سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 5 

 

فصل ٽيون

سال 1932ع

 

(1)

حيدرآباد، سنڌ

11 _ فيبروري، 1932ع

        ميان مقبول شاهه کان معلوم ٿيو ته اوهين به بمبئيءَ هلو ٿا. آءٌ به هلان ٿو. 17 _ تاريخ تي ڪراچيءَ ايندس. 18 _ تاريخ جهاز ”ويٽا“۾ ڇٽندو. گڏجي هلنداسون. ساڳيءَ ڪئبن ۾ سيٽ رزرو ڪرائجو. 17 _ تاريخ ”سنڌ سينٽرل ڪو آپريٽو بئنڪ“ جي ميٽنگ تي ملنداسون.

 

(2)

ڪائونسل _هال، بمبئي

10 _ مارچ، 1932ع

        اسان جو سيشن جلد پورو ٿيندو. تو اتي جو احوال ڪو نه موڪليو آهي. اسان جا ڊزن کن ميمبر لاهور ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿيا آهن. اها ڪانفرنس مسلمانن جي تاريخ ۾ اهم ٿيندي. ساري هندستان کان ان ۾ عيوضي ايندا. 21 _ تاريخ لاهور وڃڻو آهي. اسين اسلاميه ڪاليج ۾ رهنداسون.

 

(3)

حيدرآباد

19 _ اپريل، 1932ع

        چيف آفيسر عبدالرحمان کي سرڪار سنڌ _ڪائونسل تي مقرر ڪيو آهي. مسٽر گبسن کيس سرڪار جي خدمت جي صلي ۾ مقرر ڪرايو آهي.

 

(4)

حيدرآباد

4 _ جون 1932ع

        تجويز آهي ته ”سنڌ جي ڪلچر ۽ زندگيءَ تي صوفي مَتي جو اثر“ جي عنوان تي شاهه لطيف جي ميلي تي ليڪچر ڪرائجن. اوهان کي عرض ڪجي ٿو ته سنڌي اديبن ۽ روحاني رمزن کي سمجهڻ وارن صاحبن کي ميلي تي اچڻ لاءِ دعوت ڏيندا. ان موقعي تي صوفي ڪانفرنس سڏائڻ جي تجويز رٿيل آهي، جتي بهترين اديب ۽ درويش خيالن جا ماڻهو ڪٺا ڪرڻ جي مراد اٿئون. هيٺين ماڻهن جي مدد گهري اٿئون.

        (1) غلام مرتضيٰ (2) ڊاڪٽر گربخشاڻي (3) ڄيٺمل پرسرام، (4) لعل چند امر ڏنومل، (5) منگهارام ٽهلراماڻي، (6) صوفي عبدالستار صاحب، جهوڪ، (7) صوفي روشن الدين، ڍورونارو ۽ (8) نواب غلام حيدر خان صاحب، تاجپور.

 

(5)

حيدرآباد

8 _ جون، 1932ع

        ميلو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو 18 _ جون کان 22 _ جون تائين آهي. ان تي ڪيترائي ڪم رٿيل آهن، جهڙوڪ :

1 _ بازار جي، صحت جي نقطه نگاهه کان جوڙجڪ ڪرائڻ.

2 _ زرعي نمائش جو انتظام ڪرائڻ.

3 _ سوديشي نمائش جو انتظام ڪرائڻ.

4 _ مڪاني هنرن جي نمائش.                ”

5 _ ڪو آپريٽو ڪانفرنس.            ”

6 _ زمينداري ڪانفرنس              ”

7 _ عڪس _ بتيءَ ذريعي صحت کاتي جو پرچار ڪرڻ.

8 _ اسڪولي شاگردن جو، تعليم لاءِ پرچار ڪرڻ.

9 _ صوفي مجلس سڏائڻ.

10 _ راڳ ۽ ساز جي مجلس ڪوٺائڻ.

        گزدر بمبئيءَ لاءِ پيو چوي. پيو ٻُڏان اُپڙان يونيورسٽيءَ جون ٻه_ ٽي لاڳيتيون ميٽنگون گُسايون اٿم. جي 11 _ جون بمبئيءَ وڃان ته 16 _ تاريخ موٽي اچي سگهان ٿو. ميلي لاءِ ڪوشش پيو ڪريان، پر رڪاوٽون گهڻيون آهن. اوهين راڳ ۽ صوفي مجلس لاءِ انتظام ڪجو.

 

(6)

حيدرآباد سنڌ

11 _ جون، 1932ع

        بمبئيءَ وڃي ڪو نه ٿو سگهان، ڀٽشاهه جي ميلي جو ڪم گهڻو آهي. پير ڀٽائي، ميلي تي چڪلي بند ڪرائڻ جي خلاف آهن. لوڪلبورڊ 400 رپيا منظور ڪيا آهن، اوهين مدد ڪرائيندا.

 

(7)

هالا

12 _ جون، 1932ع

        ڪالهه ٽهلراماڻي ۽ ڊاڪٽر ڏيارام سان گڏجي، شاهه ڀٽ تي ويس. انهن سرزمين ڏٺي، ۽ بوٿ  (Booths) آڏڻ شروع ڪيا اٿن. ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي ڊيليگيٽن جي ڪئمپ ٿيندي. اڄ هالن ۾ مخدوم غلام حيدر صاحب وٽ مدد لاءِ آيو آهيان. هن تنبن ۽ ڪجهه فرنيچر جي ڏيڻ جو انجام ڪيو آهي. 30 مزور به ڏيندو، جن کي ماني اسين کارائينداسون. آءٌ اڄ حيدرآباد موٽي وڃان ٿو، وري 17 _ تاريخ ڀٽ تي ايندس. اوهين به ان تاريخ تي اتي ايندا ته ڪم جي سر انجامي ڪري سگهون. تنهنجو هئڻ نهايت ضروري آهي. ڌڻي بخش شاهه ڀاڻوٺيءَ کي چوندا ته اتان ڪي ڪم ڪار لاءِ ماڻهو آڻي. ڄاموٽ محمد علي شاهه ڪجهه راڳيندڙ آڻڻ جو واعدو ڪيو آهي. تون ۽ ڄاموٽ، اڳ جي مجلس جو انتظام ڪندا. اسان جي ادبي سوسائٽي، صوفي مجلس ۽ تصوف تي تقريرن جو انتظام ڪندي. پنڊال اڏي رهيا آهيون. ٽهلراماڻي اليڪٽريسٽي ۽ لائوڊ اسپيڪرن جو انتظام ڪندو. جلد اچ، سخت ڪوشش وٺ. شاهه لطيف جي ميلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اچي شريڪ ٿيءُ .

 

(8)

ڪراچي

1 _ جولاءِ، 1932ع

        آءٌ ڪالهه ڪراچيءَ پهتو آهيان. اوهان کي لکيو هوم، پر اوهين نه آيا، ۽ نه جواب موڪليوَ. شايد اوهان کي منهنجي ولايت وڃڻ ۾ دلچسپي نه آهي. ڪالهه جي ميٽنگ ۾ فيصلو ٿيو ته 5 _ جولاءِ تائين کهڙو ولايت نه وڃي ته پوءِ مون کي وڃڻ گهرجي. کهڙي کي چيئرمين اسڪولبورڊ ٿيڻ جو شوق آهي؛ جي سندس مخالف هٿ نه کنيو ته هو ولايت نه ويندو. ميٽنگ کانپوءِ سَر شاهنواز خان ڀُٽي مون کي خلاصيءَ طرح يقين ڏياريو ته هو خانبهادر امير علي جي فرزند کي هٿ نه کڻائيندو، ان ڪري کهڙو ولايت وڃي نه سگهندو. مون انهيءَ آسري تي جهاز جي برٿ به رزرو ڪرائي ڇڏي آهي. پاسپورٽ لاءِ به ڪوشش ڪئي اٿم. سڀ بندوبست ڪري ٿو ڇڏيان. هاڻ صرف پئسن جو انتظام ڪرڻو آهي. ان ۾ اوهين مدد ڪريو، حاجي عبدالرحيم شاهه ۽ خانبهادر عظيم خان کي چئو. حياتيءَ ۾ اهڙا موقعا مشڪل ملن ٿا.

 

(9)

احمد نگر

2 _ اڪٽوبر، 1932ع

        خط پهتو. آءٌ ڪيترا دفعا سر شاهنواز، سر غلام حسين ۽ الهه بخش کي گزدر لاءِ چوان، پر هو اڄ نه سڀاڻ ڪري رهيا آهن. يو، بئنڪ ڪائونسل جي ڪم ۾ مشغول آهي. توهين هاڻ دادو وڃو ٿا، گزدر کي خدا جي حوالي ڪريو، جيئن ان کي منظور هوندو، تيئن ڪندو، گبسن جا دڙڪا ٻُڌي، عادي ٿي ويا آهيون، هن جي به اها عادت ٿي ويئي آهي.

        لوڪلبورڊ اليڪشن اچي ٿي. اليڪشن لاءِ تيار رهڻو پوندو.

        ڪالهه شام پوني کان احمد نگر پهتا آهيون. دکن ملڪ جي سبزه زاريءَ کي ڏٺو اٿئون. عجب ملڪ آهي. هي شهر خاص جهونن يادگارن مان آهي. اسين احمد نگر جي ڪليڪٽر جا مهمان آهيون. سر شاهنواز خان، خانبهادر کهڙو، خانبهادر الهه بخش، امين الدين، ڪليڪٽر ڪولابا، سڀ گڏ آهيون. اڄ سير لاءِ نڪرون ٿا. چاند بيبي، مشهور بهادر راڻيءَ جي محل ۾ لٿل آهيون. خو اها ڳالهه پراڻن قصن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

        رات يارهين بجي ساڍي ٽين بجي تائين عالمِ سرود جو سير پئي ڪيوسون. عجيب لطف آهي. اڃا هڪ رات آهي، غم غلط پيا ڪريون. بيان نٿو ڪريان، في الحال تصور کان ڪم وٺو.

 

(10)

پونا

11 _ آڪٽوبر، 1932ع

چه خوشست پيش زلفت سر شڪوه باز ڪردن،

گل هاي روز هجران به شب دراز ڪردن.

        ادا سائين، هي خط محض واقع نگاري ۽ شهباي نشاط ۽ انسباط جي ڪار گذاريءَ جي ارادي سان لکان ٿو، ڇو ته خبر اٿم ته اوهين منهنجي دل ۽ دماغ جي اختراع جا ورق ۽ منهنجي حياتيءَ جي دور جا پردا ايامِ ڪثير تائين محفوظ رکندا آهيو، جا خدمت آءٌ خود پنهنجي لاءِ ڪرڻ کان قاصر آهيان. حياتيءَ جي دَور دَوران جي تلون طبع طبقن جي رنگيني ۽ واقعات جي خوشه چيني دفتر ۾ داخل ڪرڻ به ڪن چيدن انسانن کان پڄندي. جيئن ته راتوڪو واقعو منهنجي حياتيءَ جي دور ۾ هڪ خاص جاءِ رکي ٿو، تنهن ڪري قلمبند ڪري، توهان جي حراست ۽ حفاظت ۾ ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان.

        راجا پرتاب گير سنگهه، مهاراج دکن جي هڪ امير گهراڻي جو فرد آهي. تمام دولتمند هستي آهي. جنهن جو هاڻي گهڻو قيام بمبئيءَ ۽ پوني ۾ ٿئي ٿو. زماني حال ۾ پوني اندر هڪ پُر فضا بنگلو ۽ پُر لطف باغ سندس قبضي ۾ آهن، جي نهايت آراسته پيراسته آهن. گلن جي جڳمڳ ۽ چمن جي چٽساليءَ ۽ درختن جي قطارن بنگلي جي صحن کي فردوسِ برين جو رقيب بڻائي ڇڏيو آهي.

        بهرحال، انهيءَ مڪان جنت نشان ۾ هي بي سرو سامان مهمان ٿيو، محفل جي ترتيب ۽ تجويز، مشرق ۽ مغرب جي مرڪب قانون مطابق هئي. مهاراجا ايدار، ڪرنل هاٽي، سر غلام حسين، سر علي محمد دهلوي، جنسِ ڪثيف مان موجود هئا. ڪن کي فُل ڊنر ڊريس، ته ڪن کي ديسي لباس زيب تن هو. جنسِ لطيف مان چار پري چهره بانون ۽ دلفريب بيگمون، مس ڪوٺاوالا، مسز هاٽي ۽ مس هاٽي، ۽ مسز الن بيدي موجود هيون. اهي چار پريزاديون ملڪ پارس جي پيدائش، ۽ ٻه حُوروشِون، هڪ ارمني ۽ هڪ انگلش هيون. انهن جي حسن جي تابش ۽ ناز جي روش نمڪين نگاهن جي نالش جو ذڪر هن ڪاغذ جي تنگ ميدان تي ڪرڻ کان قاصر آهيان. هر هڪ جي ادا، لياقت ۽ لوا، لطافت ۽ لقا، محبت ۽ مدعا، علحده علحده هئي. هن فقير، ناز جي نخچير کي به هڪ پريرُو سن پابزنجير ٿيڻو پيو. گفتگو جو دور ۽ صحبت جو سلسلو آبهوا جي ذڪر، فرحت ۽ فڪر کان، دنيا جي ڪوٺي جي سير کان، عالمِ ارواح جي اُپٽار تائين پهچي ويو. هيءُ هو اسبابِ چشم ۽ اسباب لسان، باقي اسبابِ گوش ۽ سامانِ دهان جو بندوبست به خاطر خواهه هو. هڪ ڪلونت ستار جو استاد، ۽ هڪ طوائف بانخره و ناز ۽ آٻلا بيحاب، مجلس ۾ مهيا ۽ ميسر هيون. شراب جو دور ۽ سماع جو شور، پنهنجي اهميت رکندڙ هئا. مگر منهنجي ته هيءَ حالت هئي جو هر هڪ لفظ جيڪو طوائف جي دهن مان نڪتو ٿي، تنهن کي پهلوءَ ۾ ويٺل ماهرو ۽ پيش نظر پريرُوين جي هر هڪ عضوي جي انداز ۽ نياز سان مشابهت ڏيئي، صانعِ ڪردگار جي ڪرشمن جي صفت ۽ ساراهه ۾ مستغرق هوس. منهنجي ڀر ۾ ويٺل سيم تن جو اسم گرامي ”نرگس“ هو. حقيقت ۾، حق تعاليٰ ٿو ڄاڻي ته واقعي اها نرگس نيمخواب کان هرگز ڪم نه هئي. ۽ سامهون پريرُو، جا پنجن قدمن تي متمڪن هئي، ان جو اسم گرامي ”شبنم“ هو، اها واقعي ڪوهه ڪاف جي پَري رُوين مان هئي، جنهن جي چشم پُرخمار، حسن آتش بار، زلف گرگگ دارم گفتار ۽ رفتار، عالم بيخودي جو طاري ڪري ٿي ڇڏيو. هوش پرواز ڪري ويو، ۽ عقل ناچار ٿي پيو، مختلف  طعامن جا اقسام ۽ شرابن جا دور شروع ٿي ويا. پر منهنجيءَ طبع کي چشمِ ساقي جي پياس ۽ الفت جي اُساٽ محسوس پئي ٿي، بس.

        راجا صاحب ڊنر وقت نهايت مهذب الفاظ ۾ تقرير ڪري، مهاراج ايدار معزز مهمانن جي مرحبا ڪئي، دهلوي صاحب مهاراجا طرفان نهايت عمدي نموني ۾ جواب باصواب ادا ڪيو.

        ميز تي چانديءَ جون ڪٽوريون، ٿالهيون ۽ گَڏون به موجود هئا، ته ڪانٽا، ڇريون ۽ پليٽون به مهيا هيون. انگريزي کاڌو به ميسر هو ته مُغلائي مڪلف طعام به موجود هئا. مغرب ۽ مشرق جو پورو مرڪب هو. هر هڪ کي معشوق پهلوءَ ۾ ويٺل هو، جن کي انهن پريرُوين جي پرداخت ۽ نگهداشت ڪرڻي پيئي ٿي.

        ڊنر بعد راڳ ۽ سرود جو وارو آيو، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان، ۽ دل جي ڪيفيت به بيان ڪري آيو آهيان. مجلس جو رنگ ۽ روپ 2 بجي صبح تائين برابر هليو. ان کان پوءِ نازڪ بدنن رخ بي نقاب ڪيو، ۽ اسين سڪ جا ستايل، طوائف جي طبع آزمائي ۽ فراق جي ڦٽن جي سِلائيءَ ۾ رات جي 4 بجي تائين محو ۽ مستغرق رهياسون.

        ان کانپوءِ هر هڪ، شڪوهء جانان ۽ گلئه روزگار ڪندو، اشڪِ حسرت هاريندو، بسترِ پُرخار تي، بدن ۾ بيمار ٿي داخل ٿيو. اڃا تائين شرابِ ڪهنه جيئن خمار موجود آهي، جنهن جو نقشو پيش خدمت ڪيم:

گر قبول افتد زهي عز و شرف!

باده و مطرب و مي جمله مهيا ست ولي،

عيش بي دوست ميسر نه شود يار ڪجا ست!

        حياتيءَ جي حڪايت ۾ اهڙا واقعا منهنجيءَ نظر ۾ هڪ خاص اهميت رکن ٿا، جي الله جي قدرت بيڪران ۽ صنعتِ بي پايان جو ذخيرو موجود ڪري ڏين ٿا. تنهنڪري واقع نگاريءَ کان رهي نه سگهيس، ۽ اوهان جي سمع خراشي ڪيم، جنهن لاءِ معافي طلب آهيان. اميد ته 16 _ آڪٽوبر تي سنڌ پهچي ويندس. وڌيڪ احوال روبرو ڪبو.

 

 

سال 1933ع

 

(1)

ڪراچي

3 _ فيبروري، 1933ع

        اڄ اوهان جي بنگلي مان ڳوٺ وڃون ٿا. اسان ان ۾ پوريءَ طرح لطف ورتو. البت اليڪٽرسٽي،  بلن نه ڏيڻ ڪري، ڪٽيل هئي. اسان بتيون ٻاري پئي وقت گذاريو. مسز طيبجي ڪالهه اسان وٽ آئي، سندس چوڻ هو ته تنهنجا ٻئي دوست، گزدر ۽ حاتم، بمبئي ڪائونسل لاءِ هڪٻئي جو مقابلو ڪري رهيا آهن، تن ۾ اچي ٺهراءُ ڪراءِ.

        7 _ فيبروري ”سنڌ سيپريشن“ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ سڏايان ٿو، ان تي اچج. گزدر جي پارت اٿئي.

 

(2)

ميٽنگ، اسٽيشن

7 _ فيبروري، 1933ع

        هينئر 4 بجي صبح جو، ميٽنگ اسٽيشن تي پهتس، ۽ مون پهچڻ سان پڇا ڪئي، پر خبر ڪا نه ملي. ڪالهوڪي شام واري گاڏي گُسي ويئي. هتي اچڻ بعد خوشخبري ٻڌيم ته اوهين لوڪلبورڊ ميمبريءَ ۾ ڪامياب ٿيا آهيو. هاڻ منهنجو ڪم ڪو نه آهي، نه ته اُٺ تي به هليو اچان ها.

        ]نوٽ: جهرڪن جي تڪ مان ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ لاءِ اميدوار بيٺو هوس. ان لاءِ آيو ٿي.[

 

(3)

حيدرآباد

9 _ اپريل، 1933ع

        اڄ ڪراچيءَ کان خط پهتو آهي ته اوهان کي ڪراچي ضلعي جي لوڪلبورڊ پريزيڊنٽيءَ تان رٽائر ڪرڻ تي شهرين طرفان جا مرحبا ڪئي ويئي آهي، ان ۾ اچي شريڪ ٿيان. پر هتي مون کي پريزيڊنٽيءَ جو ڪم لڳو پيو آهي، ان ڪري اچي نٿو سگهان، اوهان کي دادو ضلعي جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ ڪو فڪر ڪو نه ٿو ڏسجي. حاجي عبدالرحيم شاهه کي چئو ته خانبهادر خير محمد خان چانڊيي جي معرفت، پير ڀلڻ شاهه کي چوائي، شير محمد چانگ جو ووٽ وٺائي ڏئي. مير صاحب پئسي وارا آهن، آءٌ مسڪين آهيان، پر الله غني آهي، سڀ واڳ ان جي هٿ ۾ آهي.

 

(4)

سينٽرل هوٽل، مهابليشور

15 _ مئي، 1933ع

        حيدرآباد کي 4 _ مئي تي خيرباد چئي، واديئه پُرخار مان جبل جهاڳي، مهابليشور جي اُتانهينءَ تي خيمه زن آهيان. ڪراچي ميونسپل بل جي سليڪٽ ڪميٽيءَ جي طفيل، هن مڪان جنت نشان جو سير حاصل ٿيو آهي. شايد هن پهاڙ جو پُر فضا منظر اوهان جي اکين اڳيان نه گذريو هجي، تنهنڪري ڪجهه ذڪر ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.

        چوٽيءَ جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان ڇهه هزار فوٽ آهي، ۽ سرسبز درختن سان ڇانيل آهي، جنهنڪري مڪانات انهن جي سبزيءَ ۾ برقعي پوش آهن.

        مڪانن جون سرخ رنگ ڇتيون ۽ درختن جي سبزي ميناڪاريءَ جو نماءُ ڏيکارين ٿيون. پهاڙن جي قطار ڍنڍ جي چوڌاري آهي، ڍنڍ جو سفيد ۽ شفاف پاڻي غم غلط ڪندڙ آهي. طرحين طرحين گل ڦل، جبل تي زرنگاريءَ جو ڪم ڏيئي رهيا آهن. بنگلن ۽ هوٽلن جي ايوانن ۾ چمنن جو چهچٽو ڏسڻ وٽان آهي. قدرت جي محڪم نباتات کي ڇڏي، دفتر حيوانات ڏانهن نظر مبذول ڪجي ٿي ته تعجب جي حد ۽ تخيل جو انداز لڳي نٿو سگهي. دور دراز ديسن جا ماڻهو، جوق در جوق، هتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪو سيٺ آهي، ڪو افسر، ڪو سردار آهي ته ڪو چاڪر، ڪو نواب آهي ته ڪو نوڪر، مطلب ته جيڪو آهي، سو قدرت جي لقا ۽ فطرت جي فضا ۾ مستغرق آهي. حسن جي بازار گرم، ۽ عشق جو آزار ڪم آهي. اجنبيت ۽ اڻواقفيت، بيحجابيءَ جو ڪم ڏيئي رهي آهي. دلين جي ڪشش ۽ اکين جي آتش پنهنجي تابش پيون ڏيکارين، مگر بيوس ٿي، حدِ اعتدال ۾ رهن ٿيون:

وه رعبِ حسن ٿا غالب ڪه وقتِ ديدِ جمال،

هم اپنا حال اشارون سي ڀي سنا نه سڪي.

        مثلن: اسان جي همسائيگيءَ ۾ هڪ پَرِي وشن جي ٽولي فروڪش هئي. بمبئي خواجن جي نسل مان هئا. پردو ڪو نه هون، مگر مسلماني رسم رواج موجب حجاب بيحساب هون. اندر جي الفت ۽ اکين جي آتش هڪ ماه وش جي سيني ۾ سوراخ ۽ چت چاڪ ڪري وڌو. واجهائڻ ۽ ٻاڏائڻ مان اندازو لڳايو ويو ته حضرت عشق پنهنجي فيض مان کيس مستفيض ڪيو هو، مگر ”ڏکن ۾ ڄاياس، سورن مون کي سانڍيو“ وارو مثال پيش آيو. ناگهاني ڪُوچ ۽ اوچتيءَ الوداع تنهن فراق جو فرق ۽ وڇوڙي جو ورق واري ڇڏيو، جنهن ڪري اکيون اکين سان ملائي، هنجون هاري هليو ويو. اسان جي اندر ۾ درد دکايو ويو، هاڻ باوجود برساتن، فرحتن ۽ آسائش جي، هن ديري ۾ دل نٿي لڳي.

باده و مطرب و مي، جمله مهيا ست ولي،

عيش بي دوست ميسر نه شود، يار ڪجا ست!

        ارادو آهي ته 17 _ مئي هتان نڪري، 21 _ تاريخ حيدرآباد پهچان. اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو آهيان!

 

(5)

حيدرآباد

4 _ جون، 1933ع

        سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ جي اسٽاف _ ڪميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾، اميد ته اوهان ڪم پورو ڪري آرڊر ڪڍايا هوندا. توهان سان ضروري مسئلن تي گفتگو ڪرڻي آهي، ڪراچيءَ کان موٽندي هتان ٿي ويندا.

        ”پيپلس پارٽيءَ“  (Peoples party)جي ميٽنگ 28 _ جون تي رکي اٿوَ، ان کي بدلي ڪرائيندا. پير غلام حيدر شاهه مشهد وڃي ٿو. مون کي بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ وڃڻو آهي.

(6)

حيدرآباد

17 _ جولاءِ، 1933ع

        ڪراچي آيس، اوهين ڳوٺ روانا ٿي چڪا هئا. ٽهلراماڻي آيو هو. قاضي جان محمد جي خط لاءِ چيائين، سو لکيم. اوهين عبدالستار جان کي لکو ته سندس مريدن کي ٽهلراماڻيءَ لاءِ چوي.

 

(7)

پونا

29 _ آگسٽ، 1933ع

        خط پهتل آهي. عدم فرصتيءَ سبب جواب ڏيڻ ۾ تاخير ٿي.

        گزدر هتي آهي، پر هن جي ڪم جو اڪلاءُ ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. آءُ هتي 18 _ تاريخ پهتو آهيان. سڀاڻ 30 _ تاريخ هتان رواني ٿيڻ جو ارادو آهي. 2 _ تاريخ سنڌ پهچي ويندس.

        هتي پوني جي آبهوا خوشگوار آهي؛ مگر شهر ۾ پليگ جي زور ڪري ماڻهو گهڻا نه آهن. البت ڊنرون ۽ پارٽيون جام آهن، جن ۾ پيو وقت گذري. هتي ڪيئن وقت گذريو، ڪهڙن ڪهڙن طبقن، مرحلن ۽ منزلن تان عبور ڪرڻو پيو، ان جو بيان ڪرڻ محال آهي. ڪائونسل ۾ ويٺو آهيان، تنهن ڪري هوا پوليٽيڪل آهي: لطيف خيال ۽ لذيذ احوال ڪاغذ تي آڻي نٿو سگهان.  ٻئي وقت سموري ڪار گذاري، اندر جي انتظاري، بدن جي بيقراري، عرض رکبي. حياتيءَ جي بحر بي پايان، قلزم بيڪران ۾ گهڙين جي گردابن جي گردش، ۽ قلزم جو طلاطم، ڪنهن وقت دل ۽ دماغ کي عالم بيخودي جي حوالي ڪريو ڇڏي. ان وقت اوهان جهڙي ناخدا جي رهبريءَ ۽ دستگيريءَ جي ضرورت آهي، نه ته ساحلِ مراد ۽ مرحلئه مقصد کي پهچڻ محال آهي. هي محض قلم جي نوڪ جا ڪلما نه آهن، مگر دل جي درياءَ جي تري جا اڪيچار احوال آهن، جن جي سوچڻ لاءِ سمجهه سالم ۽ عقل ڪامل گهرجي.

 

(8)

شملا

9 _ سيپٽمبر، 1933ع

نسيمِ خلد ميوزد  ز طــرف جوئبارهــا،

ڪه بوي مشڪ ميدهد ز سوئي مرغزارها.

مرا ز خاڪ و خشتِ ما دميد سبز ڪشتها،

چهه ڪشتها بهشتها نه ده نه صد هزارها.

        توهان کي تعجب لڳندو ته هندستان جي ڏکڻ کان ڪيئن اُتر اچي ويو آهيان! هتي پهاڙ جي چوٽيءَ تي 6 _ سيپٽمبر وارد ٿيو آهيان. هوٽل امپيريل ۾ لٿل آهيان. هڪ هندو دوست، مسٽر هيرا، ساڻ اٿم. دنيا جي هر هڪ حصي جا ماڻهو هندستان جي پايئه تخت ثاني جي سڙڪن تي گهمندا نظر اچن ٿا، سڄو شهر جبل جي چوٽيءَ تي، ڏاڪڻ وانگر هيٺ _ مٿي آهي. پهاڙن جون چوٽيون ٻاٽين جي درختن سان ڇانيل آهن. قدرت جي نظاري کانسواءِ، ماڻهن جي رنگ برنگ رونق دل بهلائيندڙ آهي. مال، فردوس برين جي هڪ سڙڪ نظر اچي ٿو. غريب _ امير، پاءَ پيادو سير ڪندو نظر اچي ٿو؛ گاهه گاهي رڪشا جي رم جهم ڏسبي آهي. سڀڪو نر_ناري، عمدي پوشاڪ پائي، سير ۾ سرمست نظر ايندو آهي. محبوبن مه روين جي شوخ ۽ شرمگين آهو _ چشم، حسينن جي آتش، هر هڪ سَياح جي سيني ۾ سوز ۽ دل ۾ درد پيدا ڪندڙ آهي. مفلس ۽ نادار کي ڪير پڇي ڪو نه ٿو، بيدل ۽ بيڪار کي ڏسي ڪو نه ٿو، هر ڪو پنهنجيءَ ڌُن ۾ نظر اچي ٿو. هن مسڪين کي سواءِ سوز، اکين جي آس، دلي پياس، ڪجهه به حاصل نه ٿي آهي. گلزار چه سود ۽ سبزه زار چه مطلب، جيڪڏهين دل جو دلدار ۽ غمن جو غمخوار ڪو نصيب نه آهي!

        دنيا بيڪسن ۽ مفلسن جي صدائه احتجاج تي ڪو پنهنجو رنگ نه بدلائيندي، مگر سندس بوقلمي ۽ رياڪاريءَ جي شڪايت ڪرڻ کان قلندر جو ٻوٿ به ڪو بند ڪري نه سگهندو!

        فلڪ ناهنجار جي ڪجرفتار جي شڪايت، صبر جي سيرَ دل تي ڌري، قدرت جي نظارن ۽ فطرت جي بهارين تي اڪتفا ڪري، چار ڏينهن چمن جو چهچٽو ڏسي، سنڌ ڏسي واڳ ورائڻي پوندي. ايندڙ آچر تي حيدرآباد پهچندس.

 

 

(9)

حيدرآباد

19 _ نومبر، 1933ع

        ڪالهه ڪراچيءَ مان موٽي آيس. معلوم ٿيو ته اوهان کي بخار هو.

        برادرم محمد قاسم شاهه کي پٽ ڄائو آهي. نالو قمرالزمان رکيو اٿس. اوهين پنهنجي فرزند جي خيريت کان واقف ڪندا.

 

 

ــــــــــــــــــــــــ

 

سال 1934ع

(1)

حيدرآباد

5 _ جنوري، 1934ع

        بعد سلامن، نئين سال جي مرحبائن ۽ عيد مبارڪن جي، احوال روشن هجي ته اوهان جي پوئينءَ ملاقات بعد بمبئيءَ جي سفر جو احوال نهايت رنگين آهي. ڪاش، فرصت جا انبار ۽ صحبت جا سامان مهيا هجن ها ته يارانِ الفت ۽ محبانِ طريقت اڳيان دل ستان ۽ بيان بي پايان نذر رکجن ها.

ڪي دهد دست اين غرض يا رب ڪه همدستان شوند،

خاطر مجموعه ما زلفِ پريشانِ شما.

        بمبئيءَ جو سفر پنجن ڏينهن تائين محدود رهيو. وقت جي تنگيءَ، دل لگيءَ ۽ دلدادگيءَ مسخر ڪري رکيو هو، ڇو ته زمانه ناتال ۾ بمبئيءَ ۾ تنگي ۽ دلتنگي بدتر از ڪفر تصور ڪيون وينديون آهن. هر گلي ڪوچي ۾ سماع ۽ سرود، عنبر و عود، رقص و رباب، شرا و ڪباب جي گفتگو هئي. بس، هر جنسِ لطيف پنهنجي حسن کي تاب، ابروءَ کي آب، بدن جي بَناءَ ۽ چشم جي چٽاءَ ۾ مستغرق نظر آئي ٿي. تاج محل، ”گرينس“ ۽ ”مئجسٽڪ“ هوٽلون ته بجاءِ خود، مگر اسان جي غريب ”آپالو“ به انهيءَ جشن عام، دورِ جام، ڪبڪ خرام کان خالي نه هئي. 31 _ ڊسمبر کي ”نيو ايئرس اِيو“ (New Years Eve) جي نام ناميءَ سان ياد ڪيو ويندو آهي. ڪن محبن جي اصرار تي رهي پياسون.

        دل پسند ڊاڪٽر حميد جي مڪان جنت نشان ۾ مجلسِ رقص ۽ رباب جو اسباب مهيا ڪيو ويو. نازڪ اندامن، خوش خرامن جو ڪثير تعداد، بمع اربابِ حال و خوش منوال، به وارد ٿي ويو. دورِ گردون مثل، دورِ جام به هلڻ لڳو، رنگ تي رنگ ڄمڻ لڳو. غم غرق، ۽ رنج ترڪ ٿيڻ لڳو. پَري رُوين جي پروانگي ۽ دل زدگين جي ديوانگي، مهه وشن جي مستانگي ۽ دل جلين جي بيگانگي، هڪ عالمِ عبرت ۽ موجِ مسرت پيدا ڪري ڇڏي هئي.

        ڪنهن فقط نظر بازيءَ تي اڪتفا ڪئي، ته ڪنهن جرعه ڪشيءَ تي بس ڪئي؛ ڪنهن پَرِي روين جي ڪمر ۾ پيچ وڌو، ته ڪنهن سيني تي هٿ رکيو، ڪو دامِ گيسو ۾ گرفتار، ته ڪو شوخن جي شوخين جو شڪار ٿيو، مطلب ته ڪو ڪنهن جو روادار، ته ڪو ڪنهن جو ملطب گار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. رسم موجب، ٺيڪ ٻارهن جي گهنٽي ٻُرڻ تي، جنهن وقت نئين سال جو روح عالمِ ارواح مان اُتري عالمِ اجسام ۾ ورود ڪيو ٿي، سڀ روشني پنجن منٽن لاءِ منقطع ڪئي ويئي، ۽ هر هڪ عاشقِ زار کي پنهنجي معشوقِ طناز کان بوسي بازيءَ جي صورت ۾ خراجِ حسن وصول ڪرڻ جو وجهه وريو ۽ حق سَريو ٿي.

        بندي جي بغل ۾، بفضلِ ايزدي، ان وقت هڪ جرمن جنسِ لطيف مسز فيلن، جلوه گر هئي.

        عالم بيخودي طاري ۽ بوسي بازيءَ جي بارش جاري رهي، هر ڪنهن، صد سال ارمانق، بخار جي صورت ۾ ڪڍي ڇڏيا. پنجن منٽن جي محدود مدت مگر مخمور مسرت جي ختم ٿيڻ تي، وري روشني راج ٿي، ۽ ”هئپي نيوايئر“ (Happy New Year) جي صداءِ فلڪ شگاف هر طرف کان اُٿڻ لڳي، هر ڪو هڪ ٻئي جي گلي جو هار، بهار بهار ٿيندو رهيو. چئين بجي صبح تائين اهو عالم محويت ۽ محبوبيت طاري هو. ان بعد هر ڪو، حسرت جون هنجون هاري، ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي مڪان ڏانهن واپس وريو.

        اسين ٻئي ڏينهن، ميڙو متو ڇڏي، بمبئيءَ جي بهار کي خيرباد چئي، وطن مالوف ۾ وارد ٿي، عيد سعيد جي انتظار ۾، حيدرآباد حاضر رهياسون. عيد صبح وري به بخت بيدار ۽ طالع تجلي بار ٿيو: يعني نازڪ خرام، گل اندام سان دوچار ٿيڻ جو موقعو دستياب ٿيو. پشاور جي پرستان ۽ بلوچستان جي بهارستان، هن سنڌ جي ريگستان کي رشڪِ ختن بنائڻ لاءِ، هڪ دلبند، جگر پيوند، ڏياري موڪليو آهي، جنهن جي خوشمزاجي، حُسن اخلاقي، گفتگوي نغمه سنجي، سڀ پزمرده دل ۾ نئين جان وجهندڙ آهن. خانداني لحاظ سان به ماشاءَالله هڪ نهايت نجيب فيمليءَ جا فرد آهن. سندس نام نامي اسم گرامي، مس قمرالدين آهي. سندن والدجو نالو سردار بهادر ڪرنل قمرالدين خان هو، جو فلڪ ڪج رفتار ۽ دورِ ناهنجار جو شڪار ٿي راهِ عدم روانو ٿي ويو. مگر ڪثير تعداد ۾ جائيداد ۽ جاگير سندس ٻن فرزندن ۽ ٻن دخترن نيڪ اخترن جي حوالي ڪري ويو آهي، جنهن مان هڪ ٽڪر، 110 ايڪڙ، ديهه 201، تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ آهي. اوهان کي هڪ دفعي روبرو حيدرآباد اچي مشاهدو ڪرڻ گهرجي. ڪڏهين ايندا؟

 

(2)

حيدرآباد

25 _ جنوري، 1934ع

        ورڪنگ ڪاميٽي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“، ڪراچيءَ ۾، پهرين فيبروريءَ تي ٿيندي. ان ۾ سنڌ جي تعليمي مسئلن تي غور ڪيو ويندو. اوهين مهرباني ڪري ان ۾ شرڪت ڪندا.

 

(3)

حيدرآباد

12 _ اپريل، 1934ع

        ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ ڪراچيءَ ۾ مسلمانن تي حملا ڪيا ويا آهن. انهيءَ جي جواب  وغيره لاءِ، 21 _ اپريل 1934ع تي، حيدرآباد جي ڊاڪ بنگلي ۾، ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ رکيل آهي، ان ۾ شرڪت ڪندا.

 

(4)

حيدرآباد

23 _ مئي، 1934ع

        ورڪنگ ڪميٽيءَ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ميٽنگ، 27 _ تاريخ مئي تي، شام جو، ڪراچيءَ ۾ اوهان جي بنگلي تي، مختلف مسئلن تي غور ڪرڻ لاءِ رکيل آهي، ان ۾ شرڪت ڪندا.

 

(5)

بمبئي

28 _ آگسٽ، 1934ع

        ٻه _ چار خط پهتا آهن. پر ڪثرت مشغوليءَ ڪري، هر هڪ نقطي تي جواب ڏيڻ کان قاصر آهيان.

        سر شاهنواز خان ڀٽو ڪائونسل جي ڪم ۾ مستغرق آهي. نئون ماڻهو هئڻ ڪري، محنت ڪرڻي پويس ٿي. جنهن ماڻهوءَ اڳي ڪو ڪتاب کڻي نه پڙهيو هجي، ان کي شاگرد وانگر روز پڙهڻو پوي ٿو، تنهنڪري هن کي فرصت نه آهي. خانبهادر الله بخش کي زميندارن پاران بيهڻ لاءِ گهڻو همٿايو اٿس، پر هو ڪو نه بيهندو.

        مسز طيبجيءَ جي ميونسپالٽيءَ تي نامينيشن جي مبارڪ هجيوَ.

 

(6)

حيدرآباد: 6 _ سيپٽمبر، 1934ع : پهرين سيپٽمبر جو لکيل بهارستان ڪن سببن ڪري، پوسٽ جي حوالي ڪري نه سگهيس، تنهنڪري هاڻي موڪليان ٿو.

ڪائونسل _ هال، پونا

1 _ سيپٽمبر، 1934ع

ماقصهء سڪندر و دارا نخوانده ايم،

از ما بجز حڪايتِ مهر و وفا مپرس.

”حافظ“ رسيد موسمِ گل معرفت مخوان،

در ياب نقد عمر وز چون و چرا مپرس.

        هن کان اڳ ٽي خط دنياءِ دون جي بوقلمون احوالن جي فهرست بابت پيش ڪري چڪو آهيان. وڌيڪ نه قلم ۾ طاقت آهي، نه دل ۾. هاڻ ورونهن جو ورق ۽ اندر جو عرق پيش ڪريان ٿو. ڪاش، فرصت هجيم ها ته فرسِ قلم کي ڪاغذ جي ميدان تي خوب ڪُڏايان ها.

ڪي دهد دست اين غرض يا رب ڪه همدستان شوند،

خاطرِ مجموعه مازلفِ پريشان شما.

        بهرحال، هن سفر با ظفر جي سامان ڪجهه تحفو پيش ڪريان ٿو. سنڌ جي واديئه پرخار ۽ هواد ناهنجار کان بيزار ٿي، مارواڙ جي مرغزار ۽ گجرات جي گلعذار کان گذر ڪري، بمبئيءَ جي بهار مان پوني پار پهتس. هوا خوشگوار، بوند بهار، ۽ چمن چوڌار جي ديدار، سڀ اندر جا انڌ ۽ قلب جا ڪٽ ڪوري ڪڍي ڇڏيا، ڄڻ مئل قالب ۾ نئين جان آئي.

        پارٽين ۽ ڊنرن جي گرم بازاريءَ ۾، هر ڪو عشق ۽ عاشقيءَ جو ذڪر ڪري رهيو آهي. هر ڪو پنهنجي لباس جي سينگار، جسم جي پالش ڪرڻ ۾ مستغرق رهيو آهي. جهڙوڪ مسٽر فاضل ابراهيم رحمت الله جي ڊنر، مسٽر عبدالرحمان سَر محمد يوسف جي ٽرف ڪلب ۾ ڊنر، گورنمينٽ _ هائوس جو ائٽ هوم، ۽ پنجابيءَ جي ڊنر، انهن مان قابل ذڪر آهن، جن ۾ خورد و نوش کانسواءِ نظر بازيءَ جو نشان ۽ مهروزيءَ جو سامان مهيا هو. مسٽر عبدالرحمان، سَر محمد يوسف انڌيري ڪاليج جو ڊونر (Donor) جو فرزند ارجمند آهي. هڪ خليق، بامذاق ۽ خوشرو نوجوان آهي. ان جي ڊانس پارٽي پوني جي پُر تڪلف ٽرف ڪلب ۾ هئي. ٽيهارو کن مهمان هئا. سڀ ٽيل _ ڪوٽ، سفيد واسڪوٽ، وغيره، يعني فل ڊريس سوٽ هئا. البت هندستاني خواتين جو حصو زياده هو، جن لاءِ حقيقت هيءَ آهي ته ڪي نهايت سن رسيده ۽ قبيح هيون، ته ڪي وري نهايت توسن ۽ ترڇي نظر واريون هيون. ڊانسنگ فلور تي ان رات ڪم از ڪم 50 جوڙا صنفِ لطيف ۽ جنسِ ڪثيف جا، هم بغل هم عنان، نچندا نظر آيا ٿي. بندي جي دل، پروانه وار، هڪ ماهرو جي زلفِ گره گير ۾ اڙجي ويئي، جنهن ڪري، سواءِ ان جي نرم نرم گفتگو ۽ گرم گرم عشوي جي، دنيا و مافيها جي خبر نه هيم:

در ضمير ما نمي گنجد بغير از دوست ڪس،

هردو عالم  وا به دشمن دهه ڪه مارا دوست بس.

خارم وقتي هوسم ڪردي ڪه بينم چيزها،

چون ترا ديدم نه ڪردم جز بديدارت هوس.

خوش قسمتيءَ سان، کيس ڊانس جي هنر جو حصو حاصل ٿيل نه هو، جنهن ڪري سندس جامِ صحبت مان جرعه ڪشي ڪري، رات جو 12 بجي، الوداع چئي، گهر ڏانهن روانا ٿياسون. اڃا تائين نيو ڪلب ۾ پنهنجي ديدار کان مشرف ڪندڙ آهي: باسم مسميٰ، مسز بخلي.

        گورنر صاحب جو ائٽ هوم 23 _ تاريخ وقوع ۾ آيو. ساڍي نوين بجي شروع ٿيو. ان جي اهتمام ۽ انتظام جو ذڪر ۽ ان جي احتشام ۽ اختتام جو بيان هن ڪاغذ جي تنگ ميدان تي ڪرڻ محال آهي. ”يڪ مشت نمونه خروار“ جي مصداق، عرض رکان ٿو.

        اٽڪل 900 مهمان، جنسِ نازڪ ۽ جنسِ باغش جا آيل هئا. هر هڪ کي پنهنجي عهدي، درجي، طبقي جو لباس پيل هو. ملٽري، نيوي، جڊيشري، پوليس، سول سروس _ هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو رنگا رنگي، سوشل ۽ آفيشل لباس زيب تن هو. پَري رُوين ۽ مهوشن جو به انداز  نه هو. ڪنهن کي سبز ساڙهي زيب تن هئي، ڪنهن کي ڪُلهائين قميص، ته ڪن کي دکني دوپٽو، وغيره. خاص طرح يورپين ليڊين کي جا نائيٽ _ ڊريس پيل هئي، تنهن جو لطف پنهنجو هو. اڪثر ان لباس ۾ ليڊي صاحبه جو نيم جسم نمودار ٿيو ٿي. بدن جي صفائيءَ، سيني جي کڙائيءَ، ۽ ڪلهن جي بيهڪ، هر نظر باز جي اک لاءِ مقناطيس جو ڪم ڏنو ٿي.

        ڪريم، پائوڊر، لپ اسٽڪ ۽ لونڊر، ساري سامان، گلشن کي هٻڪار ڏيئي ڇڏيو هو. ٻه يورپين ماهرو، پنهنجي حسن خداداد ۽ نزاڪت بي انداز ۾، هر هڪ جي نگاهه جون نشان هيون. اهڙو حسن بندي به پنهنجيءَ حيات بي بقا ۾ ٿورو ڏٺو هوندو. بهرحال، گورنر صاحب کي هٿ ڏيئي، مٺاين، مالن ۽ ميون تي گرگِ گرسنه جيئن وڃي ڳاٽ ڏنوسين. ميز وٽ ته پهتاسين، پر اکين کي کارايون يا وات کي! بهرحال، ٻنهي جي پورائي ڪئي ويئي. مِس ڪوٺاوالا وارين ٽن همشير گان سان شرف دوچارگي حاصل ٿيو. بهرحال، ٽن ڪلاڪن جي اختلاط انبساط بعد، ”گاڊ سيو دي ڪنگ“ (God save the King) جي بئنڊ جي آواز تي، هر ڪو ان بزمِ نشاط کي الوداع چئي واپس روانو ٿيو، ۽ خواب خوشُروين ۽ خورد و وش جا لهندو رهيو.

        ريس _ ڪورس تي به هڪ ماهه وش سان ملاقات ٿي. نهايت پرلطف وقت گذريو. ڪيترن سنڌي دوستن جي اکين ۾ خار ٿي پيس. ڪيترا به سبب اسباب ڏنم، پر طعنه زنيءَ جو شڪار ٿيندو رهيس. خير:

مردمان را از عسس شب گر خيالي در سرست،

من چنانم ڪز خيالم باز نشناسد عسس.

        هڪ نئين دوست، سيٺ محمد علي دوست محمد سان به ملاقات جو وجهه مليو. سندس سهري، سيٺ شريف ديو ڪانجيءَ سان به ملاقات جو وجهه مليو. پويون شخص اهو آهي، جنهن هزارها مسلمان پنهنجي ٽرسٽ _ فنڊ مان پڙهايا آهن. هو هندستان اندر توڻي ٻاهر عجيب انسان آهي. سندس دختر نيڪ اختر هڪ ڪلچرڊ ليڊي آهي، جا محمد عليءَ جي قسمت جو ستارو آهي. ٻيئي نهايت خليق ۽ مهذب انسان آهن. جهڙي خدا صورت ڏني اٿن، اهڙي سيرت. هڪ ڇوڪرين جو يتيمخانو سنڀالين ٿا، جو نهايت عمدي پيماني تي هلندڙ آهي، جنهن جي معائني جو وجهه مون کي ڏنائون. ڇوڪرين جي تعليم چڱي پيماني تي هئي. سندن بنگلو يتيمخاني لڳ، نهايت پرلطف باغيچي سان سينگاريل آهي. مسٽر محمد علي، علم ادب سان گڏ، آرٽسٽ به آهي. هر قسم جي آرٽ جو سامان سندس گهر ۾ مهيا آهي. سندس چوڻ آهي ته اهو سڀ سندس ستاري جي روشنيءَ جي برڪت آهي. راڳ جو نهايت شوقين آهي. سندس گهر ۾ به ريڊيو سيٽ، هڪ دلربا، هڪ ستار، هڪ وائلن، هڪ گراموفون، طبلا، مرڌنگ وغيره مهيا هئا. ٽينءَ رات منهنجي ڊنر ڪيائين، جنهن تي سڀ ساز وڄائي دل بهلايائين. قرب ۾ قابو ٿي ويو آهي. نهايت اصرار ڪيو اٿس ته ٻئي وقت مون وٽ اچي رهه ته هڪٻئي جي صحبت مان لطف حاصل ڪريون. منهنجو به اهوئي ارادو آهي _ انشاءَ الله.

        هڪ _ ٻه دفعا سئنيما ۽ هڪ دفعي راڳ پارٽيءَ ۾ شموليت جو موقعو مليو آهي. مگر قابل ذڪر ڪو نه آهي. ڇو ته سواءِ لطيف جي ڪهڙو مزو:

گلعذاري ز گلستانِ جهان ما را بس،

زين چمن سايهء آن سروِ روان ما را بس.

يار با ماست چه حاجت ڪه زيادت طلبيم،

دولتِ صحبتِ آن مونسِ جان ما را بس.

        مسٽر پنجابي پوليٽيڪل طور ڇا به هجي، مگر اسان سان هن جيڪي به سوشل لائين ۾ قدم کنيا آهن، سي هرگز وسارڻ جهڙا نه آهن. ٻه دفعا ڊنر کارائين، سو ته بجاءِ خود، پر ڪالهه رات جو انتظام ڪيائين، تنهن هڻي ڪُهي وڌو! ڇا ذڪر ڪريان، ڇا بيان ڪريان؟ قلم قاصر، دل خواهانِ خير ... دل ٿام ڪي سُنو!

        مسز قزلباش اسان جي هڪ بمبئيءَ جي دوست جي زال آهي. سندس شڪل، نزاڪتِ طبع ۽ حلاوتِ گفتگو نهايت دلاويز ۽ دلڪش آهي. اصل پوني جي هئي، جنهنڪري مسٽر پنجابيءَ سان دوستاڻو تعلق هوس. مون سان بمبئيءَ ۾ ڊاڪٽر حميد جي جاءِ تي واقفيت ٿيس. بلڪل سوشل سوسائٽيءَ جي گرل آهي. ان جي اعزاز ۾ ڊنر جو انتظام ٿي ويو. مگر ميزبان جي مڪان تي پهچڻ سان ڊرائنگ روم جي هر هڪ ڪوچ تي هڪ هڪ ڪمسن، خوش خلق، خوشرو، بيباڪ ماهه وش متمڪن نظر آيو. گفتگو ۽ جستجو جي سلسله جنبانيءَ بعد معلوم ٿيو ته هي پري پَيڪر سڀ ايران جي گلشن جا گل آهن، هندستان جي ريگستان کي خندان ۽ درخشان ڪرڻ آيا آهن، ۽ ڳچ زماني کان پوني کي وطن مالوف بنايو اٿن. ابتدا ۾ حجاب بي انداز کان مهرِ خاموش بستِ لب ٿيل هئي، مگر ميزبان جي لطفِ بيڪران ۽ مهرِ بي پايان جي ڪري شرم کي شڪست ۽ حجاب کي لت لڳائي ويئي. هر هڪ پنهنجي هم نشين سان جفت ٿي، ذڪرِ دنيا، ذڪر عقبيٰ، ذڪرِ عشق و عاشقي ۾ مستغرق ٿي ويو.

        ميز تي منهنجي همڪنار مس ”درخشان“، نازان و خندان ويٺي هئي. سندس قندِ پارسي ۽ شهدِ انگلش، پزمزده دل ۾ آب ۽ بيجان جسم ۾ تاب آڻي ڇڏيو. سڻڀي ۽ مٺي کاڌي کان حذر پئي ڪيائين ته متان سندس نازڪ بدن تي زياده گوشت جي سُڌي چڙهي وڃي. اڃا طفل مڪتب آهي، مگر تاهم سندس ذهانت ۽ ذڪاوت لائقِ تحسين آهي. جسم برجسته (Compact)، اکيون آبدار، لب لعل، زلف سيه فام، ڪاڪل دام دردام هئا. سندس بلائوس، بيحجا بانه، چوٿون حصو بدن جو عشاقن جي اکين جي آسائش ڪرڻ لاءِ کليل ڇڏي ڏنو هو _ ايتريقدر جو سندس صاف سيني تي ٻن قبُهاي نُور جي ڪافوري ڪِلسن جو به قدري ديدار ٿي سگهيو ٿي. گفتگو جو سلسلو ٽينيسن، بائرن، شيلي، ڊڪنس وغيره جي طرف ويو، جو پاڻ اڃا درس خوانيءَ ۾ داخل آهي. 16 ورهيه عمر مس هونديس. خدا ڏينهن ڏئيس! الله ڪن جي لاءِ اهي سيب زنخدان ۽ دُردندان ٺاهي ڇڏيا آهن، اسان ته فقط سڪندڙ آهيون. ”درخشان“ ماه تابان کانسواءِ، سندس مهشيره، فُخريه خانم، هڪ عجيب معشوق ماهه وش آهي. چپن جي سنهائي لبن جي لالائي، بدن جي نزاڪت ۽ طبع جي حلاوت ۽ سڀني کان ٻه رتيون ڪثر آهي. نهايت بامذاق گرل هئي، آرٽسٽ به نظر آئي ٿي. سندس ساري بدن جي بيهڪ نهايت وزندار ۽ دلربا هئي. سندس مشڪڻ ۽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ، پَسڻ وارن لاءِ آبِ حيوان جو ڪم ڏنو ٿي. ٽِي مس نوشه خانم ۽ چوٿين مس ڪلثوم هئي. عمر 18 ورهين کان وڌ هرگز نه، هر هڪ شوخ، طناز، بيباڪ ۽ پرمذاق هئي. دل بهلائيندي، پتي راند ڪندي، رات جي 12 بجي الوداع جو آواز ڪيائون. هم نشين نقدِ جان کڻي ويئون، فقط جسم بيجان حوالي ڪري ويئون:

حافظ خدا تمهارا، جائو دلبر دل آرا،

سيني پر آج ميري خنجر چلا دُو _ ڌارا!

اڃا تائين سندس سلوڻي گفتگو ۽ سٺيءَ صحبت جو اثر دل تي موجود آهي. اهي ڪي خوش بخت هوندا، جن کي اهي گل دائمي ميسر ٿي ملندا.

اين غنچه خندانت دولت به ڪه خواهد بود،

اي شاخ گلِ رعنا از بهرڪه مي روئي.

وڌيڪ قدم کڻڻ جي جرئت نه هئي، نه کنيو ويو.

        21، 22 آگسٽ يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ بمبئيءَ ويل هوس. مسٽر عبدالرحمان جو مهمان هوس، نواب محل ۾، جتي به چڱو لطف حاصل ڪيو ويو. هڪ ڏينهن ٻن دلربائن سان والڪرٽ تي ملاقات ٿي _ مس خاتون، مس ماني، حيدرآباد دکن جي هڪ رٽائرڊ انجنيئر جون دختران نيڪ اختر هيون. انگريزي ۽ اڙدوءَ ۾ نهايت فصيح گفتگو ڪيائون ٿي. مس خاتون، معشوق طناز ڏٺي ٿي. اک جي اشاري، بدن جي بناوت مان معلوم ٿيو ته اِسپورٽ (Sport) آهي. صحبت ٿورو وقت ميسر ٿي، جنهنڪري وڌيڪ چُر چراند نه ڪئي ويئي.

        ٻي رات گزدر صاحب جي دوستن جي حوالي پاڻ کي ڪيوسين. انهن جو واسطو وري ”انڊر ورلڊ“ سان رهي ٿو. بني نوع انسان جي بوقلمون طبيعت جي ملاحظي ڪرڻ خاطر، هڪ نيم شب انهن جي هم صحبت رهي لطف اُٺايوسين، جن مان هڪ چٽڪو عرض رکان ٿو.

        گهڻي وقت کان فلم ائڪٽريس جي ملاقات ۽ مجلس جي خواهش رهندڙ هئي. مسٽر قادر جي وسيلي هڪ چلچبيلي ائڪٽريس ملڪه جان سان چشم دوچار، برسرِ پيڪار ٿيڻ جو موقعو مهيا ٿي مليو. نهايت لطف جون گهڙيون گذريون. سندس گفتو بلڪل سليس اڙدو ۾، نهايت شيرين زبانيءَ سان ٿي، سندس چشم پر خمار ۽ رخسار گلعذرا، ڪمر مٿل تلوار جوهردار،دلِ پُردرد کي لحظي ۾ لڙڪائي وڌو. صبر ۽ سنجيدگيءَ جو جام لبريز ٿيڻ لڳو. هوش و هواس گم ٿيڻ لڳو. دوست دشمن جي تميز پرواز ڪري ويئي. دنيا ۽ عقبيٰ فراموش ٿي ويئي. ٻنهي طرف عشق جي آگ ڀڙڪڻ لڳي:

صحبت ڪا جب مزا هي ڪه هون وه بهي بيقرار،

دونون طرف هو آگ برابر لگي هوئي!

پوءِ: .عشق عقل جو لڳو آهي جهيڙو _ ير نبيري، ڪير ميان!“ اتي اوهان جهڙا جوڌا جوان، مرد باميدان گهرجن، جي نظر جي ناوڪ کي نگهوسار ڪري سگهن، باقي اسان جهڙن ضعيفن نحيفن جو ڪم نه هو. بهرحال، اها رات به شبِ زندگي چئجي ته مبالغو نه ٿيندو.

        ٻي رات ڊنر ڊاڪٽر حميد ڪئي هئي، جنهن جي ميز تي ڊاڪٽر عثماني ۽ عبدالرحمان کانسواءِ سسٽر ۽ مسز قزلباش ۽ مسز حميد، جا جرمن قوم جي آهي، جلوه افروز هئا. مسز حميد گو جرمن آهي، مگر هندستاني قانون نشت _ برخاست کان پوريءَ طرح واقف آهي، ۽ نهايت لطيف ۽ خوشرو خاتون آهي. سندس ٻاتائي انگريزي ڳالهائڻ ۾ به هڪ خاص لطف آهي. پنهنجي مرد سان بلڪل وفادار ۽ با شعار خاتون آهي. ايتري محبت ڪنهن هندستاني مرد ۽ زال ۾ ٿوري ڏسندا. مهمان نواز هڪ آهي. منهنجي هيستائين ٽي دفعا ڊنر ڪئي اٿن.

        ساڳيءَ رات هڪ آسٽريا_هنگريءَ جي ناچ ڪپمني آيل هئي، جنهن ۾ اڙرهن پري چهره ناچ ڪندڙ هيون. انهن جي نفيس بدن ۽ رقيق لباس ۽ پر لطف ناچ دل کي خوشنودي ۽ اندر کي آرام بخشيو. هڪ کيل وقت ته سندن بدن تي سواءِ هڪ چار آڱر چولي جي، ٻيو خير ئي خير نظر آيو. گهڻن جون ته طبيعتون ئي خراب ٿي پيون. مغربي تهذيب جو نهايت عمدو نقشو اکين اڳيان نظر آيو. تمام سوشل هيون. اسان جي دوستن ته کين دعوت ڏيڻ جو به ارادو ڪيو هو، پر آءٌ پوني هليو آيس. هنن لطف ورتو هوندو. . . خدا بخشين، آمين!

        رات جو هينئر ڏيڍ لڳو آهي، آءٌ ڀانئيان ٿو ته خط ڊگهو ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ لکڻ مان اوهان جي سمع خراشي ٿيندي، تنهنڪري هيتري تي اڪتفا ٿو ڪريان. يار زنده، صحبت باقي. وڌيڪ امتحان روبرو وٺجو.

        شايد هن ديارِ گلغذار کي سومر ڏينهن خيرباد چئي، بمبئيءَ مان ڪجهه گلچيني ڪري 6 _ تاريخ ڌاري سنڌ پهچندس.

        هي ذڪر پوشيده رکندا ته چڱو، متان سنڌ جا ڪي مرده دل ماڻهو ان مان اونڌا مطلب ۽ معنائون ڪڍن. وڌيڪ مرضيءَ جا مالڪ آهيو. اسان رندن جي راهه ئي اها آهي!

گويند ذڪر خيرش در خيل عشق بازان،

هرجا ڪه نام حافظ در انجمن بر آيد.

 

(7)

حيدرآباد

6 _ ڊسمبر، 1934ع

        اوهان کي معلوم آهي ته جوائنٽ پارليامينٽري ڪميٽيءَ سنڌ جي جدائيءَ لاءِ وائيٽ_ پيپر جي بنيادن تي سفارش ڪئي آهي. هي ٻيو سنڌ جي جدائيءَ لاءِ سرڪار جو قدم آهي. وائيٽ_ پيپر لڙڻ تي عام ماڻهن طرفان خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو هو. موجوده قدم وڌيڪ اهميت وارو آهي. خبر موڪليندا ته ان لاءِ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ سڏائجي يا نه؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org