڪي پسي ٿوڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي،
اچيو اچيو اگلي، چئي ليلان کي لوڪ،
اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻالا پڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.
 

جڏهن ڏهاڳ مليس ته ڪجهه به ڪونه رهيس. ان ڪري سنڌي سماج ۾ ڏهاڳ وڏي ڳالهه آهي. ”ڪابه عورت بکي هجي، ڍائي، سکي هجي، ستابي، پر ڏهاڳ جو ڏنڀ هن لاءِ ڪارو ڪان آهي، مرڻ قبوليندي پر ڏهاڳ ڏسڻ لاءِ هرگز تيار نه ٿيندي، لطيف عورت جي انهيءَ ڪيفيت کي بيان ڪيو آهي.“

جيڪڏهن هن هار پائڻ به چاهيو ٿي ته ڪنهن جي لا؟ هار پائي پاڻ وڻائڻ ٿي چاهيو ته ڪنهن کي؟ کيس خبر نه هئي، شايد ته هار ڳچيءَ ۾ پائي پاڻ ڪونه وڻائبو آهي. مڻيا موتي، ڳهه ڳٺا پائڻ، هار سينگار ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا  ٻي خاصيت پاڻ وڻائڻ لاءِ ضروري آهي. ڪو وقت هو جو ڪجهه نه پائڻ جي باوجود  چنيسر جو  چاهه ساڻس هو:

نه ڪو ٻانهڙين ۾، نه ڪي ڳر هئوم،
نه مون سينڌ نه سرمو، نه سينگارڪيوم،
تيلانهه ڪانڌ سندوم، رکو ئي رءِ ڳڙي.
 

اهو وقت ته ويو گذري ۽ جڏهن هار سينگار ڪيائين. ڪنن ۾ سونا ڪر ۽ ڳچيءَ ۾ ڳاڙها هار پاتائين. تڏهن هن دل تان لاهي ڇڏيس.

سونا ڪُر ڪنن ۾  ڳچيءَ ڳاڙها هار،

ٻانهوٽا ٻانهن  ۾،  سينڌ  سڻڀا  وار،

تيلانهه پي پچار، ڪانڌ منهنجي ڇڏي.

 

اهو شاهه صاحب جو فلسفو آهي، شاهه صاحب هميشه ڪردار جي سونهن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. هن سر ۾ به هو ظاهري سونهن ۽ سينگار کان وڌيڪ ڪردار جي سونهن تي زور ٿو ڏي.

ڪونرو هن سر جو ٻيو ڪردار آهي. هن سر جي ٻي عورت آهي. جيتوڻيڪ ان جو ڪردار منهنجي نظر ۾ ساراهڻ جوڳو ناهي  ۽ شاهه صاحب به کيس محض هڪ عورت هئڻ ناتي ڪونه ساراهيو آهي. بلڪه هن جي پورهيي يا ڪرت ڪرڻ ناتي، پنهنجي بادشاهي ۽ پنهنجي وڏائي ڇڏي مقصد حاصل ڪرڻ ناتي ساراهيو اٿس. ليلان واتان چورائي ٿو:

مڻئي مٿي  جا  هئا،  چٽن  ڦيريم  چت،

هار کٽينديس  هوڏ  ۾، نبيهه ٿيندم نت،

ڪونروءَ جو ڪرت، مونهان مٿانهون ٿيو.

 

هونءَ شاهه جي بيتن ۾ ڪونرو ڪٿي به وڏ گهراڻي ڄاڻايل ڪانهي بلڪه پورهيت ڄاڻايل آهي. پر هار جو حوالو ان کي اميرزاديءَ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. شاهه صاحب وٽ هونءَ به راڻين شهزادين کان وڌيڪ پورهيتن جو مان آهي ۽ ڪونروءِ پورهيت بنجي مقصد ماڻيو:

تو جو ڀانيو هار،  سو  سورن جو  سڱرو،

چنيسر چت  کڻي،  ٿيو  پورهيت  جو پار،

اوڻت جو آچار، ڪانڌ ڪهين سين مَ ڪري.

 

جيڪي بس هندورن ۾ ويهي لڏنديون آهن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کان اکيون پوري ڇڏينديون آهن انهن کي اوس ڏک ڏسڻو پوندو آهي:

هيس هندورن ۾ پيم ڪانه پروڙ،
مڻئي سندي مامري، ڪوجهي وڌيس ڪوڙ،
سامهان ٿيم سور، ويو ولٽي ولهو.
 

اها ڳالهه ڏيکاري ٿي ته شاهه صاحب جي بيتن ۾ ليلان ڏاهي آهي ۽ سمجهي ٿي ته ڪونروءَ سان شڪوا شڪايتون ڪرڻ بيڪار آهي، سارو قصور پاڻ کي ٿي ڏي يا چنيسر جي محبت تي ڪيل اجائي مان کي ٿي ڏي. هوءَ ڪونرو سان پهاڄپي وارو رويو نٿي رکي. جڏهن ته ڪجهه ٻين شاعرن اهو پهاڄپي جو ساڙ  ڏيکاريو آهي.“ پهاڄپي جي سلسلي ۾ عورت مهڻن ۽ سهاپن جي ذريعي جن جذبات جو اظهار ڪندي آهي، ان کي بيان ڪرڻ ۾ ادراڪيءَ پنهنجو پورو ڪمال ڏيکاريو آهي. ڪونروءَ کي ليلان چوي ٿي:

تو شبها بر سرير عيش تازي،
ڪيني برمن شب غم را درازي،
ترا ديبا واطلس گشت پوشاڪ،
منم غلطان بروي خاڪ و خاشاڪ.
 

شاهه جي ليلان صرف ڪجهه سٽون ڪونرو لاءِ چوي ٿي:

”ڪونروءَ جو ڪرت، مون هان مٿانهون ٿيو“ وغيره.

ليلان جي ڪردار جي ارتقا شاهه صاحب جي بيتن ۾ ائين ٿيل آهي جو ڪهاڻيءَ جي ارتقا کي ان جي روشني ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ليلان مٿين طبقي جي وڏي شان مان واري عورت نظر اچي ٿي. جنهن کي پنهنجي محبوب جي محبت ۽ اعتماد حاصل آهي. هو چنيسر جي چاڳلي، دادلي، دلبر، دوست هئي ۽ ڀانيو هيائين ته چنيسر ته ازل کان منهنجو آهي ۽ هميشه منهنجو ئي رهندو ڪيڏانهن ويندو؟ پر هن چريءَ کي اها خبر ڪانه هئي ته سندس هڪ ننڍڙي غلطيءَ تان هيڏو وڏو مامرو مچندو. هوءَ هار تي هرکي پئي ۽ چنيسر جي چاهت جو سودو ڪري ويٺي ۽ ڳالهه هٿن مان نڪري ويس. چنيسر جي دل گهر دادلي ليلان سندس دل تان لهي وئي ، گهڻي ڏاهي هئي پر اها خبر ڪانه پيس ته ورن جا سواءِ نه ٿيندا آهن، هار سان، هنئين جا هار نه مٽائبا آهن. دلين جا سودا  دلين سان ٿيندا آهن. مڻين سان نه. سمجهيائين ته جي راءُ رٺو به ته جهٽ پرچائي وٺنديسانس.

جان ڪ چڙهندس، کٽ تي ريجهائينديس راءُ،
اهڙو ئي الله جو پورهيتون پيش ڪري.
اها ڏاهپ ڏاڍي ڏکي پيس تڏهن ٿي چوي:
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
 

اڳي ته چنيسر سان چاهت ۾ چلولي به ٿيندي هئي، رسندي، پرچندي هئي، وڙهندي مڙندي هئي پر خبر ڪانه هئيس ته چنيسر جي من ۾ ڇا هو؟

سارج سڀيئي، ليلا!  لکڻ  پانهنجا،

ور سين وڙهيو اٿيئن، ڏوراپا ڏيئي،

نه ڄاڻا ڪيهي، چنيسر  جي  چت ۾.

 

چنيسر جي من ۾ ته ڪجهه ٻيو هو، جنهن اکيون کولي ڇڏيس پوءِ پاڻ کان ٿي سوال ڪري ته:

هئينءَ ته گهڻو هشيار، ڪل به هيئه ڪانڌ جي،
تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳچيءَ پائي هار؟
ڪانڌ ڪوڙيءَ جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگار،
وهم لهي وينجهار، دليون پرکي داسڙو.
 

جڏهن  چنيسر ڌڪاري ڇڏس ۽ وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي هئي ته به دل ۾ اهو ئي آيس ته ڪو وڃي چنيسر کي ٻڌائي ته ليلان وڃيئي ٿي.

ويچاري خوشفهميءَ جي شڪار عورت پڇاڙيءَ آس لڳايو بيٺي آهي.:

نيو ٻڌيو روءِ، اڱڻ جهوڪيو ڪرهو،

ڪو چنيسر چوءِ ته  ليلا  وڃي لڏيو.

گهڻئي  منٿون آزيون معافيون ٿي گهري، هار کي ئي هائي ۾ ۽ مڻيءَ کي مچ ۾ ٿي وجهي پر رٺل راجا نٿو پرچيس.

مڻيو وجهان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار،

ڀري جي ڀتار ته  ميريائي  مان  لهان.

شاهه صاحب هڪ هڏڏوکي دوست وانگي صلاح ٿو ڏيس ته ڪجهه هيٺائين وٺ ته ور پرچيئي:

ليلا! حيلا ڇڏ، جي تون سوڀي سکئين.
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبيءَ گڏ،
هڏ نه چوندءِ لڏ، جي ڪارون آڻئين ڪانڌ کي.
 

ٻئي هنڌ وري چويس ٿو:

چنيسر سين چاءُ، متان ڪا منڌ  ڪري،

ڪانڌ ڪهين جو نه وڻي، گيرب  ۽ گاءُ،

جي ٿڙي ٿورڙياءِ، ته دوس دسائي داسڙو.

هنن  بيتن ۾ شاهه صاحب جو ليلان کي ليلائڻ جي ۽ هيٺانهين وٺڻ جي صلاح ٿو ڏي، سابظاهر ڏکي ٿي لڳي ته ڪانڌ آهي جو ڪاوڙيو وتي، ڏمرجي ڏهاڳ ڏيندو وتي، ۽ شاهه صاحب منڌ کي هيٺانهين وٺڻ، گيرب ۽ گاءُ نه ڪرڻ جي صلاح پيو ڏي. ان جا  ٻه سبب آهن، هڪ ته شاهه صاحب پنهنجي دور جي نفسيات کي پيش ڪيو آهي ۽ خاصڪري مٿئين طبقي ۾”راجا ريساڻو گهڻو“ وارو حال لڳو پيو هو ۽ خودپسندي جو اهو حال هو جو پاڻ کان سواءِ ڪير نظرئي ڪونه ٿي آين ان صورت ۾ ويچاري عورت وٽ ٻيو ڪهڙو وسيلو هو؟

ليلا! پوري نه پئين، چئي چنيسر ساڻ،

نو جو ڀانئيو پانهنجو، سو ريساڻو راڄاڻ،

پاڻان ڌار پرياڻ، ڪانڌ ڪنهين جو نه وڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com