سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ڳالهيون ڪتابن جون

[1947-1992]

باب: --

صفحو : 8

 

 2

 

        جڏهن سماج ائين پاڻ کي نظامڻ شروع ڪري ٿو، جو رڳو ڪوڙ ئي اُن ۾ انعام کڻي سگهي، ۽ بدي ئي اُن ۾ فائدا ڪمائي سگهي، تڏهن سچ ۽ نيڪي لازمي طور زير زمين هليا وڃن ٿا، ۽ ڪوڙ جي وڌڻ لاءِ ۽ بديءَ جي پکڙڻ لاءِ ميدان صاف ٿي پوي ٿو. اهڙي سماج وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ بدخيالين ۽ ڏيکارڻ لاءِ بداعمالين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. اهڙن وقتن ۾ نئينءَ سياست، مٿين طبقن جي سياست کان بلڪل علحده قسم جي سياست، جي سخت ضرورت پيدا ٿي پوي ٿي_ ته جيئن بديءَ ۽ بي انصافيءَ جو جيڪو ڳٽ سماج جي ڳچيءَ ۾ چهٽيو ۽ گهٽيو بيٺو هجي، اُهو لهي سگهي، ۽ اُن جي جاءِ تي نيڪيءَ ۽ انصاف جي پوري بالادستي قائم ٿي سگهي. اُن لاءِ آءٌ اهڙيءَ هڪ عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا عوام جي ئي هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ هجي.

 

 

 

 

 

دانهن

مون، هنن صفحن ۾، پنهنجن سنڌ واسي ڀائرن_ مسلمانن توڙي هندن_ جي سوچ ۽ مناسب عمل لاء ڪي نُڪتا، پنهنجا خيال ۽ ويچار، پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ اسين سنڌ واسي تاريخ جي اهڙي ٻه_ واٽي تي بيٺا آهيون، جتان اسين هڪ صديءَ جي طويل غلاميءَ جي ٻاٽ اونداهيءَ رات منجهان سجاڳ ٿي، آزاديءَ جي ڦٽندڙ باک کي ويجها ٿينداسون. يا وري نئين سر پاڻ لاءِ، نسلن تائين، پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي بالادستي ۽ اقتصادي غلامي قبول ڪري ويهنداسون. اڄ جي رٿيل پاڪستان توڙي هندستان ۾، اسين جيڪي پنجيتاليهه لکن کان به وڌ ماڻهو آهيون. تن سان فقط اوترن فردن ئي طور تسليميءَ جو واعدو ڪيو ٿو وڃي_ اسان جي اجتماعي يڪسانيت ۽ مشترڪ وجود جي تسليميءَ جو نه. اِن جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته ٻنهي صورتن ۾ اسين تعداد جي اڪثريت هيٺ پوريءَ طرح لَٽجي وينداسون؛ ۽ هن وقت جيئن حالتون صورت پذير ٿيندي ڏسجن ٿيون. اسان جا مختصر اقتصيادي وسيلا ۽ اسان جي حڪومتي نظام جون ڪليدي جايون سڀ ٻين  جي هڪ هٽي بڻجي وينديون. ڇا، اسين پنهنجي انساني فلاح ۽ بهبود، ۽ پنهنجن سياسي ۽ اقتصادي حقن کي ان طرح زوران زورِ ۽ هڪ طرفي ڦرجي وڃڻ کي ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪري ڇڏيون، يا اسان کي، باخبر، اٿي بيهڻ گهرجي ۽، هڪ قوم طور پنهنجي انفراديت کي مڃائڻ ۽ پنهنجي خوداختياريءَ ۽ خودمختياريءَ کي موٽائي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ گهرجي، جنهن حيثيت کان هڪ سو سال اڳ اسين انگريزن جي هٿان محروم ڪيا ويا هئاسون؟ اِهي آهن اصل ۽ اسان جي لاءِ بيحد وڏا سوال، جيڪي مون هِن ڪتاب ۾ اٿاريا آهن ۽ انهن جي جوابن ڏيڻ جي به وس آهر ڪوشش ڪئي آهي. انڊين نئشنل ڪانگريس جي سوچ ويچار ۽ پڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي سوچ ويچار ۾، اسين سنڌي ماڻهو، ائين لڳي ٿو ته مال ملڪيت جا رڳو ڪي اسم آهيون، جن کي فقط هڪ همه گير هندستان يا هڪ همه گير پاڪستان سا واڙي ڇڏڻو آهي. اُن سلسلي ۾ گذريل سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبليءَ جي چونڊن جي نتيجي کي 30: 70 جي تناسب سان، انهن ٻن رٿيل ”حدبندين“ جي فائدي ۾ اسان جو ڏنل فيصلو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ستر فيصد اسان جي ماڻهن لاءِ ائين چيو وڃي ٿو ته پنهنجن چونڊيل عيوضين ذريعي، پاڪستان جي حدبنديءَ لاءِ پنهنجي پسنديءَ جو اظهار ڪيو اَٿن، ۽ ٽيهه فيصد اسان جي ماڻهن لاءِ ائين چيو پيو وڃي ته ساڳئي ان طريقي سان، انهن سنڌ کي نه، ته سنڌي ماڻهن کي، تقسيم ڪري، پاڻ کي هندستان جي حدبنديءَ سان واڙڻ لاءِ گهر ڪئي آهي! پر، ڏاڍيءَ چترائيءَ سان اِها ڳالهه بلڪل وساري وڃي ٿي ته نه ستر فيصد ۽ نه وري ٽيهه فيصد اسان جي ماڻهن کان هن مسئلي جي باري ۾ ڪا صلاح ڪئي وئي هئي! ”فيصلي“ لاءِ هيءُ مسئلو اسان جي ماڻهن آڏو پيش ٿيو به جيڪڏهن هو ته فقط پندرهن فيصد جي آڏو، جن مان به گهڻي ۾ گهڻن ته به اڌ ماڻهن هلي وڃي، ڪو اُن ”راءِ طلبيءَ“ جي سڏ ۾ سڏ ڏنو هو! ڪانگريس ۽ ليگ جي بي حس حڪيمن پنهنجن مريضن کان پڇئي بغير ئي، مُنهن جي وڏيءَ پڪائيءَ سان، انهن کي مشورو ڏنو: ”اوهين مريض آهيو_ ٺيڪ ٺاڪ ٿيڻ گهرو ٿا؟ پوءِ دوا وٺو!“ بس اِها هئي انهن نيم حڪيمن جي تشخيص، ۽ اهو هو سندن دوا جو نسخو! نه مرض کي نشانيو ويو، نه ئي ان جي سڃاڻپ ٿي: ”مرض“ جي شفا جو نسخو به ڪونه وصفايو ويو ۽ نه ئي ترڪيبيو ويو. ووٽرن کي البت ٻه پُڙيون_ هڪ هندستان جي نالي واري ۽ ٻي پاڪستان جي نالي واري_ پري کان ئي ڏيکاريون ويون ۽ کين چيو ويو ته ”اِهي اَٿوَ امرت ڌارا جون پُڙيون!“ بهرحال، اُنهن ساڍن ستن فيصد ووٽرن پوءِ چونڊ ڪئي، پر فقط ٻن ”لفظن“ جي وچ ۾، ڪنهن کي اِها خبر نه ٿي ۽ نه ئي ٻڌايو ويو ته ٻيئي اُهي ڏاڍا سهڻايل لفظ هُنن جي سڄيءَ قوم لاءِ سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ جا ئي نشان هئا. زميندارن، شاهوڪارن ۽ ڪامورن اُنهن اڄاڻ، ويساهي ۽ بي بس ساڍن ستن فيصد ووٽرن کي جبر، فريب ۽ دڙڪي دهمان جي هر سوچ ۾ ايندڙ طريقي سان ٻنهي اُنهن لفظن مان هڪ نه ٻئي لفظ جي چونڊڻ ۾ خوب ”رهبري“ ڪئي. اڄ ان طرح جي اُنهن فسطائي چونڊن جا اِهي ”رهبر“ سورما، ”هندستان“ ۽ ”پاڪستان“ جي ٿيڻ کان اڳ ئي، پاڻ ۽ سندن ”ورڪ“ سان کٽي آيل ۽ اقتدار ۾ ويٺل ميمبر ۽ اُنهن جا گلم نشين سڀئي پنهنجن پنهنجن رتبن ۽ پگهارن جي اضافن ۽ ٻنهي هٿن سان عام لٽ، ۽ بي انداز نفع اندوزيءَ ۽ رشوت خوريءَ ۾ ڏينهن رات مصروف پيا ڏسجن، ڄڻ سندن حرس هوس جون اوجهريون ڀرجڻ واروين ئي نه آهن! انهيءَ ئي سياسي ڪويڄائپ جي بنياد تي اسان جي پنجيتاليهه لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي هاڻي انگريزن جي حق ملڪيت مان ڦيرائي ”هندستان“ جي مختلف تعدادي طور بالادست ماڻهن ۽ اُنهن جي حڪمران طبقن جي حق ملڪيت ۾، يا ”پاڪستان“ ۾ پنجاب جي ماڻهن ۽ اُنهن جي ٽِوانن، ٺونن، دولتانن، ممدوتن وغيره جي واحد ملڪيتي تصرف ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ۽ تياري ڪئي ٿي وڃي.

بيشڪ، ”پاڪستان“ ۽ ”هندستان“ ٻيئي تمام سهڻا لفظ آهن؛ ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي به کڻڻ جو سوال اٿي ٿو، ته ڪير ڀلا اهڙو هوندو جو ڪا شيءِ کڻڻ لاءِ آڏو هوندي ته کڻڻ نه چاهيندو. پوءِ اُها شيءِ فقط ڪو ٺلهو لفظ ئي ڇو نه هجي؟ پر هتي سوال ڪنهن شيءِ جي کڻڻ جو نه هو، پر هر شيءِ وڃائڻ جو هو.

ان طرح، جيڪي نڪتا مون هن ڪتاب ۾ خصوصي طور تاڪيديا آهن، اُهي هي ٽي آهن:

(1) ته اسان سنڌ واسين کي پنهنجي خوداختياريءَ ۽ خودمختياريءَ جي حيثيت واپس حاصل ٿيڻ کپي ۽ رٿيل هندستان يا پاڪستان جي حدبندين اندر جيڪڏهن اسان جي موجودگي گهربل آهي ته اسان کي انهن ۾ هر شامل اڪائيءَ سان پورو مساوي درجو ملڻ کپي_ حڪومتي نظام جي هر آئيني اداري، ليجسليچر، ڪئبينيٽ وغيره ۾، هر نقطي نگاه کان_ تاريخي، سماجي ۽ سياسي، اسان جو اهو آڻ ڇُٽ جنمي حق آهي:

(2) ته اسان سنڌ واسين جو پنهنجن قدرتي اقتصادي وسيلن تي واحد حق هئڻ کپي، ۽ پڻ اسان کي پنهنجي وطن، سنڌ اندر پنهنجي حڪومتي نظام جي هر وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي پُرزي تي پورو اختيار هئڻ گهرجي: ۽

(3) ته هاڻي وقت آيو آهي، جوآزاديءَ جي ميوي جي صورت ۾ اسان جي سڄي عوام کي هر قسم جي سوڙهه، جهالت ۽ خوف کان آزاد زندگيءَ جي ماڻڻ جا موقعا ملڻ گهرجن.

اِن سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه خصوصي طور منهنجي آڏو آيل آهي، جا منهنجي طرفان وضاحت گهري ٿي. تازو، پنهنجي موقف سان دلچسپي ۽ اُن بابت اڻپوري ڄاڻ رکندڙ ڪن بين الاقواميت پسندن طرفان مون کان هڪ سوال پڇيو پيو وڃي: ”ڇا، تون سنڌي قوم پرستيءَ جو پرچارڪ آهين؟“ جيتوڻيڪ منهنجي سوچ ۾، قوم پرستي برصغير ۾ مُروج مذهب_ مخالف فرقيواريتن کان گهڻي گهڻي قدر بهتر آهي، جن اسان سڀني کي انسانن مان ڦيرائي حيوان بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ جن هندستان ۽ پاڪستان جي نالن واريون پنهنجون ٻه جادوءَ جون پيتيون ٺاهي ورتيون آهن، جن مان وقت بوقت هو هڪ نه ٻيو پنهنجو اَنترو ٻاهر آڻينديون رهيون آهن ۽ آئنده به آڻينديون رهنديون، ۽ جن جي نتيجي طور هڪڙن معصومن جي هٿان ٻين معصومن جو قتلام، خصوصاً تازي دور ۾، جاري رهندو پئي آيو آهي:_ ته به آءٌ قوم پرستيءَ جو پرچارڪ ناهيان، جيڪڏهن ان جي معنيٰ دنيا ۾ موجود نوع جي قوم پرستي آهي. ان نوع جي قوم پرستي ڪنهن به دور لاءِ ترقي پسند نظريو نه رهيو آهي ۽ پڻ ان کي اسان جي اعليٰ تهذيب واري ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي اصلوڪي مذهب اسلام به هرگز سٺيءَ نگاه سان نه ڏٺو آهي،_ ڇاڪاڻ ته اول ته اِن نوع جي قوم پرستي قومن جي وچ ۾ جنگين جي واقع ٿيڻ کي اٽل بڻائي ٿي؛ ٻيو ته اها خود قوم جي اندر به ٿورن جي هٿان گهڻن جي تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي بالادستيءَ ۽ استحصال جي بنياد تي وڌي ويجهي ٿي. ان نوع جي قوم پرستيءَ جو وڌيڪ موزون ۽ علمي اصطلاح طور نالو، بهرحال ”فسطائيت“ آهي.

فسطائيت جا مکيه ۽ بنيادي تحرڪ ڏيندڙ خيال يا اصول ٻه آهن:

پهريون، هيءُ ته جو ڪجهه به پنهنجي قوم لاءِ مفيد ۽ سهولت وارو آهي. سدائين اُهو ئي صحيح آهي ۽ اُهوئي عمل ۾ آڻجي، پوءِ ائين ڪرڻ سان ڀَلي ٻي ڪا قوم يا ٻيون ڪي قومون غلام بنائڻيون پون يا مرڳو ئي ختم به ڪرڻيون پون: ۽ ٻيو، چپ چاپ مڃيل، هيءُ عقيدو ته فقط سهولتون ماڻيندڙ چوٽيءَ تي پهتل طبقا ئي قوم جا خلاصا ۽ واحد شان آهن، ۽ اِنهيءَ ڪري، اُنهن ٿورن جي دولت، سُک ۽ شان ئي سڄيءَ قوم جي دولت، سُک ۽ شان ڳڻيو ويندو ۽ سمجهيو ويندو.

پهرئين خيال جو پورو اظهار ٻن آمريڪي سياسي فيلسوفن، اسٽيفن ڊيڪارٽر ۽ جان جي ڪرٽينڊن، جي لفظن ۾ بيان ٿيل، اسان وٽ موجود آهي، منجهانئن پهرئين جو چوڻ آهي ته ”اسان جو مُلڪ! ڌارين قومن سان پنهنجي تعلقات ۾ شال هو سدائين صحيح هجي، پر صحيح هجي يا غلط، وري به اسان جو ملڪ!“ ٻئي جو چوڻ آهي: ”منهنجي اميد آهي ته منهنجو ملڪ سچ تي هجي، پر سچ تي يا ڪوڙ تي، آءٌ پنهنجي ملڪ جي ئي پاسي آهيان.“ ٻنهي خيالن جون پاڙون اوندانهن دورن جي جاگيردارانه سلطنت شاهيءَ ۾ کُتل آهن، جن ۾ عام ماڻهو، هاريءَ يا نوڪر جي حيثيت ۾، پنهنجي جان توڙي پورهئي سميت، امن ۽ جنگ ٻنهي حالتن ۾، پنهنجن اميرن ۽ بالادستن جي ماڻهوءَ طور ئي شمار ۾ اچي ٿو. اِن خيال جي بنياد تي ئي هندستان جو عموماً هر عام ماڻهو شهنشاه شاهجهان جي محبت جي اعليٰ يادگار، تاج محل، تي فخر وٺي سگهي ٿو ۽ ان بابت ائين ڳالهائي سگهي ٿو، ڄڻ اهو ذاتي طور سندس پنهنجو آهي. انهيءَ خيال جي ڪري، ڪنهن ملڪ جي ماڻهن مان ٿورن جاگيردارن، زميندارن ۽ صنتعڪارن جي ملڪيتن ۾ واڌاري کي سڄي اُن ملڪ جي قومي ملڪيت جو واڌارو سمجهيو ٿو وڃي. قوم پرستيءَ جو اهوئي پاسو هو، جنهن جپان جي ڏتڙيل غلام هارين جي انبوهن کي پنهنجي شهنشاه_ خدا ۽ اُن جي چند قريبي اميرن ڪبيرن خاطر گذريل جنگ عظيم ۾ دشمن توبن جي منهن ۾ ڊوڙي وڃڻ ۽ خوش خوش انهن جو کاڄ ٿي وڃڻ کي پاڻ لاءِ وڏي فخر جو عمل ٿي سمجهيو.

انهن ٻن باطن ڳالهين کان سواءِ قوم پرستيءَ ۾، بهرحال، ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي، جا اُن کي نفرت لائق يا ناپسنديده بڻائي، اِنهن ٻن بيجا ۽ ناموافق پيوندڪارين کان خالي قوم پرستيءَ ۾ فسطائيت جي ڪابه صورت ڪانه ٿي رهي، جيڪا (فسطائيت) هونئن واقعي هڪ بين الاقوامي مصيبت ۽ وڏو قومي عذاب ئي ثابت ٿيل آهي. قوم پرستي جيڪا اندر، قومي سطح تي، پاڻ سان بامروت ۽ پُرامن آهي ۽ ٻاهرينءَ دنيا سان به پُرامن ۽ بامُروت رهي ٿي. اُها ٻن اعليٰ ترين انساني چڱاين جي بنيادن تي بيٺل هجي ٿي: (1) پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت ۽ (2) دنيا سان ۽ وسيع انسان ذات سان محبت، يعني حُبَ وطن ۽ حُبَ انساني، انهيءَ ڪري اُهي جيڪي بين الاقواميت، اخوت يا ”ميل ميلاپ“ جي نالي ۾ ڪن ٻين ماڻهن جي مٿان پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، سي ئي، درحقيقت، انسان ذات جا بدترين دشمن آهن. ”قوم پرستي“_ قابل نفرت ۽ ناپسنديده_ يا فسطائيت جا الزام پوريءَ طرح ۽ بلڪل جائز نموني اُنهن تاڪائو ۽ حريص ماڻهن يا قومن تي رکڻ کپن، ۽ نه اُن قوم يا انهن قومن تي جيڪي پنهنجي خود مختياريءَ جو دفاع ڪن ٿيون ۽ پنهنجي آزاديءَ جون محافظ آهن_ اڪثر اُنهن ماڻهن، دغاباز قومن جي جارحيت ۽ دستبرد کان جيڪي پاڻ کي بين الاقواميت جون دعويدار ۽ پرستار چوائين ٿيون.

جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي دائري ۾ هڪ مخصوص سماجي، سياسي ۽ اقتصادي اڪائيءَ جا مالڪ هجن ٿا، ته اُها ڪا انهن جي خطا به ته ڪانهي، اِهو ته فطرت جو راضپو آهي، رِٿا آهي، ته ماڻهوءَ کي ٻين سان پنهنجا لاڳاپا جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ ۽ وسيع ٿيندڙ بنيادن تي استوار ڪرڻا آهن. فردن کان ابتدا ڪندي، ماڻهوءَ کي هڪ خاندان يا ڪٽنب، هڪ ذات، هڪ قبيلي، هڪ قوم ۽ آخر ۾ سڀني ماڻهن جي مشترڪ اخوت يا ذات انسانيءَ جي صورت ۾ پاڻ کي وابسته ڪرڻو آهي. انساني برادريءَ جي هن ننڍي ميل ميلاپ يا ڀائيچاري سان وفاداري بذات خود قابل اعتراض ڳالهه ٿي ٿي سگهي. رڳو اُن حالت ۾ جڏهن اهڙي ڪا وفاداري، جداگانه ۽ محدود ٿئي ۽ سڄيءَ انسان ذات جي گڏيل وسيع مفادن جي مخالف يا ابتڙ بڻجي، تڏهن ئي ان کي نندي سگهجي ٿو. بهرحال، اهڙي ڪا محدود وفاداري يا وابستگي به ٻن ابتڙ سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي: (1) خوف سبب، ۽ (2) هٻڇ سبب، جن ٻنهي صورتن ۾ وري به رڳو اُهي جيڪي هٻڇ کان، يعني اِن نيت کان ته پنهنجي قومي مفادن جي سِڌ ڪرڻ لاءِ مثلاً ٻئي ڪنهن گهٽ تعداد واريءَ قوم کي پنهنجي عددي گهڻائيءَ وسيلي، اُرائي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏين، سي ئي سڄيءَ ٻيءَ انسان ذات لاءِ وڏو هڪ خطرو سمجهيا ويندا. انهيءَ ڪري، طاقتور ۽ هٻڇي ماڻهن جي بين الاقواميت پسنديءَ ۽ بي آزار ۽ پاڻ تائين قانع قوم پرستيءَ جي وچ ۾ پوءِ به پهرئين رويي جا ماڻهو سڄيءَ دنيا جي نندا ۽ ڦٺ لعنت جا حقدار بڻجي سگهندا. طاقت جي آنڌ ۾ ورتل هٻڇ ۾ ڇتائيل اڳرائي ڪندڙ پنهنجن خودغرض ارادن کي لڪائڻ لاءِ بيحد چمڪندڙ ۽ سهڻن لفظن جي پوش ۾ پنهنجا دليل ويڙهي، گمراهه ڪُن بڻائي سگهن ٿا، پر ٺلها لفظ پوءِ به آقائن جي تيز ڌارائينءَ تلوار کي هرگز مُڏو ڪري نٿا سگهن. جيڪي اُنهن سهڻن لفظن جي رنگ آميزيءَ پٺيان سڄو وقت فقط پنهنجي ارڏائيءَ ۽ بالادستيءَ جي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط رکڻ جي ڪوشش ۾ ئي مصروف هوندا آهن. جيڪڏهن بين الاقواميت يا اخوت جو مطلب اهو آهي ته هر قوم کي هر ٻيءَ قوم جي ملڪيت تي تصرف جو حق آهي، ته پوءِ سڀ کان بهتر ته هي ٿئي ته ”ڪميونزم“ اختيار ڪيو وڃي! ۽ جيڪڏهن انهيءَ قسم جي ڪميونزم جي ترغيب ۽ تبليغ قومن جي سلسلي ۾ ڪئي ٿي وڃي، ته ڇو نه اِهو نظام پهريائين خود هر قوم جي اندر به اختيار ڪيو وڃي، ۽ پوءِ ائين سڀ لاءِ اهو اصول قبول ٿيندو ته هر فرد کي هر ٻئي فرد جي هر انهيءَ شيءِ تي حق آهي، جيڪا جائز طور ان ٻئي جي ملڪيت آهي! پر ان حالت ۾ دکدائڪ ڳالهه وري به هيءَ ٿيندي ته اُهو نه ته سوشلزم هوندو ۽ نه ڪميونزم، ۽ اسلام ۾ ته اُهو هرگز قابل قبول نه هوندو. اها ته سياسي نراجيت، اقتصادي لٽ مار ۽ سماجي طور شيطاني فساد انگيزي ئي هوندي ۽ جيڪڏهن هندستان جي برصغير ۾ اِهائي فساد انگيز صورتحال مطلوب آهي، ته پوءِ اچو ته سڀ بلڪل ائين ئي ڪريون، ۽ اُن جي نتيجن سهڻ لاءِ به تيار رهون!

انهيءَ ڪري اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر ڀائيچاري جي قيام لاءِ سڀ کان اڳ اُن ڀائيچاري ۾ شامل اِڪائين جي وچ ۾ آزادگيءَ ۽ برباريءَ جي درجي جي صورت جو هجڻ لازم آهي. اهائي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور اندروني ڀائيچاري لاءِ به اوتري ضروري آهي، جيتري قومن جي وچ ۾ بين الاقوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن لاءِ، ۽ پڻ وسيع تر سڄي نوع انسانيءَ لاءِ هڪ انساني ڀائيچاري لاءِ. اهڙا ڀائيچارا، جيڪي پنهنجي عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽ پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومي، بين الااقوامي ۽ انساني ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا پاسدار آهن، ۽ اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽ آزادگيءَ جي فضا قائم رکن ٿا ۽ بامروت ۽ پرامن بين الاقوامي ۽ انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽ اُن لاءِ تيار آهن، اُهي ئي هندستان جي وسيع برصغير جي قومن جي نجات جا ۽ پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي قومن جي خير ۽ بهتريءَ جي ضمانت جا حامل ٿي سگهن ٿا.

ان جي برعڪس ڪانگريس ۽ ليگ جا سرمايه دار، جاگيردار ۽ زميندار، اِنهيءَ پاڻ_ هُرتي مفروضي تي عمل ڪندي ته ”هندستان رڳو هندن لاءِ ۽ پاڪستان رڳو مسلمانن لاءِ فائديمند ٿيندو، ”اُتي ئي ٻيءَ گهڙيءَ اهڙي ئي پاڻ هُرتي دعويٰ ڪن ٿا ته ”اِهوئي برصغير جي هندو_ مسلم مسئلي جو حل آهي!“ اِهو خود هنن جي پنهنجن مسئلن جو حل ته ٿي سگهي ٿو، جو اِن طرح انهن ٻنهي مان هرهڪ کي، بغير ٻئي جي جهل پل جي، پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي استحصال جي هڪهٽي ملي ويندي؛ پر اِهو هندو خلق يا مسلم خلق جي الڳ الڳ توڙي گڏيل مسئلن جو هرگز ڪو حل ثابت نه ٿي سگهندو” البت اِن سان هڪڙو هر گهڙيءَ تيار ۽ ڪامياب هٿيار اُنهن ٻن مخالف مٿين طبقن جي هٿن ۾ اچي ويندو؛ ۽ جڏهن به سندن ماڻهو اُنهن جي ظالمانه ۽ استحصالي ڏاڍ کان تنگ ٿي، بغاوت جا ڪي آثار ڏيکاريندا، ته هو آسانيءَ سان ۽ هڪدم پهنجو ٺهيل تيار ٿيل اهو هٿيار_ انسان ۽ انسان جي نفرت جو_ هٿ ۾ کڻي، پوريءَ انتقامي مهارت سان استعمال ڪري سگهندا؛ ته جيئن سندن ساده دل ۽ غريب عوام جي سندن خلاف گڏ ٿيل سڄي ڪاوڙ مينهُن واءُ ٿي وڃي ۽ هو اُها ڪاوڙ هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏين ۽ هڪڙا معصوم ماڻهو پاڻ جهڙن ٻين معصوم ماڻهن کي مارڻ ۾ لڳي وڃن،_ ۽ اُهو سڀڪجهه رڳو هڪ خدا جي ٻن مقدس نالن ۾، ۽ هِن مذهب يا هن مذهب خاطر!

اِئين، اِهو اعلان ڪندي ته هڪ مخصوص فرقي جون جداگانه سهولتون ۽ فائدا_ جن مان مٿيئن طبقن جي سياسي لغت ۾ مُراد انهن مٿين طبقن جون پنهنجون سهولتون ۽ فائدا آهن_ بذات خود ۽ مطلقاً نيڪ مقصد آهي. هي ”شرفا لوڪ“، جيڪي سڀ ڪنهن کي سڀ ڪجهه کان (سواءِ پنهنجي ظلم جي چڪيءَ کان) آزاد ڪرڻ چاهين ٿا، ڏسجي ٿو ته ”مقصدُ ذريعن کي جائز بڻائي ٿو“ واري اصول تي عمل ڪن ٿا. اِنهيءَ ڪري ئي، انهن وٽ اسين سندن مخصوص مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ بلڪ وقت بوقت اُنهن کي بدلڻ ۾ قطعاً ڪنهن اصول جي ڪا پرواهه نٿا ڏسون. هو اِها ڳالهه بلڪل ئي وساري ٿا ڇڏين ته خراب ذريعن سان ڪنهن به حقيقتاً نيڪ مقصد تائين پهچي نٿو سگهجي، ۽ انسان ذات جي تاريخ ۾ حقيقتاً نيڪ ذريعا ڪنهن کي به ڪنهن خراب مقصد ڏانهن نيندي ڏٺا نه ويا آهن. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته نه مقصد ذريعن سان جائز بڻجي ٿو سگهي ۽ نه ذريعا مقصد سان جائز بڻجي ٿا سگهن. ٻنهي مان هر هڪُ پنهنجي پاڻ سان جائز بنجڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪير به چئي نٿو سگهي ته ڪٿان هڪ جو دائرو پورو ٿئي ٿو ۽ ڪٿان ٻئي جو شروع ٿو ٿئي. ذريعا ۽ مقصد ايترا ته هڪٻئي ۾ ڳتيل هجن ٿا، جو اُهي آسانيءَ سان ۽ اڪثر ڪڏهن به هڪٻئي کان الڳ سڃاڻي نٿا سگهجن. ان طرح، انساني عمل جو سڀ کان وڌ خطرناڪ نِيم اِهو آهي،_ جنهن انسان ذات جي مٿان بيان ڪرڻ کان مٿي مصيبتون آنديون آهن. انهيءَ ڪري ئي اصلوڪي اسلام ۾، بنا ڪنهن مصلحت جي، انساني مشوري ۽ عمل جي دائري مان هيءُ نيم پوريءَ طرح خارج ٿيل شمارجي ٿو. مطلب ته نيڪ ذريعا ئي فقط نيڪ مقصد ڏانهن نيئي سگهن ٿا. ان ڪري ذريعا به اوترائي اهم آهن جيترا مقصد. انساني زندگيءَ جو سرچشمو نرمل ۽ نرويو رهي ئي نٿو سگهي. جيڪڏهن ان جو مُنڍ، ڪنهن ٿوري کان ٿوري ڀاڱي به، بيٺل ۽ گندن تلائن مان نڪرندڙ ۽ انهن تي آڌاري هوندو.

انهيءَ حقيقت جي مدِنظر، آءٌ مٿين طبقن جي سياست بدران عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا سياست مٿين طبقن جي پارٽين هٿان نه پر عوام جي پارٽيءَ هٿان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي،_ ته جيئن مٿين طبقن جي اقتدار بدران عوام جو اقتدار قائم ٿي سگهي.

جڏهن سماج ائين پاڻ کي نظامڻ شروع ڪري ٿو، جو رڳو ڪوڙ ئي اُن ۾ انعام کڻي سگهي، ۽ بدي ئي ان ۾ فائدا ڪمائي سگهي، تڏهن سچ ۽ نيڪي لازمي طور زير زمين هليا وڃن ٿا، ۽ ڪوڙ جي وڌڻ لاءِ ۽ بديءَ جي پکڙڻ لاءِ ميدان صاف ٿي پوي ٿو. اهڙي سماج وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ بدخيالين ۽ ڏيکارڻ لاءِ بداعمالين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. اهڙن وقتن ۾ نئينءَ سياست، مٿين طبقن جي سياست کان بلڪل علحده قسم جي سياست، جي سخت ضرورت پيدا ٿي پوي ٿي_ ته جيئن بديءَ ۽ بي انصافيءَ جو جيڪو ڳٽ سماج جي ڳچيءَ ۾ چُهٽيو ۽ گهٽيو بيٺو هجي، اُهو لهي سگهي، ۽ اُن جي جاءِ تي نيڪيءَ ۽ انصاف جي پوري بالادستي قائم ٿي سگهي. اُن لاءِ آءٌ اهڙيءَ هڪ عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا عوام جي ئي هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ هجي.

فقط ۽ فقط اهڙي ئي هڪ عوام دوست پارٽي سنڌ ۾ عوام جي آزاد ۽ خودمختيار رياست يا اقتدار قائم ڪري سگهي ٿي ۽ ان جو بچاءُ ڪري سگهي ٿي.

اسان جي موجوده سياسي ليڊرن، مسلمانن ۽ هندن، کي پنهنجن ماڻهن لاءِ اِنهيءَ قومي فرض بجا آڻڻ جي، ڪم از ڪم اُن لاءِ راه هموار ڪرڻ جي، اڄ هڪ چانس آهي، هڪ موقعو آهي، پر ائين ٿو ڏسجي ته هن وقت هُنن پنهنجن ذهن تي وڏا ڪي تالا هڻي ڇڏيا آهن، ۽ سوچڻ بنهه بند ڪري ڇڏيو آهي؛ يا شايد، هو فقط پنهنجن خسيس نفسن لاءِ ئي سوچڻ ۾ ورتل آهن، ۽ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي سمجهڻ جي کين فرصت ڪانهي! ائين به ٿي سگهي ٿو ته هو سنڌ جي پنهنجن ماڻهن کان سواءِ، ٻيءَ هر شيءِ، آسمان هيٺ يا اُن کان مٿي، بابت ئي سوچڻ ۾ مصروف آهن_ ۽ بيحد مصروف آهن.

پر اسان جا اڄوڪا ليڊر ڇا به سوچيندا رهن يا ڪندا رهن. اسان کي پورهئي ۾ ڳهندڙ ۽ تاريڪيءَ  گهاريندڙ پنهنجي عوام جي نجات لاءِ آخري پُڪار اُنهن اسان جي اڄوڪن ليڊرن کي نه آهي، پر اُنهن پنهنجن ذهين ۽ باشعور پُٽن ۽ ڌيئرن_ شاگردن ۽ وچين طبقي جي دانشورن_ کي آهي. جن جي آڏو اڄوڪين حالتن ۾، پاڻ لاءِ ونڊي کڻڻ جون فقط ٻه راهون کليل آهن، يا ته هو مٿئين طبقي جي ظالمن جي خدمت زرخريد خدمتگذارن طور ۽ اُنهن جي وڪالت بچاءَ جي شاهدن طور ڪندا رهن، ۽ پاڻ لاءِ اُنهن کان محض رضا جي بيک پنندا رهن، ۽ جو ڪجهه ڦرلٽ جو مال سندن اُنهن آقائن وٽ ظلم ۽ استحصال سان جمع ٿئي ٿو، ان ۾، ۽ اُنهن جي رحم ۽ ڪرم تي، ٽُڪريلن جيئن، پنهنجي ننڍي ڀائيواري جاري رکندا رهن: يا هو پنهنجن ويڳاڻن ۽ بي وسيلن عام ماڻهن جا دوست ۽ راهه ڏيکاريندڙ ٿي رهڻ قبول ڪن. اُنهن کي ئي، درحقيقت، اسين چئي سگهون ٿا: ”اوهان جي سڄي سمجهه اوهان جي ڪهڙي ڪم جي، اوهان جا اوچا ۽ پاڪ خيال، اوهان جي نبار زندگي ۽ اُن جا آدرش اوهان جي ڪهڙي فائدي جا، جيڪڏهن اوهين اُنهن جي ڪا واهر نٿا ڪريو، جيڪي سدائين ڏک ۾ رهن ٿا. جيڪي اوندهه ۾ آهن ۽ ڀُليل آهن ۽ مونجهاري ۾ ورتل آهن!“

ڪير آهي، جنهن کي اها خبر نه آهي ته اسان جا ماڻهو، بنا سندن ڪنهن خطا جي، ۽ پنهنجن انسان ڀائرن جي بهترين خدمت جيڪا ٿي سگهي ٿي اُن جي بجا آڻڻ جي باوجود، خود پاڻ ڏاڍي اڻ مانائتي زندگي گذارين ٿا، ۽ اخلاقي ۽ روحاني محرومين جا شڪار آهن؟ انهن جي سامهون زندگي ٻاٽ اونداهيءَ، اڻ سلامتيءَ، بيمارين ۽ خوارين ۽ دوزخ جي اَسهَه عذابن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو پيو ڏسجي. جڏهن هنن جي اُنهن دل ڏاريندڙ حالتن تي ماڻهوءَ جي نگاه پوي ٿي، ته قدرتي طور، ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ ۾، ۽ اميدن ۾ ڀَريل دل سان، آسمان تائين رسندڙ هڪ دانهن نڪريو ٿي وڃي:

”ڪڏهن، او ڪڏهن، تون ماڻهن جو بچاءُ ڪندين؟

اي ٻاجهرارا ڌڻي، ڪڏهن؟

ماڻهو، جڳ جا مالڪ، ماڻهو،

تختَ، تاج نه، پر ماڻهو!

يا خدا، ماڻهن جو بچاءُ ڪر؛ اِهي تنهنجا آهن،

تنهنجا ٻالڪ، تنهنجن سهڻن ملائڪن جهڙا،

بديءَ کان، ظلم کان، ۽ مايوسيءَ کان

يا خدا، ماڻهو بچاءِ!“

(ڪراچي، جون 1947)

 

 

 

 

 

ايميلي عرف تعليم

جِين جئڪس رُوسو (Jean- Jacques Rousseau) انهن انسانن مان آهي جن تهذيب و تمدن جي دنيا تي پنهنجي طبعزاد فڪر و خيال جا اهي دل آويز ۽ لازوال نقش جڙي ڇڏيا آهن، جيڪي ڪنهن به حالت ۾ ۽ ڪڏهن به مٽجڻ ۽ ميسارجڻ جا نه آهن. دنيا اهڙن ڪامل شخصن جا جيتري قدر به ڳڻ ڳائي ۽ احسان مڃي اوترو ٿورو.

”مٿي اُتي منهنجي، هُوا سِرَن سَوَ هزار،

ته تنهنجي ساڻ تنوار، هَر هَر وڍيم هيڪڙو“.

ارڙهينءَ صديءَ جي هن عظيم الشان مفڪر ۽ اديب پنهنجي وقت جي دنيا ۽ سماجي ماحول کي هڪ اڻ گس پارکوءَ وانگر ڏٺو، جانچيو، اٿلايو پٿلايو، پرکيو ۽ پروڙيو، ۽ ان جي اوڻاين ۽ اڍنگاين جي نبض تي اهڙيءَ طرح ته وڃي پنهنجي حڪيمانه آڱر رکي، جو اُن جي ڪوڙهئي جسم ۾ هڪدم هڪ قسم جي عام بيچيني، هنگامه آرائي ۽ اٿل پٿل شروع ٿي ويئي، ۽ عام انسانن جي دل و دماغ ۾ اها سمجهه، اها خودشناسي، خوداعتمادي ۽ عمل پروري پيدا ٿي، جو هو قدمات پرست، دل شڪسته ۽ بيڪس غلامن مان ڦري قدامت شڪن، تعمير پسند ۽ حق و صداقت ۽ آزاديءَ جا شير دل سپاهي بنجي، پنهنجي مستقبل جا پاڻ معمار بنيا، ۽ تهذيب و تمدن ۽ علم و دانش جي موجوده جديد دور جا ڪامياب پيشور ثابت ٿيا.

انسانن جي برابريءَ، برادريءَ ۽ آزاديءَ جي معنيٰ خيز نعرن سان فرانس ۾ 1789ع ۾ هڪ اهڙو، دور رس نتيجن سان ڀريل، تاريخي انقلاب عمل ۾ آيو، جنهن دنيا کي پهريون ڀيرو جمهوريت جي تحريڪ جي بنيادي منطق ۽ عملي شڪل و صورت سان روشناس ڪيو. يورپ جا جاگيردار ۽ مطلق العنان بادشاهه جيڪي عوام مٿان حڪومت ۽ فرمان روائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي خدا جا عيوضي ڪري سمجهندا ۽ سڏائيندا هئا، تن پنهنجي وجود کي اهڙيءَ طرح غير محفوظ ڏسي، پنهنجي سموريءَ منظم ۽ متحد قوت سان ان انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ويهن ئي نَهن جا زور لڳايا، ۽ انقلاب جي مرڪز يعني فرانس جي عوامي جمهوريت تي ديوانه وار حملن مٿان حملا ڪيا. انقلاب جي حفاظت ۽ علمبرداريءَ جو ڪم اتفاقاً نيپولين بوناپارت جي حصي ۾ آيو، جنهن پنهنجي ڪمال، بهادري ۽ قابليت سان انقلاب جي ايستائين حفاظت ۽ پرورش ڪئي، جيستائين ڪه ان جي پيغام ۽ تعليم جون پاڙون مضبوط ۽ پختيون وڃي ٿيون. انقلاب جي هن محافط، نيپولين، هڪ هنڌ تقرير ڪندي روسي جي تعريف ۾ هي الفاظ استعمال ڪيا آهن ته ”هن کان سواءِ فرانس ۾ اهڙو انقلاب اصل وجود ۾ ڪين اچي سگهي ها.“

روسو 28 جون، 1712ع ۾ سئٽزرلئنڊ جي هڪ آزاد ۽ خودمختيار شهر جينيوا (Geneva) ۾ آئزڪ روسو_ پيءُ_ ۽ سُوزن برنارڊ_ ماءُ_ منجهان پيدا ٿيو. سندس آبا و اجداد اصل فرانس جا ويٺل، عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي جا هئا، ۽ انهن پنهنجن مذهبي اعتقادن سبب ئي فرانس مان تڙجي جينيوا شهر ۾ هجرت ڪري اچي ويٺا هئا. سندس پيءُ جو روثي ڌنڌو گهڙِي سازيءَ جو هو، ۽ سندس ماءُ هڪ وزير جي ڌيءُ هئي. پنهنجي والدين جي ننڍپڻ جي باهمي سڪ ۽ پيار جو داستان ۽ عشق و محبت جي شاديءَ جو احوال روسو پنهنجي ”اعتراف نامه“ (Confessions) جي پهرين صفحن ۾ نهايت دل آويز نموني ۾ بيان ٿو ڪري، ۽ ٻڌائي ٿو ته کيس جنم ڏيئي جڏهن سندس والده اوچتو ئي اوچتو وفات ڪري يويئي، تڏهن باقي سموري عمر سندس پيءُ ڪيئن انهيءَ ناگهاني فراق جي صدمي لاءِ کيس ئي جوابدار سمجهندو ايندو هو! ”ڪڏهن ڪڏهن والد محترم اچانڪ مون کي چوندو هو، ’جين! اچ ته توکي تنهنجي پياريءَ اميءَ جون ڳالهيون ٻڌايان!‘ مان کيس وراڻيندو هوس، ’ها، پر ابا! توهان کي ته خبر آهي ته مون کان اڳي توهان ئي روئي وهندا!‘ تنهن تي والد محترم جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئا، ۽ مون کي هڪدم ڀاڪر ۾ کڻي پنهنجي محبت ڀريءَ هنج ۾ وهاريندو هو، ۽ نهايت ڀريل آواز ۾ چوندو هو، ’جين! ڇا ٿو سمجهين، جيڪڏهن تون منهنجي سُوزن جي نشاني نه هجين ها ته ايترو هوند توکي پيار ڪيان ها!“

روسي جي زندگيءَ جي هيءَ هڪ عجيب و غريب خصوصيت آهي ته 37 ورهين جي ڄمار تائين هو، بلڪل پنهنجي پيءُ وانگر، صرف هڪ محجوب، آسائش پسند، پورالو، ويسارو، ارادي جي قوت کان يڪسر محروم، رواجي، نازڪ مزاج، زود رنج، لاپرواهه، حد کان زياده جذباتي ۽ پاڻيهي پنهنجي مشڪلاتن پيدا ڪرڻ وارو بي ميار سوڍو بنيو. هيڏانهن هوڏانهن وتندو هو گهمندو ڦرندو ۽ سير ڪندو. منجهس جيڪي به پوشيده لياقتون ۽ صلاحيتون موجود هيون، تن کان هو خود پاڻ به يڪسر غافل ۽ لاعلم هو. منجهس هڪ خاصيت سا ضرور هوندي هئي ته هو ڪتابن جو بيحد شوقين هوندو هو، ۽ ڪتابن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هو ڪابه مهل ڪمهل ڪين ڏسندو هو. اها عادت به هن پنهنجي مشفق و مهربان پيءُ جي صحبت ۾ پرائي، ايتري قدر جو هو پاڻ ٻڌائي ٿو. ”مون کي ياد نه آهي ته آءٌ ڪڏهن پڙهڻ سکيس. مگر پهريون دفعو جڏهن مان پنهنجي منهن چڱي خاصي انداز ۾ هڪڙو ڪتاب پڙهي ويس تڏهن منهنجي دل تي جيڪو اثر ٿيو سو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي؛ تنهن وقت آءٌ شايد ستن ورهن جو هوس. هر رات مانيءَ کان پوءِ آءٌ ۽ منهنجو والد محترم گڏجي والده مرحومه جي جمع ڪيل ڪتابن مان هڪڙو نه ٻيو ڪاب کڻي پڙهڻ ويهي رهندا هئاسون. والد محترم جو مقصد شروعات ۾ فقط هيءُ هوندو هو ته منهنجي پڙهڻ جي لياقت وڌي، پر اهڙيءَ طرح ڪتاب پڙهندي پڙهندي ٻنهي کي ايترو ته مزو اچي ويندو هو، ۽ ان جي دلچسپ ڳالهين ۾ ٻئي ايترو ته محو ٿي ويندا هئاسون، جو يا ته سمورو ڪتاب ختم ڪري پوءِ اٿندا هئاسون، يا ته وري پڙهندي پڙهندي پرهه ڦٽي ويندي هئي ۽ صبح جو درين ۾ پکين جون ٻوليون ٻڌي والد محترم هڪ عجيب مونجهاري ۾ اچي ويندو هو ۽ وائڙن وانگر ککو وکو ٿي چوندو هو، ”جين! اچ ته هاڻي سمهون، آءٌ ته توکان ئي وڌيڪ ٻار ٿي پيو آهيان“.

37 ورهين جي عرم ۾ روسي جي زندگيءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو هڪ اهڙو غير معمولي واقعو پيش آيو، جو اُن کان پوءِ روسو روسو نه رهيو: سندس زندگيءَ ۾ اها ته هڪ بنيادي ڪايا پلٽ اچي ويئي جو هو خود پاڻ به ان تي غور ڪندي ڪندي حيرت ۾ پئجي ويندو هو. باقي ساري حياتي، جڏهن به کيس اهو واقعو ياد ايندو هو، تڏهن هڪدم سندس بدن ۾ لرزش پيدا ٿي ويندي هئي، ۽ وار ڪانڊارجي ويندا هئس.

1749ع جي اونهاري جي موسم ۾ هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي دوست ڊڊرٽ (Didort) جي ملاقات لاءِ گهران روانو ٿيو. ڊڊَرٽ ان وقت هڪ سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ سرڪاري حوالات ۾ بند هو. قيدخانو اٽڪل چار ميل پري هو. رستي تي ڪو خاص وڻ ٽڻ به ڪونه هو، ۽ کيس پيرين پنڌ اهو سارو مفاصلو طئي ڪرڻو هو. هلندي هلندي دل کي وندرائڻ لاءِ هن هڪ ادبي رسالي جا ورق ورائڻ شروع ڪيا. اوچتو ئي اوچتو سندس نظر ڊجون جي درسگاهه (Academy of Dijon) طرفان شايع ٿيل هڪ اشتهار تي وڃي پيئي، جنهن ۾ هيٺئين موضوع تي بهترين مضمون لکڻ واري کي انعام جي آڇ ڪيئي ويئي هئي: ”علم ۽ فن جي ترقيءَ ڪري انسان جا اخلاق سڌريا آهن يا بگڙيا آهن؟“ هن پڌرائيءَ جي پڙهڻ سان هن ائين ڀانيو ڄڻ ”منهنجو دماغ اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جبل سان ٽڪرجي پاش پاش ٿي ويو هجي. هزار ها خيال ۽ فڪر منهنجي ذهن ۾ بجليءَ وانگر چمڪڻ لڳا. ساهه گهٽجي ويم. بيان کان ٻاهر بيچيني ۽ ٻوساٽ محسوس ڪيم. هڪ بي جان بوتي وانگر سامهون هڪ وڻ هيٺان کڻي پاڻ ڦٽو ڪيم. پگهر ۾ شل ٿي ويس. پنهنجي بدن کي ڀانيم ته ڄڻ ٽانڊن تي پيو پچي ۽ سيڪجي. دير دير سان جڏهن ان نيم غشيءَ جهڙيءَ حالت مان فراغت مليم تڏهن ڏٺم ته قميص جي دامن ڳوڙهن سان آلي ٿي ويئي هيم. اُنهيءَ ئي گهڙيءَ کان وٺي مون هڪ نيئنءَ دنيا ۾ پير پاتو، ۽ پاڻ کي هڪ نئين انسان جي جامي ۾ ڏٺم.“ اِنهيءَ روءِ روسي کي نه فقط ڊِجون درسگاهه جي پيش ڪيل سوال جو جواب ميسر آيو، پر ان سان گڏ حقيقي علم جي بحر جا دروازا به ڄڻ مٿس کلي پيا، جنهن الهامي علم جي بنياد تي گويا هن پنهنجا آئينده مڙيئي ڪتاب لکيا. هن واقعي سندس اصلي وجود کان کيس آگاهه ڪيو ۽ کيس سندس پوشيده جوهرن ۽ صلاحيتن سان واقف ڪري پهريون ڀيرو خودشناسيءَ جا روحاني راز عطا ڪيا. هن واقعي کان پوءِ لڳاتار 15 سال روسي پنهنجي قلم سان پنهنجي همعصر دور جي ذهن ۽ خيال کي ايڏو ته وٺي لوڏيو، ڊاٺو ۽ ٺاهيو، جو ان کان پوءِ اهو دور وري ساڳيو دور نه رهيو_ سياست، اخلاقيات، تعليم، نفسيات ۽ ادب جو نئون دور پهريائين يورپ ۾ ۽ يورپ کان پوءِ هڪدم ساريءَ دنيا ۾ پکڙجڻ ۽ ڦهلجڻ شروع ٿي ويو!

”مرُ ته آئين مڱڻا، مام پَروُڙي مون،

جيڪا ڳالهه ڳالهئين، سا سڀ سمجهيسون،

تنهن ۾ تُسج تون، جيڪي پويئي پٽ ۾.“

روسي جو دلي ذوق هميشه معلم جي ڌنڌي ڏانهن رهندو هو. 1735ع ۾ جڏهن 23 سالن جو هو تڏهن پنهنجي پيءُ ڏانهن هڪ خط لکيائين، جنهن ۾ پنهنجي انهيءَ خواهش جو اظهار هو هيٺين لفظن ۾ ٿو ڪري: ”جيڪي به ڌنڌا آءٌ هن وقت پنهنجي خيال ۾ آڻي سگهان ٿو تن سڀني مان فقط ماستريءَ جو ڌنڌو ئي آهي جنهن لاءِ آءٌ پاڻ کي طبعاً شائق ۽ لائق ٿو سمجهان.“ تنهن کان سگهوئي پوءِ انهيءَ شريف ڌنڌي کي هن عملاً پڻ اختيار ڪيو: هڪ دفعو 1740ع کان 1741ع تائين ليان (Lyon) شهر ۾، ۽ ٻيو دفعو 1743ع ۾ پئرس شهر ۾_ پر ان ابتدائي تجربي مان کيس ڪا نمايان ڪاميابي ڪانه پلئي پئي سگهي. تنهن هوندي به 1740ع ۾ ئي هن پنهنجا تعليمي اصول هڪ ’تجويز‘ جي صورت ۾ قلمبند ڪيا، جن ۾ پنهنجي ”ايميليءَ“ ۾ 20 سال پوءِ جيڪي تعليمي اصول هن 50 ورهين جي ڄمار ۾ ويهي بيان ڪيا آهن، تن جي مختصر جهلڪ صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙيءَ طرح ”ايميليءَ“ جي تيار ڪرڻ ۾، جيئن هو پاڻ ٻڌائي ٿو، کيس گويا لڳاتار 20 سالن جو فڪر ڪرڻو پيو. هن سموري عرصي ۾ جيڪي ڪجهه سندس مشاهدي ۾ آيو ۽ جيڪي ڪجهه هن زندگيءَ جي خالص مطالعي ۽ تجربي مان حاصل ڪيو، تنهن جو نچوڙ ۽ مغز هُن ٻن ڪتابن_ ”معاهده عمراني“ (The Social Contract) ۽ ”ايميلي عرف تعليم“_ جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان ٽن سالن جي لاڳيتيءَ محنت سان ساڳئي وقت لکي 1762ع ۾ پيش ڪيو.

هنن ٻنهي ڪتابن جو هڪٻئي سان نهايت گهرو تعلق ۽ واسطو آهي. ٻنهي ۾ جيڪي به اصول روسي ويهي بيان ڪيا ۽ پڙهايا آهن، تن جو بنياد انسان جي فطرتي مساوات، اخوت ۽ حريت تي بيٺل آهي: ٻنهي جي سموريءَ تبليغ جو واحد مقصد هيءُ آهي ته انهن بنيادي اصولن جو تحفظ عام تعليم و تدريس جي وسيلي ڪيو وڃي، ۽ انهن جو استعمال سماج جي هر صحيح قانون جو روح هئڻ گهرجي: ٻيءَ حالت ۾ تعيلم تعليم نه رهندي، بلڪ ان کي محض ظلم و استبداد ۽ جبر و تشدد جو هڪ اوزار سمجهيو ويندو.

هي ٻئي ڪتاب روسي جي قلم جا بهترين شاهڪار آهن. ارڙهينءَ صديءَ جي انقلابي دور جا هي ٻئي ڪتاب پيشرو ۽ پيغمبر هئا: شايد انهيءَ ئي سبب ڪري، تنهن زماني جي سماج هِنن ٻنهي ڪتابن کي ڪتب فروشن وٽ پهچڻ سان ئي باهه ۾ وجهي جلائي ڇڏڻ جي فتويٰ صادر ڪري ڇڏي. 1760ع ۾ ”ايميلي“ لکجي پورو ٿيو، ۽ 1762ع ۾ ”معاهده عمرانيءَ“ سان گڏ، هالنڊ (Holland) ۾، جڏهن ڇپجي پڌرو ٿيو. تڏهن فوراً ان کي فرينچ پارليامينٽ طرفان خلاف قانون ٺهرائي ضبط ڪيو ويو، ۽ پئرس ۾، سرڪاري طور ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت گاهه (Palais de Justice) جي ڏاڪڻ هيٺان پڌري پٽ ساڙيو ويو: ساڳئي وقت هيءُ به اعلان ڪيو ويو ته ”فقط ڪتاب کي ساڙڻ ڪافي نه آهي، پر تنهن سان گڏ مصنف کي به جيئري جلائڻ گهرجي!“

فرينچ پارليامينٽ طرفان روسي کي آخر جلاوطن ڪيو ويو. فرانس کي خيرباد چئي. هيءُ مرد مجاهد سئٽزرلئنڊ ۾ پهتو، پر عدل ۽ انصاف، حق ۽ نيڪيءَ جي ازلي دشمنن هتي به سندس پيڇو ڪين ڇڏيو: نائين ڏينهن کان پوءِ هتي به .ايميليءَ“ کي سرڪاري طور برسر عام جلايو ويو. هن زماني جي حوالي لکندي روسو ٻڌائي ٿو، ”ساري يورپ ۾، منهنجي خلاف نفرت ۽ ملامت جو هڪ اهڙو دلخراش شور ۽ غوغا بلند ٿي ويو، جنهن جو مثال شايد مشڪل ملي. هر طرف کان مون کي ڪافر، دهريو، خونخوار، جانور، ڇتو بگهڙ، انسان دشمن درندو ۽ ٻين اهڙن ذلت آميز لقبن سان نوازيو ويو!“

اهڙيءَ طرح، جهالت ۽ تاريڪيءَ جي علمبردارن جي نفرت ۽ عدوات کان ڊڄندو، لڪندو ۽ ڀڄندو، هو آخر پرشيا (Prussia) جي هڪ آزاد خيال ۽ نيڪدل گورنر، لارڊ ڪيٿ (Keith)، وٽ اچي پناهه گزين ٿيو، جتي هن اڍائي سال ڪجهه قدر محفوظ ۽ سلامت گذاريا. اتفاقاً لارڊ ڪيٿ کي ڪنهن ٻئي صوبي ڏانهن تبديل ٿي وڃڻو پيو: فوراً ضلعي جي پادرين طرفان روسي تي ”عدو عيسيٰ“ (Antichrist) جي فتويٰ صادر ڪئي ويئي، مٿس ديولين جا دروازا بند ڪيا ويا، ۽ مختلف طريقن سان سندس برخلاف جاهل ۽ متعقد عوام کي ڀڙڪايو ويو: ٻاهر نرڪندو هو ته مٿس زالون، مڙس توڙي معصوم ٻارڙا ڀترن ۽ پٿرن جا وسڪارا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا؛ هڪ دفعي ته ماڳهين مٿس بندوق سامهين ڪئي ويئي. آخر ماهه سيپٽمبر 1765ع ۾، سندس مڪان تي رات جو حملو ڪرايو ويو، جنهن کيس اتان وري لڪي ڇپي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ هو ٻيهر سئٽزرلئنڊ جي سرزمين ۾ داخل ٿيو: پر ڪٿان ٿو کيس ڪو آرام جا چار ڏينهن گهارڻ ڏئي! اُتان جي حڪومت طرفان ملڪ نيڪالي يا گرفتاريءَ جو حڪم ٻيهر ٻڌي، هو پنهنجو نالو نشان بدلائي، هڪ روپوش گنهگار وانگر، پئرس مان ٿيندو، مشهور انگريز تاريخ نويس ڊئوڊ هيوم (David Hume) وٽ انگلنڊ ۾ وڃي ڪجهه عرصو ٽڪيو. انگلنڊ ۾ به روسي کي چين ۽ آرام جون چار گهڙيون نصيب ڪين ٿيون. 1767ع جي مئي مهيني ۾، هو اتان موٽي فرانس ۾ آيو، جتي هڪ شڪار ٿيندڙ بيوس ۽ ڪمزور جانور وانگر، هو هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، ٻئي هنڌان ٽئين هنڌ لڪندو، ڀڄندو رهيو. هن زماني ۾، سندس ذهني ڪيفيت جو اندازو هن مان لڳائي ٿو سگهجي ته هو جيڪڏهن ڪنهن دوست ڏانهن لڪ چوريءَ ۾ ڪو خط لکندو هو، ته پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي صحيح هيئن وجهندو هو: ”آءٌ آهيان اوهان جو معصوم_ روسو.“

آخرڪار کيس پئرس ۾ موٽي اچڻ جي رخصت ملي، جتي هن هڪ مسواڙي غريباڻي گهر ۾ پنهنجي لاثاني زندگيءَ جا آخري لمحا گذارڻ شروع ڪيا، اڃا آرام ۽ اطمينان جون ٻه گهڙيون ئي ڪين گذريس، ته مٿس سماجي جلادن ۽ جاسوسن وري اچي وارو وار شروع ڪئي. هڪ ٿڪل ٽٽل، بيڪس ۽ بيوس پکيءَ وانگر پاڻ کي محبوس ۽ مجبور سمجهي، هن هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو نالو رکيائين ”روسي جي جين جئڪس کان اڏي پڇا“. هن ڪتاب ۾ هن پنهنجي شخصيت جي، نهايت نازڪ ۽ لطيف پيرايي ۾، هڪ بي خوف تورتڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ڪتاب لکي پورو ڪيائين، تڏهن انسانن جي اڳيان ان کي پيش ڪرڻ بدران، هن ارادو ڪيو ته عيسائي مذهب جي پئرس ۾ وڏي ۾ وڏيءَ ديول ناٽرڊم (Notre Dame) جي منبر تي وڃي، خدا جي سامهون عرض رکان سندس اُنهيءَ عمل مان فقط ٻه نتيجا ٿي نڪري سگهيا، يا ته هو انسانن جي هٿان انصاف پلئي پوڻ کان بنهه نااميد ٿي چڪو هو، يا ته وري سندس ڌيان پنهنجي بيڪسيءَ ۽ مظلوميت ڏانهن اِنهيءَ صورت ۾ ڇڪائڻ ٿي گهريائين. بهرحال ناٽرڊم جا دروازا به مٿس بند ڪيا ويا ۽ پنهنجي ان معصوم ترين ارادي تي به هو عمل ڪري ڪين سگهيو.

هن واقعي کان پوءِ، کيس ويتر يقين ٿي ويو ته دنيا ۽ سماج کيس فقط چيچلائڻ ٿي گهريو. انهيءَ يقين جي ماتحت هو لکي ٿو، ”فرانس ۾ شايد آءٌ ئي هڪڙو شخص آهيان، جنهن جو ايمان خدا ۾ آهي. هن زمين تي آءٌ تن تنها آهيان: نه منهنجو ڪو ڀاءُ آهي، نه وري ڪو دوست، نه منهنجو ڪو پاڙيسري آهي، نه وري ڪو سنگتي ساٿي؛ انسانن مون کي اڪيلو پري اڇلائي کڻي ڦٽو ڪيو آهي: منهنجي دل ۾ انسانن لاءِ ايتري خيرخواهي، ايتري همدردي، ايتري محبت!..... اُهي ئي ساڳيا مون جهڙا انسان وري مون کان ايترو متنفر، ايترو ٽهندڙ ۽ احنتراز ڪندڙ!..... ازل کان وٺي آءٌ اڪيلو آهيان، منهنجي پيرن هيٺان زمين ڪانهي، ۽ آءٌ هيٺ جهڪندو ٿو وڃان...... هڪ بدنصيب ۽ بيوس فاني انسان وانگر: پر ساڳئي وقت منهنجو آواز نيڪيءَ ۽ صداقت جو آواز آهي..... آءٌ خود خدا وانگر خاموش ۽ بي خوف، حق ۽ انصاف تي اڄ به پهاڙ وانگر قائم آهيان!“

20 مئي 1778ع ۾، تڏهن روسي کي زندگيءَ جا ڪي چند هفتا باقي هن فاني دنيا ۾ گذارڻا هئا، تڏهن کيس هڪ نيڪدل ۽ دولتمند شخصي ايم_ ڊي، جروڊن (M. de Girardin) نالي، پئرس جي غريباڻي جهوپڙيءَ مان وٺي، اتان ٿورو ئي پري، ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجي هڪ عاليشان ۽ بهترين بنگلي ۾ وڃي رهايو، جتي هن حياتيءَ جون باقي گهڙيون نهايت مسرت ۽ اطمينان واريون گذاريون، ايتري قدر جو سندس صحت ۾ هڪ نمايان اصلاح ۽ بهتري نظر اچڻ لڳي: پر.......

”مرا در منزل جانان چه امن و عيش چون هردم

جرس فرياد مي دارد که بربنديد محملها!“

خميس ڏينهن صبح جو، 2 جولاءِ 1778ع تي، اجل جي داعيءَ  آخرڪار اوچتو ئي اوچتو پنهنجي زماني جي هن دُرَيَڪتا کي سميٽڻ لاءِ سندس زندگيءَ جي دروازي تي اچي دستڪ ڏني، ۽ هن تارڪ الدنيا ۽ مصلح عالم، مجاهد مرد، سڏ تي خنده پيشانيءَ سان لبيڪ چئي، پنهنجو ساهه سندس سپرد ڪيو.

”اڳي پوءِ مران، مرُ مران مارڳ تي.

مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون!“

فڪر و دانش جي اها پونجي، جنهن جي بنياد تي موجوده زماني جو هڪ تعليم يافته شخص پنهنجي سموري علم ۽ عقل جي عمارت جي تنظيم ۽ تعمير ڪري ٿو، سا ههڙيءَ طرح سندس ورثي ۾ اچڻ کان صدها سال اڳ ان زماني جي چند باغي انسانن جي ئي عرق ريزيءَ ۽ دماغ سوزيءَ جي پيداوار آهي، ۽ جنهن کي پيدا ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ ۾ انهن باغي انسانن کي نه معلوم پنهنجي پنهنجي سماج سان پنهنجي جسم ۽ جان جون ڪيتريون دلگداز بازيون لڳائڻيون پيون هونديون!

مرڻ وقت روسي کي شايد هي محسوس ڪري دک ٿيو هجي ته هڪ فراموش شده انسان وانگر ايڏيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هو هن دنيا کي الوداع چئي رهيو هو، پر اها خبر ئي کيس ڪانه هئي ته هو نه فقط پنهنجي همعصير دور تي بلڪ، ته ان ئي وڌيڪ، مستقبل تي هڪ لازوال فتح پائي چڪو هو. 1770ع کان 1778ع تائين خود سندس حياتيءَ ۾ ئي سندس جملي تصنيفات جا ڇهه ڇاپا ظاهر ٿي چڪا هئا. 1780ع کان وٺي فرانس جي ماڻهن، پنهنجن بادشاهن، راڻين ۽ شهزادن سميت، هن ”مجذوب مفڪر“ جي قبر جون زيارتون ڪرڻ شروع ڪيون. اُهي سڀئي نوجوان عالم ۽ مجاهد، جي اڳتي هلي، 1789ع ۾ ۽ تنهن کان پوءِ، فرينچ انقلاب جا رهنما بنجڻا هئا، هڪٻئي سان هزارن اختلافن هوندي به، روسي جا ساڳيا ئي گرمجوش معتقد ۽ مريد هئا. 7 مئي، 1794ع تي، فرينچ انقلابين طرفان فرينچ پارليامينٽ ۾ روسي کي ”بني نوع انسان جو استاد“ ۽ انقلاب جو پهريون داعي سڏيو ويو. جرمن فيلسوف  ’ڪئنٽ‘ جڏهن ”ايميلي“ پڙهيو تڏهن سندس زبان مان بي ساخته هي لفظ نڪتا: ”ڪو وقت هو جڏهن آءٌ فخر سان ائين چوندو ڦرندو هوس ته انسان جو امتياز ۽ احترام سندس علم تي ئي منحصر آهي، ۽ ائين چئي آءٌ بي علم انسانن ڏانهن نفرت سان ڏسندو رهندو هوس. روسو ئي هو، جنهن منهنجي اکين تان اونداهيءَ جي هيءَ پٽي کولي؛ علم جي نمائشي برتريءَ کي هڪ پاسي رکي، هڪ انسان جي سندس خالص انسان هئڻ جي بنا تي عزت ڪرڻ آءٌ فقط روسي کان ئي سکيس.“ 100 سال پوءِ روس جو مشهور فيلسوف ٽالسٽاءِ (Tolstoy: 1828ع_ 1910ع)، جنهن جو مريد پاڻ کي چوائي مهاتما گانڌي (1869ع _ 1948ع) خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو هو، تنهن تي روسي جي تعليم ايترو ته اثر وڌو، جو هو پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ روسي جو لاڪيٽ تائٿ طور پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهيو پيو گهمندو هو، ۽ هميشه سندس زبان تي هي لفظ هوندا هئا ته ”روسي جا ڪتاب ايترو ته منهنجي دل کي وڻن ٿا، جو جڏهن انهن کي پڙهڻ ٿو ويهان تڏهن ائين ٿو محسوس ڪيان، ڄڻ اُهي مون پاڻ ويهي لکيا آهن.“ حقيقت به اها آهي: ٽالسٽاءِ جا سمورا ڪتاب ائين آهن، ڄڻ اُهي روسي جي ڪتابن جا نوان ۽ تازا نسخا آهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي ٽالسٽاءِ کي ”جديد زماني جو روسو“ سڏيو ويو آهي. موجوده زماني جي جديد تعليم جا سمورا نظريا ۽ اصول، روسي جي ”ايميليءَ“ مان ئي اخذ ٿيل آهن. سندس جنم ڀومي جينيوا شهر ۾، جيڪو نئينءَ تعليم جو مشهور معروف ادارو آهي، سو اڄ روسي جي ئي نالي سان منسوب آهي.

”ايميليءَ“ جي باري ۾ لارڊ مارلي (Morley) جو هيءَ رايو آهي: ”علم ادب جي تاريخ ۾، هي ڪتاب تاقيامت زنده رهندو. اهڙن ڪتابن جي اهميت ۽ وقعت نه فقط سندن هر هڪ صفحي ۽ هر هڪ باب ۾ موجود آهي، پر سندن اصلي قيمت ۽ قدر صحيح طور فقط تڏهن ڪٿي سگهجي ٿو، جڏهن انهن کي اول تا آخر پڙهجي، سمجهجي ۽ پروڙجي. هن ڪتاب انساني اخلاق جي بنيادن کي مضبوط ڪيو؛ مائٽن کي سندن فرض ادائيءَ ۽ ان جي اهميت سان روشناس ڪيو؛ رسوماتي ۽ مروج غلط خيالن جي بنيادن کي ڪاري ضرب لڳائي، معصوم ٻارڙن جي زندگيءَ ۾، گهرو چؤديواريءَ اندر توڙي اسڪولن جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙين ۾، تازين هوائن جون هيرون ۽ روشنيءَ جا سيلاب آندا؛ تعليمي عمل ۾ غلاميءَ، بندش ۽ هٺ ڌرمي عيوض آزاديءَ، هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين نيڪيءَ، سادگيءَ، خودداريءَ ۽ انسانيت جون لهرين مٿان لهريون پيدا ڪيون ۽ ڦهلايون؛ ۽ والدين جي سڪ ۽ ٻاجهه جي جذبن کي لوڏيو، جاڳايو ۽ جنبش ۾ آندو، ته جيئن هو پنهنجن گلن جهڙن معصومن جي نازڪ زندگين کي جيئن پوءِ تيئن زياده خوشيءَ، زياده تازگيءَ ۽ زياده محبت جا پاڻي ڏيندا رهن. هيءُ ڪتاب معصوم ٻارڙن لاءِ گويا آزاديءَ ۽ شادمانيءَ جو هڪ صحيفو يا فرمان هو.“

ٻئي هڪ تعليمي ماهر، بيگم فريڊريڪا مئڪڊونالڊ (Mrs. Frederika MacDonald) جو چوڻ آهي ته ”روسي هن ڪتاب جي وسيلي ٻار جي حقن جو اعلان ڪيو، ۽ انهن قديم تعليمي سرشتن کي ختم ڪري ڇڏيو، جن ۾ ائين سمجهيو ويندو هو ته ٻار فطرتاً هڪ شرارتي جيوُ آهي. پيسٽالازي توڙ فروبيل کان به اڳ روسي اسان جي جديد تعليم جا بنياد وڌا، ۽ سڌريل دنيا کي ان غلط رويي ۽ عمل تي ننديو ۽ پشيمان ٿيڻ جو موقعو ڏنو، جنهن ماتحت انسان جي زندگيءَ جي ابتدائي زماني جون سموريون خوشيون ختم ڪيون وينديون هيون. معصوميت جا مڙيئي امنگ ۽ جذبا گهٽيا ۽ چيڀاٽيا ويندا هئا، ۽ ٻارڙن جي نازڪ ۽ صغير اُميدن ۽ خواهشن جون مکڙيون کلي گل ٿيڻ کان اڳ ئي پٽجي ۽ مروڙجي واوکر ٿي وينديون هيون.“

روسي ”ايميليءَ“ کي پنهنجو ”آخرين بهترين“ شاهڪار ڪري سڏيو آهي_ هڪ اهڙو شاهڪار، جنهن جي پيش ڪرڻ سان ”مون اهي سڀ ٿورا لاٿا ۽ احسان چڪايا آهن، جيڪي انساني برادريءَ، مون کي جنم ڏيئي، منهنجي پرورش ڪري، ۽ هيتري وقت تائين منهنجي زندگيءَ جي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ مون کي مدد ڏيئي، مون تي پئي ڪيا آهن.“

ان زماني جي ماڻهن جا ”ايميليءَ“ جي باري ۾ ڪهڙا رايا هئا، سي روسو هيٺينءَ ريت بيان ٿو ڪري؛ ”مون کي ڪوبه ٻيو اهڙو ڪتاب ڪونه سجهي، جنهن کي ماڻهن پنهنجي منهن مخفي طرح ايترو ساراهيو هجي، پر نه معلوم ڪهڙي ڳالهه آهي جو جڏهن ’ايميليءَ‘ جي باري ۾ راءِ زني ڪرڻ جو ظاهر ظهور ٻين جي اڳيان ڪنهن کي موقعو ٿو ملي، ته يا ته سندس زبان تي مهرون لڳي ٿيون وڃن، يا ته ان جي گلا ۾ سندن زبان مرڳو آپي کان ئي ٻاهر نڪريو وڃي! ڏسڻا وائسڻا ماڻهو هن عجيب منافقيءَ ۾ مون گرفتار ڏٺا. مئڊيم ڊي بفلرس (Madame de Boufflers) مون ڏانهن خط ۾ لکيو، ’ايميليءَ جي مصنف جو مجمسو تعمير ڪرڻ گهرجي، هو بني نوع انسان طرفان حقيقي عزت ۽ احترام جو حقدار آهي_ هيءُ خط مون ڏانهن ورندڙ ٽپال ۾ موٽائي موڪلي ڇڏيندا!...... ڇو؟ ان جو جواب مون کان نه پڇندا!‘ ڊي آليمبرٽ (D. Alembert) خط ۾ لکيم، ’”ايميلي“ اوهان جي واقعي بهترين ۽ اعليٰ تصنيف آهي، ۽ هيءُ ڪتاب اوهان کي واقعي دنيا جي اديبن جو سرتاج ثابت ٿو ڪري‘_ پر مون کي هي ڏسي عجب وٺي ويو ته هن صاحب ان خط تي پنهنجي رڳو صحيح به ڪانه وڌي هئي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي هر هڪ خط ۾ هميشه صحيح وجهڻ جو عادي هو! ايم_ ڊي بليئر (M.D. Blaire) کي جڏهن ’ايميلي‘ پڙهي ٻڌايو ويو، تڏهن هن صاحب هڪ عجيب جوش ۽ جذبي ماتحت هڪدم وراڻيو، ’هيءُ هڪ بهترين ۽ بي مثال ڪتاب آهي، پر افسوس جو هن مان جلدئي اهي ڳاليهون پيدا ٿينديون جيڪي سندس مصنف لاءِ هرگز چڱيون ثابت نه ٿينديون.‘“

انساني تاريخ هميشه هيءَ ڳالهه ثابت پئي ڪئي آهي ته جڏهن ڪوڙ، تخت تاج جو وارث ۽ طاقت ۽ اقتدار جو مالڪ بنجي، سماج ۾ ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن سچ ويچارو پنهنجي وجود کي مخفي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ورنه ته کيس يا ڦاسيءَ جي تختن تي لٽڪڻو پوندو آهي يا قيد و بند جي اونداهين چوديوارين اندر پنهنجي زندگيءَ جا آخرين لمحا ڪاٽڻا پوندا آهن. ان حالت ۾ ميدان خالي ڏسي، ڪوڙ پاڻ کي سچ ڪري مشهور ڪرائڻ ۽ مڇارائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ڪوڙ کي ذاتي طرح زنده رهڻ ۽ مقبول عام ٿيڻ جي ڪا صلاحيت نه آهي، تنهنڪري هو پنهنجي وجود کي محض جبر ۽ تشدد جي وسيلي ئي محفوظ رکڻ ممڪن ڄاڻندو آهي. انهيءَ صورتحال ۾، ڪوڙ جي هٿان هيسايل ۽ آزاريل انسان، عام طرح ظاهري طور، ڪوڙ جي بيعت ۽ فرمانبرداريءَ جو دم ڀريندا رهندا آهن، پر ڇاڪاڻ ته انسان جي فطرت کان هيءَ ڳالهه بعيد آهي ته هو ڪوڙ کي سچ تسليم ڪري، سواءِ انهن جي جيڪي ڪوڙ جي نفعي تي تڳن ٿا، تنهنڪري عام انسان پنهنجي منهن ۽ مخفي طرح، ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ سمجهندا، محسوس ڪندا ۽ ظاهر ڪندا ايندا آهن. ظاهري طرح ڪوڙ جي مدح گوئي ۽ مخفي طرح سچ جو اعتراف. هيءَ آهي اها عام منافقي جيڪا جڏهن ڪنهن سماج ۾ چوڌاري پکڙجي ۽ ڦهلجي ويندي آهي، تڏهن ايئن سمجهجي ته اهو سماج هڪ نئين انقلاب لاءِ تيار ۽ منتظر آهي، جنهن ۾ ڪوڙ جي تخت تاج جو تاراج ۽ برباد ٿيڻ ۽ طاقت و اقتدار جو ملياميٽ ٿي وڃڻ هڪ يقيني امر آهي. روسي جي زماني ۾ پڻ هڪ اهڙي ئي قسم جو سماج وجود ۾ هو، جنهن جي عنقريب تخريب جو چتاءُ ۽ ان جي جاءِ تي هڪ نئين ۽ بهتر سماج جي تعمير جي خوشخبري هن پنهنجي ڪتاب .ايميليءَ“ ۾ پنهنجي همعصر انسانن جي گوشگذار ڪئي. روسي جي مرڻ کان فقط يارهن ورهيه پوءِ سندس اُنهيءَ چتاءَ ۽ سندس انهيءَ خوشخبريءَ جي عملي صورت جو مشاهدو فرانس جي ماڻهن پنهنجي اکئين پاڻ ڪيو ۽ روسي جي روح کي دعائون موڪليون!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org