سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ڳالهيون ڪتابن جون

[1947-1992]

باب: --

صفحو :2 

 

 

ڪي جي ٻيجل ٻوليو

شيخ اياز جي شعر جو هيءُ ٽيون مجموعو آهي، جو ڪتابي صورت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. سندس پهريون مجموعو، ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، جون 1962ع ۾ ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ وارن پڌرو ڪيو، جنهن کي سنڌ دشمن ون_ يونٽ حڪومت، سنڌ ۽ سنڌي ادب جي بدخواهن جي چرچ تي، ٻه ورهيه پوءِ، مئي 1964ع ۾ ضبط ڪيو. سندس ٻيو مجموعو، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، 1963ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي پڻ پنج سال پوءِ، 1968ع ۾ ساڳيءَ حڪومت ساڳين ماڻهن جي چور تي ضبط ڪيو. تنهن کان پوءِ سنڌ جي هن بي مثل شاعر ڪافي ڪجھ شعر چيو، جيڪو سنڌ جي بحاليءَ ۽ خود اختياريءَ جي جدوجهد  هلندي، وقت بوقت، خاص طرح ماهياني رسالي ”روح رهاڻ“ ۾، ڇپبو رهيو. اُن دور جو سندس شعر، جنهن ۾ ”جل جل مشعل جل!“، ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ جا ننڍا ڳٽڪا ۽ ڪيتروئي ٻيو ڪلام شامل آهي، ۽ جيڪو مارچ 1969ع ۾ لڳل ٻئي مارشل لا تائين دور جي پيداوار آهي، ”وڄون وسڻ آئيون!“ نالي هيٺ گڏ ڪيو ويو آهي، ۽ اميد ته ترت ئي الڳ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو. هيءُ مختصر مجموعو، جيڪو ”ڪي جو ٻيجل ٻوليون“ جي نالي سان هتي پيش ٿي رهيو آهي، اُن ۾ جيڪو به شعر آندل آهي، اُهو مارچ 1969ع کان پوءِ جي ٻن مهينن جي عرصي ۾ تخليق ٿيل آهي. شعر جي مٿين ٻن ڪتابن جي ضبطيءَ کانسوءِ، اياز جو هڪ نثري ڪتاب، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، پڻ، 1963ع ۾ شايع ٿيڻ کان پنج سال پوءِ، خالص سنڌ دوستيءَ جي سزا طور، 1968ع ۾ ضبط ٿيو. ڏسجي ته هاڻي سندس هِن تازي ڪلام جي اشاعت تي سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي دشمن حضرات جو ڪهڙو ٿو ردعمل ٿئي! چڱائيءَ جي اميد ته منجھن اڄ به ڪانهي. تاريخ جي ثابت ٿيل حقيقت وطن جي غدارن بابت هيءَ ئي آهي ته هنن جو خمير ۾ سواءِ بدديانتيءَ ۽ بدڪرداريءَ جي ٻيو ڪجھ به نه آهي. ۽ سندن جواب بلڪ علاج اهوئي آهي ته سنڌ جا انقلابي محب وطن پنهنجي وطن پرستيءَ جي جذبي ۽ عمل کي جيئن پوءِ تيئن وڌائين ۽ تيز کان تيز تر ڪندا رهن. اياز جي هِن شعر ۾ به وطن تان سِر گهورڻ وارن لاءِ پنهنجي اعليٰ جذبي ۽ مقدس عمل کي وڌائڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو سڏ موجود آهي.

آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. 1949ع ۾ سنڌ کان ڪراچيءَ کي ڇني ڌار ڪيو ويو. 1955ع ۾ سنڌ کي چؤ کنڀو ٻڌي، ون يونٽ جي آڏو اُڇلايو ويو. سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي اردوءَ جا وڏي طمطراق سان طبل وڄڻ شروع ٿيا. سنڌي ٻارن کي اردو زوريءَ سيکارڻ جاري رکي ويئي ۽ اردو ٻارن کي سنڌي سيکارڻ بند ڪئي ويئي! عوام جي تنگ گذارني وسيلن تي قبضا ٿيا. ماڻهن جي زبانن تي ماٺ جون مهرون لڳنديون رهيون. ايوبي دور جي آمريت پنهنجي ننگي روپ ۾ نروار ٿي، ”پاڪستانيت“ ۽ ”مسلمانيءَ“ جي نالي ۾ عوام جي هر قومي امنگ کي نهوڙڻ جي ڪوشش عمل ۾ آئي. اختيارَ ۽ اقتدار جي صاحبن پنهنجي پوري طاقت ان تي صرف ڪئي ته سنڌ پنهنجي ذهني ۽ سياسي غلاميءَ مان اڀري نه سگهي. ايتري لُڙ ۽ انڌڪار ۾ سنڌي شاعر ۽ اديب اميد جو ڏيئو ٻاريو..... ۽ اُهو ٽمڪندو رهيو_

هي ڪارو ڪاورنڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس!

مون ڪيڏيءَ جَرَ جي جھاڳ مٿان هِي ديپ جلايو آ، پيارا!

تان جو نومبر 1968ع ۾ هي سحر ٽُٽو، عوام جون اکيون کليون، ۽ عوام اٿيو، ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا قلعا ڀُرڻ شروع ٿيا. نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي شڪنجي مان پاڪستاني قومن جي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيو ۽ پهرين جولاءِ 1970ع تي اولهه پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏ سنڌي عوام جو سڳوروسنڌ ديس پڻ ٻيهر دنيا جي نقشي تي اُڀريو، برحق ۽ بحال ٿيو.

وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي، ۽ اُهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن. اياز جو شعر وطن جي تسليميءَ، وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبروءَ ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ اُن لاءِ محب وطن نوجونن، ٻارن ۽ ٻڍن کان اُهو هر قسم جي جُهد ۽ قربانيءَ جي طلب ڪري ٿو. ان ۾ وطن جي غدارن ۽ وطن جي دشمنن لاءِ اُجھل نفرت ۽ بي پناهه غصو پڻ موجود آهي. انهيءَ ڪري وطن جا غدار ۽ وطن دشمن ۽ غاصب پڻ اياز ۽ اياز جي شعر کي برداشت نٿا ڪري سگهن، ۽ هر وقت ٻنهي کي خاموش ڪرڻ لاءِ نُنهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا رهيا آهن. جيئن ئي 1954ع ۾ ٽه_ ماهي رسالو ”مهراڻ“ شايع ٿيو، ۽ اُن ۾ اياز جو ۽ ٻين قومي شاعرن جو شعر باقاعدي اچڻ شروع ٿيو، تيئن هِنن غدارن ۽ غاصبن جي ککر ۾ ڄڻ کڙو لڳو، ۽ هو ڀُون ڀُون ڪري، پنهنجا زهريلا ڏنگ نئين نئين زهر سان ڀري، چوڌاري مِڙي آيا، ۽ اڄ تائين اُنهن ۾ اُهوئي شور ۽ غوغا، اُهوئي ڏنگ ۽ اُهوئي زهر اوتروئي موجود آهي، جيترو پهريائين منجھن هو. پر وطن جي چمن ۾ جا بهار اچڻي آهي، سا آهستي آهستي ايندي ئي رهي ٿي. ۽ وطن جا باغبان ۽ وطن جا پاسبانَ آن بهار جي آڻڻ لاءِ ۽ اُن کي ساهه لڳ سنڀالڻ لاءِ هر گهڙيءَ وڌندا ۽ اڳتي ايندا رهن ٿا. آزديءَ ۽ انسانيت جو ادبُ ۽ فنُ ۽ اُن ادب ۽ فن جا اُپائيندڙ اديب ۽ شاعر ائين ئي اَجھل ۽ آڏول، پنهنجا ڪنڌ اُچا ڪيو، سَرها ۽ سوڀياوان، هڪ هڪ ٿي ۽ گڏجي، وطن جي دشمنن ۽ غدارن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ ڪوڙ کي، وڌي وڌي، چيڙائيندڙ ۽ للڪاريندا ٿا رهن_

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي، اعلان هزارين، مان نه رڳو!

اياز تي ۽ سنڌ کي ذهني سجاڳي ۽ سياسي خودداري ڏيندڙ فڪر تي پهريان وار جن ڪيا ۽ جتان ٿيا، اُهي ڪنهن کان ڳجھا ڪونهن. پنج، ڏهه، ويهه نه، ستر ستر، اَسي اَسي بلڪ سوين ۽ هزارين ليک، الڳ الڳ ۽ سلسليوار، لکبا رهيا، ڇپبا رهيا، ۽ ترجما ٿي، غدارن جي آقائن وٽ رسندا رهيا. سنڌي ليکن ۽ اُنهن جي ترجمن کان اڳتي وڌي، اردوءَ ۾ ليک ۽ ڪتاب لکيا ويا ۽ پنهنجن اَن_داتائن کي پهچايا ويا. بي نام، گمنام ۽ بدنام نالن سان عريضيون ۽ اظهار ناما هُنن جي حضور ۾ الڳ پيش ٿيندا رهيا. هڪ ئي مخصوص ۽ نامَ ڪَٺيءَ اخبار ۾ هڪ نه، ڏهه نه، ويهه نه، پر سوين ايڊيٽوريل آيا. هر آرٽيڪل، ايڊيٽوريل، عريضيءَ توڙي اظهار نامي جي تانَ ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمانَ جي هڪ ئي تار تي ٽٽندي رهي. ظاهر آهي ته غدار ۽ غاصب جو واسطو ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان سان رڳو نالي جو هوندو آهي. پهريون ۽ آخرين واسطو سندن پنهنجي غرض سان ٿئي ٿو. اياز ۽ سنڌ جي نئين فڪر کان سندن پنهنجو وجود نامسعود خطري ۾ هو ۽ آهي. جيڪي هزارن ۽ لکن پاڻ جهڙن انسانن کي جانورن وانگر پنهنجي پٺيان چُچڪاري هلائڻ يا پنهنجي اڳيان هڪلي هلائڻ تي هريل هجن. ۽ جن جي پيٽ پروريءَ ۽ خَرمستيءَ جو دارومدار اُنهن ئي ماڻهن جي رَت سَت تي هجي، ۽ ڏهڪاءُ ۽ ڏيک ئي فقط جن وٽ پنهنجي بچاءَ جا هٿيار هجن، تن جو سڄو سارو اسلام ۽ ايمانُ سواءِ اِن جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ڪوبه سندن فرعوني طاقت ۽ قاروني دولت جي قلعي تي هَلان ته ڇا، پر اُن ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي، ۽ جي ڪو ائين ڪندو، ته ظاهر آهي ته اهو سندن اُنهيءَ اسلام ۽ اُنهيءَ ايمان جي دائري کان وٽن نڪتل ئي شمار ٿيندو. اهوئي سبب آهي، جو هِنن هيءُ سڄو عرصو پنهنجيءَ سڄيءَ ڪاوڙ ۽ ڪدورت جو نشانُ اياز کي ۽ سنڌ لاءِ نئين پيغام رکندڙ سنڌ جي نئين شعر ۽ نئين ادب کي بڻايو.

اڄوڪيءَ سنڌ جي پاڪ ڌرتيءَ تي، ادب ۽ فن جي ميدان ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي هِن جنگاهه ۾ دشمن جا سڀئي وارَ اياز وڌي وڌي پاڻ ڏانهن موڙيا ۽ پنهنجي اڪيلي سِر تي سَٺا. اسان جا سمورا ساٿي_ خود اُهي جيڪي بنهه مُهَڙَ ۾ هئا_ سي سڀئي دشمن جي مورچن منجھان ڇُٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ جو اياز سندن تيرن آڏو پڻ پنهنجو سينو سِپَرَ بنائي بيٺو. پاڪستان جي 23 سالن ۽ سنڌ جي شايد سڄيءَ تاريخ ۾، نِجي فن ۽ ادب لاءِ، ڪنهن کان ايتري قرباني نه ڪڏهن گهري ويئي ۽ نه ورتي ويئي. گلائون، تهمتون، گاريون، دڙڪا، حملا، شهر نيڪاليون، نظربنديون، ڪال ڪوٺڙيون ۽ ڪيسن مٿان ڪيس_ هي ته ايازُ ۽ سندس پنهنجي مقصد عظيم سان پنهنجي ساهه کان وڌ محبت هئي، جنهن هي سڀڪجھ ٻُڌو، ڏٺو ۽ سَٺو، اُن کان پوءِ به نه هيڻو ٿيو ۽ نه پنهنجي راهه تان هڪ پير هَٽيو ۽ هچڪيو. سچ آهي ته مقصد جي مومل کي، جي ماڻڻو آهي ته ڪاڪ محل کي سَر ڪرڻو ئي پوندو؛ ميهر سان ملڻو آهي ته دهشت ڀرئي درياءَ جي لهرين ۾ لڙهڻو ئي پوندو؛ پنهنجي پنهل کي پهچڻو آهي ته ڪيچ جا جبل جھاڳڻائي پوندا؛ ملير جي مارن سان ملي مَرڪڻو ۽ مهڪڻو آهي ته عمر جي قيد جا ڏيهاڙا ڪاٽڻائي پوندا_

ڏک سکن جي سوُنهن، گهوريا سک ڏکن ري،

جني جي ورونُهن، سڄڻ آيو مون ڳري

اُهو انسانُ، جو آزاد مَنش آهي ۽ پنهنجي اندر جي اُجھل آواز کي ئي حق جي ڪسوٽي سمجھي ٿو ۽ پنهنجي عمل لاءِ آخري فيصلي جو اختيار ڏئي ٿو، هر حلت ۾ ۽ هر گهڙيءَ اهو ماڻهو دنيا کي پنهنجي ارادي جي آڏو جھڪائڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهي ٿو. اُن راهه ۾ هيءُ جدوجهد ئي اَهڙي ماڻهوءَ جي نيڪ ۽ اعليٰ ارادي جي ضمانت آهي. سرچاءُ ان ماڻهوءَ لاءِ خسيس سڌن ۽ ادنيٰ ارادن اڳيان هار مڃڻ جي برابر آهي. هن جو پڪو ۽ اَٽل ويساهه جبل کي به هٽائي سگهي ٿو_ ”آڏو ٽڪر ٽَرُ، متان روههَ رَتيون ٿئين!“ هُن جو مٿو رتورت ئي سهي، پر اُهو هميشه اُڀو ۽ اوچو رهي ٿو.

خود قربانيءَ صبر ۽ سڀڪجھ سهڻ جو هيءُ سبق پنهنجي پيڙهيءَ ۽ پنهنجين آئنده پيڙهين لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ جن به سنڌ جي سپوتن پنهنجي قول ۽ فعل سان قائم ڪيو آهي، اُنهن جي سَٿ ۾ اياز جي جڳهه پهرينءَ صف ۾ آهي. پنهنجي دور جي اديبن ۽ فنڪارن جي ٻاريءَ ۾ بلڪ هند_پاڪ جي سڄيءَ ادبي تاريخ ۾، اياز جو هيءُ درجو يڪتا چئي سگهجي ٿو. ڪاليداس، اَمير خسرو، شاهه عبداللطيف، غالب، ٽئگور، سر محمد اقبال_برصغير جا هي سڀئي عظيم ۽ لافاني اديب ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي دور جا لاڏلا ٿي رهيا؛ (غالب جو ڪجھ سَٺو، اُهو ڪو پنهنجي ادب ۽ فن ۽ اُن جي فڪري للڪار جي سزا ۾ نه پر سندس پنهنجي ذاتي لاچارين جو نتيجو هو؛ ۽ اقبال ته اسان جي ست سمنڊ پار کان آيل حڪمرانن جي لقب خاص جو نوازيل هو ۽ پنهنجي دور جي پست کان پست پيل جاگيرداري اقتدار جو آخر تائين وظيفه خوار به رهيو!) بهرحال، هو سڀئي پنهنجي پنهنجي دور جي بيٺل ۽ مڃيل اقتدار جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان محفوظ رهيا، بلڪ، ڪجھ گهٽ ڪجھ وڌ، اُن جا دلبند ۽ پيارا بنياد رهيا. اِهو انهيءَ ڪري هو، جو هو پنهنجي پنهنجي دور جي اُن مڃيل ۽ بيٺل اقتدار جا ڪافر يا منڪر نه هئا. هُنن جي سڄي انسان دوستي ماڻهوءَ جي اڪيلي مَنَ ۾ جھاتي وجھي، اُن جي اسرارن کي پڌرو ڪرڻ ۽ ان کي حيواني حد تان کڻي انساني حد تائين آڻڻ ۽ اُن کان مٿي نيڻ تائين محدود هئي. اِها ڪا پنهنجيءَ جاءِ تي رواجي ڳالهه ڪانه هئي، بلڪ واحدُ مقصدُ انساني اصلاح ۽ ارتقا جي سمورين ڪوششن ۽ ڪاوشن جو اصل کان اِهوئي رهيو آهي. پر هُنن انساني خير واسطي حق ۽ حسن جي تلاش ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ اِهو لازمي نٿي ڄاتو ته سندن دور جي سماج کي قائم رکندڙ، اڪيلن انسانن کان الڳ ۽ پرانهين، عام مڃيل ۽ سوگهي بيٺل سياسي يا مملڪتي اقتدار کي به رد ڪيو، للڪاريو ۽ ڊاٺو وڃي. منجھانئن جيڪي اُن اقتدار جا نوازيل ۽ وظيفه خوار نه هئا، اُنهن جي طبع جي ڪيفيت ۽ تخليقي عمل جي پکيڙ ۽ پهچ به افلاطون جي ’فيلسوف‘ کان گهڻي مٿي ڪانه هئي، جيڪو ”ڏسي ٿو ته کيس ڪو ساٿي ڪونهي، جنهن جي مدد سان هو وڌي حق جو بچاءَ ڪري ۽ سلامت رهي سگهي! پاڻ کي هو ائين سمجھي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو وحشي درندن جي وچ ۾ رهندو هجي. اُنهن جي اَنياءَ ۽ پاپ کي نظر انداز ڪري يا قبولي، ائين ته هو نٿو ڪري سگهي. پر اڪيلي سر سڀني سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه به ڪانهيس. ۽ جي مقابلو ڪري ٿو ته وستيءَ جو يا ڪنهن ٻئي جو ڪو ڀلو ڪري سگهي، تنهن کان اڳي پنهنجي جان گنوائي ويهندو..... ۽ ائين اجايو پنهنجي ڪم کان به ويندو ۽ دنيا جي ڪم کان به ويندو. اِهي ويچار دل ۾ آڻي، هو ماٺ ۾ رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ پَر ۾ جو ڪم هو نيڪ ۽ ضروري سمجھي ٿو، سو ڪم ڪندو رهي ٿو_ بلڪل اهڙي ماڻهوءَ وانگر، جيڪو سخت طوفان ۽ آنڌيءَ ۾ وٺجي ويو هجي ۽ مٽيءَ ۽ بوڇاڙ کان بچڻ لاءِ ڪنهن ڀت جي آڏ ۾ ويهي رهيو هجي.“·

دنيا جي ههڙي ماٺ ميٺ ۾ پيدا ٿيل عظيم فلسفي ۽ عظيم ادب جتي انسان جي حيواني امنگن کي ٺاري ۽ ٺيڪ ڪري انسانيت جا معيار آهستي آهستي وڌايا ۽ انساني زندگيءَ جي هر دائري ۾ اعليٰ اخلاقي قدر پيدا ڪيا، اُتي معيارن ۽ قدرن تي نه پهچندڙ بلڪ اُنهن جي ضد ۾ هلندڙ سياسي اقتدار جي مالڪن کي هر وقت مجبور پڻ ڪري بيهاريو ٿي ته، جي سچ پچ نه ته ڪم از ڪم دعوا جي صورت ۾ ئي سهي، هُو اُنهن معيارن ۽ قدرن سان پنهنجي اقتدار جي وابسگيءَ ۽ مطابقت جا وڏي واڪِ اعلان ضرور ڪندا رهن! جنهن جو بهرحال هيءُ ته نتيجو ضرور نڪتو ٿي ته جيڪڏهن افلاطون جا ‘فيلسوف‘ سندس خواهش پٽاندر، پاڻ بادشاهه نٿي بڻجي سگهيا، ته خود بادشاهه اُنهن جي فلسفي کي پنهنجي مفاد ۾، هر وقت ۽ هر هنڌ، ڏاڍيءَ چالاڪيءَ ۽ چرب زبانيءَ سان استعمال ۾ ضرور آڻيندا رهيا ٿي. ظاهر آهي ته جڏهن انساني فلسفو ۽ ادب ائين وقت جي اقتدار جو، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت، هَٿيو ٿي ڪم اچڻ لڳي، تڏهن هڪ ته اُهو فلسفو ۽ ادب حڪمرانن جي ضبطيءَ ظلم کان بچيو رهي ٿو، ۽ ٻيو ته اُن حالت ۾ ادب ۽ فلسفي جي بنهه نئينءَ جنس جي گهرج ٿئي ٿي ۽ ان جا اُپائيندڙ دستوري اديبن وانگر ماٺيڻا ۽ ڪنهن ڀت جي آڏ ۾ آجھاپي وٺندڙ نه، پر ميدان جا مرد ۽ ڪوٽن جي ڪُنگرن تي ڪمنڊ وجھڻ وارا ڪي لينن، ڪي مائوزي تنگ، ڪي هوچي مِن، ڪي جيولس فيوچڪ، ڪي حيدر بخش جتوئي، ڪي اجمل خٽڪ، ڪي گل خان نصير، ڪي جي. ايم. سيد، ڪي اياز ۽ ڪي رسول بخش پليجا هوندا آهن. نئين دور جا هي نوان ڏاها ۽ نوان اديب ۽ شاعر قبيلي ئي ٻئي جا آهن، ۽ هُنن جو ادب ۽ هُنن جو فڪر پختي کتل ۽ سڀ کان آڻَ ۽ عقيدت جي ڏنَ وصول ڪندڙ هر اقتدار، هر تقدس، هر ڍونگ ۽ ڌڪوسلي کي رد ڪري ٿو، للڪاري ٿو ۽ اُن سان وڌي وڌي وچڙي ۽ وڙهي ٿو_ ”او شال عقابن سان اٽڪان، مان واهر ٿي وانهيرن جي!“

اياز جا انقلابي گيت ۽ نغما، سندس طالب علميءَ جي ڏينهن ۾ به ڳايا ويندا هئا_

او باغي، او راڄ دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني!....

مون کي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ سنڌ جي صوبائي اليڪشن ۾ اياز ۽ ٻه چار ٻيا دوست ڪراچيءَ مان هڪڙيءَ ريتي ڍوئيندر کٽاري لاريءَ ۾ چڙهي، ٿرپاڪر ضلعي ۾ هڪ سيٽ لاءِ ڪامريڊ عبدالغفور جان سرهنديءَ جي چونڊ لڙڻ واسطي گڏجي نڪتا هئاسين، ۽ پورو مهينو ٿر جي ڀٽن ۾ اُن لاريءَ جي ڍانڍي تي چڙهيا، ڀٽڪندا رهيا هئاسين، ۽ لائوڊ اسپيڪر تي اياز سان گڏ اياز جو گيت_

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ!

جئن زمينَ آسمانَ

جي کلي پَئي زبانَ؛

ڪنڊَ ڪنڊَ، چونڪُ چونڪُ،

شهرُ شهرُ، ڳوٺ ڳوٺُ،

جئن ڏئي اٿي جواب_انقلاب!.....

_ڳائيندا رهيا هئاسين. پوءِ 1947ع ۾ رسالو ”اڳتي قدم“ نڪتو، جنهن سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز ان رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر ان ٿورڙيءَ حياتيءَ ۾ هِن رسالي سنڌي ادب جي نَڪَ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اُها لاهي ڦٽي ڪئي، ۽ اُن کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو. ترت ئي انگريزن ملڪ ڇڏيو ۽ ساڻن گڏ لکن ماڻهن پنهنجا هزارن سالن جا ٺهيل ماڳ ۽ مڪانَ ڇڏيا ۽ ڪروڙن انسانن انسانيت جا سمورا سکيل سبق_ محبت جا، مروت جا، شرافت ۽ فضيلت جا_ الف کان ي تائين ائين وساريا، ڄڻ اُهي اُنهن سکيائي ڪونه هئا. دوئيءَ ۽ ڌڪار جا دئيت پنهنجين اونداهين ۽ ڀيانڪ چُرَن منجھان نڪري، سڀني پاسي پکڙي پيا. درندگيءَ جي هن عام دٻڙدؤنس ۾ هڪ ديانتدار آرٽسٽ ڪو وقت، افلاطون جي ’فيلسوف‘ وانگر، ڪا ڀت آڏ ڏيئي، پنهنجي دکِ ۽ پيڙا جون گهڙيون ڳڻي ويهي نه گذاري، ته ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ نا سازگار ماحول سان ٽڪر کائڻ بيسود سمجھي، وقتي پاسو جھلي ويهڻُ ۽ ابدي سچ ۽ صداقت ۾ سهارو ڳولڻُ_ اِهو فرار نه آهي، ۽ جي فرار آهي ته اهڙو فرار ڪو ڏوهه نه آهي. هر انقلابيءَ کي ڪڏهن اهڙيءَ صورتحال ۾ گهارڻو ئي پوي ٿو_ ۽ بشطريڪ هو ماحول سان سرچاءُ نه ڪري، هن جي اهڙي وقت ۾ ماٺ، سان خود به وڏو جهاد آهي. اياز جي هِن دور جي شاعريءَ ۾ ”ازل“ جو لفظ بار بار اچي ٿو ته هڪ مجبور فنڪار ان ۾ ئي داخلي سُڪون حاصل ڪري ٿو ته ’انت حق ۽ صداقت کي فتح آهي. ۽ آءُ اُن سان آهيان‘. 1954ع ۾ ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي شروع ٿيڻ تائين جيڪي سال گذريا، اُهي اياز جي اُنهيءَ داخلي زندگيءَ جي دور جا سال هئا. ”ڀونر ڀري آڪاس“ وارو شعر جو مجموعو گهڻي قدر اياز جي اُنهيءَ داخلي ڪيفيت جي پيداوار آهي.

1956ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ، سنڌ سان جيڪو ناحق ٿيو، ان جي خلاف جدوجهد سنڌ ۾ ساڳي بغاوت جاڳائي، جيڪا انگريز سامراج جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اُٿي هئي. سنڌ جي تهذيب ۽ زبان تي ڏاڍي ڪنهن نحس ستاري جو پاڇو آيل هو. ائين ڏسجي رهيو هو ته سنڌ جا شاعر ۽ اديب ڄاڻ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۽ ڪنهن ٻيءَ تهذيب جا بنهه ڪي ٿرڊ ريٽ نقال بنجي ويندا، عين هن آزمائش جي گهڙيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي ٻولي، پنهنجون روايتون، پنهنجي تهذيب جو احساس، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو آڪاس موٽائي ڏنو. اُن کان اڳ جو جديد سنڌي شاعر شيراز ۽ لکنؤ جو ڪو لوڌيل ۽ وائڙو پينو معلوم ٿيندو هو، جنهن جي ٻولي ٽي حصا اردو ۽ فارسي، جنهن جي شاعريءَ جو مڪاني رنگ به غير سنڌي، اُن جا گل، ٻوٽا، وڻ،جبل، درياءَ، لوڪ ادب، اشارا، تمثيلون، ڪنايا، روايتون ۽ ڪردار به سڀ غير سنڌي هئا. هر ڳالهه اُنهن جي مان ڌاريائپ جي بوءِ ٿي آئي. هڪ پوئلڳ ۽ پاڻ کان بيزار قوم جا اِهي ئي پرڪار هوندا آهن. سنڌ جي نجات ۽ آبرو منديءَ لاءِ اِنهيءَ ڪري پهرين ڳالهه ضروري هيءَ هئي ته سنڌ جي ادب کي سنڌي ڪري جياريو وڃي، ۽ اُن لاءِ منجھس هر ڳالهه جي پنهنجائپ پيدا ڪئي وڃي. اُن ۾ سنڌ جي ڪارونجھر ۽ کيرٿر، منڇر ۽ ڪينجھر، ڪاڇيءَ ۽ ڪوهستان، ڪراچيءَ ۽ ڪيٽي بندر، سنڌ جي لاک رتيءَ لوئيءَ ۽ اجرڪ، سنڌ جي سونهن ۽ ست سان سينگاريل سهاڳڻين جي هارسينگار ۽ ڳهن ڳٺن، سنڌ جي سدا ملوڪ جوان مردن جو پٽڪن ۽ ڪهاڙين، سنڌ جي همرچي، موري ۽ هوجمالو، ۽ سنڌ جي وڻن ٻوٽن، جيتن ۽ جانورن، سنڌ جي پکين ۽ گلن ۽ اُنهن جي آزاد اُڏام ۽ پُربهار رنگين ۽ ساهه سيبائيندڙ سڳنڌ جو ورائي ورائي ذڪر آندو وڃي. ۽ جڏهن سنڌ جي اڳيان هِي شعر پيش ٿيو، تڏهن دنيا ڄاڻي ٿي ته سڄي سنڌ جھومي اُٿي ۽ اُن جي لونءَ لونءَ سُرندي جي تندن وانگر ٻَري اُٿي ۽ اڃا تائين ٻرندي رهي ٿي. هن شاعريءَ جي پنهنجائپ سنڌ جي نوجوانن تي اُهو اثر ڪيو، جو سنڌ سان وفاداريءَ جي ڏوهه ۾ جھليل هي سَوَن جا سَوَ قيدي جوانَ، جيلن ۾ اَئٽ ڪتيندي، کٿا اُڻندي ۽ چڪيون پيهندي، اُن کي گڏجي ڳائيندا رهيا ۽ هينئر به جتي آهن اُتي ڳائيندا رهن ٿا. نومبر 1968ع_ فيبروري 1969ع جي عوامي جمهوري تحريڪ ۾ قيد ٿيل سنڌي ۽ مهاجر ڪراچي جيل ۾، سڀ جا سڀ گڏجي، تاڙين جي تار تي_ ”هُڙڪ هلو هو! ڌيمي هلو هو!“_ ڳائيندا هئا ۽ لاڳيتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائيندا رهندا هئا، سنڌ جي سپوت ۽ مٿانس ساهه صدقي ڪندڙ سرويچ، حفيظ قريشيءَ، جو چوڻ آهي ته ”جي سنڌ آزاد ٿيڻي نه هجي ها ته شيخ اياز پيدا نه ٿئي ها!“ ”سنڌ جو آواز، شيخ اياز!“_ نئين سنڌ جو هڪ عوامي نعرو بنجي چڪو آهي، ۽ جتي به سنڌ ۾ ڪو عوام دوست ۽ انقلاب پسند ماڻهن جو جلسو يا ميڙ ٿئي ٿو، اُتي اڄ وڏي جوش ۽ اوچي آواز سان اِهو نعرو اُڀري ٿو. ”سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو! سهندو ڪير ميار، او يار!“ ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پينهنجو سِيسُ نمايان، مِٽي ماٿي لايان!“ _هي ۽ ٻيا ڪيئي لافاني قومي گيت اڄ سنڌ جي هر راڳيءَ جا پنهنجا دلپسند ترانا بنجي چڪا آهن ۽ کانئن هر مجلس ۽ محفل ۾ گهُري گهُري ڳارايا وڃن ٿا. اُهو ساڳيو اياز جنهن کي پنج سال اڳ حيدرآباد منجھان گهڙيءَ جي نوٽيس تي، پنجاهه پوليس وارن جي پهري هيٺ، شهر بدر ڪيو ويو، جڏهن ڪراچي جيل مان ڇُٽي جنگشاهيءَ جي اسٽيشن تي پهتو، تڏهن هزارها ماڻهن ”جيئي سنڌ!“ جا نعرا هنيا ۽ سندس ريل گاڏيءَ کي زوريءَ روڪائي، کانئس ”سهندو ڪير ميار! او يار! سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!“ چوارايو، ۽ اُن کان پوءِ ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي پهتو، تڏهن ويهه هزار ماڻهو اُتي کيس ڏسڻ لاءَ موجود هئا، ۽ اُتان کيس جلوس ۾ نيئي، هُنن قلعي ۾ سنڌ جي امر سپاهيءَ هوشوءَ شيديءَ جي قبر تي ويهاري، کانئس سندس شعر ٻڌو. ۽ اهڙي ئي عقيدتمنديءَ جي جذبي ۾ سرشار ٿيل لکن ماڻهن اياز کي حيدرآباد کان سکر تائين هر ريلوي اسٽيشن تي مانُ ڏنو ۽ سکر اسٽيشن تان ڪلهن تي کڻي، ڳائيندي، نعرا هڻندي، پراڻي سکر ۾ سندس گهر تائين کيس پهچايو.

انقلابي شاعر جي دنيا جون ٻه ضرورتون ٿين ٿيون_ هڪ داخلي ۽ ٻي خارجي، ۽ هو هڪ ئي وقت پنهنجي دنيا جي اُنهن ٻن نظارن منجھ رهي ٿو. داخلي صورت هُن جي دنيا جي اُها آهي، هتي هو حقيقن جي تلخيءَ کان بيزار ٿي، پنهنجي عوام ۽ دنيا جي عوام جي مستقبل  جا خواب لهي ٿو، ۽ اُهي خواب سندس من جي پيڙا جا پاڇا بنجي، هن جي شعر ۾ ظاهر ٿين ٿا، ۽ هيءُ سندس شعر يا اُهو اُن جو ڪيف ۽ رنگ عالمي ۽ آفاقي ٿئي ٿو.هن جي دنيا جي خارجي صورت اُها آهي، جڏهن هن جي پنهنجي سماج جون انقلابي قوتون ايتريون اُڀريل هونديون آهن، يا هو سمجھندو آهي ته اُڀريل آهن، جو اُهي اڳتي وڌي، پنهنجي وس ۽ مرضيءَ سان سماجي ڦير گهير آڻي سگهن، تڏهن هو پنهنجي شاعريءَ کي اُنهن ميدانن ۾ بيٺل، جھيڙي ۾ رُڌل ۽ اڳتي وڌندڙ انقلابي قوتن جي جولاني اُمنگن ۽ اَٽل ارادن جو ترجمان بنائي، ويڙهاند جي ميدان ۾ اُنهن سان گڏ آڻي بيهاري ٿو، ۽ سندس اُها شاعري سندس سماج جي پوري عوام جي پنهنجي شاعري بنجي وڃي ٿي. اياز جي شاعريءَ ۾ سندس هِنن ٻنهي دنيائن جون تجليون موجود آهن. عظيم لينن ”آرٽ آئنڊ لٽريچر“ جي نالي سان پنهنجي هڪ تصنيف ۾ انٽرنيشنل تراني جي خالق، گاٽيئر (GAUTIER) ، لاءِ چيو ته ”هو گيت ۾ بهترين پروپيگنڊا ڪندڙ آهي!“ اياز جو هر گيت پروپيگنڊا ڪيندڙ آهي، ۽ ساڳئي وقت جيئن ئي ۽ جڏهن به_ هاڻي يا ڏهن سالن، ويهن سالن يا سؤ سالن کان پوءِ_ اُن جو اُهو رول پورو ٿيو، ته پوءِ به اُهو پنهنجي عالمي ۽ آفاقي معنيٰ سان ادب ۽ فن جي امل ماڻڪ طور ائين ئي قائم رهندو. فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (JEAN COCTEAU) ، کان ڪنهن پڇيو ته ’جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ اُن ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي اُن مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟‘ جواب ڏنائين ته ’آءُ اُتان باهه کڻي ايندس!‘ اياز جي شاعريءَ ۾ اُها باهه به آهي، پر اُن ٻار۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي. اياز اُها باهه، ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، اُن ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري ٿو،ڇو ته اُتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙيا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا. ٽراٽسڪيءَ ميڪسيڪو جي جلاوطنيءَ ۾ ميسيڪو جي عظيم انقلابي آرٽسٽ، ڊيگوري ويرا (DIEGO RIVERA) ، سان گڏجي دنيا جي اديبن ۽ فنڪارن جي انجمن ٺاهي هئي، جنهن جو پڌرنامو پاڻ لکيو هئائين؛ اُن ۾ چيو اٿس ته ”فنُ انقلاب جو بهترين ساٿي آهي.“ هيءُ هڪ عجيب اتفاق جي ڳالهه آهي، جو ون يونٽ جي پويَن ڏينهن ۾، اولهه پاڪستان جي ٽنهي مظلوم قومن جا وڏي ۾ وڏا فنڪار هڪ ئي وقت هڪ ئي جيل ۾ بند هئا. بلوچي ٻوليءَ جو بهترين قومي شاعر گل خان نصير، پشتو زبان بهترين قومي شاعر اجمل خٽڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بهترين قومي شاعر شيخ اياز 1968ع جي پويَن مهينن ۾، ملڪ جي 13 ٻين چوٽيءَ جي سياسي قيدين سان گڏ، ساهيوال ۽ پشاور جيلن جا قيدي هئا. فن جو انقلاب سان اِهو بهترين ساٿُ ئي انقلاب جي بهترين پروپيگنڊا آهي، جا ئي انقلاب _دشمن قومن جي رواڻ کي جلائي ڀسم ڪرڻ لاءِ بهترين اماڙيءَ جو ڪم ڏئي ٿي. انقلابي شاعر ۽ اديبُ اِهو ڪم زندگيءَ جي خارجي نظاري منجھ رهي ڪري، اُن جي اثر ۽ تقاضا هيٺ، سرانجام ڏئي ٿو.

ادب جو انقلاب سان ساٿُ اُن لاءِ بهترين پروپيگنڊا ٿي ڪم اچڻ فقط اُن صورت ۾ ممڪن آهي، جو ادب پهريائين ادب هجي. عالمي انقلاب جي وڏي ۾ وڏي زندهه سالار، مائو زي تنگ، چيني اديبن جي ينان ڪانفرنس ۾، چيو ته ’فن جيسين پهرين فنُ نه آهي، تيسين اهو پروپيگنڊا جو اهل ٿي نٿو سگهي.‘ اياز جي فن کي سنڌي قوم جي انقلابي تحريڪ لاءِ بهترين پروپيگنڊا جي اهميت انهيءَ ڪري ملي آهي، جو اُهو پهرين فن آهي ۽ پروپيگنڊا پوءِ آهي، جيئن حسن جو ڇيهه ڪونهي، جيئن محبت جو ڇيهه ڪونهي، جيئن حق جو ۽ نيڪيءَ جو ڇيهه ڪونهي، تيئن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ پڻ ڀَلان ڀَليءَ جو ڇيهه ڪونهي. ايازُ پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي اُنهن کان مٿي اُڀري ٿو_ ”عدد ناهه عشق پڄاڻي پاڻ لهي!“ سادا ۽ سهڻا لفظ، اُنهن جي چونڊ ۽ اُنهن جو پورو پورو استعمال، شعر جي رواني ۽ نغمگي ۽ اُن جو دلبرانه انداز، ڪڏهن ننڍڙا ۽ نزاڪت ڀريا وزن ۽ بحر، ڪڏهن ڊگها بحر ۽ سنگلاخن مان ويندڙ سوارن جو جولاني ترنم، زبان تي بنهه هوا کان هلڪا لڳندڙ رديف ۽ قافيا، هندي ڇند جو بنهه معصومانه من موهيندڙ استعمال، لوڪ گيتن جون ڌنون، ۽ انوکيون علامتون ۽ اشارا اهڙا، جو معنائن جي موتين سان خالي جھول ڀرجيو وڃن ۽ دل ورائي ورائي اُنهن کي ٻُڌڻ لاءِ آتي ۽ زبان اُنهن کي ورائي ورائي جھونگارڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي! ڪهڙيون ڪهڙيون سِٽون آهن، جي اياز جي شعر جون پنهنجي ترنم، حسنڪاريءَ ۽ ميٺاج سبب دل ۾ گهر ڪري نٿيون ويهن! مون سَوَن اهڙن نوجوانن کي ٻڌو آهي، جن کي اياز جا سڄا سڄا نظم، گيتن جا گيت ۽ سَوَن جا سو بيت، دوها ۽ وايون برزبان ياد آهن. قومي جدوجهد جي هر دور ۾ اياز ڪي اهڙيون تُز سٽون لکيون آهن، جيڪي اُن دور جي تاريخي روح جون ترجمان هئڻ سان گڏوگڏ فن جي لطيف ۽ پهچ کان ٻاهر بلندين جا نشان پڻ آهن، مثلاً:

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي......

·

ڏسي ڏکيا ڏيِلَ، ڳوڙها ڳلِ ڳڙي پيا......

·

ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ.......

·

واسينگن جي واٽ، آهي سفر سچ جو........

·

سانڍيا منهنجي ساهه، ڏکڙا ساري ڏيهه جا......

·

شال کسي مان توتي تاڻيان، تنهنجا ڪانَ ڪمانَ.......

·

جھڄي پيو مَنُ جھونجھڪڙي ۾، سانجھي آ سُنسانُ.......

·

منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!

·

مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب.......

·

ڀري ڀري پيءُ، جيسين جيئين، گهڙيءَ گهڙيءَ جو جام.......

·

جيون_نيا مٺڙي مٺڙي سُر ۾ پَئي ڪجھ ڳائي......

·

ترس اي حسنِ ازل، اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!

·

اي زمانن جا ضمير! تنهنجي ڪهڙي منزلِ مقصود آ؟

·

راتڙي، هيءَ نور جي برساتڙي.......

·

مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا، ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي!

·

توتان وريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!

·

ڪنهن جي لاءِ ڪُماچُ، صديون رهيو سانت ۾؟

·

تو جا سمجھي سِٽَ، سا آڳ اٿئي اَنمول......

·

سنڌڙي تنهنجو ساهه، جرڪيو منهنجي جيءَ ۾......

·

روئي پيئي رت، سُڏڪا ڀري سنڌڙي.......

·

ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو؟

·

اوري اَچ ته اُگهان، ڳوڙها تنهنجي ڳل تان.......

·

شال وسن او سنڌڙي، تنهنجا کيت وسن!

·

ڪانئرُ ڳولي ڪالهه، سڀاڻي سرويچ جو........

·

ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان.......

·

سنڌڙي، مون کي سڏته ڏي، تون چپ ڇو آهين، ڇاهي!

·

اي ڏورانهان! ڏسڪي تو ڏي ڪيسين پنهنجا نيڻ کڻان؟

·

سنڌڙي تنهنجو ساهه ”اياز“، مري نه ٿيڻو آهي ماٺ......

·

ڪرندا آخر ڪوٽ ڪڏهن، ماروئڙا! او ماروئڙا!

·

ٻولي گولي ناهه ”اياز“، اُن جو وس فقط واڪو.....

·

تنهن جِيوَنَ کي آڳ لڳاءِ، جنهن ۾ ناهه ڪَرمَ جو قَلُ......

·

او منهنجا محبوب وطن! توسان ساڳيو لونءَ لڳاءُ........

·

سهنجو سمجھ نه سِٽ کي، نور نچوئي لک!

·

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي!

·

هِن گهڙيءَ، هِن وير، هلندي ڪائي هوت ڏي؟

·

سنڌڙيءَ شاهه لطيف جي، لهر نه ڪو لوڏو........

·

سُک نه سڀنري سنڌڙي، اُڀري سج لٿا........

·

گهاٽ مٿان گنهگھور گهٽا ۾ اڄڪلهه جو انسانُ.......

·

 

ساڀيا ۽ سپني ۾ ويچا، جو به مِٽائي، ٻول اُنهيءَ جي ٻانهڙي آهيان......

·

ڳاڙها ڳاٽ، سگهارا ڳڀرو، پنڌ، پرينءَ جو پُور،

الوميان! ديسُ نه دل کان دُور......

·

سَڌَ سهانگي، مڌ مهانگو، سر جو سودو ڪير ڪري!

_موکي ويٺي مَٽَ ڀري!

·

ڳڀرو ڳهرا، ديسُ اَسارو، موڳو منهنجو مَنُ........

·

عشق عقاب، پکي پرڏيهي، جھڙپ ڏئي ٿو جھٽي!

_ڪير اُنهيءَ کان کٽي؟

·

سنڌڙي، تنهنجو نانءُ وَتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.....

·

هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ ”اياز“ نه مرڻي آ!

·

هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪُ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪُ ٿيا......

·

’ميهار ملڻ جي ويلا آ،

ڪر ڳالهه گهڙن ۽ گهيڙن جي‘

_

گجري توتي گج ته آ، پر

جھُڙ ۾ ڪاوا جھڙا ڪک_ ڇَرَ تي ڇوههُ، ڇمر جا پاڇا......

_

تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ، اُؤتڙ اَؤتڙ آءُ ميان!........

_

تون ته ڪَنڌيءَ جو ڪانڌ ميان،

هاءِ ڪُنڍيءَ ۾ منهنجو مَن!

_

اوءِ ڪجري گجر، پير هوريا ته ڌر،

هاءِ گهاگهر نه ڇُلڪي پوي!.......

_

اي ڪينجھر! تنهنجي ڪنڌيءَ تي

ڪوئي ته تماچي اچڻو آ!........

_

جنهن وقت به ڪو، مون گيت چيو،هن ڌرتيءَ جو

ڄڻ ڪوئي قرض چُڪو آهي......

_

رات آئي وئي، تون نه آئين ڪَهي،

ماڪَ ۾ مينڌرا ڪاڪِ روئيندي رهي!

_

ڇڻندڙ پَنَ وڇوڙيل يار، ڳالهه ته هڪڙي ناهي.......

_

ڪَنول ڪَنول ئي تنهنجا ڳل، ٿيندي ماڪَ مهل......

_

انڌو اُڀ انڌاري ڌرتي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽ اسان........

_

پنهنجي رت ۾ ريٽو جھنڊو اُڀ تائين جھوليندو،

اهڙو ڏينهن به ايندو!......

پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۾ توڙي پوءِ، هي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيئن جَڙيل هيرن جي لڙهن ۾ پوتل سٽون سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ مصروف نوجوانن، اديبن ۽ ادب سان واسطي رکندڙ هزارها ماڻهن جي ورد زبان رهيون ۽ انهن لاءِ مشعل راهه ٿي ڪم آيون، قومي جدوجهد سان اِهو ساٿ ۽ اُن لاءِ بهترين پروپيگنڊا جي هيءُ ڪم اياز جو شعر خاص طرح سنڌ جو نئون ادب مجموعي طور فقط تڏهن ادا ڪري سگهيو، جو سنڌ جي عوام اُن ۾ پنهنجي ۽ بني نوع انسان جي امنگن جو عڪس ۽ ساڳئي وقت اعليٰ فن جي حسن آرائي ۽ جاذبيت موجود ڏٺي. هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته، هڪ وڏيءَ حد تائين، سنڌ جي نئين سياست شيخ اياز جي هِن شعر ۽ جي، ايم، سيد جي نثر جي ئي پيداوار آهي.

اياز جي شعر جو هيءُ مجموعو، جيڪو ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي عنوان سان هت پيش ٿي رهيو آهي، اُن ۾ ٻه منظوم ڊراما، جن کي مغربي ادب ۾ اوپيرا (opera) سڏجي ٿو. 19 وايون ۽ گيت، 37 غزل ۽ 18 نظم آيل آهن. منظوم ڊرامائن ۾ ”دودي سومري جو موت“ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن جا ڪردار پراڻا به آهن ۽ هاڻوڪا به آهن. هيءُ ڊرامو قومي جدوجهد جي پڌر تي زندگيءَ ۽ موت بابت ٻن مختلف نظرين جي عملي اظهار جو ڊرامو آهي_ هڪ نظريو اُهو، جنهن ۾ موت کان ايترو ڊپ ۽ زندگيءَ لاءِ ايترو موههُ آهي، جو انسانُ هر قيمت تي جيئڻ ۽ جيئڻ جو لطف وٺڻ گهري ٿو؛ عزت ۽ ذلت توڙي ٻيو ڪو اخلاقي قدر، انفرادي توڙي اجتماعي نوع جو، هن لاءِ اِن سلسلي ۾ بي معنيٰ ٿين ٿا؛ ٻيو نظريو اُهو، جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ ايترو پيار ۽ پاٻوهه ۽ موت کان ايتري لاپرواهي ۽ بي اونائي آهي، جو جيئڻ لاءِ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي مرڻو به پوي، ته بي ڌڙڪ موت جي مُنهن ۾ هليو وڃي. زندگيءَ جي سهڻين ۽ سٺين شين کي ٻنهي مَنَوَرتين وارا ماڻهو چاهين ٿا_ پر هڪڙا اُنهن شين کي مفت ۾ ائين ماڻڻ گهرن ٿا، جيئن اُهي آهن يا کين ميسر ٿين، ٻيا اُهي جيڪي پنهنجي جاکوڙ سان زندگيءَ کي وڌيڪ سهڻو ۽ سُٺو بنائڻ به گهرن ٿا ته جيئن کين تنهان ئي وڌيڪ سهڻيون ۽ سٺيون شيون ماڻڻ لاءِ ملي سگهن ۽ اُن جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ کين جيئڻ جو اُهوئي رس ملي ٿو، جيڪو خود انهن شين جي ماڻڻ مان کين ملي ٿو. چنيسر جو مَنُ موت جي خوف ۾ ورتل مَنُ آهي، ۽ هو عزت جي موت کان ذلت جي زندگي بهتر سمجھي ٿو، ۽ گيديءَ وانگر ڏهه ڏهه ڀيرا موت مري به زندهه رهڻ گهري ٿو، ڇو جو_

”ڏاهپ جو آ ڏس اِهوئي_

جيئڻَ جهڙو جَس نه ڪوئي.“

 

”هرشيءِ اچڻي وڃڻي آهي،

”هر شيءِ ڀيري ڀڃڻي آهي؛

”جيڪي آهي سو هي پَل آ،

”موت اٽل آ موت اٽل آ؛

”ڏوهيءَ جو ساڻيهه به ساڳيو،

”بي ڏوهيءَ جو ڏيهه به ساڳيو_

”ڇو جو هر ڪنهن کي مرڻو آهي،

”ڀونءِ جو اونهو ڀِڀُ ڀرڻو آهي“......

 

”_موت ائين آ هُن جي من ۾،

چچڙ جئن ڪَتي جي ڪَن ۾،“

هِن ڊرامي جو ٻيو ڪردار، ڇولي ڪنڀارڻ، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب جي علامت طور آندل آهي، جا پنهنجي اصليت وڃائي ويٺي هئي ۽ اوچتو پنهنجو هر روحاني قدر ڊانوا ڊپل ٿيندي ڏسي، وري پنهنجيءَ اصليت ڏانهن واپس وري ٿي. ٻئي پاسي دودو آهي، جو زندگيءَ جو سرواڻ ۽ اُن جو معمار آهي، ۽ هو زندگيءَ جي حال ۽ مستقبل جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ موت ضروري سمجھي، کلندي ۽ خوش ٿيندي، پاڻ کي موت جي مُنهن ۾ اڇلي ڇڏي ٿو_ اِنهيءَ لاءِ ته زندگيءَ جو سلسلو قائم رهي، وڌي ۽ اُن ۾ وڌيڪ حسن پيدا ٿئي:

هر روز پتنگا ڄرڪن ٿا،

ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!

هڪ جوت ٻُجھي، ٻي جوت جلي،

هر وقت جھروڪا جھرڪن ٿا_

ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!

هر اوندهه ۾، هر اوجھڙ ۾،

ڪي ماڻهو مُرڪن مَرڪن ٿا_

ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!

ڏس، ڏيئي لاٽ ائين ئي آ!

ٻيو منظوم ڊرامو، ”رني ڪوٽ جا ڏاڙيل“، پڻ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن ۾ پڻ، طبقاتي جدوجهد جي پڌر تي، زندگيءَ ۽ موت جي ساڳين ٻن متضاد نظرين جو عملي اظهار ٿيل آهي، اُن جا ڪردار_ ولهار ۽ وينگس، ۽ آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو_ به ڪي رڳو پراڻي جُڳ جا يا ڪي لڪل ڪردار نه آهن. پڙهڻ سان چوڌاري ڪو اُنهن کي پنهنجي آسپاس ڏسي ۽ سڃاڻي سگهي ٿو. وينگس کي سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا ۽ ولهار کي سنڌ جي آباديءَ ۽ خوشحاليءَ، ۽ آڍي، ڪاڍي ۽ ڏاڍي کي اُنهن جي دشمن ڪردارن، مثلاً سامراج، جاگيردار ۽ سرمايه دار، جي صورت چئي سگهجي ٿي.

مارچ 1969ع کان پوءِ جا ٻه مهينا قومي جمهوري جدوجهد جي نتجي ۾ آمريت جي خاتمي کان پوءِ جا ٻه مهينا هئا، جن ۾ عوام جي اُن عظيم فتح تي چوڌاري خوشي به هئي، ۽ ٻيهر مارشل لا جي اچڻ تي، رنج ۽ نراسائيءَ سان گڏ، اڳتي وڌي اڻ_پوري انقلاب کي پوري ڪرڻ جو جذبو ۽ عزم پڻ عام هئا. اياز جو هن مجموعي ۾ آيل سڄو شعر، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو، اُنهن ٻن مهينن جي دور جي تخليق آهي، ۽ اُن ۾ اِهائي اُن دور جي خارجي حقيقت عڪس ٿيل ڏسي سگهجي ٿي. ذڪر ٿيل ٻن منظوم ڊرامائن کان علاوه اِها رنج، نراسائيءَ ۽ اڳتي وڌڻ جي عزم جي عڪاسي هن مجموعي جي باقي شعر جي گهڻي ڀاڱي ۾ پڻ موجود آهي. مثلاً، هيٺيان گيت، غزل ۽ نظم اِن سلسلي ۾ پڙهي سگهجن ٿا_

هئه هئه ٻيريون ڄاڱريون!

هئه هئه آرتيون آڱريون! (ص 62)

·

وٽ جلائي ويهه!

آئي رات اَماس جي........ (ص 64)

·

گهرَ گهرَ جوت جلائي،

سانجھي آئي......             (ص 65)

·

اَڏا لَڪ ته ڏس!

چنڊ پيو اُڀري........           (ص68)

·

ڪنب نه تون ڪاپائتي،

ڪنبڻ واريون ڪوههُ ڪتينديون! (ص69)

·

ڳاڙها ڳيرو آئيا_

دولهه منهنجي ديس جا!              (ص 9)

·

ونجھ تکيرا وانجھيو!

گهاٽ پري آهي............             (ص 70)

·

چِٽ پورا ڪيا گهڙي تي مون،

ڏس، نهائين اڃا تَتِي نه تَتِي! (ص 70)

·

شاعري، جي روح گرمائي نه ٿي....... (ص83)

·

هر منزل کان اڳتي وڃ!

ڪنهن منزل تي پير نه ٺار!        (87)

·

ٿي ماڪ وسي ميخاني تي،

ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا.........  ( ص112)

·

ڇا سوچان ٿو مان! ڪيئن چوان!    (ص 107)

·

دل روز چوي ٿي دور وڃان........      (ص 112)

·

گهايل سوار کي

ڪارا ڪُميت تون

ڪيڏانهن نيندين!........         (ص 123)

·

جت لُڪ لڳي، جت اَڪ تپن،

سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!     (ص125)

·

ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ،

مسافر،

ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ!.......        (ص127)

ادب ۽ فن جا ڪي نقاد اعليٰ ادب ۾ انهيءَ نموني پنهنجي وقت جي مسئلن جو ذڪر پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ نه رڳو غير ضروري پر معيوب سمجھن ٿا. سندن راءِ موجب، ادب ۽ فن جي آفاقي ڪيفيت زمان ۽ مڪان جي اهڙي تعلق سبب قائم رهي نٿي سگهي. هنن جو چوڻ آهي ته ادب ڪنهن خاص قوم يا ڪنهن خاص و قت لاءِ نه بلڪ عالمي اهميت جو ۽ مستقبل يعني ايندڙ نسلن لاءِ هوندو آهي. هو ادب جي سماجي ڪارج کان گويا هِن معنيٰ ۾ انڪاري آهن ته ادب کي ڪنهن هلندڙ وقت ۾ ۽ ڪنهن خاص سماج لاءِ ڪو ڪارج ادا ڪرڻ گهرجي. پر، ڪيوبا جي انقلاب جي سالار اعظم، فيڊل ڪئسٽرو، جي لفظن ۾ ”اسين چئون ٿا ته اهڙا ڪي به فنڪار ڪين آهن، جيڪي فقط ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي فن جي تخليق ڪندا هجن. پنهنجي اِن راءِ کي رد ڪد کان مٿي نه سمجھندي، اسين اهو يقين رکون ٿا ته جيڪو به انهيءَ مفروضي تي هلي ٿو، اُهو خود فريبيءَ جو شڪار آهي. اِن جو اهو به مطلب نه آهي ته جيڪو فنڪار پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ڪاوش ڪري ٿو، تنهن لاءِ اِهو ڪو امڪان ئي ڪونهي ته هُن جي تخليق ايندڙ نسلن وٽ مقبول ۽ معروف ٿي سگهي_ ڇاڪاڻ ته جڏهن فنڪار ڪا تخليق پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ٺاهي ٿو، پوءِ اُهي سندس پنهنجي وقت جا ماڻهو اُن کي سمجھي به سگهن يا نه، تڏهن، بلڪل اُن سبب ڪري ئي، اڳتي هلي، اُها تخليق تاريخي ۽ عالمي اهميت حاصل ڪري سگهي ٿي. اسين انقلابُ ايندڙ نسلن لاءِ ڪونه آڻي رهيا آهيون، اسين انقلاب هن نسل جي ساٿ سان ۽ هِن نسل لاءِ آڻي رهيا آهيون_ پوءِ اُهو ايندڙ نسل لاءِ ڪيتري قدر به کڻي فائدي وارو ٿئي ۽ ڪيتري قدر به کڻي اُهو تاريخ جو هڪ عظيم واقعو ثابت ٿئي. اسين مستقبل جي ماڻهن لاءِ انقلاب ڪونه آڻي رهيا آهيون. هيءُ انقلاب مستقبل جي ماڻهن لاءَ اهميت رکندو، ڇاڪاڻ ته اِهو اڄ لاءِ ۽ اڄ جي مردن ۽ اڄ جي عورتن لاءِ انقلاب آهي. جيڪڏهن اسين مستقبل جي نسلن لاءِ انقلاب آڻيندا هجون، ته اُن حالت ۾ اسان کي هوند ڪير مڃي ۽ ڪير اسان جي پوئتان هلي؟ سچ پچ ته اسين فقط پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ئي ڪاوش ڪريون ٿا. ۽ اسان جي تخليق اُنهن لاءِ ئي آهي_ ۽ ائين ڪرڻ سان ڪابه فني تخليق لافاني شهرت جي اعزاز کان محروم نٿي ٿي سگهي.“·

اياز جي شعر جي فني تجربي کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجھيو آهي ۽ شايد هيءُ ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگهي. خاص طرح اياز جا نظم انهيءَ لحاظ کان مون کي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. اُنهن کي نظم جو ڪوبه مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي هاري، بُرش جي زوردار جھٽڪن سان، گهڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا هجن! ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ وارا سندس نظم پڙهي، محسوس ٿو ٿئي ته اُهي ڪنهن شيش محل جي گهڙيل ۽ ماپيل هڪَڪَرن شيشن وانگر نه آهن، پر ڄڻ اونداهيءَ رات ۾ ڪنهن جوالا اوچتو ڦاڙ کاڌو آهي ۽ ٻرندڙ اڱرن ۽ ڌاتن چوڌاري پکڙجي هڪ عجيب جھرمر لائي ڏني آهي. نظمن جي انهيءَ بي ساختگيءَ، روانيءَ، رنگارنگيءَ ۽ انوکائيءَ ۾، ساڳئي وقت هڪ گَهري، رچي ريٽي ٿيل انقلابي شعور جو اظهار پنهنجي ڪمال تي پهتل آهي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ برصغير جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو اُهو يگانو تصور آهي، جو صدين تائين اسان جي ديس واسين جي روح کي گرمائيندو رهندو، ۽ انقلابي سياست جي هر لاهي چاڙهي ۾ اُن جو ساٿي ۽ سونهون ٿي ڪم ايندو. مون کي انهيءَ لکڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿي ٿئي ته ته اياز جي اڳين ۽ هن مجموعي جي نظمن ۽ ٻئي ڪلام ۾ هن ڌرتيءَ جي پيڙهيءَ پيڙهيءَ جي هزارين سالن پراڻي پيڙا ڇڪجي آئي آهي ۽ اُن پيڙا مان ڇوٽڪاري جو اَمر سپنو به هن جي ساڳيءَ شاعريءَ ۾ آهي. جنهن سپني کي ساڀيا بنائڻ لاءِ هن پنهنجي آرام جي زندگي ترڪ ڪري، قيد ۽ ملامتون قبوليون آهن.

هن مجموعي ۾ آيل اياز جا غزل به غزل جي ايراني ۽ اردو روايت سان پوري بغاوت آهن، انهن کي فقط فارم غزل جو آهي، پر انهن جي ٻولي ۽ انهن جو فني حسن سنڌ جي تهذيب ۽ ڌرتيءَ مان ائين اُسريو آهي، جيئن برسات کان پوءِ ٿَرُ اوچتو سائو ٿي ويندو آهي ۽ اُن جي ساوڪ ۽ سُرهاڻ لونءَ لونءَ ۾ گهر ڪري ويهندي آهي. هر غزل کي گيت جو ترنم ۽ نظم جي معنوي گهرائي آهي، جا به ان کي روايتي غزل کان بلڪل انوکو ۽ نرالو ثابت ڪري ٿي، ۽ شاعريءَ جي هن صنف ۾ هڪ نئينءَ روايت جو بنياد رکي ٿي.

هن مجموعي جون وايون ۽ گيت به فارم ۽ ترنم جي خيال کان ساڳين صنفن ۾ اڳ ڪيل تجربن کان مختلف ۽ وڌيڪ موهيندڙ آهن_ مثلاً:

ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،

سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا!

مارو اڪيلڙا!

·

جيجل منهنجو جيئڙو!

هئه هئه منهنجو جيئڙو!

آئي مند گلاب جي........

·

هئه هئه منهنجي چولڙي

ڌوَءُ نه ڌوٻيءَ گهاٽ تي!.........

·

هن مجموعي جي سڄي شعر ۾ اياز سوين نوان قافيا استعمال ڪيا آهن، جي هُن اڳ ڪڏهن به ڪم نه آندا آهن. اردو شاعريءَ کي ڏسو ته پوريءَ شاعريءَ ۾ ڪل سَؤ سوا کن قافيا نظر ايندا، جي ”ولي“ دکنيءَ کان فيض احمد ”فيض“ تائين شاعرن وري وري پئي ڪم آندا آهن. اياز هڪ ڀيري ”فيض“ کان پڇيو هو، ”فيض! تنهنجي چئن ئي ڪتابن_ نقش فريادي، دست صبا، زندان نامه، ۽ دست تهه سنگ_ ۾ ڪو اهڙو هڪ به لفظ يا قافيو آيل آهي، جو اڳ اردوءَ جي شاعرن ڪم نه آندو آهي؟“ _ته فيض لاجواب ٿي ويو هو. اياز پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالامال ڪري، ان کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي، ۽ اُن مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کُٽڻائي نه آهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجھل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي نه آهي.

آخر ۾ مان هي لکي اياز جي هن ڪلام جو هيءُ مهاڳ ختم ٿو ڪيان ته شايد ئي ڪنهن شاعر پنهنجي شعر ۾ فن ۽ انقلاب ٻنهي کي ايترو هڪ وقت اُڀاريو ۽ اُجاگر ڪيو هجي، جيترو اياز ڪيو آهي. نئين انقلابي سنڌُ ان جي جيئري جاڳندي ثابتي آهي ته ڪيئن هڪ عظيم انقلابي شاعر پنهنجي فن جي ذريعي قوم جي تقدير ڦيرائي سگهندو آهي. سنڌ جي اَمر شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ فن جي مقصديت جي باري ۾ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي_

ريءَ مصلحت مڱڻا، قصر ڪين اچن!

 

حيدرآباد، سنڌ                                         م.ا.ج

21_7_1970ع

 

قومون جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ چاهينديون آهن، تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آهن_ ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي. اُڌاري ٻوليءَ يا گاڌڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جُڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نبار ۽ نج ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سولو ۽ پنهنجي آزادي ماڻڻ آسان ٿئي ٿي. اِهوئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سڏائڻ جي لائق سمجھيو آهي، تڏهن پهريائين اُن پنهنجي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وڌايو آهي_ توڙي جو سندس اُها ٻولي سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا ان جو ادب کڻي ڪيترو به پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي، ۽ ان جي لفظ کڻي ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن، يا رڳو اڻ پڙهيل جھانگين ۽ جھوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ ويجھڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجھ ڀريل رهي ٿي، اُها ڌارين لفظن ۾ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي. پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا به خيالي دنيا جا هجن، پر اُهي ڏٺل وائٺل دنيا سان لاڳا پيل رهن ٿا_ جيئن ڌارئين لفظ ”اتحاد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ايڪو“ يا ”ٻڌي“ آهي، يا ڌارئين لفظ ”قرار داد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ٺهراءُ“ آهي، ۽ ائين ٻيا لفظ_ ۽ انهيءَ ڪري اُهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي کي هڪ سمجھه ۽ هڪ سڀاءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا.


· افلاطون جو ڪتاب دي ريپبلڪ ص 496.

·  فيڊل ڪئسٽرو_ ”دانشورن کي خطاب“، جون 1961ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org