سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ڳالهيون ڪتابن جون

[1947-1992]

باب: --

صفحو : 5 

 

”مان غالب جي ساري شاعري ردي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ٿو ڪيان ڇو ته ھن بھادر شاھه ظفر اڳيان ھيئن ليڙاٽيون ڪيون ھيون_

’آپ کا بنده اور پھرون ننگا!

’آپ کا نوکر اور کھاؤن اُدھار!‘

”۽ جڏھن ساڳئي بھادر شاه ظفر کي انگريز قيد ڪري رنگون وٺي ويا ھئا، ته غالب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ھڪ ادنيٰ آفيسر، سيسل بيڊن (Cecil Badin)، کي قصيدو لکي موڪليو ھو، جنھن ۾ ھي شعر به ھيو_

’حيف باشد که از الطاق تو ماند محروم،

ھمچو من بندهء ديرين ونمک خوار کُھن‘_

(حيف آھي، جي تنھنجيءَ مھربانيءَ کان محروم رھجي وڃي، مون جھڙو پراڻو ٻانھو ۽ جھونو نمڪ خوار!)“

......            ......             ......

”رات ريڊيو تي ’غالب کي دربار آم‘ پروگرام ٻڌي رھيا ھياسين، ‘فيض‘ جي صدارت ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب ’غالب‘ تي ۽ ھن جي انبن سان رغبت تي شعر ۽ مضمون پڙھي رھيا ھئا. ھُنن لاءِ انبن جي دعوت به ڪئي ويئي ھئي. جنھن ۾ پاڪستان جا قسمين قسمين انب آندا ويا ھئا. جنھن وقت ھو انب چوسي رھيا ھئا، ان وقت اوڀر پاڪستان جا لکين ماڻھو _ ڳڀرو، ٻار، ۽ ٻڍا ۽ زالون _ سرحد ٽپي، ھندوستان وڃي چڪا ھئا. ۽ لکين ماڻھو پنھنجا ماڳ مڪان ڇڏي، ھتِ ھُت ڀٽڪي رھيا ھئا. مون اُن وقت ٿڌو ساھه ڀري سوچيو ھو ته ’شاعر به ذلت جي تري ۾ ائين ئي ڪري سگهن ٿا، جيئن ٻيا ماڻھو! تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي جڏھن کوٽي ۽ کري جي پرک ٿيندي، تڏھن ھي چلڪڻا سڪا ڪوڏيءَ جي ملھه به نه ويندا.‘

”ڀٽائيءَ جا ھيٺيان ٻه بيت تاريخ سان بي ذميدار شاعرن لاءِ ھڪ امر اطلاح آھن:_

’ايءُ نه ڀانَن ڀيرُ، جو ڪِينرُ ڪِيري ٽنگيو،

”سونھاري صبُوح سِين وِجھِي ويٺين ويرَ؛

’توکي چَوَندو ڪِيرُ، ڪِيرت ڌاران مڱئو!‘

_

’مون دَر ڇَڏيو مڱڻا، مڱين ڪوھُه ٻيا؟

’تڏھن تو پِيا، وِچيان وِلھا ڏينھڙا‘.“

”اڻويھين صديءَ ۾ فرانس جو زبردست سياسي دانشور ٽئليراند (Talleyrand)، ميرابو (Mira beau) لاءِ، چوندو ھو ته ’ھو پنھنجو روح پيسي لاءِ وڪڻي رھيو آھي، ۽ ٺيڪ ڪري رھيو آھي، ڇو ته ھو ڇيڻو ڏيئي سون وٺي رھيو آھي.“

”ھڪ چينائي چوڻي آھي ته ’ھڪ وڏي يُگ ۾ رھڻ کان وڌيڪ ڪوئي سراپ ٿي نٿو سگهي.‘ مان ڀائيان ٿو ته اھو سراپ ئي شاعر جي وڏي ۾ وڏي پرک آھي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ئي جوش مليح آباد ۽ اردوءَ جا ٻيا شاعر اڳتي ھلي پرکيا ويندا.“

......             ......             ......

”معلوم ٿيو آھي ته پنجاب جا ٻه شاعر، احمد سليم ۽ حبيب جالب، جيل ۾ وڌا ويا آھن. احمد سليم منھنجن ڪيترن ئي نظمن جا پنجابيءَ ۾ ترجما ڪيا ھئا ۽ حبيب جالب اردوءَ ۾ مون تي ھڪ نظم لکيوھو. ڀڳت سنگهه جي ڌرتيءَ تي ڪي ته سچ چوڻ وارا آھن! انھن جي گرفتاريءَ جو ٻڌي، منھنجو انسان جي بنياديءَ نيڪيءَ ۾ ايمان تازو ٿي ويو آھي _ عبدالله ملڪ جي گرفتاريءَ جي باري ۾ مون اڳ ئي ڪٿي پڙھيو ھو.“

......             ......             ......

’جڏھن به مان آرٽ جو نالو ٻڌان ٿو، منھنجو ھٿ پستول ڏانھن وڃي ٿو.‘

(ناري گسٽاپو جو سرواڻ، ھرمن گوئرنگ)

......             ......             ......

’ٿامس مئن (Thomas Mann) ھڪ جرمن يھودي ھو. ھن ٻيءَ عالمي جنگ کان ڪجهه وقت اڳ ھٽلر کي لکيو ھو، ’تون پنھنجيءَ پوريءَ قوم کي تباھيءَ ڏانھن ڌڪي رھيو آھين.‘ اُھو خط دنيا جي عظيم خطن مان آھي. پر ٿامس مئن ھٽلرجي ڀَوَ کان آمريڪا ڀڄي ويو ھو ۽ اُتان اھو خط لکيو ھئائين. کِل جھڙي ڳالهه آھي. لکين جرمن يھودي گئس چيمبر ۾ ماريا ويا، پر ٿامس مئن نه فقط ڀڄي بچي ويو، پر ھن کي نوبل پرائيز به مليو.

”ائني فرئنڪ به ڀڄي وڃي ھا ته شايد ھوءَ ٿامس مئن کان بِه وڏي ناول نويس ٿئي ھا. فن کي پنھنجي منطقي نتيجي تي پھچائڻ لاءِ وڏي ڄمار ڪيڏي نه ضروري آھي! ھو عظيم مارڪسوادي جينيس، ڪرسٽافر ڪاڊويل به ته اسپين ۾ فاشزم خلاف لڙندي جوانيءَ ۾ مئو ھو. ڪيڏيون نه سياسي، سائنسي ۽ ادبي صلاحتيون ھيون ھن ۾! پر ڇا، حق ۽ انصاف جي جنگ کان ڀڄي، ڪوئي به عظيم ادبي تخليق ڪري سگهي ٿو؟ ۽ جي ڪري به سگهي، ته ڇا ھن لاءِ اُھو سودو مهانگو نه آھي؟ انساني عظمت کان سواءِ فن جي تخليق ڇا ڪبي!۽ اُھا عظمت ته اُنھيءَ گهڙيءَ جي حاصلات آھي، جڏھن انسان ظلم جو مقابلو ڪندي، موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏئي ٿو. سچ چوڻ لاءِ پوري زندگي ضروري نه آھي، فقط ھڪ ئي گهڙي ڪافي آھي. اُھا گهڙي پنھنجي عظمت جي مُھرَ تاريخ تي ھڻي وڃي ٿي. اِھا ٻي ڳالھه آھي ته فن کي توڙ تائين پھچائڻ لاءِ زندگي ضروري آھي.

”ٽئگور، جي فقط ’مالھي‘ لکي مري وڃي ھا، ته مھا ڪوي نه ٿي سگهي ھا. پر ڪانئرتا به ته ڪويتا جو موت آھي. ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪوئي ڪانئر به مھا ڪوي ٿيو آھي؟ ھر عظيم شاعر آزاديءَ جو پروانو ھوندو آھي، ۽ پروانو اِن تي نه سوچيندو آھي ته ھن جي موت وقت شمع ڪيترو پگهرجي چڪي آھي.“

......             ......             ......

”اڳين پيڙھي گهڻو ڪري چُري چِنگهي، مري چُڪي آھي. ڪالھوڪا رھبر اڄوڪا رھزن سمجھيا وڃن ٿا. چڱو ٿيو. اِھائي ته تاريخ جي جدليات آھي.“

......             ......             ......

”موت ھڪ نھڪر آھي؛ موت واڌوءَ جي نه، ڪَٽَ جي نشاني آھي؛ وجود فقط زندگيءَ جو آھي.“

......             ......             ......

”آزاديءَ جا سوڙھا پيچرا ڪنھن نه ڪنھن وقت شاھي رستي ۾ ملندا آھن.“

......             ......             ......

”مان تنھنجي ماضيءَ جي ماضيءَ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آھيان. تنھنجو حال اُھا نمرود جي آتش آھي، جنھن کي مان اڪيلو نه وسائي ٿو گهان ۽ نه ان کي گلزار بڻائي ٿو سگهان؛ پر جي تون به مون سان گڏ ان ۾ ٽپي پوين، ته دنيا ۾ ڪجھه به امڪان جي حد کان دور نه آھي.“

......             ......             ......

”پنھنجو قوميت جو تصور چندن جي پاڙ جھڙو آھي، جنھن جي چوڌاري ڪاريھر ڦَڦِڪاري رھيا آھن.“

......             ......             ......

’مُٺيس، جھَل مھَارَ، ڪُٺيس، ڪاھه مَ ڪرھو!‘

(ڀٽائي)

’آلي بَنَ ڪِي لاڪِڙرِي سُلگت ھُون دِن رين _‘

(مان آلي بن جي ڪاٺي آھيان، ۽ ڏينھن رات ٻري رھيو آھيان.)

......             ......             ......

”جي شاعري پيغمبري آھي ته اُھا صليب تي چڙھڻ کان سواءِ نه ملندي آھي.“

......             ......             ......

”ڪير ڄاڻي ته پيڙھيءَ پيڙھيءَ جي رت ۾ اِھو ڇا پلجندو اچي ٿو. جو اوچتو ڪنھن اِنسان مان اڀري، لفظ، رنگ يا پٿر کي زندگي بخشي ٿو!“

......             ......             ......

”ھي دنبورو ڪوئي ھر نه آھي، جو ان کي جنھن وقت به چاھيان ته ھلائي سگهان. ھي وحشي ھرڻ آھي، ۽ ڪوئي به ھرڻ کي سڱن کان وٺي، ڇال ڏياري نه سگهندو آھي. ڇال لاءِ ترائيءَ جي سُوجھه، پلر جي پياسَ ۽ اندر جي اڇل ضروري آھي.“

......             ......             ......

”اڄ ته چنگ، ڪنھن نـؤورنيءَ جي چپن وانگر، منھنجن چپن تي کيپ ۾ اچي ويو آھي.“

......             ......             ......

”اڄ ته شاعريءَ منھنجي من کي ائين قبول ڪيو آھي، جيئن شڪري جي ڳچيءَ ۽ پيرن جا گهنگهرو ڇم ڇم ڪندا آھن، جڏھن ھو ڪبوتر تي جھڙپ ڏيندو آھي.“

......             ......             ......

’تَرنيءَ لوئي تُلَ، سِر کَنڊ، سان سُرھا ڪَيا_‘

(ڪنڀار)

......             ......             ......

’اڌ رات جو ڪيڏانھن ٿي وڃين؟‘

’پنھنجي پرينءَ کي ملڻ‘

’ھيکلي ويندي، توکي ڊپ نٿو ٿئي‘

’مان ھيکلي ڪٿي آھيان، منھنجو پيار، جو مون سان گڏ آھي!‘   (امارو)

......             ......             ......

’وِيا سي عميق ۾ مُنھَن ڪائو ڏيئي_‘

(ڀٽائي)

......             ......             ......

”امرت ويلو آھي. صبح جا چار لڳا آھن. مون مومل راڻي جا ٻه چار بيت لکيا آھن. ائين ٿو لڳي، ڄڻ سوم _ رس جا ٻه چار مٽڪا پي ويو آھيان.“

......             ......             ......

’رئندي رات وِھاءِ، چِڪائيندي بٺيون _‘

(ڀٽائي)

......             ......             ......

”اي سنڌ! جيڪڏھن مون کي ڪنھن سگهڙ وٽ ھڪ اڌ لفظ ھڪ اڌ ٻول نظر آيو آھي، ته اھو مون ھن کان کسيو آھي. مون تو لاءِ سڃا ڦريا آھن ۽ ڀينگين کي کاٽ ھنيا آھن. مون رتي رتي ڪري ميڙي آھي، ان کي ڌوڙ ڌَئي وانگر سونجھي صاف ڪيو آھي، ۽ تو لاءِ جھوني کان جھونا ۽ نئين کان نوان ڳھڻا گهڙي، توکي ڪنوار وانگر سينگاريو آھي. نه رڳو مون کي ڪوئي  سڳ سوڌو پڪڙي نه سگهيو آھي، پر مون ڪٿي به پنھنجا پيرا نه ڇڏيا آھن. مان پنھنجا ھاڃا پاڻ ٿو باسيان، نه ته مون تي ڪوئي گواھه نه آھي.“

......             ......             ......

”منھنجي ڏات جڏھن به ڪنھن ڪامڻيءَ تي گهائل مائل ٿيندي آھي، تڏھن ھن جي ھڪ چڳ وڍي پاڻ وٽ رکندي آھي.“

......             ......             ......

”اي ڏات! تُون ڪيستائين پَٽَ_ ڪِينئَن مان پَٽُ اُڻندي رھندينءَ؟“

......             ......             ......

”ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ’سامي‘ منھنجو ڳوٺائي ھو. ھو منھنجيءَ شخصيت جو ھڪ پراسرار حصو ٿي رھيو آھي. جڏھن به ماحول مون کان ڏاڍو ٿي ويندو آھي، مان ’ساميءَ‘کان سام گهرندو آھيان؛ ھونءَ منھنجو ’ساميءَ‘ سان سدائين جھيڙو ھوندو آھي ۽ مان ھن جي ويدانت کان لھرائيندو آھيان. اڄ جڏھن مان موت جي منھن ۾ پھچي چڪو آھيان، ’سامي‘ وري مون کي پناھه جو پاند آڇي رھيو آھي. ڇا، مان ھن ويدانتيءَ مان جان ڇڏائي نه سگهندس؟ ڇا، مان اڪيلو، بي ڀَـؤ موت کي اکين ۾ گهوري نٿو سگهان؟ ھو ڪيڏا نه ترڪڻ وارا تڙ ڏَسي رھيو آھي! ڇا، مان سڌو ڇلانگ ڏيئي. ڇولين جي ڀاڪر ۾ نٿو وڃي سگهان؟ اڄ ’ساميءَ‘ سان منھنجو پويون جھيڙو آھي، يا ته مان ھميشه لاءِ ھن جي آڻ مڃيندس يا ھن کي پاڻ مان تڙي ڪڍندس. پر ڇا، اسين ٻئي ٺھي نٿا سگهون؟ ڇا اسان ۾ ايڏو وڏو مت ڀيد آھي؟ ڇا ويدانتي ناستڪ جو نھٺو نانءُ نه آھي؟“

......             ......             ......

”ھڪ ڀيري اسان مٺيءَ کان ننگرپارڪر جيپ ۾ وڃي رھيا ھئاسين. لونڍار نالي ڳوٺ ۾ ھڪ چاءِ جو ھوٽل ھو، جتي اسان جيپ روڪي. اوچتو پريان سريلو آواز آيو، جو منھنجيءَ ڇاتيءَ ۾ ڇري وانگرپيھي ويو.مون ڪنائي ڏٺو ته ٻه ٽي فرلانگ پري ڪي ھاري کيت ۾ ڳائي رھيا ھئا. اسين کيڙيءَ مان پنڌ ڪري، ان کيت وٽ پھتاسين. ان وقت آڪاس آگميل ھو ۽ اتر اوڀر ۾ ٻڪرال ٻھڪا ٿي ڪيا. کيت ۾ ڪجھه ڀِيل ۽ ٺڪر گڏ ڪري رھيا ھئا. وڄ جي چمڪاٽن سان ھنن جي ڪنن ۾ پيل گوکرو ۽ مُرڪيو چمڪي رھيون ھيون ۽ ھو ھڪ عجيب سر ۾ ڳائي رھيا ھئا _

’آڙنگيو آڀي مان

اونڊو گجي ٿو گاجڙلو

ھمرچي جو ويلو

ٿڌيءَ مند جو وائرو لڳو ....‘

”جنھن وقت ھنن ’ھمرچي جو ويلو‘ لفظ ٿي چيا، تنھن وقت لونءَ لونءَ مان صدين جا سيسراٽ ٿي اڀري ويا. اُھو ھمرچو ٻڌي ڪھڙو ڪافر چوي ھا ته سنڌ جي منفرد ثقافت کي اھميت نه آھي!

”اڄ مون ھڪ لوڪ گيت ’نئون ھمرچو‘لکيو آھي.“

......             ......             ......

”ماڻھوءَ جي رت ۾ ھن ڌرتيءَ جي آڳانجھيءَ آجِيوڪا سان ڪوئي ڳوڙھو ڳانڍاپو آھي. مون جڏھن رگ ويد ۾ وايو، اوشا، راتڙيءَ، اندر وغيره جي باري ۾ گيت پڙھيا ھئا، تڏھن منھنجي لُونءَ لُونءَ ڪانڊارجي ويئي ھئي. مثال طور انھن گيتن ۾ رات کي ھڪ ’ڪارو واڙو‘ چيو ويو آھي، جنھن ۾ چلڪندڙ گانيون بند آھن، اوشا ھڪ گوالي جي روپ ۾ پر گهٽ ٿئي ٿي ۽ واڙي جو ٻُنڍو کولي ڇڏي ٿي، ۽ گانيون گد گد ٿينديون، ڇلانگ ڏينديون، ٽڙي پکڙي وڃن ٿيون _ اُھي گانيون سج جا شعاع آھن. اھڙا گيت مون تي اُھو اثر ڪندا آھن، جو قلندر شھباز جي درگاھه تي ڌمال جو آواز پيدا ڪندو آھي، جڏھن زائر اڳين شِو_ پنٿين وانگر جھومندا آھن. مون کي ھڪ مغربي نقاد جو ھيٺيون نُڪتو ڏاڍو وڻيو ھو_ ’ڪويتا ٻوليءَ جي پردي پٺيان ڪنھن پراچين شبد پراھون پڙاڏو آھي‘.،

......             ......             ......

”جرمن ليکڪ ھاف مئن (Hoffman) چوندو ھو ته سنگيت ٻڌي، ھُن کي سُرَ، وَنَ ۽ واسَ ۾ ھڪ ڳجھو ۽ گهرو ناتو نظر ايندو آھي. ھُن کي پڪ ھئي ته اُنھن سڀني کي روشنيءَ جي ساڳئي تروري جنم ڏنو آھي، ۽ اھي اننت ۾ ڪٿي ملي ھڪ ٿي وڃن ٿا. گهاٽن ڳاڙھن گلن جي سڳنڌ ھن تي ھڪ عجيب اثر پيدا ڪندي ھئي ۽ ھو ڪنھن سپني ۾ اچي ويندو ھو ۽ ائين ڀائيندو ھو ته پريان ڪنھن ناد مان آواز اچي رھيو آھي. ھُن اِن حد تائين چيو ھو ته ”سَر جي روپ ۾ ون ۽ واس ھن جي اندرينءَ سوجھه تائين پھچي ٿو“.‘

”مان ڀانيان ٿو ته ٺيڪ چوندو ھو. ھڪ سنگيت ڪار ون ۽ واس کي سر ۾ بدلائي سگهي ٿو ۽ سر کي ون ۽ واس ۾ بدلائي سگهي ٿو.“

......             ......             ......

’ٻولي، جا حسن ۽ معنيٰ جو گهر آھي، انسان لاءِ پاڻ ئي سوچي ٿي ۽ پاڻ ئي ڳالھائي ٿي، ۽ پنھنجي ٻاھرئين ٻول سان نه، پر منھنجيءَ اندرينءَ وَھُڪَ جي تک سان موسيقيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿي. پوءِ ڪنھن ڀرپور نديءَ وانگر، پنھنجيءَ تک سان پَٿرن کي چمڪائيندي ۽ پَنَ _ چَڪيون ڦيرائيندي، ٻوليءَ جِي وَھُڪَ پنھنجي طور طريقي سان ترنم پيدا ڪري ٿي ۽ ڪيئي صورتون ٺاھي ٿي، جي اڃا تائين نه ڳالهيون ويون آھن ۽ نه سوچيون ويون آھن ۽ نه وري انھن کي ڪوئي نانءُ ڏنو ويو آھي. ان وقت يُورِي (Yuri)محسوس ڪندو ھو ته ھن جي ڪم جو گهڻو حصو ھن پاڻ نه ٿي ڪيو، پر اھڙيءَ طاقت ٿي ڪيو، جا ھن کان مٿانھين ھئي ۽ ھن کي ضابطي ۾ رکي رھي ھئي.‘

(پيسٽرنڪ ’ڊاڪٽر زواگو‘ ۾ )

......             ......             ......

”جنوريءَ 1964ع ۾ مان ۽ منھنجا ڪجھه دوست نربدا نديءَ جي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ پير ڀڄائي رھيا ھئاسين. اڇو اجرو پاڻي گجگاٽ ڪندو وھي رھيو ھو ۽ ندي تري تائين نظر اچي رھي ھئي. ٿوري پنڌ تي مالوا جي روپ متيءَ ۽ باز بھادر جو محل ھو. وقت ان کي جھوري کنڊر بڻائي رھيو ھو. اڄ مون کي اُھا ندي ياد اچي رھي آھي، جنھن جي اوجر ۽ اڇاڻ کي ماڻھوءَ جا ميرا پير مِٽائي نه ٿي سگهيا، ۽ مان سوچي رھيو آھيان ته منھنجيءَ شاعريءَ به ته اھڙو ئي محل بڻايو آھي ۽ ان مان پيار جي سڳنڌ ۽ سنگيت جي مڌرتا دور دور تائين ڦھلجي چڪي آھي. ڇا، زندگيءَ جون قاتل قوتون ان کي مِٽائي مِٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏينديون، ۽ ڪجھه صدين کان پوءِ ان وٽ بيھي، ڪي ياتري ٿڌو ساھه ڀريندا ۽ ڪنھن نئين محل بڻائڻ لاءِ سوچيندا؟“

......             ......             ......

”منھنجي ڪوتا توکي امر بڻائي ڇڏيو آھي. مان تنھنجي پيار جو قرض چڪائي چڪو آھيان؛ ھاڻي تنھنجي سار مون کي ستائيندي نه آھي.“

......             ......             ......

جڏھن ڪنھن شاعر جي ڄمار وڌي ٿي ۽ ھو گهريءَ نگاھه سان ھرشيءِ کي ڏسڻ لڳي ٿو، تڏھن انھيءَ ھر ڳالھه جِي، جنھن کي ماڻھو وڃي سونھن چون ٿا، ۽ سرير جي ھر ڪامنا جِي، ھن لاءِ اھميت گهٽجي ٿي وڃي. جنھن کي دور رس نگاھه آھي ۽ جنھن زندگيءَ جون لاھيون چاڙھيون ڏٺيون آھن، اُن لاءِ رڳو بسنت ئي پيار مند نه آھي ۽ نه وري سرءُ ئي سڀ کان بري مند آھي. اڳتي ھلي، ھو سونھن کي سرير جي تُرپتيءَ، لاءِ نٿو ڳولي. اسٽينڌال (Stendhal)ھڪ ھنڌ چيو آھي ته ”اڳتي مون لاءِ سونھن اھا شيءِ ھوندي، جا ٻاجھاري ھوندي، جا منھنجي ڪارج جي گهڻگهري ۽ منھنجي ڀروسي جي ٻانھن ٻيلي ھوندي ۽ جنھن کي منھنجي سوجھه ٻوجھه سان اَت اڪنڍ ھوندي. اڳتي مون لاءِ ڪوجھائي رڳو ڏاڍ، لوڀ، ڪوڙ ۽ مور کتا ٿيندي“.‘

(اينڊاسٽارڪي ’بودليئر جي زندگي‘۾ )

......             ......             ......

”اڄ منھنجو پٽ، انيس، آيو ھو. ھن چيو ته ’ڪالھه رات گهر ۾ چور ٽپيا ھا. اسان ڪوٺي تي ستل ھياسين. کُڙڪي تي امان کي جاڳ ٿي ويئي ۽ ھن ڪٽھڙي کان ھيٺ ڏٺو ته ٽي ماڻھو بيٺا ھئا. پوءِ ھن ”چور، چور“ جون دانھون ڪيون، ته، مون کي جاڳ ٿي ويئي. مون سيرانديءَ کان رکيل روالور کڻي ھوا ۾ فير ڪيو، ته چور ڀڄي ويا. پر شور تي جيئن روحي جاڳي، ھن جو اڌ ڌڙ نستو ٿي ويو ۽ اڃا تائين کٽ تان اٿي نٿي سگهي. ڊاڪٽر چون ٿا ته ھن تي ھراس جو اثر ٿيو آھي ۽ جي ھن کي ڪوھه مريءَ يا ٻئي ڪنھن شھر ۾ تفريح لاءِ وٺي وينداسين ته ھن جو من ٻيءَ پوندو ۽ ھوءَ ٺيڪ ٿي ويندي‘.

”مون ھن کي چيو ته ’منھنجو فڪر نه ڪيو ۽ سڀئي ڪيڏانھن نڪري وڃو‘.

”اڄ مان ڏاڍو منجھيل آھيان. ڇا، مون کي اھو حق آھي ته پنھنجي آدرش جي ڪڍ لڳي، پنھنجي ساري ڪٽنب کي ايترا ڏک ڏيان؟ھو ته اھو سمجھي به نٿا سگهن ته مان ڇا لاءِ ٿو وڙھان! ڇا، مان خود غرض نه آھيان، بي ذميدار نه آھيان؟.

”مون اٽڪل ٻه سـؤ صفحا نئون شعر لکيو آھي، ۽ جي ھي حادثو نه ٿئي ھا، ته ھزار صفحا لکي وڃان ھا. اڃا ته مون فقط بيت ۽ وايون لکيون آھن. جيستائين روحي ٺيڪ نه ٿيندي مان ڪجھه به لکي نه سگهندس.“

......             ......             ......

”اڄ روحي جيل تي آئي ھئي. ھوءَ ڪراچيءَ ۾ ويھارو ڏينھن رھي ٺيڪ ٿي ويئي آھي. ھاڻي مان ننڊ ڪري سگهندس ۽ مون کي سگريٽ پي پي رات ڪاٽڻي نه پوندي. جي وري ڪيفيت طاري ٿي، ته لکي به سگهندس. پر ڏات وڏي ڇنال آھي. ھڪ ڀيرو ڀڄي وڃي ٿي ته ان کي ٻيھر وس ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.“

......             ......             ......

’ڪَلپت سَڀُ ڪَٽي، اِسٿت ٿِي آڪاس جان _‘

(سامي)

......             ......             ......

”ڪالھه ٿري ڌاڙيلُ، جئمل، منھنجيءَ کوليءَ ۾ گهڙي آيو. ھو قد جو پورو پنو، ھاٺيءَ جو سنھون ۽ منھن جو سانورو ھيو. ھن جو قد ڪاٺ ۽ ڊيل ڊول مان ڏاڍ مڙسي نه ٿي بکي. باقي ھن جون اکيون ڄڻ رڪ جون ٺھيل ھيون. مون ھُن کي اکيون ڇنڀندي نه ڏٺو ھو. ھونءَ ته پوليس رڪارڊ موجب ھن اڻويھه خون ڪيا ھئا ۽ ڪيئي ڌاڙا ھنيا ھئا، پرھن تي فقط ھڪ ڌاڙو ثابت ٿيو ھو، جنھنڪري ھن کي سزا آئي ھئي. ھن اُن ڌاڙي جي باري ۾ چيو، ’اسين سترنھن ڄڻا ھئاسين، پوليس سڀني کي گرفتار ڪري لاڪپ ۾ رکيو ھو. پر اسان اتان ڀڄي نڪتاسين ۽ ٿاڻي تان سپاھين کان رائيفلون ۽ گوليون به کسي آياسين. ٻيا ساٿي ته وچ تان ڦٽي ويا، باقي اسين ٻه ڄڻا پنڌ پياسين ته جيئن ڪڇ جي رڻ مان لنگهي سرحد ٽپي وڃون. مان ڀارت ۾ ڌاڙو ھڻي، پاڪستان ٽپي ايندو آھيان، ۽ پاڪستان ۾ ڌاڙو ھڻي، ڀارت ٽپي ويندو آھيان. مون لاءِ ڪابه سرحد نه آھي _ سو مون ڳالھه ٿي ڪئي ته اسين باقي ٻه وڃي بچياسين. منھنجو ٻيو ساٿي مسلمان ھو. پوليس وارا اسان جي ڪڍ ھئا، ھڪ ھنڌ مقابلو به ٿيو پر اسان ھنن تي فير ڪيا ته ھو ڀڄي ويا. جڏھن رڻ ۾ پھتاسين ته اڌ رات ٿي وئي. ھونءَ ته مان تارن تي دڳ ائين ڳولي ويندو آھيان، ڄڻ ابي جو گهر ٿو وڃان. پر اسين ڏاڍا ٿڪل ھئاسين ۽ ويٺاسين مس ته ننڊ ويڙھي وئي. جاڳ ٿي، ته سج ڪانو مٿي اچي چڪو ھو. مون پنھنجي ساٿيءَ کي ڌونڌاڙي اٿاريو مس، ته ھن کي ڄنگهه ۾ گولي ٺڪاءُ ٿي وئي ۽ ھو ڪري پيو. مون ڊوڙي ڀٽ جي اوٽ ورتي ۽ پوليس تي گوليون ھلايون. اڌ ڪلاڪ ڊز ڊز ٿي ۽ پوءِ پوليس پٺتي ڀڄي وئي. مون پنھنجي ساٿيءَ کي ڏٺو ته ھو پنڌ ڪرڻ جھڙو نه ھو. مون ھن کي ڪلھي تي کنيو ته ھن چيو، ”جئمل! ڏينھن تپي ويو آھي، تون مون کي کڻي ھلندين ته سرحد ٽپي نه سگهندين. مان ته ھونءَ ئي ٿو مران، تون سر ڇو ٿو وڃائين؟“ مون سوچيو ته ”ڳالھه ته سچي ٿو ڪري، پر گلا ٿي پوندي. ماڻھو چوندا ته ڪراڙ ڀاڙي ھو ۽ ساٿيءَ کي ڇڏي ڀڄي ويو. نه جئمل! جيئڻُ ٿورا ڏينھڙا آھي، گلا جو گهانگهو مڙس ڳچيءَ ۾ نه وجھندا آھن“.بس پوءِ ته ھو منھنجي ڪلھي تي ھو ۽ مان وک وک ۾، ٿڙندو ٿاٻڙندو وڌي رھيو ھوس، تان جو سج ڪاپار تي اچي پھتو. اڃ ۾ منھنجي ڄڀ ٿوھر جي ڪانڀ وانگر سڪي وئي ھئي. ايتري ۾ گوليءَ جو زوڪاٽ ٿيو ۽ گولي منھنجي ڪن وٽان نڪري وئي. مون ساٿيءَ کي ھيٺ لاٿو ۽ رائيفل سڌي ڪئي.پوءِ ته مون مينھن وانگر گوليون وسايون ۽ جڏھن پوئين گولي کپي وئي، تڏھن رائيفل ڦٽي ڪري، ھٿ کڻي مٿي ڪيم‘.

”جئمل احوال ڏيئي، پن جي ٻيڙي دکائي. ٿوريءَ دير کان پوءِ پڇيائين، ’تون ڪهڙيءَ چانچ (چارج) ۾ آهين؟‘

’جئمل!‘ مون جواب ڏنو، ’مان به لڳ ڀڳ ساڳيءَ چانچ ۾ آهيان‘.

’مون ڪيترا سونا ڳهه مٽيءَ پوري رکيا آهن. هتان نڪران ته اُهي کوٽي ڪڍان‘، جئمل حسرت سان چيو. مون ٽهڪ ڏيئي چيو، ‘جئمل! تون منهنجو پورو جُهٽ آهين‘.“

......             ......             ......

’هُن تصوير ڏانهن چتائي ڏٺو. ان ۾ يسوع جو دستر خوان هو،. جنهن ۾ تيرنهن ماڻهو پوئينءَ رات جي مانيءَ (Last Supper) لاءِ ويٺل هئا. هن سوچيو ته هي ڪيئن ويٺا آهن! يسوع ڪٿي آهي ۽ جـؤڊاس (Judas) ڪٿي آهي؟ هو سمجهي نه سگهيو ته جنهن جاءِ تي هو ويٺل هئا، اتي ڇا لاءِ ويٺا هئا؟ يسوع کاٻي پاسي ويٺو هو، جتي هن يسوع کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، ڇو ته هن جي جاءِ وچ تي هئي. هن ليونارڊو ڊوِانسيءَ (Leonardo da Vinci) سوڌو، جيترن به عظيم مصورن جون ان موضوع تي تصويرون ڏٺيون هيون، انهن ۾ يسوع وچ ۾ ويٺل هو ۽ جوڊاس ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي دسترخوان تي ويٺل هو_ گهڻو ڪري يسوع جي کٻي پاسي يا سامهون_ پر هو هيکلو، نهايت هيکلو لڳندو هو. هو هميشه گدلو، ڪوجهو ۽ ڪرڀ ڏياريندڙ لڳندو هو.

’پر هن تصوير ۾ ته جوڊاس وچ ۾ ويٺل هو. ڪنهن ڀُلَ جو سوال ئي نه هو، هو بلڪل وچ ۾ ويٺل هو.

’هو تصوير ڏسي ڌڏي ويو. مصور جو مقصد ڇا هيو؟ ڇا هو ڪوئي مکيه ماڻهو هو يا ٻين ڏاڙهيءَ وارن وانگر، هو به هڪ ڏتڙيل، ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو هو؟ ڪوئي به هن ڏانهن ڏسندو ته چوندو ته هو سهڻو آهي، بشرطيڪ هن جوڊاس کي اڳ نه ڏٺو هجي ۽ تصوير ۾ هن کي ٻٽونءَ جا ڌاڳا ڇڪيندو نه ڏٺو هجائين ۽ اهو نه ڏٺو هجائين ته هو پنهنجو چوغو ٺاهي، تڙتڪڙ ۾ لالچ آڇيندڙن ڏانهن وڃي رهيو آهي. هن سوچيو ته اهو مهانڊو. پنهنجن ڪارن گهنڊيدار وارن سان، پنهنجي ڊولائتي نڪ ۽ موهيندڙ اکين سان، ايترو ته سهڻو هو، جو ڏسندڙ هراسجي ٿي ويو.

’سچ اها تصوير ڏاڍي ڪنبائيندڙ هئي، ڇو ته هڪ غدار اهڙو حسين ڪيئن ٿي سگهندو! ڇا. هُو گدلو، ڪوجهو ۽ ڪرڀ ڏياريندڙ نه هجڻ گهرجي؟ڇا، هن جي صورت اهڙي هجڻ گهرجي جا همدردي پيدا ڪري؟

(نازي جرمنيءَ ۾ لکيل هڪ ناولWitch’s son تان ورتل)

......             ......             ......

”جيل ۾ قيدين بغاوت ڪئي اُهي. هنن کي نه فقط راشن پورو نٿو ملي پر ٻيون سهوليتون به نه ٿيون ملن. کير ۾ ڏهه حصاَ پاڻي ۽ هڪ حصو کير آهي، چاءِ، خبر نه آهي ته ڇاجو ڪاڙهو آهي ! ملاقاتي پٽاٽا. بصر وغيره. رشوت ڏيڻ کان سواءِ، قيدين کي پهچائي نٿا سگهن. ان ڪري قيدين ۾ ڏاڍو تاءُ آهي. ٻيو ته جيل کان ٻاهر، جا ايوب خان جي پوئين دور ۾ آزاديءَ جي لهر هلي هئي، ان جو اثر جيل اندر قيدين تي به پيو آهي. هر ڪو پنهنجا حق پيو گهري. پاڏن ۽ سانن جهڙا اڙٻنگ مڙس هاڻي جيل جي لوسي سنترين جي پرواهه نه ٿا ڪن. هو رات جو پنهنجون کوليون قلفن سان بند ڪرڻ نه ٿا ڏين ۽ ڏينهن زوريءَ ڪم ڪرڻ کان نابري ٿا وارين. جيل جي لوهر خاني مان ڪيتريون ئي تکيون ڇريون ٺهرايون اِٿائون. وڻن جا ڏار ڪپي ڏنڊا ٺاهيا اٿائون ۽ ٻه چار پستول به ملاقاتين جي معرفت کسڪائي جيل ۾ آندا اٿائون. جيل جي انتظاميا هنن کي اطلاع ڏنو آهي ته هو پنهنجي ڪئي کان باز اچن، ڏينهن جو پورهئي تي وڃن ۽ جيل جي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪن. جواب ۾ هو ساري رات ٺَڪ ٺَڪ ڪن ٿا ۽ وارڊن جون ڀتيون  ڀڃي، سرون ڪٺيون ڪن ٿا. جيئن اهي جهيڙي ۾ ڪم آڻي سگهن ؛ هو ساري رات زور سان نعرا هڻي ننڊ ڦٽائن ٿا. هونءَ ته سنڌ جي جيلن ۾ بغاوت آهي. پر جيل ۾ گهرايل اخبارون سينسر ڪري. انهن مان جيلن ۾ بغاوت جي باري ۾ خبرون ڪٽي ڇڏن ٿا. اسان جي وارڊ  ۾ ٻه وڏيرا قيدي آهن. جي جيل جي انتظاميا جو ساٿ ڏين ٿا ۽ سکر ۽ جيڪب آباد جي قيدين کي لاڙڪاڻي. دادوءَ ۽ حيدرآباد جي قيدين سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيل جا مقدم به ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويا آهن. هڪڙا اهي آهن، جي پنهنجي خسيس لوڀ ۽ لالچ کي پوري ڪرڻ لاءِ انتظاميا جا خوشامدي ۽ چغل آهن ۽ ٻيا اُهي آهن، جن کي پنهنجي قيدي ڀائرن سان همدردي آهي ۽ اندرين ءَ طرح انهن سان مليل آهن. قيدي چانهه چڪيءَ راشن جي ڀاڄيءَ ڀُتيءَ، پن جي ٻيڙيءَ، جوڙيءَ جي نئين وڳي وغيره معمولي ڳالهين تي وڪامي ويندا آهن. جيلر صاحب ته ٺهيو. پر جي ڪوئي مقدم به هنن سان کلي ڳالهائيندو آهي. ته هن تان قربان ويندا آهن. پر جي هڪ ڀيرو هنن کي غيرت آئي ۽ ڇتا ٿي بيٺا، ته هنن جي اکين مان واگهه گهوريندا نظر ايندا آهن. مون انهن کي وڪالت جي پيشي ۾ چوويهه سال ڏٺو آهي. هو پوليس. قانون ۽ عدالتن اڳيان ڏاڍا هيسيل هوندا آهن. ججن جون چانديءَ جون عصائون ۽ وڪيلن جا ڪارا جبا ۽ ٿلها ڪتاب ڏسي ۽ انگريزيءَ ۾ هنن جي گٽ مٽ ٻڌي. هو رعب ۾ اچي ويندا آهن. پر جي انهن مان ڪنهن جو ڀـؤ ڀڄي پوندو آهي ۽ هو بندوق سڌي ڪندو آهي. ته پوري ضلعي جي پوليس کي ڪيئي ڏينهن ڀنواٽيون هونديون آهن. بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ته انگريزن جي دور ۾ ٿيا هئا. پر ويجهيءَ ڇڪ ۾ سنڌ ۾ اهڙا ڌاڙيل پيدا ٿيا آهن. جن پنهنجي تر ۾ حڪومت هلائي آهي، وڏيرن کان زوريءَ ڏن ورتو آهي ۽ هنن جي نالي ٻڌڻ سان ئي پوليس وارن ۾ ڪنبڻي پئجي ويندي آهي. سنڌين کي سٻاجهڙو چيو ويندو آهي. پر مون ڏٺو آهي. ته هنن صدين جي پيڙيل ماڻهن جي اَنڊن ۾ آڳانجهيون قاتلانه قوتون لڪل آهن_ هاٽڪ اڌما جي مارڻ ، ڏارڻ. ڌڪارڻ ۽ لوئن نچوئڻ چاهن ٿا. هنن جا سڀ تاريخي سرواڻ وڙهندي ماريا ويا آهن ۽ ڪڏهن به آڻ نه مڃي اٿائون. هڪ ڀيري مون وٽ ٻهراڙيءَ جو ڪوئي ماڻهو ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ آيو. مون هن کان پڇيو، ’تنهنجو نالو ڇا آهي؟‘

’رهزن‘، هن جواب ڏنو.

’ڄاڻين ٿو ته رهزن ڪنهن کي چوندا آهن؟‘ مون هن کان پڇيو.

’مڙس ماڻهوءَ کي چوندا آهن، ٻيو ڪنهن کي چوندا آهن!‘ هن جواب ڏنو. هن جي پيءُ، پڙ ڏاڏي سڀني پَلَوَ ۾ خون ڪيا هئا. ۽ هو سڀ پَلَوَ ۾ ماريا ويا هئا. ڳالهيون ڪندي، هن چيو هو، ’صاحب! مڙسن تان جهُڙ جهيڙا نه لهندا آهن. اهو مڙس ڪهڙو، جو پلئه نه ڪري؟‘

”مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ڇا ڀٽائي هن قوم کي سمجهي سگهيو هو؟ ڇا هو اهو ڄاڻي سگهيو هو ته هن قوم جي تحت الشعور ۾ صدين سان پلـؤ ڪرڻ جو بي پناهه جذبو موجود آهي؟ ڇا تصوف هن قوم سان اها ڪار نه ڪئي آهي. جا چينين سان آفيم ڪئي هئي؟“

......             ......             ......

”قيدين کي اسان جي وارڊ وارن وڏيرن تي ڏاڍي ڪاوڙ آهي: جي رات جو حملو ڪيائون ته پهريون اسان جي وارڊ تي ڪندا. وڏيرا ۽ انهن جا ڇاڙتا ساري رات ڏنڊا کڻي پهرو ڏين ٿا. مورچن تي جيل جا سپاهي رائيفليون ڀري بيٺا آهن. ساري رات ’سي ڪلاس‘ ۾ ڀتين مان سرون پٽجن ٿيون ۽ نعرا لڳن ٿا. منهنجي ۽ ڀٽيءَ جي ننڊ به ڦٽي پئي آهي. جي حملو ٿيو، ته اسين به ماريا وينداسون، ڇو ته اسين به وڏيرن سان گڏ ’بي ڪلاس‘ ۾ آهيون. ويڙهه ۾ سروٽي کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪنهن جو مٿو ٿو ڦاڙي! ظالمن هٿان مارجي وڃڻ جو خطرو ته مون کي هميشه رهيو آهي. پر هن کان اڳ مون اهو سوچيو به نه هو ته متان ڪڏهن مظلومن هٿان ماريو وڃان. آخر اسين به ته اتفاق سان اُنهيءَ ڪلاس ۾ آهيون، جتي مظلومن تي ظلم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.“

......         ......          ......

”رات جا ٻارنهن لڳا آهن. آسمان ۾ انيڪ ستارا ٽمڪي رهيا آهن. منهنجا ٻه نيڻ به انهن سان ملي هِن بي انت سنسار ۾ سمائجي ويا آهن. چوڌاري چپ چپات آهي. رڳو ڪٿان سنتريءَ جي پڪار آهي‘. ان جواب مان سنتريءَ کي اطلاح ملي ٿوته ڪوبه قيدي فرار نه ٿيو آهي. اسان جي وارڊ وارا وڏيرا قيدين کي ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ؛ قيدين هڪٻئي جا مٿا ڦاڙيا. ۽ جيل جي پوليس رائيفليون تاڻي، وارڊن ۾ گهڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. ٻاغي قيدين جا اڳواڻ ٻڌا ويا آهن ۽  سڀاڻي انهن کي ساهيوال ۽ ميانواليءَ جي جيلن ۾ موڪليو ويندو. هن جيل ۾ ۽ هن جيل کان ٻاهر هزارها ميل وڏي جيل ۾ ڪيڏي نه مشابهت آهي!“

......             ......             ......

”اڳئين ڇنڇر تي منهنجو پٽ، انيس، آيوهو ۽ چيائين ته ’امان ڏاڍي دلگير ٿي پيئي آهي ۽ اوهان سان ملڻ چاهي ٿي.‘ مون کي جيل ۾ ساڍا ست مهينا گذري ويا هئا ۽ زرينا مون سان هڪ ڀيرو به نه ملي هئي. دراصل مون هن کي ملاقات کان روڪيو هو. ڇو ته جيل جو وڏو لوهي دروازو، ڀاري ڪڙا ۽ قلف، پهري تي بيٺل هٿياربند سنتري، ۽ ڳاڙهين پيلين ۽ ساين ٽوپين وارا مقدم ڏسي. هوءَ هراسجي وڃي ها. زندگي بي اعتبار آهي، ۽ منهنجي صحت پـؤڻي پئجي رهي آهي. ان ڪري مون هن ڀيري انيس کي چيو، ’ٻئي ڇنڇر تي ماءُ کي وٺي اچجانءَ،‘ مون کي هفتي ۾ فقط ڇنڇر تي ملاقات جا اجازت آهي ۽ سابه سي _ آءِ ڊي جي موجودگيءَ ۾.

”اڄ پنجين بجي زرينا آئي هئي. هن جون گهايل اکيون اڳي کان به موهيندڙ هيون، پر هوءَ ڳري ڪنڊا ٿي وئي هئي ۽ هن جي ڳلن ۾ کڏون ٿي پيو هيون،

”سامهون جيل جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ويٺو هو ۽ منهنجي ڀرسان سي _ آءِ ڊي وارو مفتيءَ به ويٺو هو. اچڻ سان هوءَ مون کي ائين چنبڙي پئي جيئن ول وڻ  کي چنبڙي پوندي آهي، ۽ بي اختيار روئڻ لڳي. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سنڌي هو ۽ منهنجي عزت ڪندو هو. هن هڪ سپاهيءَ کي چيو ته اسان جي سامهون ڪاٺ جو پردو رکي ڇڏي جيئن اسان اُن جي پٺيان اڪيلائي ۾ ڳالهائي سگهون. پنجابي سي_ آءِ_ ڊي واري به ڪوئي اعتراض نه ورتو.

”زرينا ڪافي ديرتائين روئندي رهي ۽ مان هن کي خاموشيءَ سان ڏسندو رهيس. هن مون سان پنجويهه سال گڏ گذاريا هئا. منهنجون اوڻايون لنوائيندي رهي هئي ۽ ڪڏهن به منهنجي ادبي يا سياسي پورهئي ۾ رڪاوٽ نه ٿي هئي. جي اسان ٻنهي کي انسانيت جي تارازيءَ ۾ توريو وڃي. ته هن وارو پڙ ڀاري ٿيندو. مون پاند سان هن جا ڳوڙها اگهي. هن کان پڇيو، ’خوش آهين؟‘ هوءَ وري وڃي سڏڪن ۾ پئي، ۽ مان ڪافي وقت هن کي پرچائيندو رهيس. ايتري ۾ سائرن وڳو ۽ جيل جون بتيون وسامي ويون. گهڙي نه گذري ته ’ڌڙام، ڏڙام‘ ڪري روهڙيءَ تي بم ڪرڻ لڳا ۽ جيل جون ڀتيون لڏڻ لڳيون . هوءَ ڀو ۾ مون کي چنبڙي پئي. مون ڏاڍو چاهيو ته سگريٽ دکايان، پر بلئڪ آئوٽ ۾ تيلي ٻارڻ جي منع هئي. مون من ۾ هن کي چيو. ’مان توکي ڪيئن سمجهايان ته تون ۽ مان هڪ هزار سال جي ڪئي جو ڪيتو ڏيئي رهيا آهيون.‘

”اڌ ڪلاڪ کان پوءِ بتيون ٻريون، ته زرينا مون کي نهايت معصوميت سان چيو، ’جڏهن به بمباري ٿيندي آهي، مان ٻارن سوڌي کٽ هيٺان لڪي ويهندي آهيان. رڳو سليم ئي پڌر مان هوائي جهازن کي ڏسندو آهي.‘

”مون کي کل اچي وئي_ اسان جي گهر ۾ به هڪڙو ٻار ته ويٽنامي آهي. هوءَ به کلي ويٺي، مون هن کي چيو ته ’مان ڀانيان ٿو ته جنگ وڌيڪ نه هلندي. پر جي وڌيڪ هلي ته تون شڪارپور هلي وڃجانءِ.‘

’ڇابه ٿئي‘، هن جواب ڏنو ؛ ’توکي سکر ۾ ڇڏي مان شڪارپور نه ويندس‘.“

......             ......             ......

’سڀ انسان هر انسان جي ڳچيءَ ۾ لڙڪن ٿا، سو تنهنجي ۽ منهنجي ۾ ڪوئي فرق نه رک!“

(يوناني اديب نڪوس ڪازنت زيڪس پنهنجي ناول ’يسوع ٻيهر صليب تي‘ ۾)

......             ......             ......

مُڱڻهارن مَپُ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ري_‘

(ڀٽائي)

......             ......             ......

’ڪرم دنيا سان ٻڌي ٿو، پر يگيه ارٿ (پاڻ _قربانيءَ جي خيال کان) ڪرم ڪجي ٿو، ته ڪين ٿو ٻَڌي.‘

(’ڀڳوت گيتا‘ _ائني بيسنت، ترجمو ڄيٺمل پرسرام)

......             ......             ......

”شاعر زندگيءَ جي رفتار جو جذباتي سونهون هوندو آهي، ۽، پنهنجي مبهم انداز ۾ ، سياستدان کان اڳ تاريخ جا اهم موڙ ڏسي سگهندو آهي. پنهنجيءَ تقدير جي باري ۾ به هن کي پروڻ پوندا آهن. لورڪا جوهڪ نظم آهي_

’مون محسوس ڪيو ته مون کي قتل ڪيو ويو آهي.

هو ڪئفي، قبرستان ۽ گرجائون ڳوليندا رهيا،

هنن کولا ۽ الماريون ڳولي ڏٺيون،

هنن ٽن هڏاون پڃرن کي ڦريو ۽ انهن جا سونا ڏند لاهي ورتا ؛

پر هو مون کي ڳولي نه سگهيا_

هو ڪڏهن به مون کي ڳولي نه سهگيا.‘

انهيءَ نظم لکڻ کان ڪجهه وقت پوءِ هو اسپين جي فاشي ڪتن هٿان ماريو ويو ۽ هن جو لاش هٿ نه آيو.

روس جي روماني شاعر، ارمنتوف، هڪ نظم لکيو هو_

’ٽاڪ منجهند جو داغستان جي ماٿريءَ ۾

مان بيجان پيو هوس ۽ گولي منهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ هئي.

هڪ گهري زخم مان (بارود جو) دونهون نڪتو.

۽ خون منهنجي جسم مان وهيون ۽ ڄمي ويو.

مان تتيءَ واريءَ تي تنها پيو هوس،

منهنجي چوڌاري پهاڙيون هيون،

۽ انهن جون پيليون چوٽيون سج جي تاوَ ۾ لهسي رهيون هيون،

۽ مان خود، موت جي ننڊ ۾، ڌرتيءَ تي لهسي رهيو هوس.‘

ارمنتوف جو موت ڪوهه قاف جي هڪ سنسان جاءِ تي ويڙهه ۾ گوليءَ لڳڻ سبب ٿيو.

”مائڪو وسڪيءَ جو هڪ نظم آهي_

’اُتي، جتي اسان جي دور رس نگاهه پهچي نه سگهي آهي_

بکايل قوتن جي رهبري ڪندو.

اڻويهه سؤ سورنهن اڀري رهيو آهي.

۽ اوهان منجهان آءُ ان جو پيغمبر آهيان.‘

اهو نظم هن 1915ع ۾ لکيو هو ۽ 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب آيو.

”مون اهڙا ڪيئي شعر پڙهيا آهن، جي شاعر جي پنهنجي باري ۾ ۽ هن جي دور جي باري ۾ اڳڪٿي ثابت ٿيا آهن.

”ڇا منهنجي شاعريءَ جا خواب به اهڙيءَ طرح حقيقت جو روپ وٺندا؟ ڪيئن، چئجي!“

......             ......             ......

’اسين ٻه ٿڙ آهيون، جن کي وڄ چمڪائي رهي آهي؛ اڌ رات جو اونداهي جهنگ ۾ ٻه ڄرڪندڙ ڄڀيون آهيون.

’اسين ٻه پڇڙ تارا آهيون، جي ڀاڳ جي ٻه_ڇانگي ٻاڻ تي اوندهه ۾ اڏري رهيا آهيون.

’اسين ٻه ڪميت آهيون، جن جون واڳون ساڳئي هٿ ۾ آهن ۽ جي ساڳيءَ اڙيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن.

’اسين ٻه نيڻ آهيون. جن جي نهار ساڳي آهي : ساڳئي سپني جا ٻه ٻرندڙ پنک آهيون.

’اسين ان سنگ مرمر جي سماڌيءَ ٻن ٻيڙن جا پاڇاوان آهيون، جن ۾ سونهن ستي پيئي آهي.

’اسين ساڳئي اسرار جو ٻه_ تارو آواز آهيون ؛ ساڳئي صليب جون ٻه ٻانهون آهيون.‘

(روسي شاعر، اوانوف)

......             ......             ......

’هڪ ڪُهنگ اَڪاس ۾ پنهنجو دڳ ڀلي پيو آهي ۽ پريان ڪنهن طوفاني بادل تان ڪوڪاري رهيو آهي ؛

’ڄڻ ڪنهن اجنبي چاري تي ڪوئي مسافر ڌڪجي رهيو آهي.

’ڪير چوندو ته هن جو لنبو ۽ اونداهو رستو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ هن جو خوف خطرو ڪٿي کٽڻو آهي!

’رات ڏينهن جي پوئين ڄڀي ڪڏهن ٻُجهائي ڇڏيندي، ۽ منهنجا ٿڪل پير ڪٿي پساربا؟

’الوداع، پيارا پکيئڙ! تون ڪٿي به ڀٽڪندو هجين، بسنت موٽي ايندو ته توکي ورائي آڻيندوپنهنجي ولر ڏانهن. ۽ تون موٽي ايندين پنهنجي پرسال واري واهيري ۾.

’پر مان پنهنجي اجڙيل اَکيري مان جلاوطن ٿي چڪو آهيان،

’۽ پٿر پٿر تي ٿيڙ کائيندو وڃي رهيو آهيان ڪنهن اَڪاس ۾ ڀٽڪندڙ پکيئڙي جيان.

’۽ پنهنجي بي چينيءَ ۾ اُنهيءَ هر ڇپ سان ريس ڪري رهيو آهيان، جا اسٿر ۽ اڏول آهي.

’هر ڇپ پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل بيٺي آهي، پر مان پنهنجي جاءِ تان ڀٽڪي، طوفان ۾ ڦيراٽيون کائي رهيو آهيان.

’هر پنڇي پنهنجي اَکيري ڏانهن رستو ڳولي سگهي ٿو، پر مون کي اوندهه ۾ گم سم رلڻو آهي.

’اف! هي لنبو ۽ اونداهو رستو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟

’اوخدا! ان جا خوف ۽ خطرا ڪٿي ٿا کٽن؟

’هن ڏينهن جي پوئينءَ ڄڀيءَ کي رات ڪڏهن ٻجهائي ڇڏيندي؟

’منهنجا ٿڪل پير اڄ رات ڪهڙي هنڌ پساربا؟‘

(آرمينيا جو شاعر، تُومانينَ)

......             ......             ......

......             ......             ......

 

لڙيو سج لڪن ۾

شاعر شيخ اياز.1975ع جي شروع کان حالتن جي زد ۾ رهيو ۽ خاموش رهيو.

باز گشتم از سخن زيراڪ نيست

در سخن معني و در معني سخن (فيضي)

اُن کان پنج سال اڳ، 1970ع ۾، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جي تخليق کان پوءِ، 1974ع جي آخر تائين، هن منظوم سنڌي ڊراما ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ ۽ هيءُ زير نظر شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن ۾“ اسان کي ڏنا_ اُنهن پنجن سالن ۾ هن ”نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي!“ جي عنوان سان ڪيئي اعليٰ اردو گيت ۽ نظم به تخليق ڪيا، جي اڃا شايع ٿي نه سگهيا آهن. پر اُن کان پوءِ، گذريل پنج سال، هن جي شاعريءَ جي ”بيوفا سريت“ هن کان رٺل رهي ۽ اسين هن جي هر طرح جي شعري تخليق کان محروم رهياسين هيءُ عرصو هن جو ڌيان . البت، پنهنجي سنڌي شعر جي پنجابي ۽ اردو ترجمن ڏانهن رهيو. جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ الڳ الڳ ”جو ٻيجل ني اَکيا“

(مترجم_ احمد سليم) ۽ ”حلقه ميري زنجير کا“ (مترجم_فهميده رياض) جي نالن سان شايع پڻ ٿيا. هن عرصي ۾ هن ڪافي ڪجهه منصبي نوع جا مضمون به سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا، ۽ پڻ ڪيئي تقريرون پڙهيون ۽ ڪيون ۽ اُن سڀ کان وڌ، هڪ تاريخي ناول لاءِ مواد به ڪٺو ڪيو، جو هاڻي وٽس زير تصنيف آهي هن جي هنن پنجن سالن جي ان بي ڪيف جاکوڙ مان اسان جي لکئي ۾ شايد ناول جي امڪان سالن جي لک ئي آيل هجي_ ۽ اُن کي به اسين پنهنجي لاءِ وڏي هڪ نعمت شمار ڪنداسين.

هيءُ شعري مجموعو، ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ اُن جي فهرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو. شاعر جي انتهائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي شايد. اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي _ ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد. ايترو شديد. جو اُن کان وڌ ڪنهن وصال جي تانگهه، ڪنهن تبديل جو اُمنگ ۽ اُن وصال يا اُن تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ  ڪنهن تيز آس جو اظهار شايد ئي ڪو ٿي سگهي.

”مون کي پنهنجي جيئري ملڻو ناهين مور_

ڀُنءِ ڀاري، گهر ڏور

”پوءِ به ڦلن ڇانو آ پرين تنهنجوپور_

ڀُنءِ ڀاري گهر ڏور.....“

(ص86)

اياز جي شعر جو هيءُ مجموعو هن جي واين جو مجموعو آهي، ۽ سڄي سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، جو شايع ٿي رهيو آهي. هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن_ ۽ اُميد آهي ته اسان جا ادب شناس ۽ نڪته سنج، محترم ۽ لائق پڙهندڙ ڏسندا ته اُن جي هر هڪ وائي ۽ هر وائيءَ جي هر هڪ مصرع هڪ روشن لڙهي آهي، جنهن ۾ معنيٰ ۽ جذبي جا اُملهه موتي پوتل آهن.

دِل هر قطره را گر برشــگافي

برون آيد آزو صد بحر صافي  (فيضي)

 

حيدرآباد                                  _محمدابراهيم جويو

1_2_1980ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org