سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 4

صفحو : 9

جن زندگي ۾ اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، نه سمجهي، نه عمل ڪيو. سي مٽي کانپوءِ به جيڪڏهن اسان جي آه و فغان تي ڪو عمل ڪري ڏيکارين ته پوءِ به قبر اسان جي سڪل هڏين ۾ ساهه ڦوڪجي ويندو. پر جي زندگي ۽ موت ۾ اسان سان هم نوا نه آهن تن جي فاتح خواني جا به اسان محتاج نه آهيون. اسان جي دلي تمنا پوري ٿي ويندي جڏهن پنهنجي وطن جي خاڪ ۾ ڪا جاءِ ملي ويندي. اهو عرض پنهنجي دوستن کي ضرور ڪنداسين ته قلندر ڪٿي به مري پر هن کي دفن ضرور سندس وطن جي خاڪ ۾ ڪجو. جنهن پاڪ وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءِ لاءِ ساري زندگي ڀٽڪندي گذري وئي ان جي خاڪ ۾ منهنجي لاش کي دفنايو وڃي ته ان کان مٿي ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي. قبر ۾ به روح جي اها ئي صدا رهندي ته خدايا جن منهنجي وطن کي ڄاڻي واڻي پنهنجي ذاتي وڏائي ۽ خودغرضي خاطر ويران ڪيو آهي، تن کي تون به ٻنهي جهانن ۾ ويران ڪر.

 

سنڌ غوطا کائي غرق ٿي رهي آهي. پاڻي مٿن کان چڙهي ويو آهي. ان کي ٻڏڻ کان جنهن نه بچايو، غريب سنڌڙي ۽ سنڌين کي مفلوب ٿيڻ کان نه بچايو، منهنجي قوم کي ظلم، رشوت خورن ۽ غلامي کان جنهن نه بچايو، تنهن لاءِ قلندر جي دل مان زندگي خواه موت ۾ ڪهڙي دعا نڪري سگهندي؟ والله! جو سنڌ کي خوش نه رکندو، سو ڪڏهن به خوشي جي زندگي نه گذاريندو..... دنيا کي قلندر جي ضرورت آهي. پر پنهنجو جهان پائمال ٿي رهيو آهي. هزارن ورهين جي مٺڙي تهذيب ۽ ٻولي ختم ٿي رهي آهي. قومي رهبرن کي ميمبري ۽ وزارت جي ضرورت آهي ۽ نه سنڌ جي. اي جاهلو! ۽ ظالمو! جڏهن سنڌ نه رهندي تڏهن وزارت ۽ مميبري توهان کي ڪهڙي ڪم ايندي؟ مڪاني ۽ غيرمڪاني دربدر ٿي رهيا آهن ۽ پاڻ کي تباهه ڪري رهيا آهن. رحم ڪريو، رحم ڪريو. مخلصيءَ کي ظلم کان ڇڏايو. پاڻ کي بچايو. ڪراچي ۾ ميزبان مهمان ٿي چڪو آهي. پنهنجي ديس ۾ پرديسي ٿي ويٺو آهي. ڇا سنڌ ۾ توهان غير سنڌي ٿيڻ ٿا گهرو؟ سنڌ نه رهندي ته ڪير رهندو؟ جنهن گهر ۾ پنج ماڻهو رهي سگهن ٿا تنهن ۾ 50 نه ٿا رهي سگهن جنهن شخص کي پنجن ڄڻن کي کارائڻ جيتري آمدني آهي، سو ساڳئي آمدني مان 50 ڄڻن کي ڪهڙي ريت کارائي سگهندو؟ جو پرڳڻو پنجاهه لکن جي بک ۽ بيڪاري، بيماري ۽ دک درد، جهالت بدامني، اٽي لٽي ۽ اجهي جو تدارڪ ڪري نه ٿو سگهي، سو وڌيڪ آباديءَ جو ڪهڙو بندوبست ڪري سگهندو؟

توهان جي بزدلي ۽ خودغرضي تر ۾ قيامت برپا ڪندي، ڏڪار آڻيدي، بدامني ڦهلائيندي، بداخلاقي پيد اڪندي، وبائون نازل ڪندي، سنڌ ۾ جديد باشندن جي تباهي جو باعث ٿيندي، جيڪڏهن کوکرا پار وارو دروازو بند نه ڪندئو؟ توهان شخصي خود مطلبيون ۽ نفاستون ڇڏي ڏيو ۽ مفتق ٿي هاڻوڪين حالتن جو مقابلو ڪريو ۽ موجوده مسائل جو حل تلاش ڪريو. قلندر کي اطمينان سان مرڻ ڏيو ۽ مرڻ کان اڳ خوشخبري ڏيو ته سنڌ زندهه آهي، سنڌي مسلمان زنده آهن. پر افسوس! صد افسوس! اڄڪلهه ڪنهن جو نقارو وڄي ٿو ۽ ڪنهن جو سڪو هلي ٿو؟ رياست ۽ سياست ۾، وزارت ۽ حڪومت ۾، صحافت ۽ تجارت ۾، بازيگرن ۽ مدارين جو زور آهي. صبح شام نئون ناٽڪ ۽ نئون کيل، يٽن سٽن، ڏٽن، شٽن جي دور ۾ وسويل عوام حيران ۽ پريشان. امن ۽ آسودگي انصاف ۽ خوشحاليءَ جو نالو وڃي بچيو آهي. غريب سنڌڙي لوڏن ۾ آهي. ڪير آهي ان کي بچائڻ وارو؟......“

 

اهڙو حق گوءِ ۽ صاف دل صحافي، اسان کي الله تعاليٰ مرحوم شيخ صاحب جي شخصيت ۽ شڪل ۾، عطا ڪيو هو. سنڌ جي سياست هجي يا صحافت شيخ صاحب جون خدمتون لازوال رهنديون. ان کان علاوه شيخ صاحب مرحوم سنڌيءَ جي ڪن ڪتابن جهڙوڪ ”تاريخ اندلس“ ۽ ”مسلم قومون ۽ سندن حقوق“ وغيرهه جو مصنف پڻ آهي. الله باقي ٻيو ڪل فاني. سنڌ جي هيءَ محبوب ۽ مقبول شخصيت، حيدرآباد ۾، 24 مئي 1978ع تي، اسان کي الوداع چيو ۽ پنهنجي مالڪ حقيقي سان ملا قي ٿيو.

11- مرحوم مولانا دين محمد وفائي

مرحوم مولانا دين محمد وفائي جي نالي وٺڻ سان، هڪدم ”الوحيد“ ۽ ”توحيد“ اخبارون دل تي تري اچن ٿيون. الوحيد سان، مرحوم وفائي 23 سال منسلڪ رهيو. شروع کان ئي، جيئن اخبار جاري ڪئي وئي تيئن مولانا مرحوم کي اخبار جي ادارتي عملي ۾ شامل ڪيو ويو. 11 فيبروري 1926ع کان، کيس اخبار جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ مختلف ميعادن لاءِ بحيثيت ايڊيٽر جي به ڪم ڪيائين ۽ آخر 1943ع ڌاري، ناسازگار سياسي حالتن سببان، ان کان علحدگي اختيار ڪيائين.

الوحيد اخبار جي نيپاج ۽ ترقيءَ ۾، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي کانپوءِ، مولانا دين محمد وفائي مرحوم جو مقام آهي بلڪه جيڪڏهن ائين چئجي ته ادارتي اعتبار کان مرحوم وفائي، مرحوم سنڌيءَ کان به اهم حيثيت والاري ٿو ته ان ۾ ڪو مبالغو به نه آهي. ڇاڪاڻ ته شيخ صاحب گهڻي ڀاڱي هن اخبار جي تنظيمي معاملن سان زياده وابسته رهيو بنسبت تحرير جي جيتوڻيڪ ڏکين ۽ اهم موڙن تي، اهو طرف به کيس سنڀالڻو پيو ٿي. ان جي برعڪس، مرحوم وفائي هن اخبار جي ادارتي اسٽاف تي گهڻو وقت مامور رهيو ۽ تحريري دنيا ۾، الوحيد کي اڳتي وٺي هلڻ ۾ سندس ڪردار نهايت اهم رهيو آهي.(1) ڪيترن ڄاڻن جو ته هيءُ چوڻ آهي ته الوحيد جو ”سنڌ آزاد نمبر“، تحريري طرح، مرحوم مولانا دين محمد وفائي جي قلمي ڪاوش جو مرهون منت آهي.

مان ذاتي طرح ته، مولانا وفائي جي عالمانه ۽ اديبانه حيثيت جو ان حد تاءِ قائل آهيان ته سندس علمي راءِ مستند سمجهندي، ان بنياد تي مون سنڌي صحافت جي پهرئين ۽ ٻئي دور جي حدبندي ڪئي آهي. مٿي ٻڌايو ويو آهي ته مولانا مرحوم 1935ع ۾ هڪ ادبي ميڙ اڳيان اهو ظاهر ڪيو هو ته ان کان 25 سال اڳ، هندو توڙي مسلمان ليکڪن جي سنڌي تحرير جو طور طريقو ساڳيو هوندو هو ۽ ان کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي اديبن ۽ لکندڙن پنهنجي پنهنجي تحريرن ۾ سنسڪرت، فارسي ۽ عربي الفاظ اجائي اينگهه ۽ ڪمهلي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪيا. نتيجي ۾ سنڌي ٻولي بگڙڻ لڳي. ان حساب سان، مون، سنڌي صحافت جي پهرين دور کي 1910ع تي ختم ڪيو آهي ۽ ٻئي کي 1911ع کان شروع ڪيو آهي. مولانا مرحوم جو مقام منهنجي نظر ۾ ڪيترو مٿانهون آهي، ان جو اهڃاڻ ۽ اعلان منهنجي رها رٿابندي ڪري رهي آهي.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مولانا مرحوم فارسي ۽ عربي زبانن جو به سٺو ڄاڻو هو مگر سندس عظمت جو اهڃاڻ، منهنجي نظر ۾، سندس سنڌي زبان دانيءَ ۾ پوشيده آهي. مرحوم وفائي جي سنڌي عبارت، سٺي، سهڻي ۽ سيلس آهي، ڄڻ ته ارادي طور تي، ان کي عام فهم بڻايو ويو آهي، حالانڪه ائين نه آهي. سندس زبان داني واري حقيقت ئي اهڙي ڳالهه هئي جنهن جي نتيجي ۾، مرحوم وفائي جڏهن به قلم کنيو ته سلسلي، سڀڪ ۽ شسته سنڌي ۾ ڪاغذ تي ڪر کڻي بيٺي ڪٿي ڪٿي، مرحوم مولانا صاحب سنڌي فارسي ۽ عربي الفاظ جو امزاج به آهي ليڪن اهو اهڙو ٺهندڙ ۽ دل کي وڻندڙ آهي جو ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڌاريائپ جو تاثر نه ٿو ڏئي.

مولانا دين محمد وفائي جا ميدان صحافت، ادب، تاريخ، مذهب ۽ سوانح رهيا آهن. انهن سڀني صنفن ۾، مولانا ذري گهٽ يگانه روزگار نظر اچي ٿو. لکڻ ۾ ايڏي رواني ۽ آساني ۽ زبان تي ايڏو عبور اٿس جو پڙهندڙن کي پاڻ سان، خيال ۾ گڏ وٺي هلڻ جو ڪم هن جي خصوصيت بڻجي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس هر پڙهندڙ مولانا وفائي جي خيالن مان خرچيندو، کاپيندو ٿو هلي ۽ اهڙي طرح بوريت کان بنهه آزاد ۽ دلچسپيءَ جي دائره اثر جو قيدي ٿي پوي ٿو.

 

”سنڌي زبان، جي تايخ“ جهڙي اهم عنوان تي، مولانا دين محمد وفائي مرحوم، حيدرآباد ۾ هڪ ميڙ ۾ مضمون پڙهيو هو جيڪو الوحيد جي آزاد نمبر ۾ ڇپيو هو. ان مان اسان هتي ڪي اقتباسات، مرحوم مولانا جي سنڌي داني لاءِ ثبوت طور، پيش ڪري رهيا آهيون. پڙهندڙ پاڻ منصب بڻجن:

”......... سمن جي بلڪل پوئين حاڪم فيروز خان جي وقت ۾، اسان کي ٺٽي ۾ هڪ مشهور صوفي عالم فاضل قاضي قاضن نظر اچي ٿو(وفات 958هه) جنهن جو سنڌي ڪلام بيان العارفين جي ذريعي اسان تائين پهتو آهي. انهي ڪلام مان پهريون دفعو اسان جهوني سنڌي زبان جي اصليت کان واقفيت حاصل ڪري سگهون ٿا.

 

”اهو سمن جي پڇاڙي ۽ ارغون گهراڻي جي شروعات کان پوءِ جڏهن ارغون گهراڻي جي وارثن ترخان خاندان تي هندستان جي مغل اعظم جلال الدين اڪبر ڪاهون ڪرايون ته ان زماني ۾، مخدوم نوح عليه رحمته (وفات 998هه) جو تمام ٿورو سنڌي ڪلام ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ ساڳئي زماني ۾، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي هڪ عربي زبان ۾ رسالو لکيو آهي جنهن جو نالو آهي ”حل العقود في طلاق السنود“ جنهن ۾ سنڌي زبان جي انهن جملن ۽ لفظن تي بحث ڪيل آهي جن سان طلاق پئجي وڃي ٿي. انهيءَ رسالي مان هيءُ به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسلام جي ڏهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ ۾ سنڌي زبان ڪيئن ڳالهائي ويندي هئي. ان کانپوءِ مخدوم نوح عليه الرحمته جي معتقد ۽ تربيت يافته سيد عبدالڪريم بلڙي واري جي سنڌي ڪلام شهرت حاصل ڪئي. هي شايد سڀ کان پهريون بزرگ آهي جنهن جو سنڌي ڪلام قلمبند ٿيو هجي. جيئن ته شاهه صاحب عليه الرحمته جي سوانح عمري بيان العارفين فارسي زبان ۾ لکليل آهي تنهن ۾ سندس سنڌي صوفيانه شعر فارسي ترجمي سميت درج ٿيل آهي.

 

ان کانپوءِ، ستت ئي سنڌ جو لاڳاپو دهلي کان ٽٽي ڪنڌار سان ٿيو ۽ هندستان ۾ اسلامي بادشاهت جي زوال جا اهڃاڻ نظر اچڻ لڳا. اسان جي سنڌ ۾ به بلوچن ۽ ڪلهوڙن جا پاڻ ۾ جهڳڙا شروع ٿي ويا. انهيءَ زماني ۾، سنڌي زبان جا ڪيترا بلند پائي جا شيرين مقال شاعر نظر اچڻ لڳا. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به سلطنتن جو زوال شروع ٿيندو آهي تڏهن قومن ۾ نازڪ خيال شاعر ۽ اعليٰ خيال فلسفي وجود ۾ ايندا آهن. سنڌ جي اسلامي سلطنت جي زوال واري زماني ۾ هجري جي ٻارهين صديءَ ۾ اوهان ڏسندا ته سنڌي زبان جو جياريندڙ ۽ ان کي رواج ڏيندڙ سڀ کان وڏو فاضل، عارف، عالم مخدوم محمد هاشم صاحب ٺٽوي هو، جنهن ڪيترائي ڪتاب انهيءَ زماني جي چالو زبان ۾ لکي سنڌ وارن تي هڪ وڏو احسان فرمايو. ساڳئي وقت ۾، اوهان کي مخدوم صاحب جي چوءطرف سنڌي شاعرن جو هڪ وڏو حلقو نظر ايندو، جيئن ته مخدوم ضياءَالدين ٺٽوي، علام معين ٺٽوي، فقير عبدالرحيم گرهوڙي ۽ سندس مرشد پير محمد زمان لواري، ميان محمد حسين ٺٽوي ۽ سنڌ جو سدا جيرئو شاعر سيد عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمته ۽ ٻيا ان زماني جا بزرگ آهن. جڏهن سنڌ ۾ اسلامي حڪومت چراغ سحري وانگر ٽمڪي رهي هئي..........“

 

مرحوم مولانا وفائي بنيادي طرح هڪ ديني عالم ۽ مبلغ هو. ان ڪري ان جي صحافت به ديني نوعيت جي هئي. پر ساڳئي وقت مولانا وفائي وسيع مطالعو کيس ان محدود دائري ۾ نه رکي سگهيو. الوحيد اخبار ۾ رهڻ دوران، هن کي اسلامي سياست ۽ عالمي مسائل سان واسطو پيو. ازانسواءِ هندستان ۾ ان وقت آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجهد به گهڻو ڪجهه فراهم ڪيو. ان عرصي دوران پنهنجي اخبار توحيد جاري ڪري چڪو هو، جنهن ۾ وڌيڪ کليل انداز ۾، مولانا وفائي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو هو. مولانا جي ويچارن کي صحيح طرح سمجهڻ لاءِ، سندس ”توحيد“ جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. شروع واري عرصي ۾ خلافت تحرڪ دوران قومپرستي واري سوچ مولانا تي به غالب هئي ليڪن ان وقت به حق جي ڳالهه ڪرڻ ۾ وفائي صاحب ڪڏهن به پٺتي نه پيو. سنڌ جي علحدگي ٿي ليڪن هندن جا اهي ئي لاٽون ۽ اهي ئي چگهه ڏسي، وفائي صاحب مسلم ليگ طرف مڙيو ٿو ڏسجي. وري آخري ايام ۾ يعني 1940ع کان پوءِ ٺيٺ قومپرستيءَ جو قائل ٿي پيو ۽ کيس سنڌي عوام جي مخصوص ۽ اهم ڪردار جي ادا ڪرڻ جو احساس ٿيو هو. ان زماني ۾، مولانا وفائي الوحيد کي ڇڏي، مرحوم الله بخش سومري جي جاري ڪيل اخبار ”آزاد“ جي ادارت وڃي سنڀالي هئي. اهو اُهو زمانو هو جڏهن مرحوم مولانا عبيدالله سنڌي به جلاوطنيءَ جا ڏينهن پورا ڪري، سنڌ ۾ واپس آيو هو.

ان کان اڳ، 1938ع ڌاري، مولانا مرحوم، ”توحيد“ جي ذريعي، مسلمانن کي سياسي تربيت ڏيڻ جي ارادي سان، قلم کي خوب وهايو ۽ هندن جي شرارتن کان انتباهه ڪندي، ملسم ليگ جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندو هو. ان سلسلي ۾، اسان توحيد جي سيپٽمبر 1938ع واري اشاعت مان ”ملاحظات“ جي لاءِ ڪي اقتباس ڏيون ٿا جيڪي ان وقت جي حالتن تي روشني وجهڻ سان گڏوگڏ مولانا وفائي جي سياسي سمجهه ثابت ڪن ٿا.

ملڪ جي سياسي حالت: اگرچ ”توحيد“ هڪ نج مذهبي، علمي ۽ تاريخي رسالو آهي جنهن جي زندگي سياسي جهڳڙن ۽ ان تي نڪته چيني کان گهڻو ڪري پاڪ رهي آهي، مگر موجوده زماني ۾ جنهن نموني ۾ سياسيات جي ملڪ ۾ اٿل پٿل ٿي رهي آهي ۽ دنيا وارا جنهن ميدان ۾ تڪڙو تڪڙو قدم کڻي رهيا آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته ”توحيد“ جي ناظرين سامهون به حالات حاضره بابت ڪجهه معلومات جو ذخيرو رکيو وڃي.

هندستان جون ٻه قومون: هندستان ۾ هن وقت سڀ کان وڏيون ٻه قومون رهندڙ آهن: (1) هندو (2) مسلمان. اگرچ انهن کان سواءِ پارسي، ڪرستان ۽ اڇوت به هندستان ۾ رهن ٿا، مگر اڇوتن کي مهاتما گانڌيءَ جون ڪوششون هندو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. باقي پارسي ۽ ڪرستان، سي تمام ٿوري تعداد ۾ رهن ٿا ۽ آهن به نهايت مضبوط پوزيشن ۾، تنهنڪري ايندڙ ۽ موجوده سياسي طوفان جي ڇولين کان هو هر طرح محفوظ آهن.

 

دنيا ۾ جنگ عظيم کانپوءِ جيڪو قومن جي انقلاب جو طوفان کڙو ٿيو آهي، ان ۾ نه فقط ننڍيون ننڍيون قومون وهي هليون آهن پر ڪيتريون سلطنتون به اسان جي اکين اڳيان زيربار ٿي چڪيون آهن. روس جو انقلاب، ترڪي جي حيات بعد الممات، افغانستان جي بادشاهه گردي، حبش جي تباهي، چين جو موت جي وات ۾ وڃڻ، هندستان ۾ ستياگره ۽ سول نافرماني کانپوءِ نون سڌارن جو ملڻ، جرمني ۾ هٽلر جو ڌاڪو ڄمائي آسٽريليا جي هڪ جهوني سلطنت کي ڳهي وڃڻ، اسپين ۾ بغاوت جو ڀنڀٽ ٻرڻ، اهي سڀ حالتون اسان جي سامهون ٿي گذريون آهن.

هر هڪ قوم انهن حالتن کي ڏسندي، پنهنجي بچاءَ جو سامان ڪري رهي آهي ۽ خوفناڪ طوفان مان سلامتي سان نڪرڻ گهري ٿي پر فقط هڪ هندستان جو مسلمان ئي آهي جنهن کي اڃا تائين ڪوبه پتو ڪونه آهي ته دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي ۽ کين انهيءَ راهه ۾ ڇا ڪرڻو آهي.

 

هندستان جو هندو: هندستان جو هندو سموري حالات کان پورو واقف ٿي چڪو آهي. هو انقلاب جي طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار ٿي چڪا آهن. هندو انقلابي طوفان جي سمنڊ کي پار ڪرڻ لاءِ پنهنجا زبردست ٻيڙا تيار ڪري چڪا آهن. هڪ آهي ڪانگريس ٻيو آهي مهاسڀا. هو انهي ٻنهي ٻيڙن ۾ سوار ٿي چڪا آهن. هو انقلابي طوفان مان انهن جي ذريعي پار پوڻ گهرن ٿا. اڄ ڏسو ته هندستان جي ڪنهن به گوشي ۾ جيڪڏهن ڪنهن به هندو کي هڪ تر جيترو به ايذاءُ پهچي ٿو ته اتي مهاسڀا ۽ ڪانگريس جا ليڊر موجود ٿي وڃن ٿا ۽ پوري طاقت سان قوم جي لهر هڪ فرد جي بچاءُ ۽ مداخلت لاءِ ڪمربسته نظر اچن ٿا. مهاسڀا جو ته مقصد ئي هڪ آهي ته مسلم قوم جي ناپاڪ وجود کان سرزمين هند کي پاڪ ۽ صاف ڪيو وڃي. مهاسڀائي ليڊر مسٽر ساورڪر ۽ ڊاڪٽر مونجي پارا بار بار اهڙا لفظ کلي طرح پنهجن تقريرن ۽ تحريرن ۾ چئي رهيا آهن. هنن جو جيڪو ايمانداريءَ سان ارادو آهي جنهن کي هو ڪنهن به حالت ۾ مخفي نه ٿا رکي سگهن. پر ٻئي طرف ڪانگريس آهي جنهن جي بظاهر ته هيءَ دعويٰ آهي ته هو سڀني قومن لاءِ آهي، پر اندروني طرح سان سندس مقصد هڪ ٻيو رکيل آهي جنهن تان آهستي آهستي پردو کڄي رهيو آهي.

ڪانگريس جا ارادا: ڪانگريس جي گڏيل پوين ڏهن سالن جي تاريخ تي نظر ڪئي ويندي ته صاف طرح نظر ايندو ته ڪانگريس جي سڏ تي جن هندن قربانيون ڏنيون تن جو مقصد جدا هو ۽ جن مسلمانن پاڻ کي جيل جي مصيبت جي حوالي ڪيو تن جا اراد بلڪل جدا هئا. جئن ته هندو هن مراد سان ميدان ۾ آيل هئا ته ملڪ کي ”سوراج“ يا ”رام راج“ نصيب ٿيندو، هزارين ورهيه ٻي وڃايل حڪومت هندو قوم ۾ واپس ايندي. پر مسلمان هن ارادي سان ٽپي پيا هئا ته وطن عزيز آزاد ٿيندو، جنهن ڪري هڪ طرف اسلامي ملڪن کان يورپ جي گرفت هلڪي ٿيندي ۽ ٻئي طرف شريعت اسلاميه جا قانون ملڪ ۾ جاري ٿيندا. گويا شروع کان وٺي ڪانگريس جي سپاهين جا مقصيد جدا جدا هئا، ۽ اتحاد عمل سان گڏ هر هڪ ڪم لاءِ اتحاد نيت جو به تمام ضروري آهي، جنهن کان ڪانگريس سپاهي محروم آهن. 1930ع جي لوڻ واري هلچل کانپوءِ جڏهن گول ميز ڪانفرنس ويٺي، تڏهن فقط اتحاد نيت جي نه هجڻ وارو رولو اچي وچ ۾ پيو ۽ مسلمانن جنهن غرض سان قربانيون ڪيون هيون تنهن جو ثمر يا حصو گهرڻ لڳا جنهن کي ”14 حقن“ سان ياد ڪيو وڃي ٿو. پر ڪانگريس جي هندن ۽ سندن ڪن مسلم چيلن جي اکين تي هندو پرستي جون پٽيون ٻڌل هيون تن انڪار ڪيو. نتيجو هي ٻئي قومون ڪنهن نقطي تي پهچڻ کانسواءِ ولايت مان نامراد ٿي واپس آيون جنهن کان پوءِ پنهنجي مرضي مطابق انگلينڊ جي پارليامينٽ ”انڊيا ائڪٽ“ نالي هڪ قانون پاس ڪري هندستان کي تحفي طور ڏنو نون سڌارن جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

 

نون سڌارن جي جاري ٿيڻ کان اڳ ۾ ، سموري هندستان جي قومن ان جي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، بلڪه ڪانگريس ته 1936ع جي پهرين اپريل کي هڪ ڏينهن ملهائي سموري هندستان ۾ هڙتالون ڪرايون ۽ نون سڌارن جي برخلاف ناراضگي جو اظهار ڪيو. مگر اڳتي هلي ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ مهاتما گانڌي جو هن وقت هندو قوم جو قائداعظم يا زبردست ليڊر بلڪه اوتار جي درجي تي پهتل آهي، تنهن هڪ ئي اشاري اسان سڀني ڪانگريسين کي موڙي ڇڏيو ۽ هو سمورا نون سڌارن کي چنبڙي پيا ۽ آزادي جي لهر ۽ آزاديءَ جي دعويٰ سموري ائين جو ائين رهجي ويئي ۽ اڄ پورن ستن صوبن ۾ ڪانگريس وارا وزارت جون واڳون هٿن ۾ جهلي حڪومت جي نشي ۾ چور نظر اچن ٿا.........“

 

طلاليت جي ڊپ کان، ان مضمون جا وڌيڪ حصا نه ٿا ڏيون ليڪن ان بيان مان به ظاهر آهي ته مرحوم وفائي، ان وقت هندن جي چالبازين ۽ چالاڪين کان ڪيڏو باخبر هو ۽ مسلمانن جو مفاد ڪيترو عزيز هوس. ليڪن ان کان به گهڻو اڳ 1925ع جي ”توحيد“ جي هڪ اشاعت (ماهه جمادي الاول سنه 1343هه) ۾ ”ساڳئي ملاحظات“ واري ڪالم ذريعي لکيو هئائين:

 

”آرام پسند (يعني مسلمان) هن تي غور ڪرڻ جي تڪليف گواره ڪري سگهندا ته سندن مقابلي ۾ سندن پاڙيسري (يعني هندو) پنهنجي قوميت ۽ پنهنجي تهذيب لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن. هندستان ۾ عيسائي قوم مسلمانن جي تعداد بنسبت ڪجهه به نه آهي مگر ان هوندي به هنن جا سوين اسڪول ۽ ڪيترا ڪاليج آهن جي نهايت ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن ۽ ان کانسواءِ سندن مذهب ۽ مقصدن جي پکيڙڻ ۽ اشاعت ڪرڻ لاءِ عيسائين جون 40 پريسون آهن، مگر ان جي مقابلي ۾ مسلمانن ڏي به ڏسو جو ساري هندستان جي براعظم ۾ فقط آل انڊيا مجلس خلافت جي پريس کانسواءِ ٻي ڪابه اهڙي مطبع يا پريس ڪانه آهي جا خاص قومي ڪمن يا مذهب جي اشاعت لاءِ جاري ڪئي وئي هجي.

 

هندو قوم مسلمان بنسبت، تجارت، تعليم، دولت ۽ هنر هر حالت ۾ پوري اوج تي پهتل آهي. بدني طاقت جي جا هن قوم ۾ ڪمي چئي وڃي ٿي، ان جي پوري ڪرڻ لاءِ به هي قوم پوري سرگرمي سان همه وتن ڪوشش ۾ لڳل آهي. هندو مهاسڀا جي زير سرپرستي، سنگهٺن جو قائم ڪرڻ ۽ آکاڙا لڙڻ ۽ رات ڏينهن ورزش ڪرڻ، اهي ساريون حالتون ڏس ڏيئي رهيون آهن ته اها قوم اڳتي هلي پاڻ ۾ جو ڪجهه نقص سمجهي رهي هئي ان جي تلافي ڪري ويندي مگر اوهان ڏسو ٿا ته مسلمان گذريل زماني جي بدني طاقت واري وهم تي مست آهن پنهنجي ايندڙ نسلن جي طاقت قائم رکڻ جو ڪو خيال ڪونه اٿن. حقيقت ۾ بدني طاقت ڪو ورثو نه آهي جو مسلمانن ۾ ضرور هليو اچي. جيڪڏهن هو انهيءَ غلفت ۾ رهيا ته پوءِ کين ڏاڍا برا ڏينهن ڏسڻا پوندا.“

 

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به توحيد رسالو نڪرندو رهيو ۽ سندس تعميري تنقيدن جو اهو سلسلو هلندو هليو. جئن اسان مٿي عرض ڪري آيا آهيون ته مرحوم مولانا وفائي جي صحافت جو مرڪزي نقطو ديني ۽ اسلامي نوعيت جو هو، هن کي جڏهن به ۽ جتي به ڪو اهڙو عمل نظر آيو جيڪو هن جي خيال ۾ مذهبي اصولن جي خلاف ورزي ڪري رهيو هو ته فورن هن قلم کنيو ۽ ان کي درست ڪرڻ جو سعيو ڪيو. ان ۾ مولانا مرحوم ڪنهن کان به خائف نه رهيو. نتيجن جي هن ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي جيڪو سچي ۽ صاف صحافت جو اصول آهي. ان اداريه جو واسطو، ملڪ جي پهرئين وزيراعظم جي بيگم صاحبه سان آهي پر ان جو اقتباس ڏيڻ کي اسان ان ڪري مجبور آهيون جو ائين ڪرڻ سان ”توحيد“ جي تعميري تنقيد جو هڪ پهلو اجاگر ٿئي ٿو. ان لاءِ افسوس ضرور آهي.

ملاحظه ڪريو:

 

”......... اسان جي پاڪستان جي سڀ کان وڏي وزير صاحب جي بيگم صاحبه جي تازي انگلستان پهچڻ وقت لنڊن جي اخبارن سندس جيڪا صفت ۽ ساراهه ڪئي آهي  سا آهي سندس ”من موهيندڙ مرڪڻ ۽ مستانه انداز ۾ مشڪڻ جي“ لکيو ويو ته هو ته بيگم لياقت علي جي مشڪڻ جي ملهه جو ڪو ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن جي بيگم لياقت علي پنهنجي تعريف مان لطف اندوز ٿي هوندي پر ان سان گڏ ڪيترن بوالهوس ريسارين مسلم عورتن جا وات پاڻي ٿيا هوندا ته هاءِ! اسان به هوند ولايت ۾ وڃي پنهنجي ناز نخري جي جلوه نمائي ڪري اخبارن ۾ نالو ڪڍائي اچون.  

بيگم لياقت علي کي وري ڏسو ته هڪ طرف لنڊن ۾ بي پردگي جون نمائشون ڪري پنهنجي واکاڻ ڪرائي رهي آهي ته ٻئي طرف کان وري عراق ۾ پهچي ٿي ته ڪربلا جي زيارت لاءِ ڊگهي چادر ۾ ويڙهجي حاجاڻي سڳوري بڻجي ٻاهر اچي ٿي. اخبارن ۾ سندس ٻنهي قسمن جا فوٽا ايندا رهن ٿا. يورپ جي بدتهذيبيءَ جو بيمار هن شئي کي ڇا به سمجهي پر هڪ سمجهدار ماڻهو ته بيگم صاحبه جي هنن حرڪتن تي حيرت ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهندا. بيگم لياقت علي جڏهن مينا بزار ۾ سگريٽ پيئندي نظر اچي ٿي، جڏهن انگلستان ۾ پنهنجي شڪوه جي صفت ۽ ثنا تي ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپي ۽ سندس هڪ هڪ هنڌ جا فوٽا شايع ٿي رهيا آهن ۽ يورپ جي چپي چپي تي پنهنجي تقريرن ۾ پاڪستان کي اسلامي پردي کان پاڪ ڪرڻ جون دعوائون ڪندي رهي ٿي تڏهن هي وري ڪهڙو نئون نخرو آهي جو عراق ۾ اچي پاڻ کي ڊگهين چادرن ۾ ويڙهي چرندڙ تنبوءِ جي تصوير بڻائڻ گهري ٿي.

 

حقيقت ۾ سخت پردو يا بي پردگي سڀ سرمايه داري جا ڪرشما آهن جن جي دماغ مان انسانيت جون اهي خوبيون سڀ نڪري چڪيون آهن جيڪي اسلام مقرر ڪيون آهن. يقينن سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي حالتون قائم رهيون ۽ پاڪستان ۾ اعليٰ درجي جون عورتون ريل ڇيل رلنديون وتيون ته پوءِ ان جا جيڪي اگرا نتيجا نڪرندا سي ڏاڍا ڀيانڪ ۽ خطرناڪ هوندا. ضرورت آهي ته سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي قديم سنڌي اسلامي روايتن کي قائم رکڻ لاءِ هاڻي ڪوششون جاري رکڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن اسان مان سنڌيت گم ٿي وئي ته پوءِ نه اسلام رهندو ۽ نه انسانيت، پر ٻاهرين آيل ماڻهن جي رنگ ۾ رنگجي حيوان بڻجي وينداسون.“

 

ازنسواءِ ان ”توحيد“ جي وسيلي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، سنڌ ۾ ضعيف الاعتقاد مسلمانن مان غيراسلامي رسمن ۽ رواجن، بدعتن ۽ بدڪارين ۽ انهن کي رائج ڪندڙ مولوين ۽ پيرن جي خلاف، وڏو ڪم ڪيو. ان رسالي ذريعي، وقت جي اهم مسئلن جي اسلامي روشنيءَ ۾ ڇنڊڇاڻ ٿيڻ لڳي، قاديانين کي سوال جواب ڏنا ويا ۽ هندو آريه سماج وارين طرفان مسلمانن کي شڌ ڪرڻ ۽ تحريڪ ارتداد کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي ڪم ٿيو. ان سچي جهاد جو روح روان مرحوم وفائي هو، جنهن جي قلم سان توحيد جو اڪثر مواد هر مهيني نڪرندو هو ۽ صحفن جو سينگار بڻجي پڙهندڙن تائين پهچندو هو.

 

مولانا وفائي جي زندگي جو مختصر احوال هن ريت آهي ته سندس ولادت 27 رمضان 1311 هه (1894) تي ڳوٺ نبي آباد، تعلقه ڳڙهي ياسين ضلعي سکر ۾ ٿي. سندس والد مرحوم جو نالو مولوي حڪيم گل محمد هو. ننڍي هوندي کان ئي، وفائي صاحب گهڻو ذهين ۽ محنتي هو. جنهن ڪري ٻارهن ورهين جي عمر ۾ فارسي نصاب پورو ڪري ڳوٺ کان ٻاهر ديني مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳي ويو. 18 ورهين جي نوخريءَ ۾ فارغ التحصيل ٿيو ۽ لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ سوني جتوئي ۾ پنهنجي استاد مرحوم مولانا غلام عمر صاحب وٽ علم جي پهچ جي پڳ جي ٻڌائين. اهو مولانا غلام عمر حاجي مولانا حسن الله پاشائي جهڙي نيڪ بزرگ ۽ عالم جو شاگرد هو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ٻڌايو آهي ته مولوي وفائي مرحوم جي جڏهن رسم ستاربندي ادا ڪئي وئي ته ان مبارڪ مجلس ۾ حاجي حسن الله بذات خود موجود هو. ان دور ۾ علمي فراغت وقت هي دستور هوندو هو ته ان مجلس ۾ استاد ان فارغ ٿيل شاگرد کي پٽيءَ تي لکيل ”الف ب“ پڙهائيندو ۽ کيس هيءَ نصيحت ڪندو ته تون پاڻ کي ائين خيال ڪر ته نئون علم پرائڻ ويٺو آهين. مولوي وفائي مرحوم کي به حاجي حسن الله ڀٽي اها نصيحت ڪئي. سچ سچ ته مولوي صاحب مرحوم تي ان نصيحت جو وڏو اثر هوندو هو. هو هميشه پاڻ کي هڪ طالب علم ڄاڻندو هو. (1)

 

مولانا مرحوم پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات 1914ع جي لڳ ڀڳ ڪئي ٿي ڏسجي جڏهن هن پنهنجي دوست حڪيم مولانا محمد صادق سان گڏ راڻيپور مان هڪ ماهوار رسالو ”صحيفه قادريه“ جي نالي ۾ جاري ڪيو. رسالي جي اجراء سان مقصد اسلام جي وڪالت ڪرڻ ۽ قاديانين کي ڪوڙو قرار ڏيڻ هو ۽ اهڙي طرح مولانا هڪ طويل تبليغي صحافت جي پروگرام جي ابتدا ڪئي.

ان کانپوءِ 1917ع ۾، مولانا دين محمد وفائي کي لاڙڪاڻي ويجهو ڦلاه شريف ۾ راشدي پيرن جي پٽن کي پڙهائڻ جي بهاني رهڻ جو موقعو مليو جتي چڱو خاصو قديم ڪتبخانو هو جنهن ۾ قلمي توڙي ليٿو ۾ ڇپيل ڪيترائي ڪتاب سندس نظر مان نڪتا. ان وقت ڦلاه شريف جو گادي نشين پير حاجي اميرالدين هو جيڪو پير صاحب چوٿين جهنڊي واري پير ابو تراب سيد رشيدالله صاحب جو ننڍو ڀاءُ هو. ٺلاش شريف مان، مولانا وفائي پير عبدالقادر شاهه راشديءَ جي سرپرستيءَ ۾ 1918ع ڌاري هڪ ٻيو رسالو، ”الڪاشف“(1) نالي سان ڪڍيو.

.

1919ع ۾ خلافت تحريڪ اٿي، جنهن ۾ حصي وٺڻ لاءِ مولانا وفائي درس تدريس جو ڪم ڇڏي ڏنو ۽ الوحيد اخبار جي نڪرڻ تي ان جي ادارتي عملي ۾ شريڪ ٿيو. الوحيد اخبار نڪرڻ کان ٿورو بعد ۾ 6 مهينا کن بند ٿي وئي هئي جنهن ڪري وفائي صاحب دوباره ٺلاه شريف اچي رهيو. وري جڏهن الوحيد تان بندش لٿي تڏهن مولانا  ڪراچي موٽي آيو ۽ اخبار ۾ جبي ووي. ان عرصي ۾ جمعيت العلماءِ سنڌ جي سيڪريٽري پير غلام مجدد سرهنديءَ جي گرفتار ٿيڻ تي وفائي صاحب کي ان جي جاءِ تي سيڪريٽري بڻايو ويو.

1922ع دوران، هندو قوم کي منظم ڪرڻ لاءِ، سوامي شرڌا انند شڌي سنگهٺن جي تحريڪ هلائي جنهن جو مقابلو ڪيترن ئي عالمن ڪيو. سنڌ ۾ ان مقابلي کي منهن ڏيڻ ۾ مرحوم مولانا دين محمد وفائي اهم رول ادا ڪيو.

1924ع ڌاري مولانا وفائي کي ديني خدمت جو سڌوسنئون موقعو هن طرح مليو جو ان وقت هندستان ليول تي هندو آريه سماج وارن جي مٿي ذڪر ڪيل تحريڪ، مسلمانن کي هندو ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. لاڙڪاڻي ۾ سنجوڳي شيخ رهندا هئا، جن مان ڪي ڪمزور ايمان ڪري هن نئين پروپئگنڊا سبب، مرتد ٿيڻ وارا هئا. ان خبر تي، سنڌ جو ديني حلقو سخت پريشان ٿي پيو خصوصاً شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پارا جن نون مسلمانن جي پرگهور ۽ خدمت لاءِ ”انجمن نو مسلمانان سنڌ“ جهڙي هڪ جماعت ٺاهي رکي هئي. شيخ صاحب جي اشاري تي ۽ راڻيپور واري پير جي اعانت سان، مولانا وفائي انهن سنجوڳي شيخن کي ارتداد کان بچائي ورتو. چون ٿا ته ان ڪاميابيءَ سبب، اٽڪل پنجويهه هزار سنجوڳي شيخن پاڻ کي 1931ع واري آدمشماريءَ ۾ مسلمان ڪري داخل ڪرايو. حقيقت هيءَ آهي ته اها بذات خود هڪ وڏي ديني خدمت ڪئي جو مولانا مرحوم سرانجام ڏني.

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته 1923ع ۾ مولانا وفائي ڪراچي مان ماهوار رسالو ”توحيد“ ڪڍيو جيڪو 7 سالن جي وقفي کانسواءِ، 1950ع تائين نڪرندو رهيو. وري 1926ع ۾ پير حزب الله شاهه راشدي پاران سکر مان ”الحزب“ هفتيوار اخبار جاري ڪرڻ تي، مولانا وفائي ان جو ايڊيٽر بڻيو. هيءُ رسالو سنڌي زبان ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو ليڪن ڪن دشوارين سبب گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيو. ان کان پوءِ مولانا وري الوحيد ۾ موٽي آيو ۽ ان سان وابسته رهيو. 1942ع ۾ جڏهن مرحوم الله بخش سومري ڪراچي مان روزاني ”آزاد“ اخبار جاري ڪئي ته مولانا وفائي ان جو ايڊيٽر ٿيو جنهن بعد هفتيوار شڪل اختيار ڪئي ۽ هن وقت تائين سندس فرزند محترم علي نواز وفائي ڪڍندو اچي.

مولانا وفائي جون علمي ۽ ادبي خدمتون به بي شمار آهن. هن ڪل 60 لکن ڪتاب لکيا جن ” ”الهام باري“ (صحيح بخاري جو ترجمو) لطف اللطيف، ياد جانان (مرحوم جان محمد جوڻيجي جي سوانح) زندگي جو مقصد، الختم عليٰ فم الحضم (ردقادياني) قرآني صداقت (ردآريه) شامل آهن. ان کانسواءِ هڪ قادياني مولوي فيض الڪريم جي پاران، انگريزن جي اشاري تي، خلافت تحريڪ خلاف لکيل ڪتاب ”تحقيقه الخلافته“ جو مولانا وفائي مرحوم، مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي سنڀال هيٺ ”اظهار الڪرامت“ جي نالي ۾ زبردست جواب ڏنو. مولوي فيض الڪريم وارو ڪتاب انگريز سرڪار جي خرچ تي ان وقت خلافت تحريڪ وسيلي مسلمانن ۾ ٿيندڙ اتحاد ٽوڙڻ لاءِ لکيو ويو جنهن تي ڪيترن بي اصولي مولوين ۽ پيرن، تصديق ۾ دستخط ڪيا هئا. مولانا وفائي مرحوم پنهنجي ڪتاب جون ڪاپيون فيبروري 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس واري موقعي تي مفت تقسيم ڪيون هيون ۽ اهڙيءَ طرح هن سازش کي بي نقاب ڪيو ويو هو.

مرحوم وفائي شاعر به هو ۽ سندس تخلص ”وفائي“ هو. مولانا جو اوائلي شعر سنڌي ماهوار رسالي ”الاسلام“ ۾ ڇپيو هو جيڪو ڪراچي مان 1913ع ڌاري جاري ٿيو هو ۽ جنهن جو اعزازي ايڊيٽر مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي هالن وارو هو.

اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۽ صحافت جي گلشن جي آبياري ڪندي، مولانا دين محمد وفائي 10 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي.

وفات تي غم واندوه جو اظهار ڪندي، ممتاز موءرخ پير حسام الدين راشدي صاحب هيٺين راءِ ڏني هئي:

”هوش سنڀالڻ شرط، قلم هٿ ۾ کنيائين، ڪڏهن اخبار لکيائين، ڪڏهن رسالو ڪڍيائين ۽ ڪڏهن ڪو ڪتاب تصنيف ڪيائين. تاريخ سنڌ جو امام هو، حافظو پڇاڙيءَ تائين غضب جو هيس، سنڌ جي تاريخ برزبان مشاهيرن جون حياتيون ياد، انهن جي تولد ۽ وفات جي تاريخن تائين به ياد ٻڌائيندو هو. سنڌ ۾ اهل حديث جو پهريون علمبردار هيو. 30- 35 سال حديث جي خدمت ڪيائين.“ (1)


(1)  دراصل روزاني الواحيد جي اجراء سان، سنڌي صحافت جو هڪ اهڙو اهم دور شروع ٿئي ٿو جيڪو مسلمانن لاءِ هڪ هنگامه خيز زمانو آهي. ان ئي دور ۾ خلاف تحريڪ هلي، ستياگره ۽ نافرماني جي هلچل هلي، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي لاءِ ڪوششون ٿيون ۽ آخر ڪاميابي نصيب ٿي ۽ سڀ کان وڌيڪ هندو آريه سماج جي ي تحريڪ جو مقابلو ڪرڻو پيو. انهن مسئلن ۽ مونجهارن کي منهن ڏيڻ لاءِ الوحيد کي اخبار نه پر هڪ تحريڪ وانگر ڪم ڪرڻو پيو ۽ ان عظيم تحريڪ هلائيندڙن ۾ مرحوم مولانا وفائي جو اهم مقام آهي.

(1)  توحيد اپريل ۽ مئي، 1951ع، مضمون بقلم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ص- 16.

(1)   ”الڪاشف“ جي باري ۾، سنڌ جو ممتاز موءرخ پير حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته....... اهو غالبن سنڌ جو پهرين ئي رسالو هو جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن تي معياري مضمون شايع ٿيا. “ ”توحيد“ اپريل ۽ مئي، 1950

(1)   ”توحيد“ اپريل ۽ مئي، 1950ع- تاثر پير حسام الدين راشدي، ص- 5

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org