سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: هو ڏوٿي هو ڏينهن

باب: 2

صفحو :2 

باب ٻيون

وقائع نگاري- صحافت جي پيڙهه

دنيا جي هر زبان وانگر، سنڌي زبان ۾ به، ادبي سرگرميءَ جي ابتدا، شعري ادب سان ٿي آهي. صحافتي ڪوششون گهڻو بعد ۾ ٿيون آهن. ان جو وڏو ڪارڻ هيءُ آهي ته شعر و شاعريءَ جو تعلق جذبات سان رهيو آهي، ۽ شعري ۽ جذباتي اظهار لاءِ، ان وقت جي مروج ٻوليءَ کي ذريعو بڻجڻو پوندو آهي، پوءِ چاهي اها زبان، ترقي جي لحاظ کان ڪهڙي به منزل ۽ مرحلي ۾ هجي. شعر جو سڄو نظام فطري ۽ اوچتو اڌمو کائيندڙ آهي (جيتوڻيڪ هاڻي ان خيال جي حيثيت کي به چئلينج ڪيو ويو آهي.) هڪ حساس ماڻهوءَ کي معاشري جي ڪنهن واقعي يا واردات متاثر ڪيو نه آهي ۽ جذبي اڌمو کائي، اندر جي آواز کي شعر جي لفظي لباس جي شڪل نه پهرائي آهي.

ليڪن صحافت جي حالت مختلف آهي. ان جو تعلق جذبات سان نه پر عمليت پسنديءَ سان آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته ان جي گاڏي ئي تڏهن ٿي ڳڙڪي سگهي جڏهن واسطيدار ٻولي ڪافي سڌريل ٿئي ٿي ۽ ان وٽ فني لفظن ۽ اصطلاحن جو ڪافي ڪشادو خزانو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو تجربي ڏيکاريو آهي ته صحافت هر زبان ۾ گهڻو بعد ۾ وجود ورتو آهي، ۽ شروع ۾ هميشه شعر نمودار ٿيو آهي. صحافت هڪ ٺوس نوعيت وارو عملي علم ۽ روزمره جي ضرورتون پوريون ڪرڻ واري ڄاڻ آهي جنهن کي توريل تڪيل ۽ هر مزاج ۽ واردات جي بيان ڪرڻ جي صلاحيت ضروري آهي. ان قسم جي فرض ادائي لاءِ زبان جو ترقي يافته هجڻ بنيادي اهميت واري ڳالهه آهي.

اسان جي تحقيق مطابق سنڌي جي پهرين اخبار 1858ع ڌاري جاري ٿي جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته ڪم از ڪم ان وقت سنڌي زبان ترقيءَ جي اوج کي رسيل هئي ۽ صحافت جي مشڪل تقاضائن کي پوري ڪرڻ جي اهل هئي.

انهيءَ عام ماحول جو اطلاق، اسان جي ٻوليءَ تي به رهيو آهي ليڪن جيستائين شعر جو تعلق آهي، جڳ مشهور عالم ۽ محقق، مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي راءِ مطابق، سنڌي زبان ۾، ان جو پڙاڏو 1375ع جي لڳ ڀڳ ٻڌجي ٿو. هن جي چوڻ مطابق:

”............اگرچ سنڌي زبان نهايت آڳاٽي آهي، پر منجهس (1)، موزون ڪلام تقريبن يارهين صديءَ هجري جي وچ ڌاري ٿيو. اهو ڪلام آهي سيد عبدالڪريم بلڙائي واري جا بيت، جي سندس مريد محمد رضا پنهنجي تصنيف بيان العارفين، ۾ پنهنجي مرشد جي وفات کان 6 ورهيه پوءِ يعني 1044هه ۾ قلمبند ڪيا.“

جهوني سنڌي شعري ادب ۾، قاضي قاضن (قادن؟) جي ستن بيتن جو گهڻو ذڪر رهيو آهي جيڪي بيان العارفين ۾ موجود آهن ۽ جن کي مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي...........”سنڌي ادب جي آسمان ۾ ثريا جي ستن تارن وانگر چمڪندڙ.......“ تصور ڪيو آهي.“(2)

انهن بيتن بابت، هن عالم ۽ محقق کان ڪجهه ٻڌڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو، مرحوم ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

”انهن مان (يعني بيتن مان) اسان کي پنهنجي سلف صالح جي ذهني ۽ روحاني ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي. اهي سراپا سونهن جو سر آهن. منجهائن عقل جزويءَ جي عاجزي، ظاهر علم جي سکڻائي سچائي، محبوب حقيقيءَ ۾ محويت ۽ وحدت الوجود جا ڳوڙها مسئلا روشن ٿين ٿا. انهن مان پڌرو ٿئي ٿو ته اسان جي بزرگن جو دلي رجحان هميشه تصوف ۽ روحانيت ڏي رهيو آهي. انهن مان پنهنجي وجداني ڪلام کي مجازي عشق ۽ دنيوي امورن سان ملوث نه ڪيو آهي. حقيقت به ائين آهي ته اسان جي بزرگن ۽ شاعرن جو فطري لاڙو روحاني ڳالهين ۽ اندر جي پاڪائي ڏي آهي. انهن پنهنجي عارفاڻي سخنن کي،ڪڏهن به بادشاهن، اميرن ۽ تونگرن جي ساراهه سان نه ڀريو. فقط الله جي ساراهه، بزرگان دين جي رضا ۽ نصيحت پردازي تي سارو ڌيان صرف ڪيو اٿن.

 

قاضي قاضن جو مشهور بيت آهي:

 

جوڳي جاڳايوس ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس سندي پريان پيچري. (1)

مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي جي تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کان اڳ ۽ سندس وقت دوران جن بزرگن، مذهبي ادب ذريعي، سنڌي زبان جي خدمت ڪئي، تن ۾ مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءَالدين، مخدوم محمد هاشم، محمد ابراهيم نقشبندي، مخدوم عبدالله نري ڪڇ وارو، خواجا محمد زمان ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شامل آهن. (1)

ان کانپوءِ، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو رهيو ۽ مغل دور ۾ اخبار نويسيءَ، وقائع نگاري جي شروعاتي شڪل ۾ منهن ڪڍيو. ڏٺو ويندو ته وقائع نويسي صحافت جي ابتدا وجود جي حيثيت رکي ٿي. جيتوڻيڪ واقع نگاري فقط واقعن ۽ وارداتن جي بيان تائين محدود پئي رهي ۽ صحافت واري تنقيد ۽ کري کوٽي پرکڻ وارو عنصر منجهس ناپيد هو.

پنجاب يونيورسٽيءَ جي شعبه صحافت جي اڳوڻي سربراهه، ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد جي راءِ ۾، موءرخن جي بيانن ۾ جتي ”اخبار“ جو ذڪر آيو آهي، اتي ان مان مراد سرڪاري ”خبرنامو“ آهي.“ هو پنهنجي تصنيف ”صحافت پاڪستان ۽ هند ۾” لکي ٿو:

”اورنگزيب عالمگير جي وفات کانپوءِ ڪجهه عرصو اخباري تنظيم درست رهي ۽ اسان ڏسون ٿا ته سيد عبدالجليل بلگرامي ۽ مير غلام علي بلگرامي ۽ مير سيد محمد بلگرامي جهڙا وڏا اديب اخباري تنظيم سان وابسته هئا. ليڪن آهستي آهستي اخباري تنظيم جو شيرازو به بگڙندو ويو ۽ پوءِ ته اخبار نويس بي انصافين ۽ ظلم جي واقعن کي حاڪمن تائين پهچائڻ کان لهرائڻ لڳا، بلڪه ان گروهه ۾ خود به شامل ٿي ويا. جن مغربي طاقتن برعظيم ۾ پير ڊگهيڙيا، انهن مغلن جي اخباري تنظيم جي تلقيد ڪندي، پنهنجي تنظيم کڙي ڪئي ۽ ان تنظيم ديسي رياستن جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون.

”مرهٽن جي اخباري تنظيم الڳ هئي. انهن جي حڪومت جي اٺن وزيرن ۾ هڪ وزير اطلاعات به شامل هو، جنهن کي ”واڪ نيس“ (واقع نويس) ڪوٺيندا هئا. حيدر علي ۽ سلطان ٽيپو جي به اخباري تنظيم موجود هئي، ليڪن انهيءَ ۾ انگريزي جاسوسن نفوذ ڪري ورتو.........“

ائين ٿو لڳي ته ڏهين عيسوي صديءَ کان وٺي، اڻويهين صديءَ جي اڌ تائين (انگريزن جي آمد تائين) اسان جي سنڌي علائقي ۾ فارسي زبان مروج هئي. مروج مان مراد آهي ته ادبي ۽ سرڪاري ٻولي فارسي هئي. جيتوڻيڪ ڏهين صديءَ دوران سنڌي زبان جي مالامال هجڻ جي تصديق مشهور مورخن استخري؛ ابن حوقل ۽ مقدسيءَ ڪئي آهي. ظاهر آهي ته ان حالت ۾ اخبار نويسي به (پوءِ اها جهڙيءَ به شڪل ۾ هئي.) فارسي زبان ۾ ئي هلندي هوندي. مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ مطابق، مغلن جي دور ۾، سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي روزانه اخبارون ( يعني بکر سرڪار، سيوستان سرڪار ۽ ٺٽو سرڪار طرفان) نڪرنديون هيون، جن ۾ گهٽ ڀاڱي مٿئين طبقي جي  مصروفيتن، شوقن شڪارن، مقررين ۽ بدلين جا احوال ڇپبا هئا. خبرون هن نموني ڇپبيون هيون ته خوش نويسن کان وقائع نگار ضروري مضمون لکرائي وڏن ماڻهن ۾ تقسيم ڪندا هئا. مرحوم سيوهاڻيءَ جي راءِ ۾، ”وقائع سرڪار سيوستاني“ نالي هڪ روزانه اخبار نڪرندي هئي، (جنهن جا ڪجهه فائيل هن وٽ هئا) جنهن جي آفيس سيوهڻ ۾ اڙل واهه جي ڪناري ڀرسان هئي.

مغلن جي آخري دور ۾ (جڏهن سنڌ ۾ ڪلهوڙا اچي ويا هئا.) سيد عبدالجليل بلگرامي ۽ سيد غلام علي آزاد بلگرامي، سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾، ڪافي وقت رهيا ۽ سندن ذمي اهو ڪم هو ته هو هتي جي حالتن کان دهليءَ جي حڪومت کي باخبر رکن. هي ٻئي وڏا وقائع نگار هئا. سيد غلام علي آزاد بلگرامي کي ته ”حسان الهند“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو، ۽ فارسي ۽ عربي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. سندس تصنيف ”سبحه المرجان في آثار هندستان“ ته هڪ معرڪته الارا ڪتاب تصور ڪيو وڃي ٿو. وقائع نگاري ۽ واقعن جي موڪلڻ جا مرڪز انهن ڏينهن ۾ سيوهڻ کان علاوه، بکر ۽ ٺٽي ۾ به هئا. آزاد بلگرامي ته هڪ وڏي محدث ۽ علامه محمد حيات سنڌيءَ جو شاگرد رشيد هو. هو سيوهڻ ۾ اڪبر بادشاهه جي حڪومت پاران، ”وقائع سرڪار سيوستان“ اخبار جو ايڊيٽر هو. کيس ڪنهن ڳالهه تان هٽايو ويو هو، ليڪن بعد ۾ کيس وري انهيءَ عهدي تي بحال ڪيو ويو هو.

محترم ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ مطابق، مغلن جي زماني ۾، اخبار نويسي ۽ وقائع نويسي وڏي ترقي ڪئي. ابوالفضل آَئين اڪبري ۾ وقائع نگاري جي اهميت بيان ڪندي لکي ٿو:

”سلطنت جي واقعن جو قلمبند ڪرڻ نه فقط حڪومت جي ترقي ۽ انتظام لاءِ ضروري آهي پر طبقي ۽ هر مجلس جي رونق بحال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. جيتوڻيڪ قديم زماني ۾ به انهيءَ جو پتو پوي ٿو: پر ان جي اصل حقيقت کان اهل زمانا کي هن مبارڪ عهد (يعني اڪبر جو دور) ۾ آگاهي ٿي.“

معلوم ٿيو ته ان دور ۾، خبرون ۽ وقائع نويسي ٻئي هم معنيٰ شيون هيون ۽ دراصل وقائع نويسي اخبار نويسيءَ جي، پيڙهه جو ڪم ڪيو. ان دور ۾، خبرن کي ڦهلائڻ بابت، ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد، پنهنجيءَ مٿين تصنيف ۾ لکي ٿو:

”هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته سلاطين دهلي ۽ مغل حڪمرانن جي دور ۾ خبرن کي عام ماڻهن تائين ڪيئن پهچايو ويندو هو. ان سلسلي ۾، هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اڄ به براعظم پاڪ و هند ۾ اخبارات جي اشاعت في هزار آبادي صرف 5 آهي. گويا هر هڪ هزار ماڻهن مان 995 ماڻهو اخبار نه ٿا ڏسن ۽ هيءَ حالت ويهين صديءَ جي آخر ۾ آهي. جڏهن اخبار نويسي پنهجي معراج تي آهي. هاڻي اڄوڪي زماني جو مقابلو چند سو سال اڳ سان ڪريو ته معلوم ٿيندو ته ان وقت هن کان به گهٽ ماڻهن کي خبرن سان دلچسپيءَ هوندي هئي. عوام لاءِ رڳو وڏين وڏين فتوحات جون خبرون اهڙيون هونديون هيون جن ۾ هو دلچسپيءَ وٺندا هئا. انهن خبرن کي ڦهلائڻ جو اهو طريقو هوندو هو ته جيئن ئي ڪنهن عظيم الشان فتح جي خبر آئي، نقاري جي ڏونڪي سان، هر شهر ۾ ان جو اعلان ڪيو ويندو هو. باقي خبرن ۾ دلچسپيءَ جو سامان صرف اميرن ۽ سردارن لاءِ موجود هو ۽ اسان ڏسي چڪا آهيون ته مغلن جي شاهي درٻار ۾ انهن ماڻهن جا نمائندا موجود هوندا هئا، جيڪي سڀ خبرون پنهنجي آقائن ۽ سردارن کي موڪلي ڏيندا هئا.

ان ساري بحث مان اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته:

اندروني امن ۽ ٻاهرين حملي کان بچڻ لاءِ اخبار تنظيم وڏي مدد ڏيندي هئي.

اخباري تنظيم عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ بهترين ذريعو هئي.

اخبار نويس کي معاشري ۾ اعليٰ مقام حاصل هو ۽ هو خبرن جي فراهمي ۽ سپلاءِ ۾ مڪمل طرح آزاد هو.

جيڪي خبرون معاشري جي جنهن طبقي تائين پهچائڻ ضروري هو، اهي پهچايون وينديون هيون.

صحافي بيحيثيت موءرخ:

ڏٺو ويندو ته صحافي بنيادي طرح موءرخ به آهي، ۽ ٻنهي جي ڪم جي نوعيت ساڳي آهي، بلڪه دراصل موءرخ کي بنيادي مواد فراهم ئي صحافي ڪري ٿو. ٻنهي جو ڪم رپورٽنگ آهي. ”صحافي يا رپورٽر کي پنهنجي سچائي واري محنت جو ڦل اهو ملندو آهي ته کيس اهو ڄاڻندي اطمينان قلب ملندو آهي ته هو تاريخ ٺاهڻ ۾ يا محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي.“ ان سلسلي ۾ مسٽر مئنسفيلڊ ڪهڙو نه عمدو خيال ڏيکاريو آهي!

”جڏهن واقعات کي ترتيب ڏيڻ کانپوءِ انهن تي پنهنجي خيالن ۽ راين جو اظهار ڪيو وڃي، تڏهن صحافت تاريخ جي قالب ۾ اچي ٿي.“

پروفيسر جڳرٽ ساڳي راءِ هن طرح ڏني:

”صحافي پنهنجي وقت جو موءرخ آهي. البت هو اهڙو موءرخ نه آهي، جنهن جون تحريرون ابديت حاصل ڪنديون هجن. هو پنهنجي تحريرن ۾ڪمزور خيالن جي ترجماني ڪري ٿو. هن جي انداز بيان ۾ ڪٿي اميد جي جهلڪ ته ڪٿي مايوسي. حقيقيت هيءَ آهي ته هن جي قلم مان نڪتل ڳالهه تاريخ جو پهريون قانون ٿئي ٿي.“ (1)

مشهور جرمن فلسفي آرٿر شوپنهر، ان سلسلي ۾، صحافت کي ادب جون مختلف شڪليون سڏيندي لکي ٿو:

”اخبارون تاريخ جون سيڪنڊ سيون (گهڙيال جا سيڪنڊن وارا ڪانٽا) آهن ۽ سيڪنڊ ڪانٽن جي حيثيت ٻين ٻن ڪانٽن کان نه فقط گهٽ درجي جي نه آهي پر اهي هلن ئي سيڪنڊ ڪانٽي جي امداد سان ٿا. اهڙي طرح صحافي به ڍنڍورو ڏيندڙ آهن ۽ پنهنجي ان فن جي ذريعي هو عوام ۾ پاڻ کي مقبول بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.“ (2)

جيتوڻيڪ لڳندو ائين آهي ته اخبارن جي افاديت، اشاعت جي ڏينهن ٻن کانپوءِ ختم ٿي وڃي ٿي پر حقيقت هيءَ آهي ته اخبارن کي هڪ مسلسل تاريخي رڪارڊ جي حيثيت حاصل آهي. ان ڪري انهن جي اهميت ۽ دلچسپي دائمي طرح قائم رهن ٿا. اخبارن جي فائيلن رکڻ جو رواج گهڻو ڪري لئبررين ۾ هوندو آهي ۽ انهن فائيلن مان زياده اهم واقعا تاريخ جي ڪتابن طرف آهستي آهستي پيا منتقل ٿيندا آهن. اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن دور جي تهذيب ۽ تمدن يا حالات جي هوبهو تصوير ڏسڻي هجي ته اها ان زماني جي اخبارن کان بهتر ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ٿي ملي سگهي.

قديم زماني ۾، بادشاهن، راجائن ۽ حڪمرانن کي اختيارات سبب زمين تي الله جو نمائندو ۽ الله جو پاڇو وغيرهه سڏيو ويندو هو عام خلق خدا جي کانئن ڪئو پئي کائيندي هئي. تنهن ڪري رڳو سندن ئي ڪمن، مصروفيتن ۽ ڪارگذارن کي نوٽ ڪرڻ جي قابل سمجهيو ويندو هو، باقي رعيت تي ڪنهن به موءرخ جي نگاهه ڪرم نه پوندي هئي. اها ٻه اکيائي ته گهڻو بعد ۾ هلي تبديل ٿي ۽ وساريل پورهيت عام ماڻهن جي طبقي کي به اهميت ملڻ لڳي.

ان سبب ڪري، شروع واري دور ۾، خبرون وڏن ماڻهن جي هڪ هٽي هيون ۽ وڏن ماڻهن تائين محدود رهيون. انهن خبرن کي رڪارڊ ڪرڻ وارا ڪنهن حد تائين درٻاري چاپلوس هوندا هئا جيڪي پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ، نئين سج نيون صفتون ۽ ساراهون پيا گهڙيندا هئا ۽ واهپاتپڻي تائين بيان بازيون ڪري، انعام ڪرام پيا حاصل ڪندا هئا، اهڙيون تاريخون، دراصل، محدود طبقي جي نمائندگي ڪن ٿيون ۽ ان سبب ئي پنهنجي افاديت وڃائي ويٺيون. ايترو ضرور هو ته سڄي ملڪ ۾ مخبرن ۽ جاسوسون جو ڄار وڇايل هوندو هو جيڪي ماڻهن جون عام حالتون، ردعمل ۽ راز مرڪزي حاڪم يا بادشاهه کي خطن تحريرن ذريعي پيا موڪليندا هئا ته جيئن رعايا کان آگاهه رهي. ڪن حالتن ۾ وري بادشاهن جا ڪارناما ۽ فتحن جون خبرون وڏن شهرن جي چوسولن ۽ چوراهن تي ڍنڍورچن ذريعي ۽ مسجدن ۾ خطبن دوران ماڻهن تائين پهچايون وينديون هيون.

دنيا ۾ اخبار نويسيءَ جي پهرين دور جي باقائده مرتب ڪيل تاريخ نه آهي پر تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته عوام تائين خبرن پهچائڻ جي شروعات چين ملڪ ۾ ٿي ۽ پهرين اخبار جو نالو سنگ پائو (Tsing Pao) هو، جا ڪاٺ جي بلاڪن سان ڇپبي هئي.

پر اڪثر ماڻهن جي راءِ آهي ته پهرين اخبار ”ايڪاٽا ڊيورانا“ هئي جا روم ۾ جوليس سيزر جي زماني ۾ رومن زبان ۾ نڪرندي هئي ”ايڪٽا ڊيورنا“ لفظن جي معنيٰ آهي ”روزاني واقعات“. هن جا ٻه حصا هوندا هئا، هڪ ”ايڪتا سينيٽ“ ۽ ٻيو ”ايڪٽا پيليڪا“. پهريون حصو مختصر سرڪاري اطلاعن جو مجموعو هوندو هو، جنهن ۾ جنگين جا احوال، چونڊن جا نتيجا، تفريحي پروگرامن جا اعلان، مذهبي رسمن جا اطلاعات، ڏنل سزائن متعلق خبرون هونديون هيون. ٻئي حصي يعني ايڪٽا پبلڪا ۾ وري عوام سان واسطو رکندڙ ڳالهيون ڇپبيون هيون. هيءَ اخبار سرڪاري سند سان شايع ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ ڄم موت جا انگ اکر، خزانن ۾ جمع ڪيل رقمون صوبن جي کاڌ خوراڪ جا تفصيل ۽ ان سان ٻيون لاڳاپيل خبرون، شاهي سفر ۽ قافلن جا پروگرام ڪورٽ سرڪيولر ۽ پارليامينٽ ۾ ڪيل تقريرون شايع ٿينديون هيون. صبح جي نيرن وقت، روم جا سردار ۽ سندن عورتون هيءَ گزيٽ نهايت شوق ۽ باقائدگيءَ سان پڙهندا هئا.

ڪن روايتن موجب، چين جي اخبار ”ٽچائو“ (Tichau) قديم ترين اخبارن مان تصور ڪئي وڃي ٿي. هن اخبار کي ”پيڪنگ گزيٽ“ به ڪوٺيو ويندو هوندو. هن اخبار ۾ 20 کان 40 صفحا هوندا هئا ۽ سرڪاري گزيٽ جي حيثيت هوندي هيس. تنهن ڪري هن ۾ شاهي فرمان ۽ سرڪاري خبرون درج ڪيون وينديون هيون. هي اخبار 618ع کان 905ع تائين نڪرندي ٻڌائي وئي آهي.

پروفيسر هنري مارلي تحقيق تحت، يورپ ۾ اخبار جو بنياد هن طرح پيو. ”سورهين صديءَ ۾ وينس ۾ هيءَ رواج هو ته ارباب حڪومت دلچسپيءَ جون خبرون هٿ سان لکي مشهور ڪرائيندا هئا. جيڪو ماڻهو اهي خبرون ٻڌڻ چاهيندو هو، تنهن کي هڪ گزيٽا ڏيڻو پوندو هو. گزيٽا ان وقت وينس ۾ رائج ٿيل هڪ سڪي جو نالو هو. اهڙيءَ طرح گزيٽ جو نالو اخبار لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. (1)

ڏٺو ويندو ته انگلينڊ ۾ اخباري صنعت تيز ترقي ڪئي ۽ سڄو يورپ ان جي اثر هيٺ اچي ويو. برطانوي پريس متعلق لکندي، مسٽر الن پٽ رابنس ٻڌائي ٿو ته اخبار جا مکيه طرح ٽي ڪم آهن:

1- اطلاع ڏيڻ، 2- سکيا ڏيڻ ۽ 3- وندرائڻ.

”جيتوڻيڪ پهريون مقصد اهم ترين آهي پر ٻين مقصدن کي به درگذر نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن ان اخبار کي پنهنجي لاءِ دائمي حيثيت پيدا ڪرڻي آهي.“

”ابتدا ۾ معلوم ٿئي ٿو ته صحافت مقصدي ۽ مذهبي يا تبليغي (Missionery) نوعيت جي هئي.  جنهن ڪري واقفيت ڪرائڻ يا وندرائڻ وارو رول معلوم ئي نه هو. پر بعد ۾ جڏهن انسان جي مصروفيت گهڻو وڌي ويئي ۽ هن لاءِ موجوده صنعتي دور ۾ تفريح پنهنجي اهميت مڃرائي، ته ان وقت وندر وارين خبرن ۽ ڳالهين کي اخبارن ۾ موزون ۽ گهربل جڳهه ملڻ شروع ٿي. هن وقت ته حالت هيءَ آهي ته جو اهڙي اخبار مقبول عام (Popular) ٿي نه ٿي سگهي جيستائين ان ۾ تفريح جو مواد چڱي انداز ۾ درج نه ٿو ڪيو وڃي.(1)

حقيقيت هيءَ آهي ته انسان جي شروع واري ارتقائي دور ۾ ته اهو آسان هو جو ماڻهن کي قيامت جي قهر جا قصا ٻڌائي، ڀئو بڇي ۽ هيسائي مذهب ڏي مائل ۽ قيامت جو قائل ڪيو وڃي ۽ رڳو مذهبي تعليم ئي سڀ ڪجهه سمجهي بيان ڪئي ۽ سکياري وڃي. بعد ۾ جڏهن زندگي ڦلي ڦولي وڌي ويجهي، آدم وڌيو ۽ روزگار جا وسيلا محدود ٿيڻ لڳا ۽ خزانا کٽڻ لڳا ته ماڻهن کي روزگار لاءِ اڳي کان وڌيڪ محنت ۽ مشقت ڪرڻي پئي ۽ جياپو جنجال ٿيڻ لڳو ۽ شاهه ڀٽائي جي قول مطابق ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا“ واري ڪيفيت نروار ٿيڻ لڳي ته پوءِ لا محالا ماڻهن جو ڌيان پيٽ جي پسگردائي طرف وڃڻ لڳو. زياده محنت ۽ فڪرات، انسانن جي ذهنن تي گهڻو بار وڌو ۽ ٿڪايو، جنهن ڪري ٿڪل ذهنن ۽ دوري آيل دماغن، وندر جون واٽون واجهايون ۽ تفريح جا طريقا ڳولي ڪڍيا هن وقت حالت اها وڃي بيٺي آهي جو تعليمي ۽ تربيتي ڳالهين کي به ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ فلم جهڙي تفريحي طريقي جو وسيلو وٺي هلڻ ضروري ٿي پيو آهي. لڳي ائين پيو ته اڳتي هلي، نصحتن جي نڪتن ۽ خشڪ خيرخواهيءَ جي خوبين ۽ خصلتن سيکارڻ لاءِ به موجوده روايتي ۽ مروج پراڻا رنگ ۽ ڍنگ شايد ڇڏڻا پون. بلڪه حقيقيت اها آهي ته انهن ڳالهين کي سمجهائڻ لاءِ جديد ۽ سائنسي طريقا اختيار ٿي چڪا آهن. اڳي خبرن کي گهڻا سرا ڏيڻ جو رواج معلوم ئي نه هو ۽ رڳو هڪ هيڊنگ هيٺ صفحن جا صفحا ٻيا لکبا ۽ پڙهبا هئا. ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي رپورٽنگ پڙهندڙن جي دلچسپي جو تسلسل قائم رکي نه سگهندي هئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ٿڪائي وجهندي هئي. پر بعد ۾، جهڙي طرح صنعتن ۽ ڌنڌن ۾ به مهارت حاصل ڪرڻ واري ضرورت منهن ڪڍيو ۽ هڪ ڌنڌي ۾ ڪيترائي نوان ڪم ۽ نيون شاخون ۽ واقفيت جون واٽون نڪري پيون، بلڪل اهڙيءَ طرح، خبرن ۽ مضمونن کي هڪ هيڊنگ هيٺ هلائڻ بجاءِ مختلف پيراگرافن جي جدا خياليءَ سان مطابقت رکندي، جدا سرا ڏنا وڃڻ لڳا. ائين ڪرڻ سان، پڙهندڙن کي، بنان ٿڪائڻ جي، وڌيڪ محو ۽ دلچسپيءَ ۾ رڌل رکي سگهيو ٿي ويو.

ڪن ماڻهن جي راءِ آهي ته اخبارن جي اهميت جي پيش نظر کين حڪومت وقت کان ڀرپور طرح امداد ملڻ گهرجي. ليڪن اهي ماڻهو هيءَ ڳالهه وسارين ٿا ته سرڪاري امداد غيرمشروط نه هوندي آهي. ان قبولڻ سان، گويا هڪ قسم جي اڻ سڌي مداخلت به اکين تي رکڻي پوندي آهي جيڪا ”نڪ جي نوڙي“ بڻجي مالڪن جو منهن مختلف طرفن ڏي به موڙيندي آهي ۽ آزاديءَ لاءِ آزار به بڻبي آهي.

شروع ۾ڪي اخبارون رڳو هڪ قسم جا اشتهار هونديون هيون ۽ مفت ورهايون وينديون هيون. ان کانپوءِ، دلچسپي قائم رکڻ لاءِ ڪي مضامين ۽ خبرون ڇبجڻ لڳيون. هاڻي ته حالت هيءَ آهي ته جو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۽ تفريح طبع جي نمائندگي ۽ ترجمانيءَ جو خيال رکندي، سياست ۽ مذهب کان وٺي نوٽڻ راند تائين، بيشمار عنوانن تي وافر مواد شايع ڪيو وڃي ٿو.


(1)  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ ۾ مولود جي صنف سنڌي زبان ۾ ستين صديءَ هجري ۾ مروج ٿي هئي.

 

(2)  جيتوڻيڪ موجوده تحقيق موجب، قاضي قادن جا بيت ستن مان وڌي سو کان به لگنهي ويا آهن. سال 1978ع ۾ هندستان جي هريانوي اديب راجا رام شاستري جي ڳولهي لهڻ تي، دهلي جي هيري ڄيٺا لال ٺڪر قاضي قادن جو ڪلام ڇپائي هن نئين ادبي تحقيق کي ميدان ۾ آندو آهي.

 

(1)  پر سنڌ يونيورسٽي جي سابق وائيس چانسيلر ۽ مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ان کان گهڻو اڳ واري دور جي سنڌي شاعري ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي. هن ڪيترن ئي قديم عربي ڪتابن جا حوالا ڏيندي، هڪ نهايت پراڻو سنڌي شعر نقل ڪيو آهي، جنهن جي صورتخطي ڪجهه هن طرح آهي: ”اره بره کنکره، کراکري مندره“، جنهن جو ترجمو هي ٻڌايو ويو آهي ته ”جڏهن اسان جي پاسي چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي ته ان وقت توهان جو مثال ڏيندا آهن.“ هن بيت جي لفظي شڪل اسان جي موجوده سنڌي زبان سان مشابهت ڪانه ٿي رکي، پر هن جي قدامت ثابت ڪري ٿي ته عرب حاڪمن جي ان اوائلي دور ۾، سنڌي زبان شاعرانه خيالن جو ذريعو بڻيل هئي. ان بيت لاءِ چيو ويو آهي ته اهو شعر هڪ سنڌي شاعر ايم آءِ جي برمڪي وزير يحيٰ جي سامهون سندس مدح ۾ چيو ويو هو. ان مناسبت سان چئي سگهجي ٿو ته اهو سنڌي شعر 178 هجري کان به اڳ چيو ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته ان سال هارون الرشيد جعفر بن يحيٰ کي مارايو هو.

(1)   مرحوم دين محمد وفائي پنهنجي مضمون ”سنڌي زبان جي مختصر تاريخ“ ۾ لکي ٿو: ”اردو تاريخ جي ڄاڻن جي تحقيق آهي ته اردو نثر سڀ کان پهريائين حضرت شاهه عبدالقادر محدث دهلوي قرآن پاڪ جي ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيو. ان کان پوءِ مختلف دور طئي ڪندي موجوده ڪڙيءَ تي اچي پهتي آهي. اهڙيءَ طرح، منهنجي ناچيز تحقيق موجب، سنڌي زبان به پهريان نثر جي صورت ۾ پيش ٿيڻ وقت قرآن جي ترجمي جو تبرڪ حاصل ڪيو. جيئن ته مٽيارين جي هڪ بزرگ مخدوم عزيزالله (وفات 1272هه) تيرهين صديءَ جي اوسط ۾ قرآن جو سنڌي ترجمو تيار ڪيو جو ڪيترا دفعا بمبئي ۾ ڇپجي سنڌ وارن لاءِ بيحد برڪت ۽ خير جو باعث بڻيو.“

(1)  News papers Today by Alan Pitt Robbins.

(2) سنڌي صحافت ڪريم بخش خالد ص 13012

 

(1)  سنڌي صحافت ڪريم بخش خالد ص 73.

 

(1)  News papers today by Alan Pitt Robbins.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org