سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 10

صفحو : 17

 

ان کان اڳ، آگسٽ 1940ع ۾، هڪ ٺهراءُ موجب، مرڪزي سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ کي تشڪيل ڏني وئي هئي جنهن ۾ هندو ۽ مسلمانن مان 15 عالم ميبر ڪري کنيا ويا وهئا. هن بحث کي جاچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جو ڪم به ان بورڊ کي سونپيو ويو. بورڊ جي هڪ ميمبر ڄيٺمل پرسرام هڪ مخالفانه نوٽ ۾ زور ڀريو ته ”هي سوال وڏو آهي، سنڌ جي ماڻهن سان تعلق ٿو رکي، ٻاهر گهڻو شور متل آهي ۽ هاڻوڪي وايو منڊل ۾، اهو سوال فرقيوار ڇڪتاڻ پيدا ڪندو. تنهن ڪري ترسڻ گهرجي ۽ پوءِ عام ۽ خاص وايو وٺي فيصلو ڪجي ڇاڪاڻ ته هيءُ بورڊ جو فرقيوار خيال کان رٿيل آهي: اهڙن اهم فيصلن ڪرڻ لاءِ قابل نه آهي.“ (1)

هن صلاحڪار بورڊ وري ڏهن ميمبرن تي مشتمل هڪ سب ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ ست ميمبر بورڊ جا ۽ 3 ٻاهران کنيا ويا. هنن کي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو. ان ڪميٽيءَ جو چيئرمين مرحوم علامه آءِ- آءِ- قاضي هو. معلوم ٿو ٿئي ته ڪل 3 اجلاس ٿيا جنهن ۾ ڪي هندو ميمبر غير حاضر رهيا. مثلاً ڄيٺمل پرسرام هڪ ميٽنگ ۾ حاضر رهيو ۽ مسٽر ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي، 20 ڊسمبر 1940ع واري نشست ۾ نه اچي سگهيو. هن مسٽر ڌرمديو جيٽلي جي تائيد سان هڪ اختلافي نوٽ موڪليو جنهن کي بعد ۾، پتري نمبر 3 جي شڪل ۾ ڇپائي ورهايو ويو. آخر فيصلو اهو ٿيو ته ڊاڪٽر دائودپوٽي جي قدم جي پٺڀرائي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته اهو صحيح بنياد تي ٻڌل هو. ايترو ضرور ٿيو ته اچارن واري سوال کي في الحال ملتوي ڪيو ويو.

 

1941ع ۾، ڄيٺمل پرسرام ان مسئلي کي غور ڪرڻ لاءِ، ڪراچي ۾ ”سنڌي ساهت سميان“ ڪوٺايو هو جنهن جي صدارت ڪشنچند ”بيوس“ ڪئي هئي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو هو:

 

”.........هيءُ نازڪ وقت انهيءَ قسم جي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جو نه آهي. نازڪ وقت، تحقيق نازڪ وقت، جڏهن سنڌ ۾ منزلگاه جي معاملي ممڻ مچائي رکيو آهي....... هندو- مسلم جي سلوڪت جو سلو سڙڻ تي آهي. بي اتفاقيءَ جي باهه جا ڀنڀٽ سنڌ جي آڪاس تي اڏي رهيا آهن..... اهڙي وقت هڪ ئي ميلاپ جو ميدان، هڪ ئي ايڪتا جو مندر، هڪ ئي اتحاد جو عبادتگاه (ساهتيه) اڃا موجود آهي، جتي ساڳيءَ بئنچ تي، ساڳي ئي سکيا، ڪنهن به ڀيد ڀاوء کانسواءِ، مختلف مذهبن وارا شاگرد، ملڪ جي آئيندي جا ابا، گڏوگڏ وٺي رهيا آهن.“ (1)

 

اعرابن جي مسئلي تي بحث جاري رهيو. ڀيرومل ”نئين سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون“ جي عنوان هيٺ، مهراڻ مارچ 1945ع ۾ هڪ ڊگهو مضمون لکيو هو جنهن جو جواب پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي، مهراڻ سيپٽمبر 1345ع ۾ ڏنو هو. ڪاڪي ڀيرومل بس ڪانه ڪئي. هن وري ان جو جواب ڏنو جيڪو مهراڻ نومبر 1945ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان کان علاوه پروفيسر ملڪاڻي پاران مهراڻ ڊسمبر 1945ع ۾ ڇپيل، ”اعرابن بابت منهنجا ڪي ويچار“ جو جواب به مارچ 1946ع واري مهراڻ ۾ ڏنائين آخر اهو مسئلو اڻ سلجهيل شڪل ۾، سنڌي هندو پاڻ سان هندستان کنيو هليا ويا جتي هاڻي سوڌو سنڌي لپيءَ جو سوال به هليو اچين.

 

3.      ظرافت، مزاح، طنز ۽

ادبي نوڪ جهوڪ

هونئن ته مخاطب ٿيڻ، ڳالهه ڪرڻ، لکڻ ۽ انداز بيان اختيار ڪرڻ جا مختلف انواع ۽ ڍنگ ٿين ٿا ۽ انهن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي ۽ اهو ان تي ئي منحصر آهي ته اڳلي يعني ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي ڪنهن خاص ڳالهه يا تحرير ٻڌڻ، پڙهڻ ۽ هضم ڪرڻ جي ڪيتري قدر آماده ڪري سگهجي ٿو. ڳالهه ننڍي هجي يا وڏي، خسيس هجي يا اهم، ساڳي هجي يا مختلف ۽ نئين هجي يا پراڻي، پر ان جي انداز بيان سبب، ٻڌندڙ يا پڙهندڙ راضي ۽ قائل ٿي سگهي ٿو ۽ ڏمرجي ۽ مخالف پڻ. جيئن مشهور واقعو آهي ته هڪ بادشاهه ڪو خواب لڌو ۽ وزيرن کي گهرائي ان جي تعبير ٻڌائڻ جو حڪم ڏنائين. هڪ وزير چيو ته: ”بادشاهه سلامت جي خواب جو تعبير هي آهي ته زندگيءَ جي سفر ۾ حضور جا ڪل مائٽ مٽ مري ويندا ۽ پاڻ بعد ۾ اڪيلو ٿي هن دنيا مان اسهندو.“ خواب جو اهو سڌوسنئون مطلب بادشاهه کي نه وڻيو ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ ناراض ٿي وزير کي موت جي سزا ڏني. جڏهن ٻئي وزير جو وارو آيو ته تعمبير بابت پنهنجي راءِ ڏئي ته هن سياڻپ سان ساڳئي ڳالهه هن طرح پيش ڪئي:

 

جيئندا قبلا! توهان تي هميشه وانگر هاڻي به الله جو احسان ٿيو آهي جو توهان پنهنجي سڄي خاندان ۾، عمر خضري سان نوازيا ويا آهيو.،“ ان تي بادشاهه راضي ۽ خوش ٿيو ۽ ان وزير تي انعام ۽ اڪرام ڪرڻ لڳو. ڏٺو ويندو ته انداز بيان مختلف هئا ورنه ڳالهه جو متن ۽ مقصد ساڳيو هو. رڳو ڳالهه جي ڊاهه ڊوهه ۽ ٺاهه ٺوهه سبب هڪڙي کي موت جهڙي مصبيت جو مقابلو ڪرڻو پيو ۽ ٻئي کي انعامن ۽ اڪرامن جو اعزاز نصيب ٿيو. شايد ان ڪري ئي سياڻن چيو آهي ته: ”ڪن جو کلڻ به خواري ته ڪن جو روئڻ به راحت.“

 

گفتگو ۽ ڪلام ڪرڻ جا ڪيئي قسم آهي پر ٿلهي ليکي ٻه آهن جيڪي عام آهن ۽ هر هنڌ مروج آهن. هڪ اهو آهي جنهن جو تعلق ڳنڀيرائپ يا سنجيدگيءَ سان آهي. اهو اهڙو گفتگو يا تحرير ٿئي ٿي جيڪا ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جي سنجيده طبعيت ۽ اونهيءَ سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ زندگي جي انيڪ عملي زاوين ۽ ذهني لاڙن تان پردو کڻي ٿي ۽ ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ کي به اونهائي عطا ڪري ٿي. ليڪن ڪلام ۽ تحرير جو ٻيو اهڙو قسم به آهي جيڪي سنجيدگيءَ کان خالي  هلڪي ۽ تفريحي انداز بيان سبب، زياده مقبول رهي ٿو، جيڪو معنيٰ جا موتي به پاڻ ۾ پوشيده رکي ٿو مگر ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن سامهون کل خوشيءَ جا خزانا کولي وجهي ٿو. ائين به نه آهي ته ڪو ان ۾ سطحي سوچ جو سامان هوندو آهي ۽ اونهائي عدم موجود. رڳو ايترو آهي ته هلڪي انداز بيان سبب، ٻڌڻ وارن جو تعداد وڏو ۽ وسيع رهي ٿو ۽ ظاهراً کل مذاق ۾ ڪوڙي گوري به ڳهائڻ آسان ٿيو پوي. اهو هڪ هنر آهي ۽ هڪ ادا آهي جيڪا هزارين حيلن سان ڪوشش ڪري اختيار ڪرڻ ناممڪن آهي. اهو طبيعت جو ميل آهي ۽ خدائي ڏات. ائين ڪرڻ هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. ان کي مختلف منزلن تي، عام طرح مذاق، مزاج، طنز ۽ ظرافت ڪوٺيو وڃي ٿو. مقام جي لحاظ کان، ان خاندان ۾ هجو به شامل آهي ليڪن ان جو انداز معيوب آهي ڇوته ان ۾ گهڻي ڀاڱي گلا غيبت واري ليول وڃي بيهي ٿي.

حقيقت هيءَ آهي ته هن موجوده زماني ۾، جڏهن مشيني دور جي مصروفيت ۾ حقيقي خوشي مفقود آهي ۽ هر طرف انسانن ۾ ڳڻتي ۽ ڳاراڻو آهي، ان وقت جيڪڏهن ڪنهن کي اهنجائڻ ۽ ايذائڻ کانسواءِ، کل خوشي جو سامان ۽ سو پيدا ڪري ڏجي، ته اها گهٽ خوش اخلاقي نه آهي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هڪ مغموم دل تان عارضي طرح ئي سهي، رنج ۽ غم کي غلط ڪيو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن اهڙي کل خوشي پيدا ڪندڙ ۽ چپن تي مرڪ ۽ تبسم آڻيندڙ ڪلام يا تحرير پٺيان معنيٰ جا موتي به ميسر ۽ موجود ڪري وجهي ته پوءِ ته سون تي سهاڳ جو ڪم ٿي پوي ٿو. دراصل اها انداز بيان جي خوبي مزاح، طنز ۽ ظرافت ۾ ئي مغمر آهي ۽ ان جي ئي خصوصيت آهي.

 

هجو گوئي، ٺٺول ۽ مذاق هيٺين درجي ۾ شامل آهي جن ۾ جيتوڻيڪ الفاظ ۽ اصطلاحن جو انتخاب قابل تعريف ٿئي ٿو پر ذاتيات تي لهڻ سبب، نفرت ۽ عداوت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. اهي ڳالهيون وري مزاح، طنز ۽ ظرافت ۾ نه آهن. مزاح ۾ حقيقت جو هجڻ لازمي آهي ورنه سڄي ڪاوش هڪ غيرسنجيده مذاق ٿيو پوي. جيڪڏهن طنز ۽ ظرافت کي باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته انهن درميان به فرق نظر ايندو. ظريفانه ۽ مزاحيانه گفتگو ۾ حق گوئي جو عنصر پوشيده ۽ حاوي هوندو آهي جيڪو طنز ۾ نباهڻ لازمي نه آهي. ازانسواءِ طنز ۾ ٿوري گهڻي نشتر زني ٿئي ٿي جيڪا ظرافت ۾ نه هوندي آهي، ائين کڻي چئجي ته ظرافت ۽ مزاح جو مقام، اعليٰ، ارفع ۽ بي ضرر آهي ۽ طنز ۾ وري به ان جو مقام رهي ٿو ته ذاتيات کي به ٿوري انداز ۾ شامل ڪري وجهي (جيڪا هجوگوئي ۾ ته اڻٽر آهي) پر ظرافت ۽ مزاح ان خوابيءَ کان پاڪ آهي. ظريفانه انداز بيان ۾، عام ڀلي ۽ خيرخواهيءَ ۽ اصلاح جا پهلو ۽ جذبا هوندا آهن. مقصد اصلاح احوال هوندو آهي ۽ ان ڪري ئي ظريفانه ۽ مزاحيانه تبصري ۽ راءِ زني تي ڪنهن کي ذاتي ۽ انفرادي ڏک نه پهچندو آهي جيتوڻيڪ بعض اوقات ظاهرن ذاتي معاملا ملوث رهندا آهن. انهن خوبين سبب، ظرافت کي ٿوري عرصي اندر عام مقبوليت جو درجو شامل ٿي ويندو آهي.

 

اسان جي سنڌي ادب، تاريخ ۽ صحافت ۾، مزاح، طنز ۽ ظرافت تي گهڻو ئي مواد موجود آهي جنهن جو اعليٰ مقام آهي. ان سلسلي ۾، اسان وٽ عام ڪردار وتائي فقير جو پسنديده ۽ مقبول آهي. حقيقت هيءَ آهي ته مزاح ۽ ظرافت، هڪ وڏي هنرمندي، مشاهدي جي قوت ۽ حاضر جوابي جي مدد سان ئي نباهي سگهجن ٿا. هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. حق گوئي ۽ حق شناسي به بنيادي خوبيون آهن جن جي اڻ هوند ۾ ڳالهه جي اونهائي ۽ حقيقت پيش نه ٿي ڪري سگهجي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيو آهي جو اونهي قوت مشاهده سبب، انفرادي ۽ عام رواجي واقعي کي همه گير ۽ وسيع معنيٰ پهرائڻ ۽ هڪ عمومي رنگ واري اصول ۽ افاديت جو اهڃاڻ ڏيڻ ممڪن ٿي پيو. مثلاً وتائي فقير جي گدري خريد ڪرڻ وارو واقعو ئي وٺو. جڏهن ٽڪي ۾ هڪ گدرو خريدي چڪو ته ان وقت ياد پيس ته ايڏي وڏي ڪٽنب ۾ هڪ گدرو ته پورو ڪونه ٿيندو. پئسا به ڪونه هئس جو کڻي ٻيو خريد ڪري. مجبوراً هڪڙو گدرو الله جي نالي تي، گهورڙئي کان گهريائين. گهورڙئي اهو ٻڌي جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ ڦٿل گدروکڻي هٿ تي رکيس. وتايو فقير دنگ رهجي ويو. ٻئي گدرا مٿي کڻي الله سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو: ”ٽڪي وارو گدرو به ڏس ۽ تون پاڻ وارو گدرو به ڏس. اهو ڪيو اٿئي ماڻهن تنهنجو قدر.“ ظاهراً واقعو ته ننڍڙو هو ليڪن مذهبي قدرن جي پائمال ڏسندي، وتائي فقير ان ۾ هڪ عام افاديت جو رنگ ڀريو ۽ سڄي معاشري جي منهن تي اهڙي لپاٽ هڻي ڪڍيائين جو سڀني کي شرمندو ڪري وڌائين.

 

پنهنجي مقصد تي اچڻ کان اڳ، فارسي طنز نگاريءَ جا ٻه واقعا ٻڌائڻ تي اڪتفا ڪندس جيڪي دلچسپي کان خالي نه آهن. فنائي چغتائي هڪ وڏو شاعر هو جنهن کي يزيد تي لعن وطعن ڪرڻ تي ڪنهن ٽوڪيو ۽ چيو ته الله غفور ۽ رحيم آهي، توکي ڪهڙي خبر اهو پنهنجي رحمت سبب، هنن کي معاف ڪري ڇڏي. شاعر فورن جيڪو شعر ۾ جواب ڏنو، ان جو پڙهڻ سان تعلق آهي. هن چيو:

 

”اي که گفتي بر يزيد او آل او لعنت مکن

زان که شايد حق تعاليٰ کرده باشد رحمتش

آنچ با آل نبي اور کرده گر بخشند خدائـﻶ

هم به بخشايد ترا گر کرده باشي لعنتش.“

 

(يعني تون چوين ٿو ته يزيد تي لعنت نه ڪر ڇوته ممڪن آهي ته خدا کيس معاف ڪري. بلڪل درست پر مان پڇان ٿو ته جيڪي ڪجهه آل نبي سان يزيد ڪيو آهي، جيڪڏهن خدا ان تي به کيس معاف ڪري سگهي ٿو ته پوءِ يزيد تي لعنت ڪرڻ جهڙو جرم ڇونه معاف ڪندو؟)

ٻئي فارسي شاعر وري پنهنجي محبوب جي ٻاتي ۽ هڪڙ هجڻ جي حالت جي حمايت ڪندي چوي ٿو:

زلکنت نيست اَن مه را سخن کز دير مي آيد
جدائي از رهان او سخن را عار مي آيد.

 

 

(يعني: محبوب جي زبان مان جو نظم دير سان ٿا نڪرن، ان جو ڪو ٻيو سبب نه آهي. ان جو سبب رڳو هيءُ آهي ته ان جي زبان ۽ وات کان جدائي گوارا ڪرڻ لفظن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي)

 

هجو ۽ مدح جي ميدان ۾، اڳوڻي عربي ادب ۾، مشهور شاعر ابولطيب احمد بن الحسين العجفي الکسندي ٿي گذريو آهي جيڪو متبني جي نالي سان زياده معروف آهي. ان شاعر ڪيتريون صديون پنهنجو مٽ ثاني نه ڇڏيو؛ بلڪه حقيقت ته هيءَ آهي ته هن وقت به کيس ممتاز حيثيت حاصل آهي. متبني جنهن جي مدح ڪئي، اهو آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ جنهن جي هجو لکي، اهو تحت الثريٰ ۾ وڃي ڪريو. تنهنڪري سندس زماني ۾، امير امراء ۽ بادشاهه، متبني جي مدح لاءِ مرندا هئا ۽ هجو کان موت کان به زياده ڊڄندا هئا. ان متبني، ان وقت جي مصر جي حاڪم ڪافور خلاف هجو لکي جنهن هن جو ڏاڍو برو حشر ڪيو ۽ هر هنڌ ملامت هيٺ اچي ويو. هجو ته گهڻو ڊگهو آهي پر هتي نموني طور سندس ٻه شعر ڏجن ٿا:

 

لعمرک مادهُرٗ يه انت طيب

ايجسنبي ذاالدهر احسبهه دهرا

واکفر يا ڪافور حين تلوح لي

مفارقت مذفارقتک المشر ڪوالکفرا“

 

(يعني: اي ڪافور مون کي تنهنجي عمر جو قسم آهي ته جنهن زماني ۾ تون آهين اهو چڱو زمانو نه آهي. ڇا مون کي هي زمانو سمجهي ٿو ته مان ان کي چڱو تصور ڪريان ٿو؟ يعني ائين هرگز نه آهي بلڪ زمانو ڏاڍو برو آهي. اي ڪافور! جڏهن تون منهنجي اڳيان ظاهر ٿيندو هئين ته مان ڪفر جو مرتڪب ٿيندو هوس. ان ڪري مان جڏهن توکان جدا ٿيو آهيان ته ڄڻ شرڪ ۽ ڪفر کان پري ٿيو آهيان.

 

ٻئي مصرع ۾ ڪفر کان مواد دهريت ۽ وجود باري کان انڪار آهي ۽ شرڪ کان مقدر اللهيه جو عقيدو مراد آهي. يعني جڏهن تون منهنجي سامهون ايندو هئين ته تو جهڙي نالائق کي تخت شاهي تي براجمان ڏسي ڪڏهن ته مان اهو خيال ڪندو هوس ته دنيا جو خالق سياڻو آهي ئي ڪونه ورنه اهڙو ماڻهو بادشاهه ڪيئن ٿي سگهيو ٿي. اهڙي طرح گويا مان ڪافر ٿي پوندو هوس ۽ ڪڏهن اهو خيال ايندو هو ته ٻه معبود آهن: هڪ خالق خير ۽ ٻيو خالق شر. ان حالت ۾ مان ڄڻ ته مشرڪ ٿي پوندو هوس. توکان جدا ٿي ڄڻ ته ڪفر ۽ شرڪ ٻنهي کان بچي ويس.

 

ايڏي چوٽ ڪافور بادشاه جا لاهه ڪڍي ڇڏيا ۽ معتبرين ۽ معززين ۾ منهن لڪائيندو رهيو ڇو ته کيس نيچ ڪري پيش ڪرڻ جي حد ٿي چڪي هئي ۽ اهو اهڙو زمانو هو جڏهن حاڪم شاعرن جي تعريفن تي پيا تڳندا هئا.

 

لطائف ۽ ظرافت کي بنائڻ لاءِ قوت حاضر جوابي نهايت ضروري آهي ڇو ته جواب ته سوچ ۽ سمجهه سان بعد ۾ به ڏيئي سگهجي ٿو پر جيڪو لطف ۽ اثر انگيز فوري جواب پيدا ڪري ٿو اهو دير واري حالت ۾ ناپيد  آهي. ان خصوصيت ۾، ترڪيءَ وارو ملان نصيرالدين يڪتائي روزگار ۽ بي مثل ڪردار جو مالڪ هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته بارش پئي پيئي ۽ ملان نصيرالدين گهر جي دريءَ مان ٻاهر مينهن ۾ پنهنجي پاڙيسري کي ڏسي چوڻ لڳو ته ”مينهن الله جي رحمت آهي. تون ان کان ڇو ٿو ٽهين ۽ ڀڄين؟ رحمت کي زحمت سمجهي ڪفران نعمت نه ڪر.“ پاڙيسري ملا جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ غلطي جو احساس رکندي باقي فاصلو آهستي طئي ڪيائين. اتفاق اهڙو ٿيو جو ستت ئي هڪ ڏينهن ساڳيو سمو ٿي پيو ۽ مينهن وسڻ لڳو. فرق صرف اهو هو جو ان ڏينهن ملا نصيرالدين مينهن ۾ پسندو تڪڙو گهر ڏانهن پئي آيو ۽ ساڳيو پاڙيسري گهر جي دريءَ مان ٻاهر اهو نظارو ڏسي رهيو هو. هن کان به رهيو نه پڳو سو ملا نصيرالدين کي چيائين؛ ”ملا! الله جي رحمت پئي وسي. ان کان ڇو ٿو ڀڄين؟“ ملا فورن جواب ڏنو ته: ”ان ڪري تڪڙو ٿو اچان ڇاڪاڻ ته نه ٿو چاهيان ته الله جي رحمت کي دير تائين لتاڙيندو رهان.“ پاڙيسري وري به منهن جي کائي بازي هارائي شرمسار ۽ عاجز رهي ويو.

 

اسان جي سنڌي ادب ۾ لطائف ۽ ظرائف، طنز ۽ هجو گهڻي انداز ۾ ۽ بهتر معيار جي ٽڙي پکڙي پئي آهي. ان سلسلي ۾ اسان جون  اکيون وري به مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڏانهن کڄن ٿيون جنهن نهايت ابتدائي دور ۾، مزاح ۽ اصلاحي پهلو نمايان طرح ورتو آهي ۽ اخلاقي قدرن کي اجاڳر ڪرڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو آهي. هن صاحب جي مشهور ڪتابچن ۾ ”دلپسند لطيفا،“ ”شيخ چلي“، ”واڱڻ مسخرو“ ۽ ”نيم طبيب ۽ نيم ملا“ اسان کي گهڻو ڪجهه آڇين ٿا. ”نيم طبيب ۽ نيم ملا“ کي سچ پچ ڪلاسيڪل حيثيت حاصل آهي. هندن ليکڪن مان پرمانند ميوارام ۽ ڀيرومل وڏي پيماني تي ملي ٿو.

پر اسان هتي، هن مضمون جي تقاضا موجب، انهن صنفن کي صحافت جي ميدان تائين محدود رکنداسين. ان لحاظ ۽ نسبت سان، مرحوم رئينس شمس الدين ”بلبل“ نه رڳو صحيح معنيٰ ۾ هڪ صحافي نظر اچي ٿو پر طنز ۽ ظرافت جو پڻ باني ۽ نشونما ڪندڙ جي حيثيت ۾ ملي ٿو. اهو به حسن اتفاق چئجي جو سنڌي صحافت ۾ ٻه ٻيون معروف هستيون مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جي صورتن ۾ تقريبن ان ئي دور جون پيداوار هيون جن پڻ ساڳين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. مرحوم ”مخلص“ ته ”بلبل“ جو گهڻي ڀاڱي همعصر رهيو ۽ نظاماڻي 9 سال کان پوءِ اڀريو. ”بلبل“ ”مخلص“ ۽ ”نظاماڻي“ جي باهمي نوڪ جهوڪ به رهي ۽ هڪ ٻئي تي حملا به ڪيائون. پر هنن ۾ فرق اهو هو جو ”بلبل“ جو درجو ان ڪري مٿانهون آهي ڇو ته هن پنهنجي فنڪارانه ۽ ظريفانه صلاحيتن کي مڪمل طرح قومي اصلاح جهڙي اعليٰ مقصد لاءِ وقف ڪيو ۽ ذاتيات کان پرهيز ڪئي. ٻئي طرف ”مخلص“ ۽ ”نظاماڻي“ جيتوڻيڪ ان وقت هلندڙ آريه سماج ۽ شڌي تحريڪن جو مردانه وار مقابلو ڪندي، اسلام جي سربلندي ۽ عظمت لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون پر ساڳئي وقت طنز تي ۽ باهمي هجو گوئي جي ليول تي به لهي آيا، جنهنڪري مٿاهون درجو برقرار نه رهيو ۽ جڳهڙا ٿيا ۽ ڪجهه ناراضگيون ۽ نفرتون به پيدا ٿي پيون. ان طرح ماحول ڪجهه قدر مڪدر ٿي پيو. هنن ٽنهي صحافين ۾ وري مشترڪ خصوصيت اها هئي ته ٽيئي ڄڻا بهترين شاعر هئا ۽ بي مثال نثر نويس پڻ. ”بلبل“ جي وفات تي، پنهنجي رسالي ”ڪشڪول“ ۾ افسوس جو اظهار ڪندي، مرحوم ”مخلص“ هن طرح خراج تحسين ڏنو هو: ”بلبل مرحوم سنڌ، جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص هو (1) جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ هو ئي هڪ صحافي هو، جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪئي ۽ موجوده سليس ۽ پراثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.“

 

ٻئي همعصر ۽ بزرگوار مرحوم قاضي محمد انور پاٽائيءَ ”بلبل“ جي عظمت جو هن طرح اعتراف ڪيو آهي:

 

”جيئن ناليواري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن پنهنجي ناولن ۽ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجي قوم ۾، جا فيشن جي دلداده ٿي چڪي هئي، هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو، تيئن ”بلبل“ جي ظرافتي مقالن ۽ تصنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو، سو قوم جي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي.“

 

”جيستائين مصنف عوام جي دلين جي لاڙي کي جاچي، انهن جي مذاق مطابق نه کلندا، تيستائين سندن تصنيفون گهربل اثر پيدا نه ڪنديون. مشهور شاعر شيڪسپيئر جي سر جو سهرو جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن تي سونهي ته پوءِ اهو ”بلبل“ ئي آهي.“ 

 

مرحوم ”بلبل“ هڪ قومي مصلح ۽ درد رکندڙ انسان هو، هن ڏٺو ته جدت ۽ فيشن جي نالي ۾ سنڌ ۾، وڏو فتنو کڙو ٿيو آهي ۽ هلڪڙائپ ۽ ٽرڙپائي تهذيب ۽ ثقافت جي پاڇي ۾ پلجڻ لڳي آهي. عام ماڻهو اجايو خرچ، مذهب دين کان بيزار، سستي دام ويڪو مغرب جي تهذيب جي انڌي تقليد ۾ حد کان ٻاهر نڪري رهيا آهن. ازانسواءِ پيرن فقيرن ۽ قدامت پرستي جي نالي ۾ پڻ سنڌ جي اڻپڙهيل يا ٿوري پڙهيل عوام جو استحصال ٿي رهيو آهي، هڪ حساس ليکڪ جي حيثيت ۾، اهو سڀ ڪجهه ڏسي، هن کان ويٺو نه پڳو. ”بلبل“ قلم سنڀاليو ۽ پنهنجي ظريفانه ۽ عالمانه صلاحيتن کي بروئـﻶ ڪار آڻيندي، هن جهاد  شروع ڪيو. لطيفن ۽ ٽوٽڪن ذريعي ۽ ظرافت ۽ طنز وسيلي، ”بلبل“ انهن سڀني مرضن، بدعتن ۽ سماجي خرابين تان پردو هٽائي ۽ سڀني کي نهايت ڪاريگريءَ سان، سندن اصلي رنگ ۾ اهڙو اگهاڙو ڪري عوام آڏو آندو، جو هرڪو ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو ۽ کلندي مشڪندي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي اصلاح طرف متوجهه ٿيو. اهو ئي ”بلبل“ جو مقصد هو.

 

پر ان هوندي به، ”لطائف ۽ ظرائف“ (جيڪو 1908ع ۾ پهريون دفعو ڇپيو هو) ڪتاب جي باري ۾ مرحوم ”بلبل“ لکيو هو ته:

 

”سياڻن اياڻن لاءِ چيو آهي ته لکڻ جهڙي خوراڪ ناهي، غم جهڙو مرض ناهي. اڄ ڪلهه خلق، زماني جي رنج ۽ گنج ۾ پيڙجي رهي آهي. ماڻهن جو ڪو پدر به پالهو ڪينهي. هر هنڌ سور ئي سور آهن. اهڙن لاءِ ٻه چار غم ٽار لطائف لکان ٿو، جي بطور ظرافت آهن. اميد ته من ٻه چار ٽهڪ ڏئي، کلي خوش ٿي ڪا جهٽ غم کان آزاد رهن.“

شاهه ڀٽائي ؒ چيو آهي:

”ويهه تنين وٽ، جت ڏکندو ڏور ٿئي،
تن تنين سين ڪٽ، اوڏو اڏي پکڙا.“

”بلبل“ جي فن تي، مرحوم غلام محمد گرامي، هن طرح رقم طراز آهي:

”بلبل“ جي طنز ۽ ظرافت آميز شعرن کي پڙهجي يا سندس نثر مرصع کي مطالع ڪجي، ڪڏهن به ماڻهوءَ جي ذوق سليم کي ڏکيو نه لڳندو. اوهان ڏسندا ته سندس قلم نشتر کان به وڌيڪ تيز هوندا پر بيجا خونريزي نه ڪندا، صرف زخم کي کوليندا ۽ فاسد مواد کي وهائي ڇڏيندا. مريض ته ڇا سندس تيماردار  کي به ڪو پرو نه پوندو ته قلم جي نشتر زنيءَ جا ڪمالات ڪهڙا آهن.

”سنئين سولي ڳالهه کي لطائف ۽ ظرائف جي لباس ۾ آڻڻ، طنز ۽ تعريض کي بذل سنجي بنائي ڇڏڻ، بلبل جي طناز هئڻ لاءِ ڪافي ثبوت چئي سگهجن ٿا.

”ان سلسلي ۾، ائين چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته بلبل جي فن جو مقام ادب ۾ بلند آهي. بلبل سنڌ جي طنز نگارن (جي به حقيقي طنز نگار چئي سگهجن) ۾ فرد واحد آهي، جنهن پنهنجي فن سان طنز کي هجو کان ممتاز ڪبو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ ظرافت جي هڪ ناقابل ستبع اصلوب جو بنياد وڌو.“ (1)

ائين به نه آهي ته مرحوم ”بلبل“ پاڻ قدامت پسند هو يا نون علمن ۽ جديد تقاضائن کان غيرواقف هو. دراصل، هن اهو پئي چاهيو ته سنڌ جا مسلمان، هتي جي هندن وانگر، پنهنجي هر روايتي ورثي کان باغي نه ٿين رڳو ان ڪري ڇاڪاڻ ته نون حاڪمن ائين پئي گهريو. هن جو وسيع مطالعو هو. هن مذهب اسلام کي گهري نظر سان ڏٺو هو ۽ ان جي عظيم اصولن ۽ افاديت جو قائل هو. هو سياسي تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. کيس ان ڳالهه جو احساس هو ته مسلمان ۽ هندو نه رڳو مذهبن الڳ ٿلڳ هئا پر هن ڳالهه ۾ اڃان به هڪ ٻئي کان پري هئا (بلڪه متضاد حيثيت والاريو ويٺا هئا) ته هندو ڪن صدين کان هندستان ۾ (۽ سنڌ ۾ پڻ) رهيا هئا ۽ مسلمان حاڪمن رهيا هئا. ۽ ان لحاظ کان، مسلمانن سان زيادتي ٿيل هئي ڇو ته برطانوي سامراجين، مسلمانن کان حڪومت کسي هئي. ان ڪري سياسي طرح گويا حڪومت جا حقدار مسلمان هئا ۽ نه هندو. ان ڳالهه کان علاوه، ”بلبل“ هيءُ  به ڀانپي ورتو هو ته پنهنجي ڪابه قابل فخر شيءِ نه هجڻ سبب، هندن نين حالتن سان ذهني ٺاه بنان دير جي ڪري ورتو هو ۽ نون حاڪمن جون خاصيتون ۽ افعال اختيار ڪري ورتا هئا. ٻئي طرف سياسي مظلوم ۽ معتقوب جي حيثيت ۾، مسلمانن نون حاڪمن ۽ سندن ڳالهين کي اختيار ڪرڻ کان، ڪيتري عرصي تائين، دوري رکي هئي ۽ پنهنجي طور طريقن سان زندگي پئي گذاري، مسلمانن جون اهي لاپرواهيون ۽ ڪن- لاٽار ڏسي، انگريز حاڪمن کي هن مان هميشه بغاوت جي بوءِ پئي آئي. انهن ڳالهين جو ئي نتيجو هو جو مرحوم ”بلبل“ هندن سان ڪنهن به نموني اشتراڪ ڪرڻ جي خلاف هو ۽ ”هوم رول“ تحريڪ جو مخالف پڻ. سندس نئين تعليم جي افاديت جي قائل هجڻ جو ثبوت خود اها حقيقت ڪري ٿي ته مرحوم ”بلبل“، ڪراچي ۾ سنڌ مدرستـه الاسلام جي باني مرحوم حسن علي آفندي سان ان ڪم تي ٻٽ هو. هن رڳو اهو ئي چاهيو ٿي ته مسلمان انگريزي يا نئين تعليم کان روشناس ٿي مستفيد ٿين پر اهو سڀ ڪجهه پنهنجي روايتي اسلامي تشخص جي قيمت تي نه ٿئي. مسلمانن کي گهرجي ته هندن وانگر غيرملڪي فيشن ۽ ٻين ڳالهين ۾ لڙهي نه وڃڻ. غيرملڪي تهذيب ۽ ثقافت جي تيز وهڪري ۾ به پنهنجا پير پختا رکن. مسلمانن جو ڇوٽڪارو ان ۾ هو ته پنهنجي ضرورتن مطابق نيون ڳالهيون ۽ نيون چالون اختيار ڪن ليڪن پنهنجي اصلوڪي حيثيت به برقرار رکن. ان حيثيت کي جڏهن ملڪي پيرن، ويرن ۽ ڪامورن مان به ڪو خطرو نظر آيس، ته مرحوم ”بلبل“ انهن جي خلاف به ڪات ڪهاڙا کنيا ۽ ان ۾ ڪڏهن به نه هٻڪيو ۽ هيسيو.

بهرحال هي سمورا بت ۽ برايون هيون جن جي ڀڃي ڊاهي ڀورا ڪرڻ لاءِ، مرحوم ”بلبل“ سڄي زندگي وڙهيو ۽ مخلصانه جهاد ڪيو. انهن سڀني براين ۽ بدعتن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ، ظالم وڏيرن، جاگيردارن، ڪامورن ۽ پيرن جي پت وائکي ڪرڻ جي مقصد سان، اخبارن جي سنجيده ۽ خشڪ رول کان علاوه، هن صاحب طنز ۽ ظرافت جي فن ذريعي، عام ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪي اڻ پڙهيل ۽ اڻ گهڙيل ڪاٺ وانگر هئا ۽ جن کي عام فهم زبان سان، چرچن گهٻن ۽ ظريفانه انداز سان متاثر ڪري سگهيو ٿي. ان مقصد ۾ بهرحال ”بلبل“ مرحوم ڪامياب رهيو.

اها حقيقت آهي ته هندستان جي ان زماني جي اخبار ”اوڌ پنج“ مرحوم ”بلبل“ تي وڏو اثر ڪيو هو جيڪا طنزيه تحريرن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي.

 

”اها اخبار 1877ع ۾ سندس زير مطالع آئي. ان اخبار جڏهن سر سيد احمد جي تحريڪ ۽ ڪورانه تقليد ۽ مغرب پرستيءَ جون طنزيه ۽ مزاحيانه انداز ۾ ڌڄيون اڏائي ڇڏيون هيون، تڏهن منجهس لاشعوري طور بذل سنجي پيدا ٿي، جا اڳتي هلي سندس فن جو مرڪزي ۽ مثالي نقطو بڻي. ان کانسواءِ ”بلبل“ پنهنجي طبعي حيثيت سان به نهايت شگفته رو ۽ شگفته طبيعت وارو ماڻهو هو، جنهن جي شگفتگيءَ سندس فن ۾ ظريفانه انداز کي خوب نباهيو ۽ سينگاريو.“ (1)

 

مشهور موءرخ ۽ عالم جناب پير حسام الدين راشديءَ جي راءِ ۾، ”بيشڪ ”بلبل“ مرحوم کي سنڌي فن ۽ ادب جي سلسلي ۾ اوليت جو شرف حاصل آهي.“

 

شروع ۾، ”بلبل“ مرحوم جا ظرافتي چٽڪا اخبار ”معاون“ ۾ ڇپجندا هئا، ليڪن بعد ۾ ”آفتاب“ اخبار جا مستقل ڪالم بڻيا جتان پوءِ منتقل ٿي “ چٽ سوال پٽ جواب“ (1903ع) ”آئينه تجارت مايئه ظرافت“ (1904ع)، ”لطائف و ظرائف“ (1908) ۽ ”لگزار لطائف“ (1910ع) جهڙن ڪتابي نالن تحت شايع ٿيا. ”تيرهن ڄار، مڪرن جا مار“ جيڪو سڀ کان پهرين يعني (1896) ۾ ڇپيو هو، اهو طنز ۽ مزاح جي لحاظ کان هڪ شاهڪار آهي.زبان جي عمدگي ۽ موزون ذري گهٽ شاعري ٻوليءَ ۾ ”ميلو مخدوم قلندر لال شهباز غريب نواز“ بي مثال آهي. ميلي جو احوال ”بلبل“ جي تحرير ۾ ٻڌو، جنهن جو تعلق رهائش جي مسئلي سان آهي:

 

”هڪ مڪان ته سئو مهمان، هڪ وڻ ته اسي انسان، هر اوطاق ۾ هر مذاق، جتي وڃ تي پاسي پاسي، پوش پوش، وسلا ڪڇ ۾، خانه بندوش، هڪ چارپائي ته پنج ڀائي، چٽائي بمنزل چار پائي، ساووڇائي ته سئو لان هيٺ آئي!“

ميلي ۾ کاڌ خوراڪ جو احوال به ٻڌو:

”نانوائي ته خرچ کپاءِ جي وائي، ٽڪي ۾ دڪي جو ڦلڪو، ويهي کاءُ ته به نه لهي الڪو. جي ٻوڙ ته مرچن جو موڙ، چرٻيءَ جو چوڙ، آنو ڏي ته لپ شوربي جي، هڏيءَ اگهاڙيءَ ۾، سا به ڇڪ ته  ڌو ڏاڙهيءَ ۾. اڙل جو پاڻي، ديڳڙي جيئن ٽهڪي، نه لهي اڄ نه لهي سهڪي، شربت ڄڻ شيرين شراب، ڪوسو نسورو ڳڙ جو لعاب، چڪڙو پيءُ ته خانو خراب، چپ خشڪ بدن بي تاب، مٺائيءَ ۾ هيءَ مٺائي، جو ذرو کنڊ جو ته چڻن جي چوٿائي، پڪوڙا، جليبيون تيل جون باسي، جيڪو کائي ته نڪ زڪام ۽ کانسي، ريوڙي شڪر جي لڏن ۾ لابارو، تر بوڙينڊا ڏونگهي ڇوهارا، ڪت خلق ڪتل ۾ متل، بنبو پنبو گپ ۾ گتل.“

ميلن ۾ چوري ته عام ٿيندي آهي. جيڪا شيءِ وئي، ان جو نالو نشان ئي گم. موٽي ملڻ جو امڪان نه هوندو آهي. هڪ همراهه جي ڳالهه ڪندا آهن ته پنهنجي ڳوٺ مان ڏاڍي شوق ۽ چاهه سان درازن جي ميلي ٿي ويو ليڪن ٻن ڏينهن کان پوءِ منهن ڀيلو ڪري موٽيو. ڳوٺ وارن اچي واپس ته ميان ميلي جا احوال ڏي. ميلي ۾ هن سال ڪهڙو مزو هو؟ هن ڳوٺاڻي کي هيون باهيون جو ميلي ۾ ڪو شاهينگ سندس نئون اجرڪ تڳائي ويو هو. سو غصي ۾ جواب ڏنائين ته ”ڇا جو ميلو، ڇا جي ڳالهه“ مان ته ڀانيان ٿو ته اهو سڄو مانڊاڻ منهنجي اجرڪ چورائڻ لاءِ رٿيل هو ته شڪ نه آهي. مرحوم ”بلبل“ کي به ٻڌو:


”ڪنهن جي ڳنڍ ڪپي ته ڪنهنجو گهوڙو ئي گم؛ ته ڪنهن جو پٽڪو لنگي ئي چٽ، ته ڪنهن جو اٺ عدم؛ ڪنهن جي جوا ۾ هار، ته ڪنهن کي شرط جي مار، ڪنهن کي پير جي پچار، ته ڪنهن کي دعا جي ڌپاڙ؛ ڪنهن جي هڙ هلاڪ، ته ڪنهن جا پئسا پاڻيءَ ۾؛ ڪنهن جو داد نه فرياد، ڪنهن جو ڌڻي نه ڌياڻي؛ ڪنهن جو بغچو بيران، هميشه هڪ نه هڪ جان جو ضرور ٿئي نقصان، ڪو نه ڪو مڙيو ئي ڇيهو، نه سوڻ جو نه ساٺ جو، نه گهر جو نه گهاٽ جو.“

”پوليس جو ڄار“ واري عنوان تحت، مرحوم ”بلبل“ هن کاتي جي اهلڪارن جي ڪهڙو نه عمدو ۽ صحيح نقشو چٽيو آهي. ملاحظه ڪريو:

”ڪهڙي ريس، جمعي اڳيان خميس، لائي بيس ته پائي تيس؛ هلڪي سلڪي، اوچي نيچي ذات ڪذات سڀ انهي پوليس ۾ ڀرتي. سئي لڌائين ته ٿيو سوار، کنڀ مان ڪانءُ جوڙيائين ته جمعدار، اتانهون اڃا اڳتي ٿڙيو ته ٿيو ٿاڻيدار، پوءِ اڇي ۽ ڪاري جو اختيار مختيار، پورو پورو عملدار، ڪنسٽيبل ته گريه مسڪين، منشي صاحب ته گر گر درنده، جمعدار ته فيل مست، صوبيدار ته شير غران. سندن اختيارات اهڙا جو ڪنهن جي عزت لاهڻ لاءِ ڪنسٽيبل به ڪافي وافي، پوءِ جي مٺ گرم ته منشي ساقي، نه ته سڌو صافيءَ جي جاءِ تي! ڀاڳئي جو گهر ڀڳو ته پوليس جو گهر اڏيو. جي ڪنهن تي دخل يا چوريءَ جي ڪارنهن، ته پوليس جا پنئون ٻارنهن، جي ڪو ٿيو خون يا ڦاسي، وڏي وڏي پير جي منت باسي.“

 

”اول ته رپورٽ واري جي خوب ديارام وٺن. داخلا کان بيزار، قاعدن جي ڀرمار؛ رپورٽ واري کي ٿڪ، لعنت ۽ گارمار جو وسڪارو، آخر لاچار ٿي مٿين بلائن مان هڪ نه هڪ جي رسي ڇڙندي، پوءِ الامان، ڌان ڌان، پناهه شيطان، بتائو وارات، هات، مارو مالڪ ڪو دو لات! آڻ کٽولو آڻ گاهه، ڪهه ڇيلو ماني ٺاهه، ڏار ڪاٺيون ٻار باهه.“

سڀ کان وڌيڪ وندرائيندڙ ۽ کلائيندڙ تحرير مرحوم ”بلبل“ جي ”چٽ سوال ۽ پٽ جواب“ آهي جنهن ۾ طنز، مزاح ۽ مذاق پنهنجي عروج تي آهي ۽ جنهن ذريعي معاشري جي مختلف ماڻهن ۽ ڌنڌن جي خاص خبر ورتي اٿس. اهي سوال جواب جوڳي ۽ سامي درميان ٿيندي ڏيکاريا اٿس ۽ پڙهڻ ۽ هنڊائڻ جهڙا آهن. ڪجهه توهان به ٻڌو:

”جوڳي مهاراج ڪا اڳئين جڳ جي خبر ٻڌايو.

سامي: بابا! جيڪي پڇو.

جوڳي: ڪڏهن ڏيهي ماڻهن ۾ پرالڀ ڀڙائيندي؟

سامي: جڏهن پرلئي ايندي.

جوڳي: ڀلا هندو مسلمانن جو ڪو پاڻ اتفاق ٿيندو؟

سامي: گروءَ کان پڇي پوءِ اهو جواب ڏيندس.

جوڳي: ڀلا مهاراج، هي ته ٻڌايو ته وياج خورن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟

سامي: انهن جا پيٽ نرڳ جا بم گولا ٿيندا، جي باهه تي ٺڪاءُ ڏيندا.

جوڳي: ڀلا دلالن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟

سامي: اهي مڇرن جي جُوڻ ۾ اچي، ماڻهن جي ڪنن ۾ ڀون ڀون ڪندا وتندا.

جوڳي: ڀلا، ٽڪاڻن جي ٻاون جو ڀلا ڪهڙو حال ٿيندو؟

سامي: هي اڳلي جنم ۾ گڏههٿي هينگون ڏيندا.

جوڳي: ڀلا، ڪچهرين جي منشين جو ڪهڙو حال ٿيندو؟

سامي: وڇن ۽ ڏينڀن جي جوڻ ۾ ايندا.

جوڳي: ڀلا، وڪيلن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟

سامي: هي ٻه منهان نانگ ٿيندا ۽ مٽي چٽيندا؟

جوڳي: ڀلا، هي انجنيئري ڪامورا ڇا ٿيندا؟

سامي: ڄورون، ڪميون ۽ ڪڇون.

جوڳي: هي جهيڙاڪار جالون ڇا ٿينديون؟

سامي: ڀائي جي، تڏن ۽ ٽيٽيهر جي جوڻ ۾ اينديون.

جوڳي: ڀلا، پوليس وارن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟

سامي: هي مرڻ کانپوءِ ديو ۽ ڀوت ٿي، واٽاهو ماڻهن کي اچي چنبڙندا ۽ ڊيڄاريندا.

جوڳي: واپارين ۽ سوداگرن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟

سامي: هي هاٿين جي جوڻ ۾ ايندا، جن جون تمام وڏيون سونڍون نڪرنديون.

جوڳي: هي ميونسپل ميئر ڪهڙي جوڻ ۾ ايندا؟

سامي: بابا، اهي ڪانو ۽ چٻرا ٿيندا.

مرحوم ”مخلص“ جو ”بلبل“ جي باري ۾ اهو چوڻ درست آهي ته هن ”ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي” مغربيت جي رنگ ۾ رنگيل ۽ فيشن پٺيان هلندڙ ماڻهن متعلق هن غزل نما شعر لکيو هو جنهن جون چار سٽون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون:

 

”گهر کان نڪتا، نيٽو نيچر،      تاڪ ڌنا ڌن تاڪ

سر ۾ ٽوپي، هٿ ۾ هنٽر،         تاڪ ڌنا ڌن تاڪ

چمچا ڪانٽا، کٽ پٽ کڙ کڙ،   چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ تڙ،

شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شر شر،       تاڪ ڌنا ڌن تاڪ

 

مٿئين آخري شعر لاءِ مرحوم بسمل چيو هو ته ”ان هڪ شعر تان ٻين جا ظريفانه دفتر گهوري ڇڏجن،“ ۽ سڄي غزل پڙهڻ کانپوءِ، جناب پير حسام الدين راشدي راءِ ڏني ته ”ڪنهن جي دل گهرندي ته جينٽلمين ٿي، پاڻ کي خراب ڪري. بيشڪ سنڌ ۾ اڪبر الله آبادي وارو رنگ ”بلبل“ مرحوم پيدا ڪيو، بلڪ ان کان به وڌيڪ دوآتشو ڪري ڇڏيائين.“

جا ڳالهه مرحوم ”بلبل“ کي ٻين لکندڙ کان الڳ بيهاري ۽ کيس انفراديت بخشي ٿي، ساهيءَ هئي ته هو نه رڳو طنز ۽ طاقت ۾ قوم جو اصلاحي پهلو ۽ زبان جو اصلاحي انداز اختيار ڪري ٿو مگر اها ئي طنز تحرير پنهنجي سياسي مضامين ۽ ادارين لکڻ دوران به برقرار رکي ٿو. اهو مزاح جو ماحول اهڙو ڪارآمد ٿئي ٿو جو پڙهندڙن لاءِ رقيق حقيقتون به هضم لائق بڻايو وجهي. نموني طور، اسان هتي هڪ اهڙو اقتباس ڏيون ٿا جنهن جو واسطو ان پمفليٽ سان آهي جيڪو مرحوم ”بلبل“  ”هندواسي“ اخبار جي ٻن چوپڙن ۾ اٿاريل سوالن جي جواب طور تيار ڪيو هو ۽ ”آفتاب“ اخبار ۾ ڇپيو هو. ان زماني ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ گڏجي چند سياسي مطالبا ڪيا هئا جن تي ڪافي تنقيد جو طوفان اچي اٿيو هو. مرحوم ”بلبل“ به قلم سنڀاليو هو. زبان ملاحظه ڪريو!

 

”ڪانگريس ۽ ليگ وارن 1- 4 قلم تائين، ٺهراءَ ڪيو آهي ته پرڳڻڻ جي قاعدي واري مجلس ۾ چار پتيون چونڊيل ميمبر هجن، پنجين پتي سرڪار چونڊي. وڏن پرڳڻن بمبئي ۽ بينگال ۾ 125 ميمبرن کان گهٽ نه هجن ۽ ٻين ۾ 50 کان 75 تائين مسلمان پنهنجا عيوضي پرڳڻن ۾ هيٺين طرح چونڊن.

 

”اڌ گڏيل علائقن ۾، 10 مان 30،  بينگال ۾ 40، بهار ۾ 25، وچ علائقن ۾ 15، مدراس ۾ 15، بمبئيءَ ۾ چونڊيل ميمبرن مان ٽين پتي، پر شرط اهو ته مسلمان مجلس جي ميمبريءَ لاءِ ٻين چونڊن ۾ بهرو نه وٺندا.“

”جواب: هاڻي خيال ڪريو ته بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ جنهن منجهه سنڌ به، اچي وئي، مسلمانن جي ڪيتري مردم شماري آهي، تن کي مٿي شرط بندش سان، ٽين پتي ڏياري وئي آهي. يعني 100 مان 33 ميمبر- سنڌ جي ڀاڱي ڇڪي تاڻي 7-8 ميمبر اوڙڪ ته 12 ميمبر مس ايندا. پوءِ سنڌ ۾ اسان کي ملندا ايترا ميمبر قابل ۽ گريجوئيٽ، ۽ انهن ۾ ٿيندي ڪا اهڙي ٿوم؟ ۽ ٻاريندا ڪو ٻوٽو؟ باوجود يڪه دعويدار گهڻا ٿيندا ته ”هم بهي هين پانچوين سوارون مين!“

 

”پر اسان جي نظر ۾ الف سلکڻو. اهڙا ميمبر ڪائونسل ۾ ڇا وڃي ڪندا ۽ ڪهڙي ميجارٽي يا طاقت سان مسلمانن جو ڪو فائدو ڪندا. جن جي برخلاف اُهي اُهي “گڻڪ“ اچي بيهندا، جومارڪي کي چٺي واچڻ به نه ڏيندا.“ (1)

هاڻي هتي، چند اهڙن شعرن جا نمونا ڏيون ٿا جن مان مرحوم ”بلبل“ جي مراد مغربي تهذيب جي انڌي تقليد جي مذمت ۽ همت شڪني آهي:

”مرد ٿيا مڪار، چئو ڪهڙي چيم،
ڪي رنون ٿيون خوار، چئو ڪهڙي چيم
جاڪٽ ۽ پتلو پايو دوستو،
جي ٿيو سرڪار، چئو ڪهڙي چيم
فخر جي حاصل ڪريو سڀني مٿان،
ٿيو ولائت تيار، چئو ڪهڙي چيم
چُرٽ کي هروقت چايون وات ۾
سينڍ جو سٿڪار، چئو ڪهڙي چيم
ڪر مڇون مضبوط، مرَ وڌنديون وڃن،
ڪوڙ ڏاڙهي وار، چئو ڪهڙي چيم.
پي برانڊ خوب کائو پيا ڌڪا،
بر سر بازار، چئو ڪهڙي چيم.
جي گهڻو سڏجو سياڻا، تان ٿيو
دين کان بيزار، چئو ڪهڙي چيم.“

 

مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جي قلمي قوت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هن پاڻ چيو آهي ته اسين ان تي پڄاڻي ڪريون ٿا:

”ڪن جو روشن ضمير دل ٿئي
 منهنجو ڪشف القلوب آهي قلم.

 

ڪرين جو سير ملڪوئي ته ڏس مضمون هي منهنجو،

عطارد ٿو چمي هٿ شاخ طوبيٰ ڪلڪ تان قربان.“

مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ جي طبيعت ۾ به ظرافت ڪافي هئي ۽ جنهن به محفل ۾ حاضر هوندو هو، اها باغ و بهار ۽ کل خوشيءَ جو اڏو بڻجي پوندي هئي ۽ حاضرين کلڻ تي مجبور هوندا هئا. تفريحي ۽ ظرافتي تحريرون، شروع ۾، مرحوم ”مخلص“ ”جعفر زٽلي“ جهڙي رسالي ۾ وجهندو هو ۽ بعد ۾ سندس ”ڪشڪول“ رسالو اهڙين لکڻين لاءِ وقف هوندو هو. ان رسالي جي مقبوليت جو اهم عالم هوندو هو جو پڙهندڙ ان جو بيحد گهڻو انتظار ڪندا هئا ۽ انگريزي چوڻي مطابق ”گرم ڪيڪ“ وانگر فروخت ٿيندو هو. مرحوم ”مخلص“ لاجواب شاعر ۽ بهترين حاضر جواب به هوندو هو جنهڪري محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي خواب وندرائيندو هو. هڪ دفعي جو واقعو آهي ته ڪو سرجن کيس جانورن جي اسپتال ڏيکاري رهيو هو جتي هڪ هنڌ ڪتن جو ولر واڙيل هو جيڪي نهايت صحتمند ۽ سٺي سنڀال هيٺ ٿي ڏٺا. ڊاڪٽر ”مخلص“ مرحوم سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”ڏسو ٿا سرڪاري ڪتا ڪهڙا نه آسودا پيا پلجن! ””مخلص“ فواً جواب ڏنو ته “سرڪار بهادر جي دور ۾ قدر ئي ڪتن جو آهي.“ ٻئي دفعي ڪنهن دوست وٽ، صبح سان وڃڻ جو ”مخلص“ صاحب کي اتفاق ٿيو جنهن چرچي طور چيس ته ”محمد هاشم! اوهان جي نظر اڄ صبح سان مون تي پئي آهي. اهو سوڻ توهان لاءِ چڱو ڪين اٿو. ”مخلص“ مرحوم جلدي جواب ڏنو ته ”فڪر ڪونهي، مون اوهان کي ڏسندي ئي لاحول پڙهي ڇڏيو آهي.“

 

مرحوم ”بلبل“ وانگر، مرحوم ”مخلص“ به پنهنجي اڳيان، عام ماڻهن جي سڌاري جو مقصد ۽ عوام آزار افراد کي ظاهر ڪرڻ جي مراد رکيون آيو. پيرن ڌوڪيبازن جي پرڪارن کي هن طرح ظاهر ڪيائين:

”ڀنگڙي ملي، افيم ملي، چرش پڻ ملي، نيڪين ۾ سير لاءِ وري عرش پڻ ملي، آهي اسان جو پير عرش جو ڌڻي، آفيم، ڀنگ، چنڊو ۽ چرش جو ڌڻي، ان جي نظر سان پهچي وڃن جلد عرش تي، ٺوڪر هڻون اسين ٿا زمين جي ته فرش تي، ڇا عرش پر زمين به پيرن مان ٿئي ٿي تنگ، جن جي وزم کان چرش جو اڏري ويو نام تنگ.

”مسلمان“ 2 اپريل 1928ع واري اشاعت ۾ مرحوم مولوي نظاماڻيءَ جو هڪ ڊگهو شعر ”ملا مبين عرشي“ جي نالي سان ڇپيو هو. ان شعر جي تشبيح تي مرحوم ”مخلص“، مولوي صاحب سان مذاق ڪندي چند شعر لکيا هئا جيڪي آخر ۾ ڇپيا هئائين. ان کانپوءِ وري اڄڪلهه جي ”مسٽر“ جو نقشو چٽيو هئائين.

”مري ملان ٿين مٽ ۽ پٽي ڏاڙهيون ٿا ڪن پولو
جڏهن دعوت مٿي ڪو مال گيهه ۾ تربتر هوندو.
ڏيڻ سيري تي سر پنهنجو سعادت ٿا سدا سمجهن
چوي ملان ته منهنجي لحد لئي رنڌڻي جو در هوندو

مڇ ڪوڙ مسٽر

”بنايو مرد مولا پر هٿن سان هيجڙو بڻجي،
پري کان مڙس وڃ ويجهو ته کدڙن کان بتر هوندو،
بوقت صبح جنهن شيءِ جي تمنا ٿا رکن اول،
رهي پاڪي ٿي هٿ ۾ آئينه زير نظر هوندو،
سوا ڏاڙهي جي مردن ۾ ۽ زالن ۾ تفاوت ڇا،
رئو هنجي مٿي تي هيٽ هنجي زيب سر هجي
مخالف سي سراسر ٿا ٿين قانون قدرت جا،
قيامت ۾ هنن جي لئه عذاب ايشور هوندو.“

 

پان جي باري ۾ به طنز ٻڌو:

”مزي جهڙو ٿيو آهي سائي پان ۾ رولو،
وڃائي رنگ قدرت جو وجهي دندان ۾ رولو،
بظاهر سبز ٿيو ليڪن به باطن خون سان ڀريل،
وجهي لالائي ان جي لعل ۽ مرجان ۾ رولو“

 

فيشن جي باري ۾ چند اشعار ملاحظه ڪريو؛:

”پئرس و لنڊن مان نڪري هند ۾ اڄ سير لاءِ،
ڪاليجن جي نوجوانن ۾ ٿيو تنهنجو مقام،
وار ٿيا ڪڏهين مٿي تي چٽ ڪڏهين ڏاڙهي مڇون،
پڻ ڪڏهن عينڪ جي صورت ۾ ٿئي چشم انام.
هندو ۽ مسلم جي صورت ۾ به جڏهين ٿئي تميز،
بندگي ڪنهن کي ڪريون اڄ ۽ ڪريون ڪنهن کي سلام.
دين ايمان نقد ٿيو سڀ تنهنجي قدمن تي نثار،
سر به ٿئي صدقو جڏهين تنهنجو ڏسون ٿا خوش خرام.
ٿيو يقين ڪامل ڪندين تون جهٽ اميرن کي فقير،
ورهه ڏهه ويهه جيڪڏهن تنهنجو هتي ٿيندو مقام.
آهي ناممڪن ڪيو هن تنهنجي نيرنگيءَ جي وضع،

با مسلمان الله الله، با برهمڻ رام رام.

 

ان زماني ۾ ٻيڙي ۽ سگريٽ جو رواج شروع ٿيو هو جنهن کي نئين وقت جي خراب علت تصور ڪندي، ان جي نقصانن کي ظاهر ڪندي مرحوم ”مخلص“ هن طرح لکيو:

”ويو ملڪ ۾ وڌي اڄ سگريٽ پان ٻيڙي،
انسانيت جو سمجهن بلڪل ٿا شان ٻيڙي،
مجلس جو زيب زينت ٻيڙيءَ سوا نه آهي،
محفل جو شان شوڪت ٿي بي گمان ٻيڙي،
تهذيب يورپيءَ جو ٻيڙيءَ ۾ راز مضمر،
شائستگي جهان جو ٿي داستان ٻيڙي،
هڪڙي ٿئي ٿي پوري ان مان ٿا ٻي دکائن،
هر هر گهري ٿو تن جو گويا دهان ٻيڙي
ڏاها چون ته ٻيڙي قاطع حيات آهي،
جهٽ پٽ ڪري فنا ٿي هر ڪنهن جي جان ٻيڙي
ٻيڙي پيئڻ سان گڏ ٿئي بدبوءِ وات ۾ ٿي،
نفرت جو آه باعث اڄ الامان ٻيڙي.
ٻيڙي پيو نه يارو، ٻيڙي بري بلا ٿي،
انسان تي اچي ٿي لاريب سا قضا ٿي.“

 

ان زماني ۾، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي واري تحريڪ زور هئي. مسلمان علحدگي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ هندو مخالفت ۾. سنڌي مسلمان نهايت جذبات ۽ جوش ۾، هن تحريڪ سان وابسته ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجي طرفان سمورين صلاحيتن جو مڪمل استعمال ان مقصد لاءِ ڪري رهيا هئا. ان سلسلي ۾، نومبر 15 کان 19، 1936ع تائين سنڌ آزاد ڪانفرنس منعقد ٿي هئي جنهن ۾ ”مخلص“ مرحوم هڪ دعا نظم جي شڪل ۾ في البديهه ٺاهي پڙهي هئي ۽ پهريون نمبر انعام حاصل ڪيو هو. ان طويل نظم ۾ به، ”مخلص“ مرحوم، هندن تي طنزيه انداز ۾ چوٽ هنئي هئي. چوي ٿو:

”اهو راحت فزا آهي مليو الهام سنڌڙي کي،
ڪري سو فتح وارا آخر الانجام سنڌڙي کي،
نظر بد سان ڏسي جو دشمن اسلام سنڌڙي کي،
ڪري ڀائي ڀڄن ڀڄندا چئي هرنام سنڌڙي کي،
ڪري ڪوشش دل وجان سان ته سنڌڙي جلد صوبو ٿئي،
نه پرواهه جي مخالف ڪو کٽڻ ۽ سيٺ خوبو ٿئي.“

ان دور جو ٽيون ۽ اهم طنزيه نثر ۽ نظم جو لکندڙ هو مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي، جنهن جا جواهر پارا سندس اخبارن ”نوراسلام“ ”طيراً ابابيل“ ۽ ”مرغ فلڪ“ جي صفحن تي پکڙيا پيا آهن. انهن اخبارن ۾، جتي سنجيده صحافت جون جهلڪيون ملن ٿيون، اتي تفريحي هجو ۽ طنز جا اهڃاڻ به عام نظر اچن ٿا. مولوي صاحب به مرحوم ”مخلص“ وانگر مخالفن کي خوب لتاڙيندو هو ۽ قلمي قوت سبب غلبو حاصل ڪري وٺندو هو. انهن خوبين ۽ خصوصيتن جي ڪري، مولوي صاحب جون اخبارون ٿوري ئي وقت ۾ بيحد مشهور ۽ مقبول ٿيون. خود اخبار نويسيءَ دوران ڪهڙن مسئلن ۽ معاملن سان دوچار ٿيڻو پوي ٿو، ان جو ذڪر نظاماڻيءَ صاحب جا قلم جو ئي ڪمال آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي. ”نور اسلام“ 16 جولاءِ 1929ع واري اشاعت ۾ ”سير بستان“ جي عنوان هيٺ هي احوال قلم جي سپرد ڪيائين:

 

”بعض اوقات صحافت نگاري جون مشڪلاتون ۽ ان جون نيرنگيون طرفه تماشو بڻجي وڃن ٿيون. اول ته صحافت نگاري جون ذميواريون ئي پل صراط تي هلڻ کان گهٽ نه آهن. ٻيو مضمون نگارن جون مهربانيون هميشه جگر تي ڇري هلائڻ لاءِ تيار ٿيون رهن. هر مضمون نگار ائين گهري ٿو ته سندس قلم اعجاز رقم کان جيڪي به نڪري ٿو سو من و عن اخبار جي ڪالمن ۾ درج ٿيڻ گهرجي. ائين نه ڪرڻ ۾ آيو ته هو حد چراغ پاٿي بابجا ايڊيٽر جي شڪايت ڪندو رهي  ٿو ته ڏسو ميان اسان جي مضمون جو خون ڪري ڇڏيائين. يا جيڪڏهن ڪو مصلحتاً نه شايع ڪيو ويو آهي ته انهيءَ جرم ۾ اخبار جي معاونت کان دست ڪشي جو عتاب نازل ٿي وڃي ٿو. وري جيڪڏهن ڪو مضمون اهڙو شايع ٿي ويو جنهن سان ايڊيٽر کي ڪابه دلچسپي نه هجي مگر اهو ڪنهن مجبوري کان يا ڪن ضروري سببن جي بنا تي درج ڪرڻ ۾ آيو ته ان کي مجنونانه بڪوات سان منسوب ڪري ايڊيٽر جي خوب چمڙي اتاري وڃي ٿي. مطلب ته جريده نگاري جون دقتون مندرجه ذيل شعر جي حسب حال آهن:

 

درميان قعر دريا تخته بندم کردهُ
باز مي کوئي که دامن زمکن هشيار باش

 

وري اچو ٻئي پهلو تي. ايڊيٽر پنهنجو ميٽر لکي حوالي ڪري پريس جي. اتي وري ڪمپوز جون نيرنگيون بعض اوقات اخبار جي ناظرين لاءِ ڪشت زعفران يا ديوار قهقهه جو ڪم ڏين ٿيون. جنهن وقت سمجهدار اصحاب آهن سي ته کلي کڻي ماٺ ڪندا مگر جن يارن جون اکيون هميشه انهيءَ شڪار جون منتظر آهن ته ڪو نڪته چيني جو موقعو ملي، سي پنهنجي قابليت جو سڪو خريدارن جي دلين تي ڄمائڻ لاءِ ڇا جو ڇا ڪري ٿا گذرن. مثال لاءِ نورالسلام نمبر 4 ڪالم ٻئي ۽ سٽ 18 تي اصل لفظ ”بغرض تبادله“ ته لکيو پيو آهي ”بفرحت تبادله.“ خير اهڙيون غلطيون ته در گذر. اڳئين هفتي واري غزل جي سٽ 4 ۽ مصرع 2 جو پهريون اکر ”نه“ جي بجاءِ ”ته“ داخل ٿي ويو آهي. تنهن ته معنيٰ جي لحاظ سان ايڊيٽر جي اهڙي مٽي مردار ڪئي آهي جو عمر تائين ياد ڪندو رهندو.

 

بهرحال ”الانسان مرڪب من الخطا و النسيان“ ڪمپازيٽر خواه ايڊيٽر به انسان آهن پوءِ بحيثيت انسان جي هنن کان غلطين جو سرزد ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. تنهنڪري ناظرين ڪرام کي گهرجي ته پنهنجي ڪنهن مراد پوري نه ٿيڻ تي رنجم اولم جو اظهار ڪرڻ جي بجاءِ ”ارا مروا بالغو ڪراما“ کي ملحوظ خاطر رکي معاف ڪندا رهندا.“

مولوي صاحب مرحوم جي مزاحيانه تحرير جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ”نورالسلام“ 12 مئي 1929ع واري اشاعت اسان لاءِ محفوظ ڪيو آهي:

”ڇا اوهان کي خبر نه آهي؟

ظرافت جو ٽڪرو مٿي تي کڻي حضرت عرشي (1) صاحب آسمان تان نزول فرمائي اچي ميدان صحافت ۾ لٿا آهن ته چئني طرفن کان هپ هپ هرا  جون صدائون بلند ٿي ويون آهن. ڇو نه ٿين؟ شهسوار به ڀانيو ٿا ته ڪير آهي جناب (اڙيءَ درياءَ ڏٺو اٿئي ڇا؟ نه نه ڀليس.) جناب ميان ملامبين جي ڪڪڙاندين جنهن جي قيمت قلم شاعري ۾ اهي اهي لانگها لتاڙيا آهن جو بايد و شايد ۽ هن جي مرغي پنهنجي اذان ۾ اهي سر آلاپيا آهن جو فونو ته ٺهيو پر ريڊيو جي وسيلي به نه ٻڌا هوندوء. گهر ويٺي هر هفتي دلچسپ مضامين، شاعرانه ڇيڙوڇاڙ ۽ مسامي ڪٻرين جي ٽيئان ٽيئان ٻڌڻ گهرو ته اڄ ئي صاحب بهادر جي مهمانوازي لاءِ ڪمربسته ٿي وڃو.  خدانخواسته هو عاري ڪرب آهي ئي نه، بلڪل ڪم خوراڪ آهي يعني 365 ڏينهن ۾ فقط چاندي جا چار تمغا ملاقات لاءِ وٺندي. (1) مشتهرين سندس سايهء عاطفت ۾ اچڻ گهرڻ ته درخواستون عرض رکن.

شاهان چه عجب گر بنوارتد گدارا

ايجنٽس: اگر ثواب دارين حاصل ڪرڻ چاهين ته هي موقعو هٿان نه وڃائين.

رازدار: جيڪڏهن همراز ٿيڻ جي تمنا رکن ته هن ائڊريس تي ملاقات جو ڪارڊ حضور اعليٰ ۾ پيش ڪن. مگر بلڪل سچائي ۽ صاف گوئي کان ڪم وٺن نه ته ملا صاحب جو گسو (غصو) الاجي ڇا ڇا ڪري گذرندو.

ائڊريس:

واقع عرش معليٰ

 


(1)  ”سنڌي ساهت سڀا“ جو پٿرو نمبر 3، ص- 4، مهاڳ بقلم منوهرداس ڪوڙو مل، سيڪريٽري سڀا.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي، ص- 371.

(1)  منهنجي نماڻي راءِ ۾، اها حيثيت هن کي نه رڳو مسلمانن ۾ پر سڀني سنڌين ۾ حاصل هئي انهن ۾ هندو به شامل هئا.

(1)  ”مزاحيات“ شمس الدين ”بلبل- مقدمو بقلم غلام محمد گرامي- ص، 74.

(1)  ”مزاحيات“- مقدمو: مرحوم غلام محمد گرامي، ص- 75.

(1)  ”جام جم“- شمس الدين ”بلبل“ ص- 88- 89.

(1)  مولوي صاحب مرحوم ”عرشي“ نالو به پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو آهي.

(1)  جيڪو سندس اخبار جو ساليانو چندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org